; سنڌي شخصيتون: October 2011

28 October, 2011

تاج صحرائي - نظير حيات سيوهاڻي


تاج صحرائي
علم دوست ۽ جاکوڙي آرڪيالاجسٽ
نظير حيات سيوهاڻي
سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن، واهڻن، برن، جبلن ۽ صحرائن سان پيار ڪندڙ سائين تاج محمد صحرائي سيپٽمبر 1921ع ۾ جنم ورتو جنهن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سنڌ جي کنڊرن، ماٿرين، ڪوٽن،  قلعن، ڍنڍن ڍورن لاءِ ’تتيءَ ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي‘ مصداق منڇر، ڪينجهر، آمري، رني ڪوٽ، ڀت جبل، نيئنگ، لاهوت، هنگلاج، گورک، موئن جو دڙو، ڪاهو جو دڙو، ڀنڀور، منصوره، ڪائي جهڙن ماڳن جي اندر وڃي پاڻ مشاهدا ڪيا ۽ ڪيل مشاهدن جي ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل نتيجن ۾ سوين مضمون لکيا ۽ ڪيترائي ڪتاب آندا جن ۾ تصوير درد، سر سارنگ، سيوهڻ شهر ۾ قضيه ڪربلا جي ياد، انگريزي زبان ۾ پڻ سنڌو ماٿر جي قديم قومن، جتن، مهاڻن، پڻي لوڪن جي باري ۾ ڏنل ڄاڻ سنڌو تهذيب لاءِ سندس ڪاوشن جو انمول خزانو آهن. پاڻ هن ڪم جي حوالي سان حيدرآباد ميوزيم ۾ پڻ ڪم ڪيائون. پاڻ تاج محمد ميمڻ مان ”تاج صحرائي“ بڻيا. جيتوڻيڪ هو اڄ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهن، ليڪن سندن پيار جو پورهيو، ڏکن، ڏوجهرن جو ڦل، يادون، ڪچهريون ۽ تحقيق ڪيل خزانو اڄ به اسان جي رهنمائي ۽ رهبري ڪرڻ لاءِ موجود آهي.

استاد فيروز گل - روشن جي


استاد فيروز گل
سنڌ جو موسيقارِ اعظم
 روشن جي

صدارتي ايوارڊ يافته موسيقار ۽ گلوڪار استاد مرحوم فيروز گل صاحب جو تعلق راجستان جي جيسلمير گهراڻي سان هو. جيسلمير جي گهراڻي جي فني ۽ موسيقي جي علمي صلاحيت جي متعلق شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شعر جي هڪ مشهور سٽ آهي ته:“جُتي جيسلميران آندي استادن”.

16 October, 2011

حاجي الله بخش ”سرشار“ عقيلي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاجي الله بخش ”سرشار“ عقيلي [1907ع – 1971ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حاجي الله بخش ”سرشار“ ولد حافظ محمد صديق عقيلي ، 23 شعبان 1325 هه مطابق 21 جنوري 1907ع تي ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس والد وڏو متقي ۽ پرهيزگار شخص هو ؛ جنهن جو شمار اوائلي انگريزي پڙهيل مسلمانن ۾ ٿئي ٿو ۽ قائداعظم محمد علي جناح (1876ع – 1948ع) جو هم ڪلاسي هو ؛ ۽ ان وقت ڪراچيءَ ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ هو. الله بخش سندس وڏو فرزند هو ؛ جنهن پنهنجي تعليم جو آغاز سنڌ مدرسي ڪراچيءَ کان ڪيو. گهرو ماحول ۽ والد بزرگوار جي صحبت ۾، کتري مسجد جهونا مارڪيٽ ڪراچيءَ جي مدرس، مولانا سيد محمد ظهير الدين قادري بغداديءَ وٽان ديني درس به ورتائين. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه عربي ڪتاب به سندس مطالع هيٺ رهيا. ان وقت سندس عمر سورهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي.

حاجي خان محمد چنجڻي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاجي خان محمد چنجڻي [1831ع – 1907ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حاجي خان محمد عرف ”خانڻ“ ولد مير محمد چنجڻي، ضلعي لاڙڪاڻي (ھن وقت قنبر-شھدادڪوٽ ائٽ قنبر)، تعلقي واره جي ڳوٺ؛ ”ميان داد چنجڻي“ ۾ 2 شعبان 1247 هه مطابق 8 آڪٽوبر 1831ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مڪتب مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ مولانا نور محمد ميڪڻ (1778ع – 1878ع) ۽ سندس فرزند، عمدت العلماءُ مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي رح جي مدرسي مان فارسي ۽ عربيءَ جا ڪجهه ڪتاب پڙهيو. عام طرح سان کيس ”حاجي خانڻ“ جي نالي سان سڏيندا هئا.

