; سنڌي شخصيتون: سانگي مولا بخش ”ساغر“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سانگي مولا بخش ”ساغر“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سانگي مولا بخش ”ساغر“ [ولادت 1343 هه = 1924ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

”دور - ساغر“ جو مصنف، عاليجناب مولا بخش ”ساغر“ ولد شاه محمد سانگي، 1343 هه مطابق پهرين جنوري 1924ع تي لاڙڪاڻي شهر کان ڇهن ميلن (ڏهن ڪلو ميٽرن) جي مفاصلي تي ڳوٺ ”سڄڻ سانگيءَ“ ۾ تولد ٿيو. سندس جد- آمجد، سنڌ ۾ تصوف جو عقيدتمند، فقير عثمان سانگي (1778ع– 1860ع) هو. سندس والد باقبائل لڏي لاڙڪاڻي جي قديم ”ميمڻ محله“ ۾ مسنقل سڪونت ورتي هئي.
 
”ساغر“ صاحب ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي ، پوءِ لاڙڪاڻي جي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، سي- ايس- ڪاليج شڪارپور مان 1944ع ۾ بي- اي جو آغاز ڪيائين، ۽ آخر ۾ سنڌ مدرسه ڪاليج ڪراچيءَ مان بي- اي کان پوءِ ايل ايل- بي جي به ڊگري ورتائين سندس طبيعت ماٺيڻي ۽ سچائيءَ ڏانهن زياده مائل آهي. پاڻ هن وقت بدين ضلعي ۾ سيشنس جج جي عهدي تي فائز آهي.
شاعريءَ جو شوق کيس اسڪول جي زماني کان ئي هو. شروعات ۾ ڏوهيڙا ۽ ڪافيون جوڙيندو هو، پر پوءِ دوستن جي زور ڀرڻ تي موزون شعر طرف وک وڌائيندي، عروضي شعر، ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ خيرپوريءَ جي رفاقت سان شروع ڪيائين. شعر جي اصطلاح حاجي محمود ”خادم“ وٽان وٺندو رهيو؛ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ڪرائڻ لڳو. پاڻ ڪجهه وقت ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ“ جو سرگرم ڪارڪن به ٿي رهيو آهي. پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”دور - ساغر“ 1974ع ۾ منظر عام تي آندائين.
”ساغر“ صاحب کي مطالعو آهي. سندس چونڊ نثر ۽ نظم جو هڪ مجموعو به ”ساز - زندگي“ عنوان سان، 1978ع ۾ پڌرو ٿيو اٿس. خداوند ڪريم کيس وڏي ڄمار ڏيندو.

No comments:

راءِ ڏيندا