خانبهادر محمد صديق ميمڻ [1890ع – 1958ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي تعليم کاتي جو سچو خدمتگار ۽ ڪهنه مشق اديب،
خانبهارد محمد صديق ”صديق“ ولد محمد يوسف ميمڻ 23 شوال 1308 هه مطابق 30 مارچ
1890ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو. بي - اي، بي - ٽي تائين تعليم حاصل ڪري، تعليم کاتي
۾ استاد جي حيثيت سان 1916ع کان ملازم بڻيو، جتان 1943ع ۾، رٽايرڊ پرنسپل، ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد جي عهدي تان، سرڪاري ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍيائين.
ميمڻ صاحب، تعليم جي ميدان ۾ رهندي، وڏيون خدمتون سر
انجام ڏنائين . خاص ڪري تعليم نسوان (عورتن جي تعليم) لاءِ حيدرآباد ۾ ذاتي ڪوشش
وٺي، ”مدرسة النبات“ قائم ڪيائين؛ جنهن جو آخري دم تائين ساٿ نه ڇڏيائين. دوران
ملازمت، 1934ع ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ ”جو بنياد وڌائين؛ جنهن جو روح روان به
پاڻ ئي هو، سوسائٽيءَ جي سهاري سان ڪافي علمي، ادبي، مذهبي ۽ تاريخي قسم جا معياري
ڪتاب پڻ ميدان تي آندائين.
پاڻ هڪ بهترين نثر نويس هو. نثر جي سلسلي ۾ غالباً ٻٽيهه
ڪتاب سندس قلم جي زينت بڻيل آهن؛ انهن مان ”حياتيءَ جو پهريون دور“، ”مضمون
نويسي“، ”حضرت مخدوم نوح“، ”بگلار نوار“ ”تحفه نثر و نظم“، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“
(ٻه ڀاڱا)، ”شاه جو رسالو“، ”تاريخ اسلام“، ”ڪامل رهنماءُ“ ۽ ”خلافت راشده“ قابل -
ذڪر آهن. خاص ڪري ”ادبي تاريخ“ تي سندس ڪيل ڪم بنيادي حيثيت جو حامل آهي.
ميمڻ صاحب نثر سان گڏ، ڪي قدر نظم طرف به توجہ ڏنو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ سندس غزل ۽ نظم خاصي اهميت رکن ٿا – 22 رمضان المبارڪ 1378 هه
مطابق نومبر 20، 1958ع تي زندگيءَ جون اٺهٺ مهارون ڏسي، وڃي رب کي پيارو ٿيو. سندس
انتقامي ”ميمڻ محله“ حيدرآباد ۾ ٿيو.
پاڻ هڪ سنجيده طبيعت ۽ ناصح انسان هو. علمي خدمتن عيوض
کيس 1939ع ڌاري ”خانبهادر“ جو خطاب به مليو، سندس صحبتي هونئن ته جهجها هئا، مگر
ادبي لحاظ کان محمد صديق ”مسافر“ (1879ع – 1961ع کي هن ڏس ۾ وساري نه ٿو سگهجي.
No comments:
راءِ ڏيندا