حاجي علي بخش جمالي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاجي علي بخش جمالي [ولادت 3131 هه = 1912ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حاجي علي بخش ولد ڪريم بخش جمالي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”بچل مهيسر“ ۾ 1331 هه مطابق 12 اپريل 1912ع تي تولد ٿيو. ٿوري پرائمري تعليم مليل اٿس. غالباً 1930ع کان مولوي غلام رسول جتوئي جي رهبري هيٺ شعر طرف توجه ڏنائين. هينئر خدا جي فضل سان سنڌي زبان جو مڃيل شاعر تسليم ڪيو پيو وڃي. ڪي قدر پاڻ سرائڪي زبان تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪلام ۾ مداحون، ٽيهه اکريون، مولود، وايون، ڪافيون، قطعا، رباعيون، دوها ۽ غزل وغيره شامل آهن. سنڌي زبان ۾ سندس ”ديوان“ به ترتيب ڏنل آهي ؛ جيڪو اڃا ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهي. خدا ڪري ڇپجي پوي.

حاجي محمود ”خادم“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاجي محمود ”خادم“ [1895ع – 1960ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مخدوم الشعراءُ“ حاجي محمود ”خادم“ ولد محمد بچل تونيو، 1313 هه مطابق 4 جنوري 1895ع تي ؛ ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ”بٺي“ ۾ ڄائو. سپر وائيزنگ تپيدار ٿي رٽائر ڪيائين. شعر جي سلسلي ۾ ”خادم“ تخلص ڪم آڻيندي ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ کي پنهنجو استاد ڪري ورتائين.

حافظ امام بخش سومرو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ امام بخش سومرو [1895ع – 1968ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

999 حافظن جو استاد، حافظ امام بخش ولد مولانا محمد ابراهيم سومرو، انهن بزرگ هستين ۾ شمار ٿئي ٿو؛ جن جي علمي حڪمت رهنديءَ دنيا تائين قائم رهندي. ربيع الاولد جي 12، 1313 هه = 11 آگسٽ 1895ع جي سج ۾ ڳوٺ ”گل محمد تونيو“ (تعلقو ڏوڪري) ۾ اک کولي. ابتدائي استاد آخوند عبدالرحمان تونبو ۽ قرآن پاڪ جو حفظ، حافظ امام الدين ، حافظ محمد يونس ۽ حافظ محمد قاسم سومري قمبراڻيءَ جن وٽان ورتائين. مولانا غلام صديق ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح وٽان عربي ۽ فارسي ڪتاب پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. دادو ڪئنال جي ساڄي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ هارون تونيو ۽ گل محمد تونيو ۾ درس و تدريس ڏيندو رهيو. فقہ جو به خاصو درس ورتل هوس. قادري طريقي ۾ راڻيپور واري سيد محمد صالح شاه جو معتقد ۽ عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح سندس محسن هو. سندس صحبتين ۾: مولوي محمد قاسم مشوريءَ جو نالو ورتو وڃي ٿو. هن مستخاب الدعا درويش، 73 بهارون ڏسندي، دادو ضلعي جي سول اسپتال ۾، حادثي دوران، 15 جمادي الثاني 1388 هه = 9 سيپٽرمبر 1968ع تي راه رباني ورتي ۽ هينئر پنهن جي مدرسي ۾ آرامي آهي.

حافظ حامد ميمڻ ٽکڙائي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ حامد ميمڻ ٽکڙائي [1823ع – 1896ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ٽکڙ، علم ادب جي دائري ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن شهر جي عالمن جيڪو علم ادب ۾ چاه ورتو ؛ تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اهڙن املهه ماڻڪ موتين ۾، حافظ حاجي حامد ولد محمد هاشم ميمڻ جو نالو به ورتو وڃي ٿو. سندس ولادت 22 ربيع الاول 1239ع هه مطابق 15 آڪٽوبر 1823ع تي ڳوٺ ٽکڙ ۾ ٿي. پاڻ اڃان ٽن ورهين جو مس ٿيو، ته ماتا جي بيماريءَ سندس اکين ۾ اوندهه آڻي ڇڏي. بس ، پوءِ ته سمجهه ڀري ٿيڻ سان ئي نور جهڙي نرمل نعمت جو احساس وٺندي، راتيان ڏينهان روڄ ۽ راڙو ڪندو رهيو. انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ آخوند امام الدين ڀنڀري وٽان اٺ سيپارا حفظ ڪري، باقي ٻاويهه سيپارا مديني شريف وڃي پورا ڪيائين.

