تاج صحرائي
سنڌ جو برک اديب ۽ محقق
تاج جويو
تاج
صحرائي ۲۰ صديءَ جو سنڌ جو برک اديب،
شاعر، قديم آثارن جو عالم ۽ محقق ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو تاج محمد ولد
نورمحمد ميمڻ هو ۽ ۱۱
سيپٽمبر ۱۹۲۱ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو
هئائين. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل
ڪيائين. ان وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا هندستان جا چڪر هڻي آيو، ڇو ته ننڍپڻ کان کيس سير سفر
جو وڏو شوق هوندو هو.
تاج
صاحب مئٽرڪ ۱۹۴۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول
شڪارپور مان ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو ۽ بي اي ۽ بي ٽي
جا امتحان اُتان پاس ڪيائين.
تاج
صحرائي، ننڍي هوندي کان وٺي ذهين ۽ ڪتابن ڏانهن خاص رغبت رکندو هو. ۱۹۴۵ع ۾ والد جي وفات کان پوءِ عملي زندگيءَ ۾ هڪ استاد طور پير پاتائين ۽ ۱۹۴۸ع کان دادوءَ ۾ استاد مقرر ٿي آيو.
تاج
صحرائيءَ ۱۹۵۲ع ۾ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ
اسڪول قائم ڪيو ۽ ان جو باني هيڊماستر بڻيو. کيس مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان
خاص محبت ۽ عقيدت هئي، ان ڪري سندن نالي سان ئي هي هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. تاج
صحرائي ۱۹۶۸ع ۾ دادو شهر ۾ علامه آءِ. آءِ.
قاضي پبلڪ لائبرري قائم ڪئي. تاج صاحب تعليم کاتي مان ۱۹۸۱ع ۾ رٽائر ٿيو. ان وچ ۾ مارچ ۱۹۷۱ع کان
جون ۱۹۷۲ع تائين سنڌ ميوزم حيدرآباد جو
پهريون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. مارچ ۱۹۷۵ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل ’سنڌ صدين کان‘ سيمينار ۾ وڏي سرگرميءَ سان حصو ورتائين.
۱۹۷۷ع ۾ ٽرپوليءَ ۾ دنيا جي اُستادن
جي ميڙ ۾ پاڪستان سرڪار جي واحد نمائندي طور شريڪ ٿيو. هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ جي
مختلف ضلعن اندر ’هسٽاريڪل سوسائٽيون‘ قائم ٿيون. تاج صحرائي ۱۹۸۱ع ۾ ’رني ڪوٽ‘ سيمينار جو آرگنائيزر مقرر ٿي رني ڪوٽ تي هڪ زبردست سيمينار
ڪرايو.
تاج
صاحب ۱۹۶۴ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري
پساهن تائين قلندر لعل شهباز ميلي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. زندگيءَ جي آخري سال
۾ کيس ’شهباز اوارڊ‘ پڻ مليو، جيڪا سندس زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي تمنا هئي. هونئن هن
پاڻ الائي ڪيترن اديبن کي اهي اوارڊ ڏياريا.
تاج
صحرائي هڪ عالم، آرڪيالاجي ۽ انٿراپالاجيءَ جي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ قومي درد رکندڙ
انسان هو.
هن ۱۹۴۰ع کان سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. ۱۹۴۲ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار واري وقت ۾ شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار جي سٽيلن جي
مالي ۽ عملي مدد ڪيائين.
هن
برصغير جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ ۱۰آگسٽ کان ۲۶ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تائين برصغير جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام واري ڏينهن ۾ دهليءَ اندر جيل ۾
نظربند رهيو. تاج صاحب سنڌ ۾ کاٻي ڌر جو سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪارڪن سمجهيو ويندو هو.
تاج
صحرائي سنڌ جي قديم تهذيب تي ’سنڌو تهذيب‘ نالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب ۱۹۸۹ع لکيو. ان کان سواءِ سندس ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: (۱) ’سُر سارنگ‘ (مقالو)، (۲) ’پڻي
لوڪ‘ (مقالو/ ليڪچر: ۱۹۹۶ع)، (۳) ’دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾‘، (۴) ’کيرٿر جبل‘، (۵)
’گورک چوٽي‘ (مقالو/ ليڪچر: ۱۹۹۷ع)، (۶) ڪتاب ‘Lake Manchar’ (۱۹۹۷ع) ۽ (۷) ’نيڻين ننڊ اکوڙ‘ (شاهه لطيف بابت مضمونن جو ڪتاب: ۲۰۰۱ع) قابلِ ذڪر آهن.
تاج
صحرائيءَ پاڪستان سرڪار طرفان ’تمغهءِ حسن ڪارڪردگي‘ ۽ ٻيا اعزاز به مليا. تاج
صحرائيءَ جي رهائش دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ هئي. هن ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۰۲ع تي پنهنجي گهر ۾ وفات ڪئي ۽
سندس آخري آرامگاهه دادو شهر ۾ ئي آهي.
ٽڙياسين دامن صحرا ۾!
منهنجي
سانڀر ۾ توڙي جو آئون سنڌو درياءَ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي، ٻيلن، ڪيٽين، جبلن، ڪاڇي،
ڪوهستان، سنڌ جي وسيع ساحل وارن علائقن کان ٿر ۽ اڇڙي ٿر تائين پنهنجي تحقيق جي
سلسلي ۾ گھمندو رهيو آهيان، پر آئون ڪڏهن به پهاڙن جي گود ۾ موجود غارن ۾ نه گھڙيو
آهيان. سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته مون کي ڪنهن اهڙي ڪم سان شايد ڪا دلچسپي نه رهي
هجي ۽ نه ئي ڪنهن اداري مون کي اهڙو ڪم ڏنو هجي جو آئون انهن غارن، اتي ڪنهن يوگي
جي آمد جا آثار يا اڃا به اڳتي ڏسجي ته اتي جيڪي ماڻهو گھڻو اڳي رهيا هجن ۽ انهن ڪنهن
ڪنڊ ۾ ڪو شعر تراشيو هجي ۽ پوءِ ڏسجي ها ته اتي ڪير رهندا هئا ۽ انهن غارن جي ڪهڙي
اهميت هئي. پر مون کي اها ڳالهه گھڻو پوءِ سمجھه ۾ آئي ته سنڌ جي نامور محقق،
تعليمدان، اديب، شاعر، علم دوست، تاريخدان ۽ سنڌ جي جاکوڙي ڪردار تاج صحرائي کي
اهو خيال ڪيئن آيو، جو هن انهن غارن جي علمن کي گڏ ڪيو ۽ پنهنجي دل انهن غارن،
قديم ڪوٽن ۽ قلعن گھمڻ سان لڳائي ڇڏي. تاج صحرائي جو اصل نالو تاج محمد ميمڻ هو،
جنهن صحرائن ۾ گھمڻ واري شوق جي ڪري پنهنجو نالو ئي صحرائي رکي ڇڏيو. تاج صحرائي
سنڌ جو اهڙو ئي سدا زندهه ڪردار آھي، جنهن پنھنجي زندگي جون سڀ بھارون انهن غارن
کي سمجھڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون.
سنڌ جي
ان نسل کي ڪنهن اتساهه جي ضرورت آهي ۽ کين ٻڌائڻ جي ضررت آهي ته جيڪي جاکوڙي ماڻهو
اونداهين غارن ۾ وڃي جاکوڙ ڪندا هئا، انهن جا پيرا کڻجن ۽ انهن جي ڇڏيل ڪم کي پورو
ڪرڻ کپي. ضروري آهي ته سنڌ جي نوجوان نسل کي ان ڪردار جي باري ۾ معلومات فراھم
ڪجي. تاج محمد ميمڻ ۱۱
سيپٽمبر ۱۹۲۱ع تي سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي
شاھوڪار شھر شڪارپور ۾ ميان نور محمد ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو، هن پرائمري ۽
سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ ۱۹۴۲ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول شڪارپور مان پاس ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو، بي اي ۽ بي ٽي جا امتحان پاس ڪيا. تاج صحرائي ننڍي ھوندي کان
وٺي ذھين ۽ ڪتابن ڏانھن خاص لاڙو رکندڙ ھو. ۱۹۴۵ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ عملي زندگي ۾ ھڪ استاد طور پير پاتائين. ۱۹۴۸ کان دادو ۾ استاد ٿي آيو ۽ پاڪستان جي ورھاڱي کانپوءِ اچي دادو شھر ۾
رھائش اختيار ڪئي. سندس علم سان عشق جي حد اھا ھئي، جو ۱۹۵۲ع جو زمانو ھو جڏھن پاڻ دادو شھر ۾ ھڪ تعليمي ادارو کولڻ ۽ ھلائڻ جو نيڪ
ارادو ڪيو. شروع ۾ ھڪ مڊل اسڪول دادو ۾ کولي تعليم ڏيڻ جو آغاز ڪيائين، ان نيڪ
ڪوشش ۾ ان وقت جا علمي ادبي ساٿي علي احمد قريشي وڪيل، آخوند شفيع محمد، شفيع محمد
سولنگي وغيره جن جي سھڪار ۽ صلاح مشوري سان لڏپلاڻ سبب دادو ۾ خالي ٿيل ھندن جي
عمارت ڌرم شالا ۾ اسڪول شروع ڪيائين. تعليمي حوالي سان دادو ۾ مثالي ڪردار ادا ڪري
دادو ۾ طالب الموليٰ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو اڄ به قائم آھي. استادن کي پگھارون به
پنھنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڏيندا ھئا.
تاج
استاد ھوندي به جاکوڙي آرڪيالاجيسٽ پڻ ھو ۽ سير سياحت، علم و ادب ۽ شاعري سان دلي
لڳاءُ ھو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ وڃي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن، قبرستانن، دڙن، سنڌ جا
جبل-ڍونڍون ڍورا، بزرگن جون درگاھون ڪوٽ ۽ قلعا ڏسڻ سندس زندگي جو حصو ھوندا ھئا ۽
انھن مڪانن تي ڪتاب پڻ لکيا. سندس لکيل ڪتابن ۾ کير ٿر جبل، نئين گاج، منڇر، ڪاڇو،
رني ڪوٽ ۽ موھن دڙي جو قديم آثار سان گڏ لائوت لامڪان قابل ذڪر آھن. جڏھن ته انھن
پراڻن تاريخي آثارن مان لڌل قديم ٺڪر ۽ پٿر گڏ ڪري دادو جي طالب الموليٰ ھاءِ
اسڪول ۾ ھڪڙو ننڍڙو ميوزيم پڻ قائم ڪيو، جيڪو اڄ به قائم آھي. ۱۹۴۲ع ۾ جڏھن بنگال ۾ ڏڪار آيو ته تاج صحرائي ان وقت شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي
ڏڪار جي سٽيلن جي مالي ۽ عملي مدد ڪئي. ھن آزادي واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ ۱۰ آگسٽ
کان ۲۶ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تائين برصغير جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام واري ڏينھن دھلي جيل ۾ نظر بند
رھيو. تاج صحرائي کي سندس خدمتن جي مڃتا طور پاڪستان سرڪار طرفان تمغه حسن
ڪارڪردگي ۽ ٻيا ڪيترائي اعزاز به مليا. سنڌ جو ھڪ کاھوڙي ڪردار ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۰۲ع ۾ اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي
ويو. حڪومت سنڌ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ کي گھرجي ته تاج جي زندگي ۽ ان جي ادبي خدمتن
مڃتا طور سندس زندگي بابت مواد درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل ان
جاکوڙي ڪردار کان واقف ٿي سگھي.
تاج صحرائي
علم دوست ۽ جاکوڙي آرڪيالاجسٽ
نظير حيات سيوهاڻي
سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن،
واهڻن، برن، جبلن ۽ صحرائن سان پيار ڪندڙ سائين تاج محمد صحرائي سيپٽمبر ۱۹۲۱ع ۾ جنم ورتو جنهن پنهنجي
جوانيءَ کان وٺي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سنڌ جي کنڊرن، ماٿرين، ڪوٽن،
قلعن، ڍنڍن ڍورن لاءِ ’تتيءَ ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي‘ مصداق منڇر، ڪينجهر،
آمري، رني ڪوٽ، ڀت جبل، نيئنگ، لاهوت، هنگلاج، گورک، موئن جو دڙو، ڪاهو جو دڙو،
ڀنڀور، منصوره، ڪائي جهڙن ماڳن جي اندر وڃي پاڻ مشاهدا ڪيا ۽ ڪيل مشاهدن جي ڄاڻ ۽
حاصل ڪيل نتيجن ۾ سوين مضمون لکيا ۽ ڪيترائي ڪتاب آندا جن ۾ تصوير درد، سر سارنگ،
سيوهڻ شهر ۾ قضيه ڪربلا جي ياد، انگريزي زبان ۾ پڻ سنڌو ماٿر جي قديم قومن، جتن،
مهاڻن، پڻي لوڪن جي باري ۾ ڏنل ڄاڻ سنڌو تهذيب لاءِ سندس ڪاوشن جو انمول خزانو
آهن. پاڻ هن ڪم جي حوالي سان حيدرآباد ميوزيم ۾ پڻ ڪم ڪيائون. پاڻ تاج محمد ميمڻ
مان ”تاج صحرائي“ بڻيا. جيتوڻيڪ هو اڄ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهن، ليڪن سندن پيار
جو پورهيو، ڏکن، ڏوجهرن جو ڦل، يادون، ڪچهريون ۽ تحقيق ڪيل خزانو اڄ به اسان جي
رهنمائي ۽ رهبري ڪرڻ لاءِ موجود آهي.
دادو ۽ لاڙڪاڻي مان پرائمري
تعليم حاصل ڪيل هن جاکوڙي ۽ محبتي ماڻهوءَ شڪارپور مان مئٽرڪ پاس ڪئي. اعليٰ تعليم
حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ وڏي چاهه سان حصو وٺڻ لڳا، سندن
زندگيءَ جا مختلف ٻيا به پهلو هئا. هن ارڏي انسان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات
صحافت سان شروع ڪئي. پهرين مرحوم خير محمد نظاماڻي جي نائبيءَ ۾ ڪم ڪيائين بعد ۾
دادو شهر مان هڪ هفتيوار اخبار ”آزاد“ ڪڍيائين. هن اخبار دادو ضلعي ۽ سنڌ جي ماڻهن
کي هڪ روشن دڳ ڏيکاريو. پاڻ آزاديءَ جي متوالي جي حيثيت ۾ خاڪسار تحريڪ جي سرگرم
ڪارڪن هئڻ ڪري هڪ دفعو دهلي جيل جي ياترا پڻ ڪيائين. شروعاتي دور ۾ استاد پيشي سان
پڻ واسطو رکيائين. سندس ڪوششن سان سال ۱۹۵۲ع ۾ دادو شهر ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جو بنياد
پيو ۽ هو ان جو ڪيترائي سال هيڊ ماستر رهيو. اهو هاءِ اسڪول هن وقت دادو شهر جو هڪ
نالي وارو تعليمي ادارو آهي. هاءِ اسڪول لاءِ تڏهن جي دادو جي ڪليڪٽر صاحب سيد مدد
علي شاهه سندس ڪوششن جي پيش نظر گهڻي مدد ڪئي.
