راز بلڙائي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد
خان
اعظم ڀٽي
نامياري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس راز بلڙائيءَ جو اصل نالو عبداللطيف ڪوريجو ۽ سندس والد جو نالو عبدالستار ڪوريجو هو. هن نامور شاعر ۱۲ ڊسمبر ۱۹۲۳ع تي ضلعي ٺٽي جي شهر درويش، تعلقي گھوڙا ٻاريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل ۽ انگريزي جا ٽي دجا پاس ڪري، هن عملي زندگيءَ جو آغاز پوليس کاتي ۾ نوڪري اختيار ڪرڻ سان ڪيو ۽ پوءِ استاد ٿيو. ٽنڊي محمد خان جي تاريخي وسنديءّ بلڙي شاهه ڪريم ۾ لڏي اچي رهائش اختيار ڪرڻ سبب "بلڙائي" سڏائڻ لڳو، شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. شعر ۽ شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هئس. شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد زمان طالب الموليٰ ۽ حافظ عبدالله "بسمل" ٽکڙائي هئا، جن سندس گھڻي رهنمائي ڪئي. ۱۹۵۴ع ۾ حيدرآباد ۾ فقير منزل عامل ڪالوني ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد رکيو ويو. اُن وقت بزم جو دائرو صرف حيدرآباد تائين محدود هو. ان بزم جو سرپرست مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، صدر الله بخش عقيلي ۽ سيڪريٽري عبداللطيف ”راز“ بلڙائي کي منتخب ڪيو ويو.