حافظ حيات شاهه ”حافظ“ -ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ حيات شاهه ”حافظ“ [1875ع – 1955ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حسيني ساداتن جي پري مان، حافظ حيات شاه ”حافظ“ عرف سيد غلام حيات النبي شاه ولد سيد مير عالم شاه، پنهنجي ناناڻي وطن ۾ 18 ذوالحج 1292 هه مطابق 7 سيپٽمبر 1875ع تي صوبي پنجاب جهنگ ضلعي ۾ تولد ٿيو. سندس والده سرداران بيبي، نهايت نيڪ نفس، نيڪ سيرت ۽ هڪ دورانديش عورت هئي. پوءِ ته کيس ڏاڏاڻي ڏيهه ”سعيد پور“  ڏانهن نيو ويو، جتي سندس پرورش ٿيندي رهي.

حافظ عبدالله ”بسمل“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ عبدالله ”بسمل“ [1886ع – 1950ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ٽکڙ جي شاعرن ۾ حافظ محمد عبدالله ”بسمل“ ولد علامه حافظ محمد يوسف سهتي جو نالو نه وٺڻ، سنڌي ادب ۾ خال پيدا ٿيندو. سندس ولادت 4 شوال 1302 هه = 2 اپريل 1886ع تي ضلعي حيدرآباد جي ننڍڙي ڳوٺ ”ٽکڙ“ ۾ ٿي. شروعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين، جتان قرآن پاڪ ناظران سان گڏ فارسي ۽ ڪجهه سنڌي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. عربي تعليم علامه اسدالله شاه وٽان ورتائين. قرآن پاڪ جو حفظ، حافظ محمد هارون ”دلگير“ وٽان ڪيائين.

حافظ ميان محمد صديق رح -ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ ميان محمد صديق رح [1827ع – 1890ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

عمدة العلماءُ، حافظ ميان محمد صديق ولد عبدالله پنهور، 18 محرم الحرام 1243 هه مطابق 22 جون 1827ع تي، ضلعي سکر ڳوٺ ”ڀرچنڊي شريف“ تولد ٿيو وڏو عابد، با شريعت عالم ۽ زاهد الزمان بزرگ هو. اسلام جي برتري ۽ فضيلت سندس مکيه متو هو. خدا شناسي ۽ بزرگي ديسان ديس مشهور هئي. قادري طريقي سان منسلڪ رهندي، هزارين انسانن کي فيضياب ڪيائين. مخدوم احمد يار خان مهر، مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح جهڙا جيد عالم، بزرگ شاعر ۽ صاحب - فيض به سندس دروازي جا پانڌيئڙا هئا. هي قديم وضع بزرگ، ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾، تاريخ 21 رمضان المبارڪ 1308 هه مطابق 14 آگسٽ 1890ع تي هن دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن راهي ٿيو. سندس آخري آرامگاه ڀرچنڊي شريف ٿيو. هن بزرگ کي حنفي فقہ ۾ تمام وڏو درڪ ۽ ملڪو حاصل هو، جو سوين مسئلا حنفي مذهبي جي قانون کي سامهون رکي، پنهنجي اجتهاد سان حل ڪندو هو ۽ ان وقت جا علماءَ سڳورا سندس فتويٰ اڳيان بنا ڪنهن چون و چرا جي گردن خم ڪندا رهندا هئا. سندس فتوائون ايتريون ته جاري ٿينديون هيون، جو انهن کي سندس شاگرد گڏ ڪندا رهيا، تان جو ٽن وڏن جلدن ۾ جمع ٿي ويون.


حافظ محمد ”احسن“ چنا


حافظ محمد ”احسن“ چنه
(ولادت ۱۳۱۸ھ۱۹۰۰ع)
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
”استاد الشعراءِ“ حافظ محمد ولد جمع خان چنه صاحب، ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. سندس ولادت، دادو ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ ۱۳۱۸ مطابق ۱۲ اپريل ۱۹۰۰ع تي ٿي آهي. شروعاتي عربي ۽ فارسي سکيا، علامه غلام محمد صاحب ملڪاڻين واري وٽان حاصل ڪيائين. پاڻ قرآن پاڪ جو به حافظ آهي. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، سال ۱۹۱۸ع ڌاري ڳوٺ ۾ مدرسه اسڪول قائم ڪندي، شاعريءَ طرف به توجه ڏنائين.