هن سائين دادو شهر جي نوجوانن
۾ علمي،
ادبي رجحان پيدا ڪرڻ خاطر علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي سان هڪ پبلڪ لائبريري شروع
ڪرائي، جيڪا پڻ اڄڪلهه هڪ مشهور سنڌ اندر نالي واري ڪتاب گهر جي حيثيت حاصل ڪري
چڪي آهي کيس سنڌ جي نوجوانن جو گهڻو اونو هوندو هو. ان ڪري اسڪول جي هيڊ انچارج
هئڻ واري پيرڊ ۾ ڪاپي ڪلچر جي سخت مخالفت ڪيائين ان ڪري کيس سخت مزاج استاد طور به
سڃاتو ويندو هو. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه کي سندس وڏ وزارت واري دور ۾
صلاح ڏني ته سنڌ جي نوجوانن جو بهترين مستقبل ڪاپي ڪلچر جي خاتمي آهي. تاج صحرائي
صاحب سنڌ سڀيتا جي تهذيب ۽ تمدن، سنڌ جي قديم ماڳن، جهر جهنگن، بيابانن، ڍورن ۽
ڍنڍن تي پڻ هڪ بهترين آرڪيالاجسٽ جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر
هندوستان، فرانس، برطانيه، جرمني، اٽلي، جپان ۽ آمريڪا جا آرڪيالاجيءَ جا ماهر ۽
ائنٿراپالاجيءَ جي علم تي کوجنا ڪندڙ دنيا جا ماهر هر وقت ساڻس رابطي ۾ هوندا هئا
۽ پاڪستان جي قديم مڪانن ۽ ماڳن بابت کانئس رهنمائي ۽ ڄاڻ حاصل ڪندا هئا. پاڻ
ڪيترائي دفعا انهن سان گڏجي سنڌ ۽ پاڪستان جي قدرتي نظارن ۽ قديم ماڳن جو اڀياس
ڪيائين. سيوهڻ شهر ۾ زندگيءَ جو ڪجهه حصو پڻ گذاريائين ان ڪري کيس سيوهڻ جي قديم
قدامت ۽ عروج ۽ زوال جي مڪمل ڄاڻ هئي. حضرت قلندر لعل شهباز سان کيس عقيدت هئي هن
ڪيترائي اهم حقيقت تي مبني قلندر جي زندگيءَ تي مضمون لکيا.
هو ۱۹۷۲ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري
ڏينهن تائين شهباز قلندر ميلا ڪميٽي جا غير سرڪاري ميمبر رهيو ۽ ميلي دوران هر سال
ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جو ڪنوينر رهيو. سندس ذاتي تعلقات ۽ ڪوششن سان سندس سڏ تي سنڌ
جون علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون ميلي جي ادبي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿينديون
هيون. گڏوگڏ پوري سنڌ جا اديب ۽ شاعر ڪانفرنس ۾ ضرور گڏ ٿيندا هئا. سندس ڪنوينر
طور ميلي ۾ جيڪي ڪانفرنسون ٿيون اهي بامقصد ۽ بهتر انتظام طور ٿينديون هيون.
کيس سيوهڻ جي قديم خاندانن سان گهڻو پيار هو. اڪثر ڪري مخدوم محمد مراد صيقي وٽ
ڪچهرين لاءِ ضرور ايندا هئا. کيس موسيقيءَ سان پڻ چاهه هو کيس سنڌ جا سمورا ڪلاسڪ
فنڪار پسند هئا. اڪثر ڪري روح رهاڻ وارين محفلن ۾ ضرور شريڪ ٿيندا هئا. ۱۹۸۱ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر
ڪيائين ۽ ان ئي سال سنڌ جي اهم ماڳ رني ڪوٽ تي ٿيندڙ قومي سيمينار ۾ پيش پيش رهيا.
هن سيمينار جي ڪاميابيءَ جي رني ڪوٽ طرف دنيا جي ماهرن جو ڌيان آيو ۽ رني ڪوٽ عام
توڙي خاص ماڻهن توجه جو مرڪز بنيو. سنڌ جا صحرا لتاڙيندڙ ۽ جبل جهاڳيندڙ هن سٻاجهي
انسان جي ڪاوشن ۽ جاکوڙ جي نتيجي ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو.
سنڌ جو هي مهان جاکوڙي صحرائن
جو راهي، برن جو بادشاهه، تعليمي ماهر، آزاديءَ جو متوالو، خليل جبران ۽ ٽئگور سان
چاهه رکندڙ، شاهه لطيف سائين ۽ غالب سان محبت ڪندڙ، ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۰۲ع ۾ هن فاني دنيا کي الوداع
چئي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس اولاد مان سندس وڏو فرزند سائين نظام الدين
ميمڻ، جمال الدين ميمڻ، فيروز احمد ميمڻ ۽ مجيب الرحمان صحرائي هن وقت تعليم جي
پيشي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
تاج صحرائي
جڏهن مخمور ٿي ساقي، ڪيو برخواست محفل کي!
پروفيسر اعجاز قريشي
تاج صحرائي سائين اصل ۾ ته
شڪارپور جو هو پر ڦوهه جوانيءَ ۾ دادوءَ لڏي آيو. اهو ۱۹۵۰ع وارو زمانو هو.
اچي اسان جي گهر جي ڀرسان گهر ورتائين. سندس در اسان جي در سان مليل هو. ان زماني
۾ تاج صحرائي لکڻ پڙهڻ سان ته لاڳاپيل هو، پر سندس سڃاڻپ هڪ اسڪالر يا محقق واري
نه، پر شاعر جي هئي. اسان جي والد محترم علي احمد قريشي (وڪيل) سان سندس پڪي پختي
دوستي ٿي، گهرو واسطا قائم ٿيا ۽ اسين جيڪي ان وقت بنهه ٻار هئاسين، کيس چاچا ڪري
سڏيندا هئاسين. تاج صحرائي صاحب ۽ اسان جي والد محترم جي دوستيءَ جو ان مان اندازو
ڪري سگهجي ٿو ته پنجاهه ورهين تائين هو جڏهن به دادوءَ ۾ هوندو هو ته اسان جو والد
محترم ۽ پاڻ بنا ناغي روزانو ملندا رهندا هئا.
تاج صحرائي صاحب جاکوڙي ۽ باعمل
ماڻهو هو. هن دادوءَ جي نوجوانن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول
قائم ڪيو. ان اسڪول دادوءَ جي نوجوانن جو آئيندو اجارڻ ۽ نوان گس ڏيڻ ۾ بنيادي
ڪردار ادا ڪيو ۽ اڃا به اهو اسڪول، هڪ نيشنلائيزڊ اسڪول طور لاڀائتو فرض ادا ڪري
رهيو آهي. ان اسڪول ۾ آئون به پڙهيس. مون کي تاج صحرائي صاحب جي شاگرد هئڻ جو شرف
حاصل آهي.
ان وقت دادو شهر، تعليم ۽ علم
ادب جي لحاظ کان اڃا بانبڙا پائي رهيو هو. ان ئي شيءِ کي ڏسندي ۽ ڄاڻندي، ان وقت
جي ڪجهه ڏاهن هن شهر جي تقدير تبديل ڪرڻ جو سوچيو ۽ چار يار مشهور ٿيا جن ۾ تاج
صحرائي، علي احمد قريشي وڪيل، شفيع محمد سولنگي، الله رکيو سهتو، ساڻن محترم
ابوبڪر مگسي به گڏ هو. اهي سڀ ماڻهو ترقي پسند، روشن خيال ۽ تبديلي پسند هئا،
انڪري پُراڻ پسند قوتون انهن جي ٽڪراءَ ۾ آيون. ان وقت جي نوجوانن کي انهن ماڻهن
جي ويجهي وڃڻ کان روڪيو ويندو هو ۽ کين اهو چيو ويندو هو ته ڪو به انهن جي ويجهو
ويندو، ته اهو دوزخ جي باهه ۾ سڙندو ۽ قبر جي عذاب ۾ مبتلا ٿيندو. پر دادوءَ جي
نوجوانن ڏٺو ته هنن ماڻهن ۾ مَڻيا آهي، اهي ڏاتار آهن، رهنما آهن ۽ پنهنجي ڪردار ۽
گفتار ۾ نهايت سچا ۽ کرا آهن، انڪري نوجوان نسل سندن صحبت کي اولين ترجيح ڏني، ۽
ان جو نتيجو اهو نڪتو ته انهن ڏاهن استادن جي ڏسيل واٽن، عمل، سوچن، خيالن ۽ انهن
جي قائم ڪيل ادارن ڪيترن ئي نوجوانن جي ذهنن جي زمين کي زرخيز ڪري ڇڏيو ۽ اڄ انهن
جي رهنمائي، شفقت ۽ اتساهه سبب اهي سنڌ جي ڪيترن ئي سماجي ۽ سياسي پليٽ فارمن تان
خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.
جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته تاج
صحرائي صاحب جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري هئي، پر ان دؤران مختلف وقتن تي تحقيق ۽
تاريخ ۽ خاص طور تي تاريخي ماڳن مڪانن تي ننڍا وڏا مضمون ۽ مقالا پڻ لکندو رهيو.
اڳتي هلي خاص طور تي استاد جي حيثيت سان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ پنهنجين سوچن ۽
صلاحيتن کي نئين گس سان ڳنڍيائين. تاج صحرائي صاحب ان ميدان ۾ پاڻ موکيو ۽ ملهايو.
هن تحقيق ۽ تاريخ تي لکڻ جي سلسلي ۾ روايتي طريقي يعني فقط ڪتابن جا حوالا کڻي نه
لکيو پر پاڻ جهر جهنگ رليو، جبل جهاڳيائين، وسنديون واهڻ ۽ ويرانا وڃي جاچي
ڏٺائين. ڪيترن ئي مهمن ۽ سفرن دوران آئون به ساڻس گڏ رهيس. اها منهنجي تمام وڏي
خوشنصيبي آهي، جو سنڌ جي هيڏي وڏي محقق سان منهنجي ويجهڙائي رهي ۽ مون هن کي بيحد
ويجهڙائي کان ڏٺو ۽ سندس ڪم جي طريقي کي سمجهيو. هو سدائين حقيقتن جو اڃارو ۽
ڳولائو هو ۽ پنهنجي ذمي ڪيل هر ڪم سان نڀائيندو هو. اسين جڏهن تاج صحرائي جي
تحقيقي لکتن کي پڙهڻ وڃون ٿا، ته اهو ڏسي حيران ٿي وڃون ٿا ته هن ماڻهوءَ ڪيترو نه
ڪتابن کي پڙهيو آهي، ۽ انهن مان پنهنجي ڪم جي شين جا حوالا کنيا آهن. ان مان سندس
مطالعي جي گهرائيءَ ۽ وسعت جي پروڙ پوي ٿي ته ٻئي پاسي هو تيار ڪيل تحقيقي مقالي
يا مضمون لاءِ حوالي طور کنيل مددي ڪتابن جي فهرست به ڏئي ٿو. جنهن مان مقالي
پڙهندڙ ۽ خود تحقيق جو شوق رکندڙن ۽ شاگردن جي رهنمائي به ٿئي ٿي. ڪتابن جي حوالن
جون ايڏيون ڊگهيون فهرستون اسان کي سنڌيءَ جي ٻئي ڪنهن به محقق جي مقالي ۾ نٿيون
ملن. ان سلسلي ۾ تاج صحرائيءَ صاحب جي ڀيٽ ۾ فقط پروفيسر چيتن ماڙيوالا ۽ پروفيسر
ماڻڪ پٿاوالا کي آڻي سگهجي ٿو. سندس ڪتاب ”سنڌو تهذيب“ اهڙي ئي جدوجهد ۽ جاکوڙ جو
نتيجو آهي. پاڻ ڪڏهن به تاريخ ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ ”پر“ ۽ ”جيڪڏهن“ جھڙن لفظن جو
قائل نه هو. هو فقط ثابتي کي اڳيان رکندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس ڏنل ڪتابن ۾
بيش بها مواد سان گڏ اسان کي ڪيترائي نقشا، انڊيڪسون ۽ تصويرون وغيره پڻ ملن ٿيون.
تاج صحرائي صاحب نه فقط مضمون ۽
مقالا لکيا پر آرڪيالاجيءَ جي سلسلي ۾ پاڻ ڪيترائي ليڪچر ۽ تقريرون ڪندو رهيو. ان
سلسلي ۾ حوالي طور سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي ڏنل ليڪچرن جو
ذڪر ڪري سگهجي ٿو، جن کي بعد ۾ ٽرسٽ ڇپائي پڌرو ڪيو.
هيءَ ڌرتي پنهنجي ترقيءَ ۽ اؤسر
جي هر دور ۾ سماجي توڻي فطري نموني، ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي مرحلن مان گذري آهي ۽ اهو سلسلو
اڄ به جاري آهي. اسين جڏهن انسان ذات جي حاصلات، ڪاميابين ۽ ڪارنامن تي نظر وجهون
ٿا ته ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي ته اڄ جو انسان ڌرتيءَ جو دائرو ٽوڙي خلائن کي فتح ڪرڻ جي
سوچ ۾ رڌل آهي. بيشڪ اڄوڪو انسان گهڻو همٿ ڀريو، مُهَم جُو ۽ محنتي آهي، پنهنجي
آزادي، عمل ۽ جدوجهد ۾ هو ثابت قدم آهي. انهن سڀني شين هوندي اها حقيقت آهي ته
انسان، تاريخي اؤسر ۽ ارتقا جي مختلف مرحلن تي ڪيترائي خال ۽ کوٽون ڇڏيندو آيو
آهي؛ جيڪي اڄ هڪ وڏي ڍير جي صورت ۾ موجود آهن. کوٽن ۽ خامين جو اهو ڍير هاڻ
عالمگير ڏک ۽ تڪليف ۾ تبديل ٿي ويو آهي. دنيا جون سڀ انسان دوست ڌريون اهڙي
عالمگير ڏک ۽ تڪليف کي گهٽائڻ ۽ گهٽائي بلڪل ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن. اهي
تڪليفون جيڪي هن وقت پنهنجي هماگيريت سان،
سڄي دنيا جي ننڍن ملڪن جي وڏين قوتن هٿان يرغمال ٿيڻ توڻي مذهبي، نسلي ۽ علائقائي
تضاد وغيره مان جاچي سگھجن ٿيون.
