; سنڌي شخصيتون: سيد مصري شاه نصرپوري رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سيد مصري شاه نصرپوري رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سيد مصري شاه نصرپوري رح [ 1828ع – 1906ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

باشعور، بيدار ۽ باوقار قومن جو سرمايو ان جا اعليٰ اديب، عالم، فاضل ’محقق اهل - قوم، انقلابي شاعر ۽ بيباڪ صحافي هوندا آهن. انهن جو قدر ۽ قيمت جو ڪوبه ڪاٿو ڪٿي ڪونه سگهبو آهي. اهي بي بها موتي ۽ اڻلب در هر دور ۾ پنهنجا پنهنجا جرڪيدار جوهر ڏيکاريندا رهندا آهن. اهڙن مڻيادار مانجهي مردن مان، سنڌي شاعريءَ جي مقبول عوامي صنف ”ڪافيءَ“ جو شهنشاهه شاعر، مصري شاه ولد سيد بلند شاه به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 12 شوال 1245 هه مطابق 3 آڪٽوبر 1828ع تي؛ نصرپور ۾ رضوي ساداتن جي گهراڻي ۾ ٿي گذري آهي. ننڍپڻ ئي يتيمي زندگي سندس مقدر بڻي، جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، سيد فتح علي شاه جي نظر فيض اثر هيٺ سندس تعليم ۽ تربيت ٿي.
 
جيئن ته پاڻ ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ حساس طبع هو؛ انهيءَ ڪري زماني جي اکرن ۾ اڙجي نه پيو. ڪجهه عرصو پاڙي جي قاضين جي حويليءَ ۾، قاضي گل محمد ”گل“ وٽان فارسي، عربي ۽ سنڌيءَ جا ابتدائي ڪتاب پڙهيو، پوءِ ڪائنات جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذڪاءَ وسيلي جاکوڙ ڪندو رهيو. وٽس ديوان حافظ، مثنوي رومي، ڪليات سعدي ۽ رسالو شاه عبداللطيف ڀٽائي رح هميشہ موجود هوندا هئا. ازانسواءِ عربي لغت ”قاموس“ به، سندس نظرن ۾ پئي ڦري. سندس حافظو ايترو ته تيز هو، جو ڪنهن به لفظ جي معنيٰ ته ٺهيو، پر صفحو به برزپان ٻڌائيندو هو. بالخصوص مثنويءَ جو سبق پڇاڙيءَ تائين پنهنجي ڀاڻيجي، سيد قادر شاه کي ڏيندو رهيو. ذريعي معاش لاءِ، شاه نور الله نوريءَ جي درگاه لڳ پوکي راهي به پاڻ ئي ڪندو هو.
جوانيءَ ۾ هند - سنڌ جو سفر ڪندي، اجمير، جهونا ڳڙهه، ڪڇ، جوڌپور، جئپور، هنگلاج، گرنار، آبو جبل ۽ ٿرپارڪر به گهميو. آبو جبل تي چلو به ڪڍيو هئائين. واپسيءَ وقت سندس عمر چاليهن سالن کي پهتل هئي. پوءِ ته دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي؛ اوتاري جي هڪ ڪنڊ کان ويهي، خدا جي ياد ۾ مشغول رهيو. روزانو وڏي اسرا ٿي، شاه محمود جي درگاه تي حاضري ڏئي، پوءِ اوتاري تي اچي چونڪي ڀريندو هو.
سيد مصري شاه جهڙو ئي سندس مٺو نالو هو، تهڙو ئي طبيعت جو سٺو هو. ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين. هميشہ پاڻ کي ”ٻانهيءَ جو ٻار“ سڏيندو هو. پاڻ موسيقيءَ جو ماهر هو ۽ پنهنجي طالبن کي به راڳ جي سکيا ڏيندو هو. سندس سمورو ڪلام صوفيانه مسئلن جي تشريح آهي. البته انساني مزاج، فطرت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو به تجربو ڪٿي ڪٿي پيش ڪيو اٿس. ”ڪافين“ کانسواءِ ”غزل“ به چيا اٿس؛ جن ۾ تغزل جو جاءِ بجاءِ رنگ نظر اچي ٿو. نهايت خوبصورت ۽ مناسب تشيهن سان حسن ۽ عشق جو ذڪر به دلڪش انداز ۾ ڪيو اٿس.
سيد مصري شاه، عام صوفين جيان ”الست جو عهد“ جو ذڪر به پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي؛ چوي ٿو:
سيد مصري شاهه جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي. جو هن پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ جي وسيلي سنڌ سونهاريءَ جي خاص توڙي عام ماڻهن خيالن ۽ افڪارن جي چڱي خاص ترجماني ڪئي آهي. سندس زبان ۾ اها سلامت ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي، اها لطافت ۽ نزاڪت، اها اونهائي ۽ پهنائي رکيل آهي. جو پڙهيل سواءِ دفت جي کيس پڙهي پر جي سگهن ٿا. جهانگي جهنگن ۾ جهڄندي، ڌنار رڍن چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون ان پيهندي ۽ هنڌ سوريندي؛ پورهيت پورهيو ڪندي غريب ۽ شاهوڪار، اعليٰ ۽ ادنيٰ، هندو ۽ مسلمان سندس بيت جهونگاريندا رهن ٿا.
سندس وفات حسرت آيات 5 صفرالمظفر 1235 هه مطابق 19 آگسٽ 1906ع تي ٿي. کيس شاه محمود جي درگاه لڳ، اترين طرف سپرد خاڪ ڪيو ويو. جوڌپور جي مريدن، پنهنجي ملڪ مان ڳاڙهو پٿر آڻي. مرقد جوڙيائونس. پڇاڙيءَ تائين کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو؛ جنهن ڪري سيد فتح علي شاه جو پٽ، سيد علي غلام شاه سندس گاديءَ تي ويٺو. ”ڪليات مصري شاه“ نالي سنڌي، هندي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي نظمن، ڪافين، واين ۽ بيتن تي مشتمل سندس ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو جولاءِ 1961ع ۾ ”مصري شاه، ميموريل ڪو آپريٽو ڪائونسل نصرپور“ طرفان مقبول احمد ڀٽيءَ شايع ڪرايو آهي.
(1)– سندس سلسله - نسب ستين پيڙهيءَ ۾، رضوي ساداتن جي وڏي ڏاڏي، ڪامل ولي ۽ مشائخ سيد هاشم شاه سان ستاويهين پيڙهيءَ ۾ امام علي نقي رضه جن سان وڃي ملي ٿي. (تخفته الڪرام (جلد 3، سنڌي ترجمو)، مير علي شير ”قانع“ ، سنڌي ادبي بورڊ 1957 ع، صفحو 396 ).

No comments:

راءِ ڏيندا