شمس الدين ”بلبل“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


شمس الدين ”بلبل“ [1857ع – 1919ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

شمس الدين ”بلبل“ ولد بهادر خان شينو، بلوچستان جي ڀاڳناڙيءَ ۾ 29 شعبان 1374 هه = 21 فيبروري 1875ع تي تولد ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين. سندس والد نهايت خدا پرست ۽ ديندار شخص هو؛ جيڪو گهرو جهڳڙن سببان 1867ع ڌاري لڏي سنڌ ۾ دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هن نينگر پنهنجي تعليم جاري رکي، جنهن ڪري ستت ئي پنهنجي ذهانت ۽ اور چائيءَ سببان ڪافي ڪتاب پڙهي پيو.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حڪيم فتح محمد سيوهاڻي [1882ع – 1942ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حڪيم فتح محمد ولد خليفو ميان محي الدين صديقي، سيوهڻ شريف ۾ 1300 هه مطابق 1882ع ۾ ڄائو. پنهنجي فياضي ۽ فضيلت سببان پوريءَ سنڌ ۾ مشهور هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن وڏي ڄاڻ هيس ۽ ساڳئي وقت حديث، تفسير، تاريخ، ادب ۽ شعر و شاعريءَ ۾ پڻ خاص مهارت حاصل ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ جن مڪرم فاضل عالمن جون خدمتون حاصل ڪيائين ؛ انهن مان ؛ مولوي محمد عمر چنو، مولانا عطاءُ الله پيروز شاهي، مولانا عبدالرئوف بختيار پوري ۽ مولانا محمد صديق سولنگي سيتائيءَ جا نالا قابلِ ذڪر آهن. سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ صحافت کي به اپنايائين. اصلاحي، سماجي ۽ سياسي مضامين تي مشتمل 1925ع ۾ ”الجامع“ ماهوار رسالو ڪڍيائين؛ جنهن ۾ سنڌي مسلمانن کي جديد علوم جي مفيد معلومات ميسر ڪندو رهيو.

حمل فقير لغاري -ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حمل فقير لغاري [1809ع – 1878ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ميراڻي دور جو هي مشهور عوامي شاعر، فقير حمل ولد رحيم خان لغاري، بلوچ قوم جي سير ڪاڻي قبيلي جي ”بهلولاڻي“ پاڙي ۾، 13 ذوالحج 1225 هه مطابق 28 فيبروري 1809ع تي، خيرپور رياست ۾ ڄائو هو. سندس وڏن ديري غازي خان مان لڏي، سنڌ ۾ خيرپور رياست جي ڳوٺ ”خان پور“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. حمل فقير پاڻ ڀري ٿيڻ سان، نوابشاهه ضلعي جي تعلقي سڪرنڊ ڏانهن لڏي، ڳوٺ ”ميوي خان لغاري“ ۾ وڃي رهيو.

خانبهادر حسن علي آفندي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خانبهادر حسن علي آفندي [1830ع – 1896ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

خانبهادر حسن علي آفندي ولد ميان محمد احسان آخوند، 14 ربيع الاولد 1246 هه مطابق 7 آگسٽ 1830ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي پدري شفقت کان محروم ٿيو؛ جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، اميد عليءَ جي هٿ هيٺ تعليم پرائڻ لڳو. ان وقت جي رواج مطابق، پهريائين شهر جي کتابخاني مان قرآن پاڪ ناظران سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جو درس به ورتائين.

خانبهادر محمد ايوب کهڙو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خانبهادر محمد ايوب کهڙو [ولادت 1319هه= 1901ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ضلعي لاڙڪاڻي جو بااثر زميندار ۽ نامور سياستدان، خانبهادر محمد ايوب ولد رئيس شاه محمد کهڙو، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”عاقل“ ۾ 4 شعبان 1319 هه مطابق 21 جولاءِ 1901ع تي تولد ٿيو. سندس والد وڏو خوشحال، متقي ۽ ديانتدار شخص هو؛ جنهن پنهنجي پٽ کي انگريزيءَ جي تعليم ڏياري.

خانبهادر محمد صديق ميمڻ- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خانبهادر محمد صديق ميمڻ [1890ع – 1958ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جي تعليم کاتي جو سچو خدمتگار ۽ ڪهنه مشق اديب، خانبهارد محمد صديق ”صديق“ ولد محمد يوسف ميمڻ 23 شوال 1308 هه مطابق 30 مارچ 1890ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو. بي - اي، بي - ٽي تائين تعليم حاصل ڪري، تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان 1916ع کان ملازم بڻيو، جتان 1943ع ۾، رٽايرڊ پرنسپل، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي عهدي تان، سرڪاري ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍيائين.