هن وقت سنڌ به اهڙي عالمگير
صورتحال ۾ ساهه کڻي رهي آهي، هتي به دنيا جي ٻين پٺتي پيل سماجن جهڙا انيڪ مسئلا ۽
سماجي وبائون موجود آهن؛ ۽ سنڌي قوم هن ڌرتيءَ جي گولي تي، دنيا جي انيڪ قومن
وانگر، پنهنجي وجود جي بقا واري جنگ وڙهي رهي آهي. هتي سماجي، سياسي توڻي اقتصادي
طور، تعمير ۽ تخريب واريون قوتون موجود آهن. ان ٺهڻ ۽ ڊهڻ واري انتهائي نازڪ موڙ
تي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي، اهڙن ادارن ۽ فردن جي گهرج آهي، جيڪي خير؛ خوبي، محنت،
سچائي ۽ جاکوڙ ۾ يقين رکندا هجن؛ جيڪي پنهنجي ڪامل سچائي ۽ مضبوط ارادي ۽ بصيرت
سان، مخالف قوتن سان ٽڪرائجڻ جي صلاحيت رکندا هجن. هڪ پاسي سنڌ جي موجوده سياسي،
سماجي ۽ ثقافتي صورتحال اها تقاضا ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي ٽارين تان مند
کان اڳي ڪيئي گلاب ڇڻي رهيا آهن. ڪيئي آديسي اٿي هليا آهن؛ ۽ اڄ جڏهن اسين هتي گڏ
ٿيا آهيون ته تاج صحرائيءَ جي نالي ۾، جيڪو پڻ اسان کي ڇڏي ويو آهي ته بي اختيار
چپن تي لطيف سرڪار جو بيت اچي وڃي ٿو:
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان
ري! )شاھ)
تاج صحرائي صاحب سنڌ جو اڻموٽ
سپاهي هو. جنهن پنهنجي زندگي وطن تان نڇاور ڪري ڇڏي. هو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن
تان سنڌ جي بقا جي ويڙھ وڙهندو رهيو ۽ سدائين هر اول دستي ۾ رهيو. هو پنهنجيءَ ذات
۾، هڪ ئي وقت تاريخدان، اديب، جاگرافيدان، اينٿرا پالاجسٽ، سماجي علمن جو ماهر ۽
استاد هو. آئون کيس مرحوم نه سڏيندس، ڇاڪاڻ ته هو جسماني طور نه سهي پر روحاني طور
اسان سان گڏ آهي. سندس زندگيءَ جو نمونو، عمل ۽ ڪم اسان سان گڏ آهي، جيڪو سدائين
هن جي ساٿ جو احساس ڏياريندو رهندو.
هن قلندر شهباز جي گذريل ميلي
تي ڪيل پنهنجي آخري تقرير ۾ منڇر ڍنڍ کي بچائڻ تي زور ڏنو؛ ۽ هاڻي اها اسان جي
مٿان ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اسين سندس رهيل ڪم کي اڳتي وڌايون. آر بي او ڊي جي
رٿا ۽ بلوچستان کان ايندڙ نيڪال واري پاڻي منڇر ڍنڍ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت
ڍنڍ ۽ ان جي ڀرپاسي رهندڙ ماڻهن جي بچاءَ ۽ انهن جي سارسنڀال لهڻ جي گھڻي گھرج
آهي. هن موقعي تي اسان کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ترقيءَ ۽ تبديليءَ لاءِ ڪئين واعدا ۽
وچن ڪرڻا آهن. اهو سوچي ته سنڌ مان املهه ۽ اعليٰ انسان ڏينهون ڏينهن ناياب ٿيندا
پيا وڃن ان ڪري هاڻي اسان کي انهن جي خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ان سلسلي ۾ اسان
لاءِ محترم تاج صحرائي سميت سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن جون زندگيون ۽ انهن جو عمل،
مشعل راهه ثابت ٿي سگهي ٿو.
تاج صحرائي
سنڌ جو
باڪمال شاعر
آزاد انور ڪانڌڙو
شڪارپور ۽ دادو، علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي، ديني ۽
دنوي تعليم، سماجي ۽ سياسي حوالي سان زرخيز ضلعا رهيا آهن. ٻنھي ضلعن ۾ جنم وٺندڙ
شخصيتن، پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ مثالي ڪم ۽ ڪردار ادا ڪري، نه صرف پنهنجو پر پنهنجي
جنم ڀوميءَ جو نالو پڻ روشن ڪيو آهي.
سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق، تاريخدان ۽ صحافي، سائين
تاج صحرائيءَ جو جنم ته شڪارپور ۾ ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۰۱ع تي نورمحمد ميمڻ
جي گهر ۾ ٿيو پر هن زندگيءَ جو وڏو عرصو دادوءَ ۾ گذاريو. پاڻ صحافتي زندگيءَ جي
شروعات ۱۹۴۸ع کان ڪيائين. سندس هفتيوار اخبار ”آواز“ ان دور ۾ وڏي
مقبوليت ماڻي. پاڻ، ان دور ۾، تعليم جي اڻ هوند واري صورتحال کي ڏسندي، تعليمي
حوالي سان دادوءَ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائون ۽ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول
قائم ڪيائون، جيڪو اڄ به قائم دائم آهي.
سائين تاج صحرائيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”تصوير درد ۱۹۴۶ع“، ”سر سارنگ جو
مطالعو ۱۹۵۴ع“، ”سنڌو تهذيب ۱۹۸۹ع“، ”پڻي لوڪ ۱۹۹۶ع“، ”دادو ضلعو
جاگرافي ۽ تاريخ جي آئيني ۾ (کيرٿر جبل-گورک چوٽي) ۱۹۹۷ع“، “Lake Manchar 1997”، ”نيڻن ننڊ اکوڙ ۲۰۰۰ع“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل
آهن. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ مرزا غالب، ڌرتيءَ جا زخم ۽ ٻيا شامل آهن.
اهڙيءَ ريت شاهه عبداللطيف، قلندر لال شهباز، سچل سرمست، منڇر ڍنڍ ۽ دادو ضلع جي
آثارن بابت سندس تحقيقي مقالا ۽ مضمون ٽڙيل پکڙيل آهن. سائين تاج صحرائي صاحب، ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۰۲ع تي هن فاني دنيا
مان لاڏاڻو ڪيو.
سنڌ جي نامياري محقق، تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ
هنڌ لکيو آهي؛ ”شاعري هر زبان يا ٻوليءَ جي ادب جو بنياد آهي، ڇو ته شاعر پنهنجي
شعر کي ملڪي زبان جي نهايت پيارن ۽ انوکن محاورن جو جامو پهرائي ٿو“.
سائين تاج صحرائي محقق، مورخ ۽ تاريخدان جي حيثيت سان،
ادبي دنيا ۾ متعارف ٿيو ۽ مثالي ڪم ڪيائون. سندس گهڻو تڻو لاڙو تحقيق ڏانهن رهيو.
تحقيق ۽ تاريخ سان خاص دلچسپي رکڻ سان گڏ، سندس شاعراڻه عظمت کان به انڪار نه ٿو
ڪري سگهجي. سنڌ جي ادبي دنيا ۾ نه صرف هڪ محقق جي حيثيت سان پر هڪ شاعر جي حوالي
سان به اعليٰ مقام حاصل ڪيائون.
سنڌ جي سدا حيات عالم، دانشور ۽ نقاد مولانا غلام محمد
گراميءَ مهراڻ جي شاعر نمبر ۱۹۶۹ع ۾ تاج صحرائيءَ جي شاعري بابت
لکيو آهي؛ ”تاج صاحب نذرالاسلام، خليل جبران ۽ ٽيگور جي ادب لطيف کان گهڻو متاثر
آهي. تاج صحرائيءَ جي شاعريءَ ۾ جوش ۽ جذبو موجود آهي.“
سائين تاج صحرائي، پنهنجي دور جو باڪمال شاعر هو. هن
شاعريءَ جي مختلف صنفن جھڙوڪ؛ غزل، گيت، نظم ۽ رباعين تي طبع آزمائي ڪئي. سندس
شعرن ۾ ٻولي پياري آهي. نوان نوان خيال ۽ تجربا ملن ٿا. سندس شاعري قديم ۽ جديد
رنگ جو خوبصورت سنگم آهي. سندس شاعريءَ ۾ اصلاحي ۽ تنقيدي رنگ نمايان آهي.
حادثن جي خوف کان
غمگين به ٿي تون نوجوان،
ياس حرمان سان لڙڻ آ، تنهنجي فطرت
نوجوان.
سائين تاج صحرائيءَ جو، پنهنجي حياتيءَ ۾، مشاعرن اندر
شعر پڙهڻ جو انداز نرالو ۽ دل کي وڻندڙ هوندو هو. سندس انداز بيان، مشاعري ۽ محفل
۾ ويٺل ماڻهن کي موهيندو هو. تاج صحرائيءَ جي شاعري، وطن ۽ ڌرتيءَ جي پيار سان
سرشار آهي. سندس شعر دلين ۾ جاءِ ولارين ٿا.
وري سينگاريو،
ايوانن کي آزاديءَ جي پروانن،
پر
معلوم آ دل کي ته، پروانن تي ڇا گذريو.
نون قدرن، نون فڪرن ۽ علمي لاڙن شعر کي نوان نوان اسلوب
ڏنا آهن. سائين تاج صحرائي پنهنجي دور جو اهڙو شاعر هو جنهن پنهنجي تخليق کي اعليٰ
مقام تي پهچائي، نه رڳو پنهنجي پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو پر پنهنجي فن کي به امر ڪري
ڇڏيو. سندس شاعريءَ ۾ حقيقت بيانيءَ سان گڏ رواني آهي. شاعريءَ ۾ ماحول ۽ زندگيءَ
جي اهم مسئلن جي ترجماني ڪئي اٿائين. سندس بيان ۾ سادگي، سچائي ۽ نماڻائي به آهي
ته قلندرانه بيباڪي به. جيڪا پڙهندڙن کي متاثر ڪري ٿي.
اڃا تقدير جو
ماتم، اڃا زندان باقي آ،
اڃا فطرت نه بدلي
آ، اڃا ارمان باقي آ،
سفينن سان ٿو
ٽڪرائي، اڃا طوفان باقي آ،
تو کي فرصت ڪٿي آهي، مون کي مهلت
ڪٿي آهي؟.
سائين تاج صحرائي جي شاعري، فني لحاظ کان پختگي آهي ۽
منجھس جدوجهد ۽ جاکوڙ جو ڏس يا گس آهي. هو هڪ پراميد ۽ پرجوش شاعر آهي.
سحر آئي، اذان
آئي، پهاڙن تان صدا آئي،
هزارن گرم لڙڪن
سان، صبا گل ٿي قضا آئي،
حياتيءَ جي فضائن
مان، اها هر هر ندا آئي،
تو کي فرصت ڪٿي آهي، مون کي مهلت
ڪٿي آهي؟.
سائين تاج صحرائيءَ جي ادبي ۽ تحقيقي، علمي ۽ شاعرانه
خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هو سنڌ جو مثالي ۽ اڻ وسرندڙ ڪردار ھيو. کيس سنڌ ۽
سنڌ واسي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهن.
تاج صحرائي
ڪتابن، ڀترن ۽
ٺڪرن جو مالڪ!
مير نادر علي ابڙو
تاج صحرائي
سان منهنجي واقفيت انهي وقت کان هئي. جڏهن منهنجي هٿ ۾ سليٽ ۽ پٽي هئي. ۱۹۷۶ع ڌاران منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيشن جج حيدرآباد هو ۽ اسان جو
بنگلو سول لائينز ۾ هو. جتي پوري سنڌ جا اديب ۽ شاعر بابا سان ڪچهريون ڪرڻ ايندا
هئا. تاج صحرائي به اڪثر استاد بخاري سان گڏ ايندو هو. جتي ٻيا ڪافي اديب، ڪامريڊ،
ڄام ساقي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، عبدالحئي پليجو، قاضي اڪبر مرحوم،
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ روچيرام ۽ ٻيا کوڙ سارا بابا جا دوست اچي گڏ ٿيندا
هئا. تاج صحرائي جي صورت مون کي ننڍپڻ ۾ واقعي به اديبن جهڙي لڳندي هئي. وڏا وار،
قلمَ وڏا ڪَنن کان هيٺ، ڪلين شيوَ ڪڙڪيدار آواز،
منهن گول، ڳالهائڻ ۾ پيار۽ محبت. مون کان اڪثر درسي تعليم متعلق سوال پڇندو
هو ۽ پوءِ پاڻ به مون کي سمجهائيندو هو. هڪ دفعي سوال ڪيائين ته ڀلا ٻڌاءِ ته ڪهڙا
جانور آنا ڏيندا آهن ۽ ڪهڙا جانور ٻچا ڏيندا آهن؟ مون هڪ هڪ ڪري پنجن ڏهن منٽن ۾
ٻڌايا. چيائين ته بابا هيڏي دير لڳائي ڇڏيئي. ڀلا ايئن ڇو نه ٿو چئين ته جن
جانورن جا ڪن ٻاهر نڪتل هجن اهي ٻچا ڏيندا
۽ جن جا ڪن اندر هجن اهي آنا ڏيندا آهن.
بابا جي وفات کانپوءِ اسين لڏي وڃي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي
پهتاسون. تاج صحرائي اڪثر لاڙڪاڻي ايندو هو. شايد ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو
ويجهو مائٽ هو. انهي وٽ رهندو هو. پوءِ شام جو اديب دوستن سان ملڻ نڪرندو هو،
پهرين ته ويندو هو انيس انصاري وٽ، پوءِ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي وٽ ۽ پوءِ ٻين
اديبن شاعرن وٽ، هو مون وٽ به ايندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته تنهنجو بابا منهنجو
پراڻو يار هو. انهيءَ جو سڪون تو مان پيو لاهيان. هونئن ته تنهنجو بابا منهنجو
نالي ڀائي هو. چوندو هو ته سنڌي ادب ۾ اسان تاج محمد نالي وارا باقاعده حاوي
آهيون. تاج صحرائي، تاج ابڙو، تاجل بيوس، تاج جويو، تاج بلوچ، ۽ ٻيا نالا ٻڌائي
خوشي محسوس ڪندو هو. حقيقت ۾ صحرائي سان
منهنجون باقاعده تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ۱۹۹۷ع ۾ ٿيڻ شروع ٿيون. جڏهن مان
دادو ۾ ايڊيشنل سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿيس. هن ۾ اها تمام وڏي ڳالهه هئي ته پاڻ کان ننڍن سان به ايئن ئي
ڪچهري ڪندو هو، جو محسوس پيو ٿيندو هو ته ڄڻ اسان به صحرائي صاحب جا گهاٽا دوست ۽
همعصر هجون. دادو پهچڻ تي مون سڀ کان پهريائين فون صحرائي صاحب کي ڪئي. چيائين ته
بابا پوءِ جلدي مون وٽ اچ نه، ته ڪچهري به ڪريون ته گڏ ويهي دال روٽي به کائون.
