; سنڌي شخصيتون: راز بلڙائي

09 March, 2024

راز بلڙائي

راز بلڙائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



نامياري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس راز بلڙائيءَ جو اصل نالو عبداللطيف ڪوريجو ۽ سندس والد جو نالو عبدالستار ڪوريجو هو. هن نامور شاعر ۱۲ ڊسمبر ۱۹۲۳ع تي ضلعي ٺٽي جي شهر درويش، تعلقي گھوڙا ٻاريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل ۽ انگريزي جا ٽي دجا پاس ڪري، هن عملي زندگيءَ جو آغاز پوليس کاتي ۾ نوڪري اختيار ڪرڻ سان ڪيو ۽ پوءِ استاد ٿيو. ٽنڊي محمد خان جي تاريخي وسنديءّ بلڙي شاهه ڪريم ۾ لڏي اچي رهائش اختيار ڪرڻ سبب "بلڙائي" سڏائڻ لڳو، شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. شعر ۽ شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هئس. شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد زمان طالب الموليٰ ۽ حافظ عبدالله "بسمل" ٽکڙائي هئا، جن سندس گھڻي رهنمائي ڪئي. ۱۹۵۴ع ۾ حيدرآباد ۾ فقير منزل عامل ڪالوني ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد رکيو ويو. اُن وقت بزم جو دائرو صرف حيدرآباد تائين محدود هو. ان بزم جو سرپرست مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، صدر الله بخش عقيلي ۽ سيڪريٽري عبداللطيف ”راز“ بلڙائي کي منتخب ڪيو ويو. 


هۡو ادبي ڪانفرنسن، مشاعرن توڙي ٻين ادبي محفلن ۾ پابندي سان شرڪت ڪندو هو. ڏهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري هيٺ ۲۲ ۽ ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي هئي. ڪانفرنس جو افتتاح ان وقت جي وزير تعليم قاضي فضل الله ڪيو ۽ ڪانفرنس جي صدارت ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي ڪئي هئي، ان ڪانفرنس جي ڪارڪنن ڪانفرنس جي سموري ڪارروائي ’تحفئه لاڙڪاڻو‘ نالي سان ۱۹۵۰ع ۾ شايع ڪئي. جنهن ۾ ٻاهٺ شاعرن جو ڪلام شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ راز بلڙائي به شامل آهي. راز بلڙائي سنڌي ٻوليءَ جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ڪلام ٿورو سرجيو، پر فني لحاظ کان نهايت سليس، سولي ۽ رنگين شاعري ڪئي اٿس، خوش طبع هئڻ سان گڏ خوش ڪلام شاعر هو. بنيادي طرح غزل جو شاعر رهيو، پر نظم به لکندو رهيو. سندس ڪوبه شعري مجموعو شايع نه ٿي سگهيو، البت محبوب سروريءَ جي ڪتاب ’يار خاطر‘ ۾ سندس ڪجھه ڪلام شايع ٿيو آهي. مخدوم محمد زمان طالب المولي' جي تصنيف "دۡرناياب عرف ياد رفتگان" ۽ مهراڻ شاعر نمبر ۾ راز بلڙائي جو مختصر احوال ۽ چونڊ ڪلام شامل آهي. راز بلڙائي تحريڪ پاڪستان واري عرصي ۾ ان وقت جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مسلمانن جي حق ۾ مضمون ۽ تحريرون لکي ڇپايون. شاعري سان گڏوگڏ بهترين نثرنويس پڻ هو، سندس نثري ڪتابن ۾ ناول ”گناهه“ جيڪو ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو، ٻيو ناول ”شرابي“ پڻ ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو. سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ”بُک ۽ بيڪاري“ ۽ ”گلبدن“ شامل آهن، راز بلڙائي جي وفات بابت ڪن تذڪرن ۾ ۱۹۷۳ع ته ڪٿي وري ۱۹۷۷ع ڄاڻايل آهي. حقيقت ۾ سندس وفات جي تاريخ ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ع آهي.

راز بلڙائي جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

چئو نه تون واعظ مون کي بدڪار، عصيان کي ڏسي،

فيصلو ڪر پوءِ، پهرين فضلِ يزدان کي ڏسي.

منهنجي دلبر جي ڀلا ٻي وصف ڇا هن کان وڌيڪ،

چنڊ ٿو شرمائجي، جنهن روئے خندان کي ڏسي.

هي زماني جا حوادث ڪيئن ڪندا مون کي اداس،

ٿي پريشان مان پيس، زلفِ پريشان کي ڏسي.

اڄ حسينان جهان جي روءِ خوشرُو ڪين آهه،

ٿا رهن حيران مون بيمار، کي ڏسي.

شڪر لِله! يار منهن جو ٿيو رفوگر آهه نيٺ،

چاڪ دل، چاڪ جگر، چاڪ گريبان کي ڏسي.

تيغ ابروءَ سان اڳئي جي دليون آهي شهيد،

سي ڊڄن ڪيئن اڄ ڀلا، شمشير بر ان کي ڏسي.

ڪشتيءَ مسلم جو آهي ”راز“ حافظ خود خدا،

ڇو ٿئين ٿو تون پريشان، ڪنهن به طوفان کي ڏسي.

غزل

توسان ڳۡجهڙين ڳالهين جي مدّعا رکندو اچان،

جي ڏٺا مون ڏۡک، انهن جي ماجرا رکندو اچان.

تنهنجو غم باقي رهي، غم جو اثر باقي رهي،

تنهنڪري پنهنجي تباهيءّ کي روا رکندو اچان.

ڪيئن ڪريان تنهنجي تمنا جي ڀلا دعوي' سڄڻ،

پنهنجو ئي مان پاڻ کي ٿو مبتلا رکندو اچان.

ڏس ته پوري ٿي ڪڏهن ٿئي حسرت فردا ادي "راز"،

زندگيءّ جي هر خوشي جنهن لئه جۡدا رکندو اچان.

No comments:

راءِ ڏيندا