خواجه عبدالحي نقشبندي رح- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خواجه عبدالحي نقشبندي رح [1765ع – 1863ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

خواجه عبدالحي ولد مخدوم شهاب الدين نقشبندي  انصاري، 2 ذوالحج 1179 هه مطابق 18 اپريل 1765ع تي ضلعي نوابشاه جي نوشهروفيروز ۾ تولد ٿيو. پاڻ حضرت خواجه شيخ احمد مجدد الف ثاني سرهندي رح  جي اولاد مان آهي وقت جو وڏو عالم ۽ عارف بزرگ ٿي گذريو آهي. جهوڪ ميرانپور جي فضل الله قلندر جو معتقد هو. سنڌ، پنجاب ايران، عراق، قنڌار ۽ هندستان جو به سير سفر ڪيو هئائين. سندس ڏيهي خواه پرڏيهي ڪافي عقيدت مند هئا. اڪثر وٽانئس روحانيت جي فيض جي آبياري ٿيندي رهي. عام و خاص کي اڪثر ”وحدت الوجود“ جي دعوت ڏيندو رهيو. سندس لائق فرزند، نصير الدين  پڻ انهيءَ مسلڪ کي سنڌ ۾ عام ڪيو هو.

خليفو گل محمد ”گل“ هالائي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خليفو گل محمد ”گل“ هالائي [1808ع – 1855ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌي زبان جو پهريون صاحبِ ديوان شاعر خليفو گل محمد ”گل“ ولد ولي محمد عقيلي، 12 صفر 1224 هه = پهرين اپريل 1808ع تي حيدرآباد جي هالا تعلقي ۾ ”سانوڻي ملن“ جي گهر ۾ ولادت ٿي. عربي، فارسي، سنڌي ۽ علم تصوف جو وڏو ڄاڻُ هو. پاڻ ڪنگريءَ واري پير سائين پاڳاري سيد علي گوهر شاه (اول) جو مريد ۽ خليفو هو، ۽ قادري طريقت رکندڙ هو.

خواجه محمد زمان لواري رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خواجه محمد زمان لواري رح [1713ع–1774ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

اسلام جي پهرين خليفي، حضرت ابو بڪر صديق رضه جي سلسله - نسب مان لواريءَ جو لعل، خواجه محمد زمان ولد شيخ عبداللطيف صديقي رح، 21 رمضان المبارڪ 1125 هه مطابق 31 جولاءِ 1713ع تي تولد ٿيو. سندس وڏا، خليفي هارون رشيد جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ اچي، ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. ڪجهه وقت لاءِ ڪڇ طرف به ويا، پر پوءِ واپس اچي سنڌ ۾ ديرو ڄمايائون. خواجه صاحب ڄمندي ئي ڄام هو– 1736ع ۾ سندس والد وفات ڪئي جنهن کان پوءِ حيدرآباد ضلعي جي، تڏوهڪي تعلقي بدين جي ايراضيءَ ۾ ”لواريءَ“ نالي ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو .

ديوان ليلارام ”خاڪي“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ديوان ليلارام ”خاڪي“ [1867ع – 1941ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌي ”غزل“ جي تاريخ ۾ ديوان ليلارام ”خاڪي“ وطن مل ٽيڪواڻيءَ کي خاصي شهرت حاصل آهي. سندس جنم حيدرآباد سنڌ ۾، 13 آڪٽوبر 1867ع تي ٿيو. سندس پتا بالڪل مسڪين هو؛ جنهن ڪري مکي ڌنراج مل پنهنجي خرچ سان کيس پڙهايو. ليلارام منڍ کان وٺي محنتي هو – 15 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ ۽ ورنيڪيولر سنڌي فائينل جا امتحان گڏ پاس ڪري، ٽي ورهين سانده جيڪا به سرڪاري نوڪري ڪچيءَ طرح پئي مليس، سا ٻئي ڪيائين.

ديوان هريرام درياني ”دلگير“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ديوان هريرام درياني ”دلگير“ [جنم 1916ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ديوان هريرام ”دلگير“ پٽ گرڏنو مل دريانيءَ جو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾، 15 جون 1916ع تي ٿيو آهي. سندس پتا نهايت ئي ديانتدار ۽ لائق انسان هو؛ جنهن مختيار ڪاريءَ جو عهدو به ماڻيو هو. هن پنهنجي پٽ هريءَ کي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان بي – اي (B.e) تائين پڙهايو پوءِ ملازمت جي ارادي سان پهريائين اوور سيئر، ايس – ڊي – او ۽ آخر ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بڻيو، جتان 1958ع جي آخر ۾ هندستان هليو ويو .