سندس گهر وچ شهر جڳت آباد محلي ۾ هو. سندس
گهر به ڄڻ سڄي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو محور هو. سندس ڪمري ۾ رڳو ٺڪر ۽ ڀتر رکيل
هئا. جيڪي هن سنڌ جي پراڻن ماڳن مڪانن مان تحقيق ۽ گهمڻ دوران هٿ ڪيا هئا. مون کي
ڏيکاريندي سندس چهرو ايڏو پئي ٻهڪيو ۽ خوش ايڏو پئي ٿيو جو آئون بيان به نٿو ڪري
سگهان. چيائين بابا مون سڄي حياتي سنڌ جي ماڳن مڪانن جي تحقيق ۾ گذاري ڇڏي آهي.
سنڌ ڌرتي جو ذرو ذرو جاچي ڏٺو اٿم. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڪو نه ڇڏي اٿم جو حسرت رهجي
وڃيم. مون کي سنڌ جي انچ انچ سان پيار آهي.
پوءِ وري پنهنجي ڀريل ڪتابن واري ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ ڪتاب پڻ ڏيکاريائين ۽
چيائين ته اسان جي ملڪيت اٿئي اهي ڪتاب ۽ سنڌ جا هي ٺڪر ۽ ڀتر، پوءِ ڪنهن کي وڻن
يا نه وڻن. پر مون کي جان کان به وڌيڪ پيارا آهن. صحرائي صاحب کي واقعي به سنڌ
ڌرتي سان پيار هو. شايد ئي اهڙو ڪو ٻيو سنڌ جو اديب هجي، جو ۸۰ سالن جي عمر
۾ به پيو سنڌ جي تحقيق ڪري. ادا بدر ابڙو به تاج صحرائي سان اڪثر انهن ماڳن مڪانن
تي ويندو هو. جيڪڏهن وري ادب ۽ ماڳن مڪانن کان هٽي ڪري کيس ڏسبو ته تعليمدان به
چوٽيءَ جو هو. نوڪري دوران سخت اصول پرستي ۽ تعليم کاتي سان اها سچائي ۽ ايمانداري
جو پنهنجي پٽ کي به ريسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيائين. هن تاريخ ۽ ادب تي ڪيترائي ناياب ڪتاب
پڻ لکيا. قلندر لال شهباز ميلا ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ رهندو آيو هو. هر سال وڏي شوق
۽ محبت منجهان قلندر لال شهباز جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس جو بندوبست ڪرائيندو هو.
صحرائي صاحب کي صدارتي ايوارڊ کان به نوازيو ويو هو. آخرڪار هي سنڌ جو مشهور اديب،
دانشور، محقق ۽ آرڪيالاجسٽ ۸۲ سالن جي عمر ۾ هن فاني جهان
مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي وڃڻ کانپوءِ جيڪو سنڌ ۾ خال پئدا ٿيو آهي، اهو شايد ڪو
ٻيو ڀري سگهي. صحرائي صاحب جهڙا سپوت ڌرتي روز روز ڪونه پيدا ڪندي آهي. هن جي سنڌ
ڌرتيءَ سان محبت نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهي. سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري
لفظن ۾ لکيو ويندو.
(شام، عبرت، هلال پاڪستان، سچ، مهراڻ، عوامي آواز، سنڌو،
تعمير سنڌ، هلچل، عبرت مئگزين)
تاج صحرائي
نامور محقق
تابش بخاري
سنڌ انهن عظيم ۽ لازوال ڪردارن سان ڀري پئي
آهي، جن هميشه پنهنجي زندگي جون سڀ بهارون جوانيءَ کان پيري تائين قوم ۽ ڌرتي لاءِ
وقف ڪري ڇڏيون ۽ نئين نسل لاءِ مثال قائم ڪري ويا، انهن جي لسٽ ته تمام گهڻي ڊگهي
آهي، آئون هتي ان سنڌ جي سچي سيلاني عاشق قلندرانه فقير منش انسان سائين تاج
صحرائي جي ۱۰هين ورسي تي خراج پيش ڪندس.
۱۱
سيپٽمبر ۱۹۲۱ع سنڌ جي ساهتي پرڳڻي اڳوڻي شاهوڪار
شهر شڪارپور ۾ ميان نور محمد ميمڻ جي وشال گهر ۾ جنم وٺندڙ تاج محمد ميمڻ جنهن
پاڪستان جي ورهاڱي کانپوءِ اچي دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. ۱۹۵۲ع جو زمانو هو جڏهن پاڻ دادو شهر ۾ هڪ تعليمي ادارو کولڻ ۽ هلائڻ جو
نيڪ ارادو ڪيائون، شروع ۾ هڪ مڊل اسڪول دادو ۾ کولي تعليم ڏيڻ جو آغاز ڪيائين، ان
نيڪ ڪوششن ۾ ان وقت جا علمي ادبي ساٿي علي احمد قريشي وڪيل، آخوند شفيع محمد، شفيع
محمد سولنگي وغيره جن جي صلاح مشوري سان اسٽيشن روڊ دادو سان هڪ وڏي ڊبل اسٽوري
عمارت جيڪا هندن جي ڌرم شالا هوندي هئي، ورهاڱي بعد هندن جي هندستان لڏپلاڻ سبب
خالي ٿي، تاج صاحب ساٿين جي مدد سان ان جاءِ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ اُتي
اسڪول شروع ڪيائون، استادن کي پگهارون به پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڏيندا هئا.
تاج صاحب هڪ منظم بي باڪ مخلص سخت استاد طور
سڃاتو ويندو هو. سندس ايامڪاري ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جي رزلٽ سؤ سيڪڙو پاس ۾
ايندي هئي، جيڪو هڪ رڪارڊ هو. ان زماني ۾ هن اداري مان هزارين شاگرد تعليم حاصل
ڪري نڪتا، هن وقت انهن مان ڪيئي وفاقي توڙي صوبائي کاتن ۾ اعليٰ عهدن تي فائز آهن
يا ته رٽائرڊ ڪري ويا آهن، انهن ۾ اڪثريت ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي به آهي.
۱۹۶۸ع ۾ ٻيو
عظيم ڪارنامو تاج صحرائي جو اهو آهي جو هن علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي تي هڪ
بهترين لئبريري جو بنياد وڌائين، جيڪا اڄ ضلعي دادو جي وڏي لئبريري طور سڃاتي وڃي
ٿي ۽ هاڻي سنڌ ثقافت کاتي جي نگراني ۾ هلي رهي آهي، هر روز سوين شاگرد مطالعو ڪن
ٿا. صدين کان عظيم بزرگ قلندر لعل شهباز جو عرس مبارڪ ٿيندو پيو اچي، قلندر شهباز
جي شخصيت ۽ تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ به تاج صحرائي صاحب فڪرمند رهيو ۽ ۱۹۶۲ع ۾ شهباز ادبي ڪانفرنس جو قيام عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتائين ۽
اُها ادبي ڪانفرنس اڄ تائين جاري آهي. پاڻ حياتي تي آخري ڏينهن تائين ان شهباز
ادبي ڪانفرنس جو بنيادي ميمبر ۽ ڪنوينر رهيو. سندس ايام ڪاري ۾ بهترين ادبي
ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيا، جنهن ۾ ملڪ جي نامور اديبن عالمن شاعرن شرڪت ڪئي، پر
افسوس اهو آهي جو هن يگاني جاکوڙي انسان جي نالي سان سنڌ ۾ ڪوبه ادارو يا روڊ نه
آهي، جنهن سڄي ڄمار ادارا قائم ڪيا. تاج صاحب جا ڪيترائي ڪتاب لکيل ۽ ڇپيل آهن، جن
۾ سنڌو تهذيب، پڻي لوڪ، انگريزي ۾ منڇر ڍنڍ جي مڪمل تحقيقي جائزي سان مرتب ڪيل
ڪتاب عالمي شهرت رکي ٿو.
نيڻين ننڊ اکوڙ، ڀٽائي سرڪار جي سرن تي
مشتمل بهترين ڪتاب آهي، پر اڻلڀ آهي، ڇو ته هنن ڪتابن جا وري ڇاپا نه آيا آهن، جن
جي ضرورت آهي. سنڌ جي هن سچي عاشق کي ڀونءِ جي هر ڀينڊ سان عشق هو. ايتري قدر جو
سنڌ جي ڪچي، ڪاڇي پڪي، لاڙ سري مطلب ته ڪنڊ ڪڙڇ وڃي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن، قبرستانن
دڙن مان لڌل قديم ٺڪر پٿر گڏ ڪري طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ هڪ مني ميوزيم قائم
ڪيائين.
تاج صحرائي ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۰۲ع ۾ اسان کان وڇڙي
ٿي ويو، پر سندس ڪم، ڪردار صدين تائين زنده رهندو:
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.
(شاهه)
تاج صحرائي
برک اديب، محقق ۽ تعليمدان - ۱۳هين ورسي جي نسبت سان
تابش بخاري
۱۱ سيپٽمبر ۱۹۲۱ع سنڌجي تاريخي شهر
شڪارپور ۾ نور محمد ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ تاج محمد ميمڻ جنهن کي هنڌ ۽ سنڌ ۾
تاج صحرائي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ ۱۹۴۲ع ۾ شڪارپور هاءِ
اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪيائون اهڙي طرح بي اي ۽ بي ٽي ڪراچي مان پاس ڪيائون ان بعد
پاڻ پيغمبري پيشي يعني درس وتدريس سان سان وابسته ٿي ويا سندن شخصيت جا تمام گهڻا پهلو آهن ايئن کڻي چئجي ته
پاڻ هڪ اداري جي حيثيت رکندا هئا هڪ ئي وقت تاريخ ادب ۽ سنڌ جي قديم آثارن سان عشق
جي حد تائين دلچسپي رکندا هئا ڪراچي کان ڪشمور، ڪارونجهر کان هنگلاج تائين جا سفر
ڪيائون مطالعي کان وڌيڪ ذاتي مشاهدي کي ترجيح ڏيندا هئا ان ڪري پاڻ پنهنجي لاءِ
صحرائي تخلص پسند ڪيائون، پاڻ اعليٰ پائي جا شاعر پڻ هئا پر شاعري کي بلڪل گهٽ وقت
ڏنائو تنهن هوندي به سندن شاعري ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ملي ٿي سندس هي شعر
تمام گهڻو مشهور ٿيو.
شڪايت مان ڪيان ڪنهن کي زمانو لوڊ شيڊنگ آ،
لڳي ڪاوڙ ٿي سڀ ڪنهن کي زمانو لوڊ شيڊنگ آ
ملي زردو پلا توکي ملي مونکي سڪل ماني
تون چئو نصيبن کي زمانو لوڊشيڊنگ آ
پاڻ ۱۹۴۶ع کان شاعري شروع ڪيائون پر
تعليمي سر گرمين ۽ مصروفيتن سبب شاعري کي مڪمل وقت نه ڏئي سگهيا تاريخي تحقيقي ڪم
تمام گهڻو ڪيائون. سندن علمي خدمتن جو زنده ۽ تاريخي مثال اهو آهي ته ۱۹۵۲ع ۾ دادو شهر ۾ هڪ
تعليمي ادارو قائم ڪيائون جيڪو دادو جي معزز شخصيتن جي ساٿ سان پنهنجي مدد پاڻ جي
بنياد تي ان اسڪول جا خرچ برداش ڪيائون ۽ اهو اڄ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جي نالي
سان قائم ۽ دائم آهي جتي هاڻي ۲۰۰۰ کان مٿي شاگرد علمي اڃ اجهائي
رهيا آهن. اهڙي طرح پاڻ ۱۹۵۲ع کان ۱۹۸۱ع تائين هن اداري جا
باني هيڊ ماستر طور خدمتون سر انجام ڏنائون پاڻ بااصول ۽ بي باڪ ۽ مخلص انسان هئا
پنهنجي اداري ۾ ڪنهن به ڪاموري جي يا سياستدان جي مداخلت برداش نه ڪندا هئا سفارش
۽ ڪاپي ڪلچر جي سخت خلاف هئا اهو ئي سبب آهي جو ان وقت جي رزلٽ سئو سيڪڙو پاس ۾
ايندي هئي ۽ هن وقت تائين سندن هزارين شاگرد سنڌ ۾ ڊاڪٽر انجنيئر طور ڪم ڪري رهيا
آهن ۽ اعليٰ عهدن تي فائز آهن جن ۾ سندس فرزند ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ زرعي
يونورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ آهي.
تاج صحرائي صاحب جو ادبي خدمتون پڻ قابلي تعريف آهن ۱۹۶۲ع کان وفات تائين
قلندر شهباز ادبي ڪانفرنس جا روح روان رهيا سندس ايام ڪاري ۾ ملڪ جي برک اديبن
دانشورن عالمن پڻ هنن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ قلندر لال شهباز تي تحقيقي مقالا پيش
ڪيا. ۱۹۶۸ع ۾ دادو شهر ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري پڻ قائم
ڪيائون جيڪا هن وقت سنڌ ثقافت کاتي جي نگراني ۾ قائم آهي. ۱۹۸۱ع ۾ رني ڪوٽ تاريخي
سيمينار ڪرايائون جيڪو اڄ تائين اهم ڪارنامو سمجهو وڃي ٿو. سندس قلمي پورهئي ۾
ڪيترائي
شاهڪار ڪتاب آهن جن ۾ مقالا مضمون شامل آهن سندن پهريون
ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي ۱۹۸۹ع ۾ ڇپيو جيڪو اڄ به مثالي ڪتاب سمجهو وڃي ٿو ان
کان سواءِ
سر سارنگ، پڻي لوڪ، ۱۹۹۶ع ۾ دادو ضلعو
جاگرافي ۽ تاريخ جي آئيني ۾، کير ٿر جبل، گورڪ چوٽي ۽ انگريزي ۾ لکيل منڇر ڊنڊ تي
تحقيقي ڪتاب ليڪ منڇر اڄ تائين هڪ شهڪار ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو .زندگيءِ جي آخري
لمحن ۾ ڀٽائي جي مضمونن تي هڪ بهترين ڪتاب لکيائون “نيڻين ننڊ اکوڙ” ۲۰۰۱ع ۾.
مطلب ته هر پل قلم سان وابستا رهيا ۽ مسلسل سنڌ ۽ سنڌي
قوم لاءِ لکندا رهيا شايد ڀٽائي انهن شخصيتن لاءِ فرمائو
“جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين (شاهه)”
تاج صاحب جي رعبدار شخصيت ۽ ڀڀڪيدار آواز اڄ به منهنجي
ڪنن ۾ گونجي ٿو، سندس علمي ادبي ۽ تاريخي خدمتن جي مڃتا طور حڪومت پاڪستان طرفان ۱۹۹۱ع ۾ صدارتي ايوارڊ
سان نوازيو ويو سندن خدمتون هميشه زنده رهنديون پر افسوس جو جنهن شخصيت ادا قائم
ڪيا ان جي نالي تي سنڌ ۾ ته ڇا پر دادو ۾ به ڪو ادارو قائم نه آهي, سنڌ جي هي مهان
شخصيت ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۰۲ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي
وئي.کيس ڀيٽا ۾ استاد بخاري جون هي سٽون ارپيان ٿو
“جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو
جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو”
تاج
صحرائي
گهڻ
پاسائين شخصيت
محمد عرس ”اظهر“
سولنگي
علمي، ادبي سماجي،
ثقافتي ۽ تاريخي لحاظ کان دادو شهر نمايان، نروار ۽ منفرد آهي. هن ئي شهر ۾ ڪيترين
ئي علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي شخصيتن جنم ورتو آهي. انهن علمي ۽ ادبي خدمتون سر
انجام ڏئي دادو شهر جو نانءُ اوچو ۽ نمايان ڪيو آهي. انهن اهم شخصيتن ۾ حافظ محمد
احسن چنا، احمد مجتبيٰ، غالب ملڪاڻي، استاد بخاري، سومرو سودائي، الهنواز رڪڻائي ۽
ٻيا شاعر ۽ اديب شامل آهن. سنڌ جي ڪيترين عظيم شخصيتن اچي دادو شهر ۾ رهائش
اختيارڪئي ۽ آخري دم تائين دادو شهر ۾ رهيا ۽ دادو جا ٿي ويا. اهڙن اهم ۽ عظيم
شخصن ۾ محترم تاج صحرائي جو نانءُ نمايان اچي ٿو. هن مقالي ۾تاج صحرائي صاحب جو
مختصر تعارف ڏيئي سندس علمي ادبي، سماجي ثقافتي ۽ تاريخي حوالي سان سندس خدمتن تي
روشني وجهندس.
تاج محمد تخلص ”تاج
صحرائي“ يارهين سيپٽمبر ۱۹۲۱ع تي انور محمد
ميمڻ جي گهر شڪارپور ۾ جنم ورتو. تاج صاحب ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو
مان پرائي ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ۱۹۴۲ع ۾ پاس
ڪئي. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو. ۱۹۴۵ع تي سندس والد وفات ڪئي. والد جي وفات بعد اچي سيوهڻ ۾ استاد مقرر
ٿيو. ان کان پوءِ سيوهڻ کي ڇڏي اچي دادو رهيو.
تاج صاحب ۱۹۵۲ع ۾ دادو شهر ۾ انگريزي اسڪول قائم ڪيو. ان وقت لڏ پلاڻ ڪري هندو
دادو کي الوداع ڪري ڀارت ويا ۽ سندن هڪ ڌرمشالا جي جڳهه خالي هئي. تاج صاحب پنهنجي
دوستن سان گڏجي دادو جي ڪليڪٽر سان ملي ڌرمشالا جي جڳهه هٿ ڪري ان ۾ اسڪول قائم
ڪيو ۽ مخدوم طالب الموليٰ کي سرپرست بنائي مخدوم صاحب جي نالي تي اسڪول قائم ڪيو.
جيڪو اڄ تائين طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جي نالي سان قائم ۽ دائم آهي. هن اسڪول مان
هزارين ٻار پڙهي، اعليٰ عهدن تي اچي چڪا آهن.
تاج صحرائي صاحب
اعليٰ پائي جو اديب، شاعر، بهترين استاد، آثار قديم جو ماهر، اعليٰ پائي جو مقرر،
مهربان ۽ شفيق انسان سماج سڌارڪ ۽ سٺو، سخت ماڻهو پڻ هو. تاج صاحب سياست جي لاهن
چاڙهن کان چڱي طرح واقف هو. تاج صاحب صحافت سان به واڳيل هو، سير سياحت جو ڪوڏيو،
ڪچهري جو مور، موسيقي سان انس هيس. خاص ڪري ڪلاسيقي موسيقي سان بيحد لڳاءُ هيس.
پاڻ خوش گفتار، خوش اخلاق، خوش لباس، پهرين هو ۽ بلند اخلاق جو مالڪ پڻ هو.
تاج صاحب وڏو مقرر
هو، هو موضوع کي پنهنجي ذهانت سان خوب نڀايو ۽ هر موضوع کي بهترين نموني سان نڀائي
سامعين کي مطمئن ڪندو هو. ان ڪري سان معين هن کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا
هئا. سندس آواز، عبدار ۽ بلند هوندو هو.ان ڪري محفل تي ڇائنجي ويندو هو. هو صاحب
گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سندس علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي، تاريخي خدمتن تي
ڪجهه روشني وجهندس.
ادبي خدمتون
تاج صاحب نامور
استاد ۽ سخت انڊمنسٽريٽر به رهيو ان سان گڏ وڏو شاعر، نامور اديب محقق، تاريخدان
پڻ هو. اديب جي حيثيت سان هن ڪيترا ئي مضمون، مقالا ۽ ڪالم لکيا. جن جو تعداد ٽن
سون کان مٿي ٿيندو. سندس اڪثر مقالا ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيندا رهيا. جيڪي تحقيقي هوندا
هئا، تاج صاحب هڪ مقالو ”سر سارنگ هڪ مطالع“ لکيو، جيڪو تحقيقي هو. ان کان علاوه
”سنڌو تهذيب“ (۱۹۸۹) ”پڻي لوڪ“ (۱۹۹۶) The lake mander ۱۹۹۷، ”گورک
چوٽي“ (۱۹۹۷ع) دادو ضلعو جاگرافي ۽ تاريخ جي
آئيني ۾“ (۲۰۰۱ع) ”نيڻين ننڊ اکوڙ“ شاهه عبدالطيف
ڀٽائي رح تي کوجنائي ۽ سبق آموز مضمون (۲۰۰۱ع) ۽
ٻيا ڪيترائي مقالا ۽ خط ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل اٿس.
تاج صحرائي ”منڇر
ڍنڍ“ تي جيڪو ڪتاب لکيو آهي، اهو معلوماتي آهي. هن ڪتاب ۾ منڇر ڍنڍ جي بيهڪ جوڙ
جڪ، منڇر ڍنڍ ۾ مهاڻن جي رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ڍنڍ ۾ مڇين جا قسم، پکين جا قسم ۽
ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ گاهن بابت تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي. ان مان اسان جا اديب، محقق ۽
تاريخدان معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.
تاج صحرائي چار
مقالا، پاپائيت، ملائيت، آمريت ۽ جمهوريت لکيا هئا ۽ ڇپائڻ جي اوسيڙي ۾ هئا. پاڻ
اهي مقالا گڏ ڪري ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد ويو. پر افسوس جو اهي مقالا ڪنهن دوست وٽ
رهجي ويا ۽ اهي مقالا شايع نه ٿي سگهيا. اهو ڏک آخري دم تائين رهيس آ
پروفيسر اعجاز احمد قريشي کي عرض ڪندس ته اهي مقالا ڳولي ڇپائي. مان سمجهان ٿو ته
اعجاز قريشي صاحب پاڻ تاج صاحب جي دوستن کان معلومات ڪري ته اهي مقالا دستياب ٿي
ويندا.
تاج صحرائي صاحب ۱۹۵۴ع ۾ دوستن جي تعاون سان دادو ۾ ڪيترائي ادبي ميڙا ڪرايا. سندس ڪوشش
سان ۱۹۶۸ع ۾ دادو شهر ۾ علامه آءِ آءِ قاضي
لائبريري جو بنياد وڌو ويو. هن لائبريري ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. انهن ڪتابن
مذهبي، فقه، اسلاميات، سائنس،طب، تاريخ ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي ڪتاب موجود آهن جيڪي
عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي ٻولي ۾ موجود آهن. تاج صاحب ”سنڌ صدين کان“
سيمينار منعقد ڪرايو. جنهن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ماهر شريڪ ٿيا ۽ پنهنجا تحقيقي مقالا
پڙهي سنڌ کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، هن ۱۹۸۱ع ۾ رني
ڪوٽ تي سيمينار منعقدڪرايو. هي سيمينار رني ڪوٽ ماڳ تي ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ڏيهي
توڙي پرڏيهي ماهر شريڪ ٿيا. ۽ هن قديم ۽ تاريخي ماڳ کي پڻ متعارف ڪرايو.
تاج صاحب ۱۹۶۴ع کان شهباز ادبي ڪانفرنس جو ڪنوينر رهيو ۽ آخري دم تائين ڪنوينر
رهيو. ڪنوينر جي حيثيت سان هن ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن کي متعارف ڪرايو ڪي اهڙا
شاعر ۽ اديب هئا. جيڪي سرڪار توڙي ادبي لڏي کان وسريل هئا. انهن کي خاص دعوت نامه
ڏيئي گهرايو ويو ۽ ميلي ۾ طعام و قيام جو بهترين انتظام ڪري انهن کي عزت بخشي وئي،
مان ته اهو چوندس ته تاج صاحب کان پوءِ اديب ۽ شاعر اٻاڻڪا ٿي ويا آهن. تاج صاحب
مهمان نواز هو. سندس دسترخوان ڪشادو هو. ان ڪري وٽس ڪيترائي غير ملڪي مهمان ٿي
رهيا. انهن سان گڏجي کين ڪوهستان، ڪاڇو، منڇر ۽ لاڙ جو سير ڪرايو انهن غير ملڪي
محققن ۾ ڊاڪٽر لوئيس فليم (آمريڪا)، ڊاڪٽر مائيڪل جانسن، پروفيسر ليڊي ليگزينڊر
جانسن، ڊاڪٽر هنس لنسان (جرمن)، ڊاڪٽر جي ويرار ڊي (اٽلي)، پروفيسر ماسا توشي ۽ تاڪيشي گوتوهه ( جپان)، ۽
ايل لاويزي (سئزر لينڊ) شامل آهن.
سماجي خدمتون
تاج صحرائي صاحب
سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو آيو. ۱۹۴۲ع ۾جڏهن
بنگال ۾ ڏڪار پيو ته هن شاگردن جو جٿو وٺي بنگال ويو. اتي ڏڪار سٽيلن جي ڀرپور
خدمت ڪئي. اتي بيمار، لاچار، يتيم ٻارن، بيواهه ۽ عمر رسيده عورتن ۽ مردن جي ڀرپور
مدد ڪئي ۽ سرڪار جي ڪارندن سان ملي انهن کي کاڌو پيتو، ڪپڙا، دائون ۽ ٻيون ضرورت
جون شيون ڏڪار سٽيلن کي مهيا ڪري ڏنيون. اهو سندس ڪارنامو سونهري حروفن ۾ شامل ڪري
سگهجي ٿو. هيءُ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ اٺاويهه آڪٽوبر ٻه هزار ٻه عيسويءَ تي
لاڏاڻو ڪري ويو.
تاج صحرائي
تعليمي، ادبي ۽ تحقيقي
خدمتون
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ جا مڙئي شهر، وستي،
واهڻ، ڳوٺ ڪنهن نه ڪنهن ادبي لڏي واري صفت سان سرشار لڳا پيا آهن، شڪارپور شهر کي
اهيو اعزاز حاصل آهي جو هن جي چيڪي مٽيءَ منجهان سنڌ جا وڏن وڏن ڏاهن ۽ علم جي
اڪابرن، اديبن، شاعرن، عالمن کي پنهنجي ڪک مان جنم ڏئي پنهنجو نالو ملڪان ملڪ مشهور ڪرايو آهي، انهن سنڌ جي اديبن
منجهان تاج محمد ميمڻ پڻ هڪ آهي، جنهن ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۲۱ع ڌاري آچر ڏينهن شڪاپور جي معزز
شخصيت محترم نور محمد ميمڻ جي گهر اکيون کليون، پڙهڻ جي عمر جيترو ٿيو ته سندس پيءُ کيس اسڪول منجهه
داخل ڪرايو پاڻ ابتدائي تعلي لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي اسڪولن منجهان پرايائين، ننڍي
هوندي کان ذهين ۽ پڙهائي ۾ ڀڙ هو، سال ۱۹۴۲ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور منجهان پاس ڪيائين هن محنتي
شاگرد پڙهائي جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڪراچي شهر جو رخ ڪيو گريجوئيٽ ۽ بي _ ٽي جون سندون ڪراچي مان حاصل
ڪيائين.