15 October, 2011

پير الاهي بخش - فرحان علي ڀٽي


پير الاهي بخش
فرحان علي ڀٽي
ڏکڻ ايشيا ۾ گذريل ٻن صدين دوران جنم وٺندڙ نامور، قداور ۽ تاريخ ساز شخصيتن جو ذڪر ڪبو ته اهڙين اهم شخصيتن مان پير الاهي بخش به هڪ آهي.
پير صاحب جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي پهرئين قانون ساز اسيمبلي جا ميمبر ۽ وزير تعليم رهيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي ٻئي وڏي وزير جي عهدي تي فائز رهيا. سندن سڀ کان وڏو اعزاز اهو هو جو قائد اعظم محمد علي جناح جو انتهائي ڀروسي وارو ساٿي رهيو. ڪراچي شهر جا رهواسي سندس نالي پٺيان آباد علائقي پير الاهي بخش ڪالوني جي حوالي سان هردم کيس ياد رکن ٿا. اڄ پير صاحب کي اسان کان وڇڙندي 34 سال گذري ويا آهن. سندس ورسيءَ جي حوالي سان هيءَ کيس ڀيٽا ڪجي ٿو.

پير الاهي بخش - پير مظهرالحق


پير الاهي بخش
وياسي وينجهار
پير مظهرالحق
(جيئن ته مون کي هميشه کان سنڌي ادب سان دلچسپي رهي آهي، ان ڪري سدائين اها دلي خواهش هوندي هئي ته پنهنجي پياري ۽ نهايت عزت جي قابل ڏاڏا سائين جن جي حياتيءَ جو احوال سندن زندگيءَ ۾ ئي قلمبند ڪري ڇڏيان جو مون کي سندن جدوجهد سان ڀرپور زندگيءَ جي اهميت جي ڄاڻ هئي.
سال 1970ع ۾ مون کي اهڙو موقعو ملي ويو، هونءَ ته مان پنهنجي گهر جي ڀاتين سميت حيدرآباد ۾ رهندو هئس، ان ڪري ڏاڏا سائين مرحوم سان لاڳيتو گڏ رهڻ جو موقعو ڪو نه ملي سگهندو هو. پر 1970ع ۾ لاڳيتا ٽي چار مهينا حبيب بئنڪ جي ملازمت (جيڪا بعد ۾ ڇڏي ڏني هئي) سبب ڪراچيءَ ۾ رهڻو پيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پراڻي خواهش ڪنهن قدر پوري ٿي.
مون ڏاڏا سائين کان پڇيو ته ڇا پاڻ پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو اٿن؟ منهنجي خوشيءَ جي انتها ڪا نه رهي، جڏهن ٻڌايائون ته پاڻ جڏهن وزير هئا ته اهڙو احوال لکيو هئائون پر 1944ع تائين. ائين چئي پنهنجي ڪٻٽ مان پراڻا فائيل ڪڍيائون. ڪافي ڪوشش کان پوءِ ڪجهه ڪاغذ لڌا. انهن فائلن ۾ سندن عروج جي وقت جي اهم واقعن جون اخباري ڪترون ۽ تصويرون پڻ هيون جي مون کي ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏيکاريائون، خاص طور تي جڏهن افغانستان جي بادشاهه کي تخت تان معزول ڪيو ويو هو ۽ پاڻ ڪراچي آيو هو. انهيءَ واقعي کي اخبارن تمام گهڻي اهميت ڏني هئي، مون کي ٻڌايائون ته کين به انهن ڏينهن ۾ هن واقعي سان بيحد دلچسپي هئي.
پوءِ مون کي انهن پراڻن ڪاغذن تان حياتيءَ جو احوال مون کي پنهنجي ڪاپي تي اتارڻ جي اجازت ڏنائون. ان کان علاوه 1944ع کان پوءِ جي اهم سياسي واقعن بابت مون کي زباني طور ٻڌايائون جو پڻ آءٌ مڪمل طرح ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو.
عليڳڙهه تحريڪ، خلافت تحريڪ، خاڪسار تحريڪ، سنڌ جي بمبئيءَ کان الڳ ڪرائڻ واري تحريڪ، سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ واري تحريڪ، پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪ، ون يونٽ جي خلاف جدوجهد جو جوشيلو، نيڪ نيت ۽ مخلص ليڊر ۽ سنڌ جو بزرگ سياستدان الحاج پيرالاهي بخش اربع 8 آڪٽوبر 1975ع بمطابق 2 شوال 1395هه تي ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪري ويو.
اِنالله و اِنا اليه راجعون.)