سال ۱۹۴۵ع ڌاري تاج صحرائي پنهنجي شفيق پيءَ جي شفقت واري ڇانوري کان محرو ٿي ويو، تنهن بعد هو پيغمبري
پيشي درس تدريس واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو، سال ۱۹۴۸ع منجهه دادو ۾ استاد ٿي پڙهائڻ لڳو، سنڌ جي هن ڏاهي ناليواري اديب جي
سڃاڻپ ادبي لڏي منجهه هڪ شاعر طور ئي ناهي، پر هڪ ئي وقت هو تاريخدان، جاگرافيدان،
محقق، ماهر آثار قديمه، صحافي واري سمورين صفتن جو مالڪ هو، پاڻ شاگردي واري زماني ۾ سياست ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ان زماني
۾ سال ۱۹۴۳ع ڌاري خاڪسار تحريڪ جي برجستي
ڪارڪنن ۾ سندس شمار ٿيندو هيس، پاڻ تحريڪ آزادي واري دور (زماني) سال ۱۹۴۷ع منجهه ۱۰ آگسٽ کان ۲۶ ڊسمبر تائين دهلي هندستان جي جيل ۾ قيد ڪاٽي آيو تاج صحرائي صاحب هڪ تمام
وڏو تاريخدان هو پاڻ سال ۱۹۴۸ع ڌاري
صحافت واري دنيا ۾ پير پاتائين، ان زماني ۾ ۾دادو منجهان هفتيوار اخبار (آزاد)
نالي جاري ڪرائي دادو واسين جي علمي، ادبي معلومات ۾ شاندار وک کڻي شعور جو ڏيئو
روشن ڪيائين مرحوم تاج صحرائي کي سير
۽ تفريح سان دلي لڳاءُ هيس ان سلسلي ۾ سنڌ
جي تاريخي ماڳن، ڪوٽن، قلعن، ٿر، بحرن، جبلن، ڍنڍن، ڍورن، قديم ماڳن، جا نظارا پسي
پوءِ پنهنجي ڏات سان انهن کي ڪتابن جي صورت ۾ محفوظ ڪيائين سندس لکيل تحقيقي مقالا
اسان سنڌ واسين کي روشنيءَ جي راهه ڏيکارين ٿا. تاج صحرائي صاحب علم ادب جو هڪ ڏاهو
انسان ٿي گذريو آهي تعليم جي سلسلي ۾ هو مڙني سنڌي اديبن کان اڳرو هو، سندس سنڌ ۽
سنڌ واسين سان نهايت دلي پيار هوندو هو، هن هي نئين نسل کي تعليم جهڙي زيور سان
سرشار ڏسڻ پئي چاهيو، سال ۱۹۵۶ع ڌاري
سندس من ۾ هڪ تعليمي اداري کولڻ جو شوق جاڳيو پوءِ ترت دادو شهر منجهه (طالب الموليٰ) جي نالي سان
هڪ هاءِ اسڪول جو پايو وڌائين ان نيڪ مقصد منجهه دادو جي اڳوڻي آفيسر ڪليڪٽر سيد
مدد علي شاهه صاحب به ساڻس هٿ ونڊرايو پاڻ ان سهڻي ۽ ساراهه جوڳي عمل ۽ مقصد ۾
ڪامياب ويو جتي هزارين غريبن جي ٻارن کي هڪ بهترين اداري ۾ تعليم پرائڻ جو موقعو
ميسر ٿيو، تاج صحرائي جي ان نيڪ مقصد جي طفيل دادو ۽ ان جي آسپاس جا ڪيترا ئي
نوجوان تعليم پرائي مقابلي جي امتحانن ۾ ويهي ڊاڪٽر بڻجي ويا ته ڪيئي انجنئير،
ڪيترا ئي جج ڪيئي وڪيل ڪيترا ئي بيوروڪريٽ اعلي عهدن تي ڪم ڪندي نظر آيا. تاج
صحرائي صاحب تعليم ۾ ڪاپي ڪلچر جو نهايت مخالف هوندو هو ڪاپي ڪلچر کي تعليم لاءِ
ناسور سمجهندو هو، سنڌ جو هي ڏاهو اديب هميشه علمي، ادبي، خدمت ۾ يقين رکندڙ انسان
هو. هي دادو واسين جي هميشه خدمت ڪندي نظر آيو، سندس هڪ ٻيو اهم ڪارنامو اهو هو ته
ان زماني ۾ دادو شهر ۾ ڪابه لائبريري نه هوندي هئي هن پاڻ پتوڙي، علام آءِ آءِ
قاضي جي نالي سان منسوب ڪري هڪ بهترين لائبريري جو وجود وجهي سونهري اکرن ۾ پنهنجو
نالو هميشه لاءِ لکرائي ويو. اها لائبريري ضلعي دادو جي سڀني لائبريرن منجهان هڪ
شاندار وڏي لئبريري پڻ آهي جنهن ۾ هزارن
جي تعداد ۾ شاگرد علمي، ادبي، سائنسي، مذهبي ڄاڻ پرائي پنهنجي زندگي جي مقصدن ۾
ڪامياب ٿيندي نظر اچن ٿا، اها لائبريري هاڻ سنڌ ثقافت کاتي جي نگراني منجهه هلي
رهي آهي، تاج صحرائي صاحب کي لاڙ ميوزم جي طرز جهڙو دادو ۾ ميوزم ٺهرائڻ جو خواب
هوندو هو پر سندس اهو خواب پورو نه ٿي سگهي، هن عظيم اديب، تاريخدان، اديب کي لعل
قلندر شهباز جي علمي، ادبي ۽ سندس فڪر جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ جو فڪر هميشه من
منجهه رهندو هو، جيتوڻڪ سال ۱۹۶۲ع ڌاري
(شهباز ادبي ڪانفرنس) ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتائين، ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن
تائين اها ادبي ڪانفرنس ٿيندي رهي ٿي جتي سنڌ جا اديب هر سال لعل شهباز قلندر جي عرس
جي موقعي تي ادبي ۽ علمي روشني ۽ ڀيٽا پيش ڪندا رهن ٿا، سونهاري سنڌ جو هي لائق
اديب علم جو اڪابر پاڻ (شهباز ادبي ڪانفرنس) جو پايو وجهندڙ ميمبرن منجهان ۽
ڪنوينر پڻ رهيو، پاڻ سال ۱۹۷۱ع کان
هڪ سال لاءِ سنڌ ميوزم حيدرآباد جو پهرئين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪندو
رهيو، پاڻ ڪيترن ئي سيمنارن ۽ ادبي مشاعرن ۾ سرگرم ٿي حصو وٺندو رهندو هو، سندس
لاءِ اها اعزاز جهڙي ڳالهه آهي ته پاڻ ۱۹۷۷ع ڌاري لبيا ملڪ جي گاڌي واري شهر “ٽريپولي”
منجهه سڄي دنيا جي ملڪن جي نمائندن استادن (ماسترن) جي وڏي ميڙ ۾ حڪومت پاڪستان جي
واحد نمائندي طور شرڪت ڪئي، تاج صحرائي
صاحب سال ۱۹۸۱ع ڌاري درس تدريس واري شعبي
منجهان سرڪاري عمر جي حد پوري ڪندي رٽائرمينٽ ورتي، ان زماني يعني سال ۱۹۸۱ع منجهه (رني ڪوٽ) تي هڪ شاندار سيمينار جو بندوبست ڪري دنيا جي محققن کي
دعوتون ڏئي سنڌ اندر گهرائي آثار قديمه جي بچاءَ ۽ انهن جي اهميت بابت آگاهي ورتي،
تنهن بعد آثار قديمه کي دنيا جي ٻين ملڪن منجهه پذرائي پڻ ملي، تاج صحرائي صاحب
شروعات کان وٺي زندگي جي آخري عمر تائين لعل شهباز ميلي ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ رهيو
سندس هميشه خواهش هوندي هئي ته شهباز ايوارڊ ڪڏهن نه ڪڏهن حقدار ٿيندس، تاج صحرائي
صاحب جي اميد پڻ پوري ٿي، زندگي جي آخري عمر ۾ کيس شهباز ايوارڊ پڻ حصي ۾ مليو،
تاج صحرائي صاحب نظم ۽ نثر پڻ زبردست نموني ۾ لکيو شاعري جي صنفن منجهان غزل ۽ نظم
لکڻ جو وڏو ڍنگ هوندو هيس پاڻ شاعري واري زبان سان ٻڌائي ٿو ته:.
زندگي جي دراز پلڪن تي، حادثن
جو غبار ايندو آ
همسفر تيز گام ٿي اڳيان، ميڪدي
۾ قرار ايندو آ.
محترم تاج صحرائي صاحب نثر لکڻ
جو به ڪوڏيو هو هن جا ڪيترا ئي تحقيقي مضمون، مقالا سنڌي زبان کان علاوه انگريزي
زبان ۾ ڇپجي سنڌي ادب جي سونهن ۾ وڌارو پڻ ڪيو سندس ادبي پورهيو به لاجواب ۽
شاندار ۽ وڻندڙ آهي، پاڻ سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترا ئي ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي زينت ۾
وڌارو ڪرايو ڪتابن منجهان قلندر لعل سيوهاڻي، تصوير درد، سنڌو تهذيب، دادو
ضلعو-جاگرافي ۽ تاريخي آئيني ۾، کيرٿر جبل، (ليڪ منڇر انگريزي ۾) نيئين ننڊ اکوڙ
(لطيفيات) سر سارنگ مقالو، گورک چوٽي مقالو، ان کان علاوه پڻ ٻيا ڪتاب لکي پنهنجو
نالو نروار ڪيائين، سنڌ جي هن ڏاهي جفاڪش استاد، شاعر، تاريخدان، ۽ بهترين
آرڪيالاجسٽ ۽ اديب کي زندگي ۾ ڪيترن ئي انعامن ايوارڊن سان نوازيو ويو، سندس کي حڪومت
پاڪستان پاران (تمغه حسن ڪارڪردگي) جهڙي ايوارڊ سان پڻ نوازيو، سونهاري سنڌ جو هي
عظيم خدمتگار اديب سڀني ادبي ڪمن منجهان هٿ ڪڍي هي رنگا به رنگي دنيا جي سنسار کي
ڇڏي زندگي جون ايڪاسي بهارون ھڪ مهينو ۽ سترھن ڏينهن گذاري سومر ڏينهن دارالبقاءَ
ڏانهن هميشه لاءِ راهي ٿي ويو، سندس ۲۸
آڪٽوبر تي چوڏهين ورسي ملهائي ويندي، سندس مزار دادو شهر ۾ آهي. منهنجي سنڌ حڪومت
جي ثقافت کاتي کي نماڻي گذارش آهي ته سنڌ جي سڀني ڏاهن اديبن ۽ ادبي خدمت رکندڙ
مڙني شخصيتن جي ورسي سرڪاري سطح تي پاڻ مرادو ملهائڻ گهرجي.
تاج صحرائي
سنڌ جو اڻموٽ سپاهي
پروفيسر اعجاز
قريشي
جڏهن مخمور ٿي ساقي، ڪيو
برخواست محفل کي!
تاج صحرائي سائين اصل ۾ ته شڪارپور
جو هو پر ڦوهه جوانيءَ ۾ دادوءَ لڏي آيو. اهو ۱۹۵۰ع وارو زمانو هو. اچي اسان جي گهر جي ڀرسان گهر ورتائين. سندس در اسان جي
در سان مليل هو. ان زماني ۾ تاج صحرائي لکڻ پڙهڻ سان ته لاڳاپيل هو، پر سندس سڃاڻپ
هڪ اسڪالر يا محقق واري نه، پر شاعر جي هئي. اسان جي والد محترم علي احمد قريشي (وڪيل)
سان سندس پڪي پختي دوستي ٿي، گهرو واسطا قائم ٿيا ۽ اسين جيڪي ان وقت بنهه ٻار
هئاسين، کيس چاچا ڪري سڏيندا هئاسين. تاج صحرائي صاحب ۽ اسان جي والد محترم جي
دوستيءَ جو ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پنجاهه ورهين تائين هو جڏهن به دادوءَ ۾
هوندو هو ته اسان جو والد محترم ۽ پاڻ بنا ناغي روزانو ملندا رهندا هئا.
تاج صحرائي صاحب جاکوڙي ۽ باعمل
ماڻهو هو. هن دادوءَ جي نوجوانن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول
قائم ڪيو. ان اسڪول دادوءَ جي نوجوانن جو آئيندو اجارڻ ۽ نوان گس ڏيڻ ۾ بنيادي
ڪردار ادا ڪيو ۽ اڃا به اهو اسڪول، هڪ نيشنلائيزڊ اسڪول طور لاڀائتو فرض ادا ڪري
رهيو آهي. ان اسڪول ۾ آئون به پڙهيس. مون کي تاج صحرائي صاحب جي شاگرد هئڻ جو شرف حاصل
آهي.
ان وقت دادو شهر تعليم ۽ علم
ادب جي لحاظ کان اڃا بانبڙا پائي رهيو هو. ان ئي شيءِ کي ڏسندي ۽ ڄاڻندي، ان وقت
جي ڪجهه ڏاهن هن شهر جي تقدير تبديل ڪرڻ جو سوچيو ۽ چار يار مشهور ٿيا جن ۾ تاج
صحرائي، علي احمد قريشي وڪيل، شفيع محمد سولنگي، الله رکيو سهتو، ساڻن محترم ابوبڪر
مگسي به گڏ هو. اهي سڀ ماڻهو ترقي پسند، روشن خيال ۽ تبديلي پسند هئا، انڪري پُراڻ
پسند قوتون انهن جي ٽڪراءَ ۾ آيون. ان وقت جي نوجوانن کي انهن ماڻهن جي ويجهي وڃڻ
کان روڪيو ويندو هو ۽ کين اهو چيو ويندو هو ته ڪوبه انهن جي ويجهو ويندو، ته اهو دوزخ
جي باهه ۾ سڙندو ۽ قبر جي عذاب ۾ مبتلا ٿيندو. پر دادوءَ جي نوجوانن ڏٺو ته هنن ماڻهن
۾ مَڻيا آهي، اهي ڏاتار آهن، رهنما آهن ۽ پنهنجي ڪردار ۽ گفتار ۾ نهايت سچا ۽ کرا
آهن، انڪري نوجوان نسل سندن صحبت کي اولين ترجيح ڏني، ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته
انهن ڏاهن استادن جي ڏسيل واٽن، عمل، سوچن، خيالن ۽ انهن جي قائم ڪيل ادارن ڪيترن
ئي نوجوانن جي ذهنن جي زمين کي زرخيز ڪري ڇڏيو ۽ اڄ انهن جي رهنمائي، شفقت ۽
اتساهه سبب اهي سنڌ جي ڪيترن ئي سماجي ۽ سياسي پليٽ فارمن تان خدمتون سرانجام ڏيئي
رهيا آهن.
جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته تاج
صحرائي صاحب جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري هئي، پر ان دؤران مختلف وقتن تي تحقيق،
تاريخ ۽ خاص طور تي تاريخي ماڳن مڪانن تي ننڍا وڏا مضمون ۽ مقالا پڻ لکندو رهيو. اڳتي
هلي خاص طور تي استاد جي حيثيت سان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ پنهنجين سوچن ۽ صلاحيتن
کي نئين گس سان ڳنڍيائين. تاج صحرائي صاحب ان ميدان ۾ پاڻ موکيو ۽ ملهايو. هن تحقيق
۽ تاريخ تي لکڻ جي سلسلي ۾ روايتي طريقي يعني فقط ڪتابن جا حوالا کڻي نه لکيو پر
پاڻ جهر جهنگ رليو، جبل جهاڳيائين، وسنديون واهڻ ۽ ويرانا وڃي جاچي ڏٺائين. ڪيترن
ئي مهمن ۽ سفرن دوران آئون به ساڻس گڏ رهيس. اها منهنجي تمام وڏي خوشنصيبي آهي، جو
سنڌ جي هيڏي وڏي محقق سان منهنجي ويجهڙائي رهي ۽ مون هن کي بيحد ويجهڙائي کان ڏٺو ۽
سندس ڪم جي طريقي کي سمجهيو. هو سدائين حقيقتن جو اڃارو ۽ ڳولائو هو ۽ پنهنجي ذمي
ڪيل هر ڪم سان نڀائيندو هو. اسين جڏهن تاج صحرائي جي تحقيقي لکتن کي پڙهڻ وڃون ٿا،
ته اهو ڏسي حيران ٿي وڃون ٿا ته هن ماڻهوءَ ڪيترو نه ڪتابن کي پڙهيو آهي، ۽ انهن
مان پنهنجي ڪم جي شين جا حوالا کنيا آهن. ان مان سندس مطالعي جي گهرائيءَ ۽ وسعت
جي پروڙ پوي ٿي ته ٻئي پاسي هو تيار ڪيل تحقيقي مقالي يا مضمون لاءِ حوالي طور
کنيل مددي ڪتابن جي فهرست به ڏئي ٿو. جنهن مان مقالي پڙهندڙ ۽ خود تحقيق جو شوق رکندڙن
۽ شاگردن جي رهنمائي به ٿئي ٿي. ڪتابن جي حوالن جون ايڏيون ڊگهيون فهرستون اسان کي
سنڌيءَ جي ٻئي ڪنهن به محقق جي مقالي ۾ نٿيون ملن. ان سلسلي ۾ تاج صحرائيءَ صاحب
جي ڀيٽ ۾ فقط پروفيسر چيتن ماڙيوالا ۽ پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا کي آڻي سگهجي ٿو. سندس
ڪتاب “سنڌو تهذيب” اهڙي ئي جدوجهد ۽ جاکوڙ جو نتيجو آهي. پاڻ ڪڏهن به تاريخ ۽
تحقيق جي سلسلي ۾ “پر” ۽ “جيڪڏهن” جھڙن لفظن جو قائل نه هو. هو فقط ثابتي کي اڳيان
رکندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس ڏنل ڪتابن ۾ بيش بها مواد سان گڏ اسان کي ڪيترا
ئي نقشا، انڊيڪسون ۽ تصويرون وغيره پڻ ملن ٿيون.
تاج صحرائي صاحب نه فقط مضمون ۽
مقالا لکيا پر آرڪيالاجيءَ جي سلسلي ۾ پاڻ ڪيترا ئي ليڪچر ۽ تقريرون ڪندو رهيو. ان
سلسلي ۾ حوالي طور سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي ڏنل ليڪچرن جو
ذڪر ڪري سگهجي ٿو، جن کي بعد ۾ ٽرسٽ ڇپائي پڌرو ڪيو.
هيءَ ڌرتي پنهنجي ترقيءَ ۽ اؤسر
جي هر دور ۾ سماجي توڻي فطري نموني، ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي مرحلن مان گذري آهي ۽ اهو سلسلو اڄ
به جاري آهي. اسين جڏهن انسان ذات جي حاصلات، ڪاميابين ۽ ڪارنامن تي نظر وجهون ٿا
ته ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي ته اڄ جو انسان ڌرتيءَ جو دائرو ٽوڙي خلائن کي فتح ڪرڻ جي سوچ
۾ رڌل آهي. بيشڪ اڄوڪو انسان گهڻو همٿ ڀريو، مُهَم جُو ۽ محنتي آهي، پنهنجي آزادي،
عمل ۽ جدوجهد ۾ هو ثابت قدم آهي. اَنهن سڀني شين هوندي اها حقيقت آهي ته انسان،
تاريخي اؤسر ۽ ارتقا جي مختلف مرحلن تي ڪيترا ئي خال ۽ کوٽون ڇڏيندو آيو آهي؛ جيڪي
اڄ هڪ وڏي ڍير جي صورت ۾ موجود آهن. کوٽن ۽ خامين جو اهو ڍير هاڻ عالمگير ڏک ۽ تڪليف
۾ تبديل ٿي ويو آهي. دنيا جون سڀ انسان دوست ڌريون اهڙي عالمگير ڏک ۽ تڪليف کي
گهٽائڻ ۽ گهٽائي بلڪل ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن. اهي تڪليفون جيڪي هن وقت پنهنجي
هماگيريت سان، سڄي دنيا جي ننڍن ملڪن جي وڏين قوتن هٿان يرغمال ٿيڻ توڻي مذهبي،
نسلي ۽ علائقائي تضاد وغيره مان جاچي سگھجن ٿيون.
هن وقت سنڌ به اهڙي عالمگير صورتحال
۾ ساهه کڻي رهي آهي، هتي به دنيا جي ٻين پٺتي پيل سماجن جهڙا انيڪ مسئلا ۽ سماجي
وبائون موجود آهن ۽ سنڌي قوم هن ڌرتيءَ جي گولي تي، دنيا جي انيڪ قومن وانگر، پنهنجي
وجود جي بقا واري جنگ وڙهي رهي آهي. هتي سماجي، سياسي توڻي اقتصادي طور، تعمير ۽
تخريب واريون قوتون موجود آهن. ان ٺهڻ ۽ ڊهڻ واري انتهائي نازڪ موڙ تي، سنڌ ۽ سنڌي
ماڻهن کي، اهڙن ادارن ۽ فردن جي گهرج آهي، جيڪي خير، خوبي، محنت، سچائي ۽ جاکوڙ ۾
يقين رکندا هجن؛ جيڪي پنهنجي ڪامل سچائي ۽ مضبوط ارادي ۽ بصيرت سان، مخالف قوتن
سان ٽڪرائجڻ جي صلاحيت رکندا هجن. هڪ پاسي سنڌ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ ثقافتي
صورتحال اها تقاضا ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي ٽارين تان مند کان اڳي ڪيئي گلاب
ڇڻي رهيا آهن. ڪيئي آديسي اٿي هليا آهن؛ ۽ اڄ جڏهن اسين هتي گڏ ٿيا آهيون ته تاج
صحرائيءَ جي نالي ۾، جيڪو پڻ اسان کي ڇڏي ويو آهي ته بي اختيار چپن تي لطيف سرڪار
جو بيت اچي وڃي ٿو:
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان
ري! (شاھ)
تاج صحرائي صاحب سنڌ جو اڻموٽ
سپاهي هو، جنهن پنهنجي زندگي وطن تان نڇاور ڪري ڇڏي. هو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن
تان سنڌ جي بقا جي ويڙھ وڙهندو رهيو ۽ سدائين هر اول دستي ۾ رهيو. هو پنهنجيءَ ذات
۾، هڪ ئي وقت تاريخدان، اديب، جاگرافيدان، اينٿرا پالاجسٽ، سماجي علمن جو ماهر ۽ استاد
هو. آئون کيس مرحوم نه سڏيندس، ڇاڪاڻ ته هو جسماني طور نه سهي پر روحاني طور اسان
سان گڏ آهي. سندس زندگيءَ جو نمونو، عمل ۽ ڪم اسان سان گڏ آهي، جيڪو سدائين هن جي
ساٿ جو احساس ڏياريندو رهندو.
تاج صحرائي
سنڌ جو ڏاهو ۽
محقق
پروفيسر اعجاز قريشي
محترم تاج صحرائي سنڌ جو هڪ انتهائي ڏاهو جاکوڙي ۽ قدآور
عالم ۽ محقق ٿي گذريو آهي، تاج صحرائي صاحب جو پورو نالو تاج محمد ميمڻ آهي، پاڻ ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۱ع تي شڪارپور ۾ ڄائو
۽ بعد ۾ سندس والد جي سيوهڻ ۾ اچڻ جي ڪري پاڻ دادو شهر ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو ۽ پڇاڙي
تائين دادوءَ ۾ ئي رهيو ۽ ۸۱ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۰۲ع ۾ وفات ڪيائين، ٻي
مها ڀاري جنگ جي زماني ۾ پاڻ خاڪسار تحريڪ ۾ سالار ڀرتي ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ خاڪسار
تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتائين ۽ انهيءَ دور ۾ جڏهن بنگال ۾ ڏڪار پيو ۽ خاڪسارن جو جٿو
هتان بنگال ويو ته تاج صاحب به انهن سان گڏ
ڏڪاريل ماڻهن جي مدد لاءِ اُتي پهتو.
ٿوري وقت کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو ۽ خاڪسارن
جا جٿا دهلي ويا ۽ ورهاڱي جي خلاف نعرا هنيا ۽ خاڪسارن کي جيل ۾ وڌو ويو، تاج صاحب
به گرفتار ٿيو ۽ جلد ئي پوءِ هي آزاد ٿي سيوهڻ ۾ اچي رهيو، انهيءَ دوران هن بي،اي
پاس ڪيو ۽ سيوهڻ ۾ سنڌي ماستر ٿيو، پر کيس تعليم سان تمام گهڻو شوق ۽ لڳاءُ هيو ۽
سندس خيال هيو ته ڪو اسڪول قائم ڪجي، پوءِ سندس ڪجهه دوستن جن ۾ احمد خان لانگاهه
وڪيل، علي احمد قريشي وڪيل، شفيع محمد آخوند وڪيل، سيٺ شمس الدين ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا،
تن هن کي دادو گهرايو ۽ هنن گڏجي هڪ سنڌي اخبار ڪڍي جنهن جو هن کي ايڊيٽر مقرر ڪيو
ويو، ان ئي دوران انهن سڀني دوستن گڏجي دادو ايجوڪيشنل سوسائٽي جو بنياد وڌو ان
تحت هڪ ننڍو اسڪول قائم ڪيو ويو جيڪو پنجن
درجن تائين هئو، بهرحال آهستي آهستي اسڪول وڌندو ويو، دوستن وٽ پئسا گهٽ هئا پر پنهنجي
هڙان وڙان اسڪول هلائيندا رهيا، پهرين هي اسڪول هڪ ننڍي سرڪاري بلڊنگ ۾ کوليو ويو،
بعد ۾ جڏهن اسڪول وڌيو ته مخدوم صاحب الموليٰ محمد زمان سان هنن ذڪر ڪيو، جنهن هنن
کي ان زماني ۾ ڏهه هزار رپيا امداد ڏنا ۽ اسڪول جو نالو سائين جي نالي پويان رکيو
ويو، تاج صحرائي صاحب جيئن ته تمام جاکوڙي ماڻهو محقق پنهنجي انهن دوستن سان گڏ اسڪول
کي تمام مٿي کڻي ويو ۽ اسڪول تمام بهرين نموني هلڻ لڳو ۽ اڃا تائين دادوءَ ۾ بهترين
نموني سان هلي رهيو آهي.
تاج صحرائي صاحب کي تعليم سان گڏوگڏ، آرڪيالاجي، جاگرافي
۽ تاريخ سان تمام دلچسپي هئي، دادو ضلعي جي قديم آثارن تي پاڻ هڪ اٿارٽي هئو ۽ انهن
بابت تمام گهڻو لکيو اٿائين، ان سان گڏ منڇر ڍنڍ سان سندس انتهادرجي جي محبت رهي
آهي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ هڪ شاندار ڪتاب لکيائين جنهن بين القوامي مڃتا ماڻي، ان
ڪتاب جو پهريون ڇاپو هن پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ڇپايو. ان جو ٻيو ڇاپو چند سال اڳ
سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي، ان کان سواءِ سنڌو تهذيب تي هڪ وڏو ڪتاب، دادو ضلعي جي
تاريخ، جاگرافي، قديم آثارن، نئين گاج ڪائي، نئنگ، ٻنڌڙي، رني ڪوٽ، يڻي لوڪ وغيره تي
تمام گهڻو لکيو اٿائين پاڻ رني ڪوٽ تي به هڪ بين القوامي سيمينار ڪرايائين، تاج
صاحب دادو ضلعي جي قديم آثارن تي پنڌ هلي تحقيق ڪئي ۽ منڇر ڍنڍ تي ڪيئي دفعا وڃي
رهيو ۽ ملاحن سان ملي انهن جي حالتن ۽ مسئلن تي به لکيو. تاج صاحب کي قلندر شهباز
۽ ان جي شاعري سان به تمام گهڻو لڳاءُ هيو ۽ پاڻ عمر جو ڪافي حصو قلندر شهباز ڪميٽي
جو سيڪريٽري پڻ رهيو، دادوءَ ۾ هن علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري قائم ڪئي ۽ ان سان
گڏ دادو هسٽاريڪل سوسائٽي پڻ قائم ڪئي.
هتي اِهو ٻڌائڻ پڻ ضروري آهي ته پاڻ هڪ بهترين ۽ پختو
شاعر پڻ هيو، نموني خاطر سندس چند شعر هتي پيش ڪجن ٿا.
ڪڏهن درنار نچنداسين، ڪڏهن برخار نچنداسين
قلندر تنهنجي نگريءَ ۾ سربازار نچنداسين
اسان جو عشق مذهب آ، اسان ڪل خير جا قائل
کڻي گهنگهرو، ٻڌي ڇيريون، اسين هروار نچنداسين
زبان ڪٽجي ته ڪٽجي، سر قلم ٿيندو ته ڇا ٿيندو
ضمير آدميت کي ڪري بيدار نچنداسين
*******
حادثن جي خوف کان غمگين نه ٿي تون نوجوان،
پاسي حرمان سان لڙڻ آ تنهنجي فطرت نوجوان،
تون امام، انقلاب آهين زماني جو مدام،
قابل تسليم آهي، تنهنجي همت نوجوان،
پيشرو ۽ راهبر، تون تاجُ آهين قوم جو،
غم سهڻ ۽ ڏک سهڻ، تنهنجي دولت نوجوان،
اڃا تقدير جو ماتم، اڃا زندان باقي آ
اڃا فطرت نه بدلي آ، اڃا ارمان باقي آ،
سفينن سان ٿو ٽڪرائي، اڃا ڪوفان باقي آ.
توکي فرصت ڪٿي آهي، مون کي مهلت ڪٿي آهي،
شب تاريڪ جي ڪارنهن گهٽائيندس، مٽائيندس.
جهان جي ذري ذري کي اڀاريندس، نواريندس.
متاع علم دانش کي وڌائيندس، ورهائيندس،
توکي فرصت ملي ويندي، مون کي مهلت ملي ويندي!
*******
تاج صحرائي سنڌ جو هڪ اهڙو يگانو عالم هئو.