08 October, 2011

امير بخش جوڻيجو - مختيار چانڊيو

امير بخش جوڻيجو
هڪ مهمان نواز سياستدان جو وڇوڙو
مختيار چانڊيو
جڏهن خيرپورناٿن شاهه جي سياست جو ذڪر ڪجي ٿو، تڏهن سياست جي آلوده ماحول ۾ امير بخش جوڻيجو جو نالو هڪ اميد وانگر اڀري اچي ٿو. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته سياست رڳو عوام سان ويساهه گهاتيون ڪرڻ جو نالو آهي، امير بخش جوڻيجو اهڙين مايوسين جو زنده جواب هو. هو نه رڳو تر جي سياستدانن کان، پر سنڌ جي ڪيترن ئي سياستدانن کان گهڻو مختلف هو. هن وٽ سياست جي معنيٰ خدمت کان سواءِ ٻي ڪا به نه هئي. شايد ان ڪري جڏهن هتان جي سياست وڌيڪ آلوده ٿيندي وئي، ته هو به وڌيڪ گوشه نشين ٿي ويو.

07 October, 2011

باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي - حسن مجتبيٰ



باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي
حسن مجتبيٰ
ڀرو تم قيد خانون ڪو
ڪرو قابو جوانون ڪو
بجھائو شمع دانون ڪو
قتل ڪرو نقطه دانون ڪو
لائو رشوت ستانون ڪو
جو بنگلي اور محل جوڙين
شرم آئي آسمانون ڪو
پڙهو قومي ترانون ڪو
ڪه پاڪستان زنده آباد
هن نظم جي شاعر حيدر بخش جتوئي کي پنجاھ جي ڏهاڪي ۾ قيد بامشقت ڏني وئي هئي. سڄي حياتي قيدخاني جي ڏکيائي سهڻ واري هن شاعر کي هن جا چاهڻ وارا ”باباءِ سنڌ“ جي نالي سان ياد رکندا آهن.
حيدر بخش جتوئي هارين، وچئين طبقي ۽ جوانن ۾ حقن جي جانڪاري جي تحريڪ جو باني سمجھيو ويندو آهي. هو هڪ شاعر، ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ هو. هو پاڪستان ۾ مارشل لاء ۽ ون يونٽ جي خلاف هو ۽ هو جمهوريت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندو هو.

01 October, 2011

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ [ولادت 1318هه= 1900ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌي زبان جو ڪهنه مشق اديب ۽ قادر الڪلام شاعر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ ولد محمد يوسف شيخ، 1318 هه مطابق ڊسمبر 24، 1900ع جي سج ۾، ڪراچي شهر ۾ اک کولي. ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران، مولوي محمد عثمان نورنگزادي وٽان پڙهيو. پوءِ نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۽ نارائڻ جڳنناٿ هاءِ اسڪول ڪراچيءِ مان 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ مان فارغ التحصيل ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ ڊي – جي ڪاليج ۾ استاد به ٿي رهيو، مگر هن تيز فهم انسان کي ماستريءَ مزو نه ڏنو، پوءِ ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان 1925ع ۾ سند وٺي، پهريائين حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول، ڊوميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي رهيو. زندگيءَ جا 14 ورهيه سر سي – جي – مينٽل اسپتال گدوءَ لاءِ به پنهنجون خدمتون وقف ڪيائين. ولايت (آسٽريليا – ويانا) مان دماغي شعبي ۾ خاص تربيت به ورتل اٿس. آخر 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽاير ٿيو.

سر شاهنواز ڀٽو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سر شاهنواز ڀٽو [ 1888ع – 1957ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سياڻن سچ  چيو آهي، ته ”چڱو اِنسان ڪڏهن به ڪو نه ٿيو مري، هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا نيڪي ڪري ٿو، انهيءَ جي عيوض سندس نالو قيامت تائين قائم رهي ٿو“ . هن دنيا ۾ ڪيترائي اَهڙا ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي سموري زندگي، قوم جي خدمت ۾ گذاري آهي. اَهڙن نيڪ انسانن ۽ قومي ڪارڪنن مان سر شاهنواز ولد غلام مرتضيٰ ڀٽي صاحب جو نالو رتو وڃي ٿو.

سر حاجي عبدالله هارون ميمڻ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سر حاجي عبدالله هارون ميمڻ [ 1872ع – 1942ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سچ پچ جنت ۾ جاءِ جڙندي انهن لاءِ، جن سر حاجي عبدالله ميمڻ جهڙا سنڌي سپوت، نيڪ سيرت، سخي مرد ۽ سورهيه پٽ پنهنجي قوم تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي - سندس والد بزرگ جو نالو محمد هارون هو، جيڪو ڪراچيءَ جي ڪڇي ميمڻ پاڙي مان هو.

سردار محمد بخش ”ڪوجهي فقير“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سردار محمد بخش ”ڪوجهي فقير“ [ 1891ع – 1959ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سردار محمد بخش ”ڪوجهي“ ولد الاهي بخش شيخ، 1300 هه مطابق 1891ع ۾، شڪارپور ۾ ڄائو. سندس جد- امجد اصل ڀاڳ ناڙيءَ کان هتي لڏي شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سندس ڏاڏو ”ميراڻي دور“ ۾ مصنف (حج) جي عهدي تي فائز هو. سندس پيءُ ڊپٽي ڪليڪٽر تان رٽاير ڪيو هيائين ۽ پاڻ 1912ع ۾ بمبئيءَ جي مشهور ”ايلفسٽن ڪاليج“ مان بي – اي ۽ 1917ع ايل ايل – بي پاس ڪري، پهريائين نواب شاه ۾ ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ مقرر ٿيو، جتان هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي. نهايت محنتي ۽ خدا ترس اِنسان هو؛ جنهن ڪري پنهنجي آور چائي سان جلد ئي وڃي ڪليڪٽر ٿيو؛ ۽ 1946ع ۾ رٽاير ڪيائين. عهدي دوران کيس ”سرداريءَ“ جو خطاب به مليو هو.

سر آغا خان (ٽيون) - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سر آغا خان (ٽيون) [1788ع – 1957ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

”اسماعيلي فرقي“  جو اٺيتاليهون روحاني پيشوا، سلطان سيد محمد شاه ولد سيد علي شاه عرف ”آغا خان“ ٽيون  ، 2 نومبر 1877ع تي، ڪراچيءَ ۾ تولد ٿيو. سندس سلسله - نسب اٺيتاليهين پشت ۾، امام عالي مقام حضرت علي المرتضيٰ رضه (599ع – 661ع) سان وڃي ملي ٿو. سندس ڏاڏو سيد حسن علي شاه (آغا خان – اول، متوفي 1299 هه – 1881ع)؛ ايران جي صوبي ”محلات“ جو گورنر هو؛ جيڪو وقت جي ايراني حاڪم ؛ سيد فتح علي شاهه قاچار جو ناٺي به هو. ڪجهه وقت زماني جي رنگ دستيءَ ۽ خانداني جهڳڙن سببان، سنڌ ۾ اچي رهيو هو. جتان پوءِ هندستان جي بمبئي پرڳڻي ۾ به سڪونت اختيار ڪئي هئائين.

حضرت سچل سرمست درازي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حضرت سچل سرمست درازي رح [ 1739ع – 1829ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

اسلام جي ٻئي خليفي، حضرت عمر فاروق رضه جي سلسه - نسب مان، درازي درويش فقير عبدالوهاب عرف سچل سرمست ولد ميان صلاح الدين فاروقي رح، خيرپور ميرس جي راڻيپور شهر لڳ، درازن جي ڳوٺ ۾ 1125 هه مطابق 1739ع تي تولد ٿيو. سندس وڏا (93 هه ۾) محمد بن قاسم سان رلجي سنڌ ۾ آيا هئا. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ هن خاندان جي وڏي عزت هئي. سندس جد- امجد ميان صاحبڏنو فاروقي (1697ع – 1788ع) هو، جنهن هن نينگر کي آخوند عبدالله جي ڪتبخاني ۾ ديني درس ڏياريو.

سامي صاحب - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سامي صاحب [ 1743ع – 1849ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جي ويدانتي شاعرن ۾، شڪارپور جي مردم خيز خطي جو مشهور بلند پايه شاعر، ڀائي چين راءِ عرف ”سامي صاحب، پٽ بچو مل لنڊ جو نالو ورتو وڃي ٿو. سندس جنم 1743ع ڌاري شڪارپور ۾، هاٿي در نزديڪ هندن جي پاڙي ۾ ٿيو. سندس پتا مالدار سکر ماڻهو هو. وٽس ڪنهن شيءِ جي به ڪمي ڪانه هئي.