تاج صاحب جي جدو جهد ۽ جاکوڙ سنڌ جي نوجوان لاءِ سدائين
روشني وانگر رهندي جنهن تي سنڌ جي نوجوانن کي عمل ڪرڻ گهرجي، هتي اِها ڳالهه ٻڌائڻ
ضروري آهي ته تاج صاحب جو ڪافي مواد اڻ ڇپيل آهي ۽ سندس ڇپيل مواد ۽ ڪتاب ختم ٿي چڪا
آهن، آءُ سنڌ جي ثقافت کاتي کي اِها گذارش ڪندس ته سندس سڄي مواد کي گڏ ڪري سهيڙي
ڇپرائي ته جيئن هڪ وڏي عالم جو عالمي، ادبي سرمايو هڪ جائتو ٿي سگهي.
تاج صحرائي
ھڪ گھڻ رُخي شخصيت - ورسيءَ
جي مناسبت سان
غلام مرتضيٰ
چانڊيو
انسان پنھنجي صفت
سان سڃاتو ويندو آھي، ڌرتيءَ تي ڪجھ انسان سڄي ڄمار انسانيت جي خدمت کي ارپي
ڇڏيندا آھن، جيڪي پنھنجي تحقيق ۽ تخليق سان تاريخ مٿان حاوي ٿي وڃن ٿا، پر اسان جي
سماج ۾ اھڙي انسانن جو قدر تنھن وقت ٿيندو آھي، جڏھن ھو پنھنجي حقيقي رب سان وڃي ملندا
آھن، سنڌ ۾ اھڙن ڪيترن ئي املھ شخصيتن جنم ورتو، جن پنھنجي سڄي ڄمار وطن سان وفائي،
بني آدم ۽ علم جي پکيڙ کي ارپي ڇڏي، اھڙي قيمتي شخصيتن ۾ تاج صحرائي ھڪ مثالي ڪردار
آهي.
تاج صحرائي سنڌ جي پراڻي
پيرس يعني شڪارپور ۾ نور محمد ميمڻ جي گھر ۱۱ سيپٽمبر سن ۱۹۲۱ ۾ جنم ورتو، جڏھن ته ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ئي حاصل
ڪئي، جنھن بعد سندس خاندان ضلعي دادو ۾ رھائش اختيار ڪئي، ھن پنھنجي ڄمار جو ھڪ
وڏو حصو تاريخ، آثارِ قديمه ۽ ادب کي ارپيو آھي، ھن تاريخ ۽ تخليق جي ڪم جي شروعات
سن ۱۹۴۰ کان ڪئي، ھو طالب الموليٰ گورنمينٽ ڊگري اسڪول دادو جو باني ھو، کيس ۱۹۵۲ ۾ ان اسڪول جو ھيڊماستر مقرر ڪيو ويو، جتان
ھيڊماستر جي عھدي تان ئي رٽائر ٿيو، تاج صحرائي پنھنجي انيڪ ڪوششن عيوض دادو شھر ۾
سرڪاري سطح تي علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري قائم ڪرائي، جنھن مان ڪيترا ئي ادب ۽ علم
سان تعلق رکندڙ ماڻھن توڙي شاگردن جو ڪتابن سان گھرو ڳانڍاپو قائم رھيو آھي، دادو
جي رھواسي ھجڻ جي ناتي تاج صحرائي کي قلندر لعل شھباز قلندر جي ميلا ڪاميٽي جو مستقل
ميمبر مقرر ڪيو ويو، پاڻ آخري دم تائين ميلا ڪاميٽي جو ڪنوينر رھيو، جنھن پنھنجي
فرض کي سٺي ريت سرانجام ڏنو، ھن ۱۹۷۸ دوران لبيا جي شھر ٽپولي ۾ ڪوٺايل ٽين دنيا جي استادن
واري عالمي ڪانگريس ۾ پاڪستان سرڪار سان گڏ وفد طور شرڪت ڪئي، جيڪو پڻ ھڪ وڏو اعزاز
آھي، ھي عظيم شخصيت جو مالڪ ھڪ بھترين شاعر پڻ آھي، ھو ڪيترن ئي ڪالمن جو پڻ ليکڪ
آھي جيڪي مختلف وقتن ۾ شايع ٿيندا رھيا آھن، تاج صحرائي صاحب تاريخ، آثارِ قديمه ادب
تي سنڌي ۽ انگريزي زبان ۾ ڪيترا ئي ڪتاب ۽ مضمون لکيا آھن، سندس لکيل ڪتابن منجھان
ڪجھ ڪتاب جن ۾ “تصور درد، سُر سارنگ جو مطالعو، سنڌو تھذيب، پَڻِي لوڪ، گورک چوٽي،
ليڪ منڇر (ڇپيل سنڌي ادبي بورڊ) نيڻن ننڊ اگھور” تمام گھڻي اھميت جا حامل آھن، کيس
ادبي خدمتن عيوض سن ۱۹۹۱ ۾ حڪومتِ پاڪستان پرائيڊ آف پرفارمنس جي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو، صحرائي
صاحب جي پروفيشن ڏانھن نظر ڦيرائجي ته ھو ھڪ استاد ھو، جيڪو ٻارن کي تعليم ڏيڻ سان
گڏوگڏ اسڪول جو ھيڊماستر يعني انتظامي معاملا پڻ سندس ذمي ھجن، اھي سڀ فرض
ايمانداري سان نڀائڻ بعد ھو سيلاني ٿي سير سفر ۾ به وڏي دلچسپي رکندو ھو، يقينن اھو
ھڪ وڏو ڏکيو ڪم ھجي ٿو. ان ڳالھ جو اندازو سندس گورک چوٽي تي لکيل ڪتاب مان لڳائي
سگھجي ٿو، جنھن خاص طور تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومتِ وقت جو گورک جي چوٽي طرف ڌيان
ڇڪايو آھي، ته جيئن ملڪ جي اترين علائقي يعني ڪوھ مري، ناران ڪاغان ۽ ٻين سياحتي
مرڪز بڻيل جائين جيان اسان جي سنڌ جي خوبصورت ۽ ٿڌي (گورک چوٽي) علائقي کي به
سياحتي جو مرڪز بڻائي ۽ پذيرائي حاصل ڪرائي سگھجي، ھي مثالي ۽ گھڻ رُخي شخصيت ۲۸ آڪٽوبر سن ۲۰۰۲ ۾ اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي وئي، سندس آخري آرامگاھ ضلعي دادو علائقي ۾ آھي،
اسان سڀني کي ھن املھ ماڻھو جي ڪيل تحقيقي ڪم مان لاڀ حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ اڄ سندس ورسي
جي موقعي تي آئون ڌڻي تعاليٰ جي درٻار ۾ دعاگو آھيان ته خداوند تعاليٰ کيس جنت
الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
تاج صحرائي
سنڌ جو هڪ انمول ڪردار
مصطفيٰ جتوئي
سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا
نامور ڪردار پيدا ٿيا آهن جن مختلف شعبن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي. جن منجهان سائين
تاج صحرائي پڻ هڪ آهي. تاج صحرائي صاحب ۲۰ هين صديءَ جو سنڌ جو برک اديب، قديم آثارن جو ڄاڻو ۽ محقق
ٿي گذريو آهي. هو هڪ ئي وقت اديب، شاعر، تعليم دان، صحافي ۽ آرڪيالاجي جي ماهر هئڻ
سان گڏوگڏ قومي درد رکندڙ انسان هو.
تاج محمد ولد
نورمحمد ميمڻ ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۲۱ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سائين تاج صاحب ۱۹۴۲ع ۾ شڪارپور مان ڪراچي آيو جتي هن سنڌ مدرسته
الاسلام ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. پنهنجي ادبي سڃاڻپ لاءِ “صحرائي” جي نالي سان لکڻ
شروع ڪيو. جڏهن ته سياست ۽ سماجي سرگرمين ۾ به کين گهري دلچسپي هئي.
تاج صحرائي صاحب ۱۹۴۰ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ۱۹۴۲ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار واري وقت ۾ شاگردن جو جٿو وٺي
اتي وڃي ڏڪار جي سٽيلن جي مالي ۽ عملي مدد ڪيائين.
هن برصغير جي آزاديءَ
واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ ۱۰آگسٽ کان ۲۶ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تائين برصغير جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام وارن
ڏينهن ۾ دهليءَ اندر جيل ۾ نظربند رهيو.
تاج صحرائي سنڌ ۾
کاٻي ڌر جو سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪارڪن سمجهيو ويندو هو. هن صاحب ۱۹۴۸ع ۾ درس ۽ تدريس جو شعبو اختيار ڪيو.
تاج صحرائيءَ ۱۹۵۲ع ۾ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيو
۽ ان جو باني هيڊماستر بڻيو. جڏهن ته ۱۹۶۸ع ۾ دادو شهر ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي پبلڪ لائبرري قائم ڪئي.
تاج صحرائي مارچ ۱۹۷۵ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ’سنڌ صدين کان‘ جي سري هيٺ هڪ
سيمينار منعقد ڪرايو جيڪو ان دور ۾ ڪراچي جي شهر ۾ سنڌي ماڻهن جي سرگرمين جي حوالي
سان هڪ مثبت سرگرمي هئي.
ان کان علاوه سائين
جن ۱۹۷۷ع ۾ تريپوليءَ ۾ ٿيندڙ دنيا جي اُستادن جي عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان سرڪار جي
واحد استاد طور نمائندگي ڪئي. هن سنڌ جي مختلف
ضلعن اندر ’هسٽاريڪل سوسائٽيون‘ قائم ڪيون.
تاج صحرائي صاحب ۱۹۸۱ع ۾ ’رني ڪوٽ‘ سيمينار جو آرگنائيزر مقرر ٿيو
۽ رني ڪوٽ تي هڪ زبردست سيمينار ڪرايو. کين آثار قديمه سان گهرو لڳاءُ رهيو.
هن ڪاڇي ڪوهستان ۽ ٿر
جي قدرتي نظارن ۽ قديم آثارن جو بذات خود مشاهدو ڪيو. ان کان علاوه سائين تاج صحرائي
دادو مان هفتيوار اخبار آواز دلڪش پڻ شايع ڪئي. جيڪا ان وقت علمي ۽ ادبي خبرن جي
حوالي سان اهميت واري هئي. هو لطيف جو پڻ پارکو هو ۽ ان تي ڪيترائي مقالا لکيائين.
منڇر ليڪ ڪتاب ۾ ڍنڍ
جي جاگرافي ۽ ماحوليات بابت تفصيل سان ذڪرڪيو اٿس. سنڌو تهذيب ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ آرڪيالاجي
بابت ذڪر آهي. جڏهن ته نيڻين ننڊ اگهور ڪتاب ۾ شاهه سائين جي شاعري جي جائزي بابت
تحقيق تي ٻڌل آهي.
ان سان گڏ سندس ڪيترا
مقالا ڇپيل آهن، جن ۾: ’سُر سارنگ‘ (مقالو)، ’پڻي لوڪ‘ (مقالو/ ليڪچر: ۱۹۹۶ع)، ’دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني
۾‘،’کيرٿر جبل‘، ’گورک چوٽي‘ (مقالو/ ليڪچر: ۱۹۹۷ع)، تصور درد ۱۹۴۶ شامل آهن
تاج صحرائيءَ جي
انهن خدمتن کي ڏسندي پاڪستان سرڪار طرفان کيس ’تمغهءِ حسن ڪارڪردگي‘ سان نوازيو.
تاج صحرائيءَ ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۰۲ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه دادو شهر ۾ آهي.
(ڏيھاڙي
عوامي آواز، ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع)
تاج صحرائي
هڪ تعليمي ماهر ۽ تاريخدان جي جدائيءَ جو ڏينهن
انور ابڙو
اڄ ۲۸ آڪٽوبر سنڌ جي هڪ عظيم تعليمي ماهر، قديم آثارن جي ماهر، محقق ۽
اديب سائين تاج صحرائي صاحب جن جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. ههڙن ڏينهن تي پنهنجي وڇڙي
ويل شخصيتن کي لازمي طور ياد ڪجي، ان سان گڏ سوچجي ته، اسان، انهن کانپوءِ وارا
نسلَ، اهڙين عظيم شخصيتن جو تسلسل بڻجي سگهيا آهيون، انهن جيترا پنهنجي ڪم ڏانهن
ذميوار، پنهنجي ڪردار ۾ صاف ۽ پنهنجي سوچ ۾ چِٽا آهيون؟ - ۽ پنهنجي ماڻهن جي ترقي
۽ ڌرتيءَ جي تاريخي خزانن کي دنيا تائين پهچائڻ ۾ ڪو ڪارائتو ڪردار ادا ڪريون پيا؟
سوچجي، اهڙين ڳالهين
تي، ڇاڪاڻ جو سائين تاج صحرائي صاحب جهڙا ماڻهو ڀٽائي سائينءَ جا اُهي ڪردار هئا،
جن تي ”نينَهن جو جڙاءُ“ هئو، جيڪي هر لمحي جو پاڻ تي بارُ سمجهي، ”ويهڻ وِساري ويٺا
هئا. . . “ ڪاڇي ڏانهن ته هِنن جا پهريان پيرَ وڌيا هئا، جن جو ذڪر سائين بدر ابڙي
صاحب به پنهنجين تحريرن ۾ ڪيو آهي، ۽ لکيو آهي ته، سنڌ جي اِن اولهائين علائقي جو،
هِنن جو پهريون سونهون به سائين تاج صحرائي صاحب هئو. هينئر ڪاڇي مان ڪيترائي اسان
جا ليکڪ ۽ محقق دوست پيدا ٿي چڪا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي جنون سان جبلن ۽ ويرانن
۾، ۽ ويران واٽن جي سفر تي هلي رهيا آهن، پر اهي پيچرا ٺاهڻ ۾ ابتدائي پنڌَ هِنن
شخصيتن ڪيا. . . هاڻي به اسان کي اهڙين ئي پنهنجين عظيم شخصيتن کي پنهنجو سونهون بڻائي،
سندن ڪمَ ۽ ڪردار کي پنهنجي اڳيان رکي، اڳتي وڌڻو آهي.
سائين مجيب صحرائي
صاحب اڪثر پنهنجي گفتگوءَ ۾ پنهنجي والد صاحب جو ذڪر ڪندو آهي، ۽ جنهن وقت هو
پنهنجي والد صاحب جا قصا، واقعا، ڳالهيون ۽ ڪَم ڄاڻائيندو آهي ته، مان سوچيندو
آهيان، جيڪڏهن ڪو پُٽ پنهنجي پيءُ کي ائين آئيڊيل ٺاهي ٿو، ته اُن شخصيت جي عظمت
جي ٻي ڪنهن به گواهيءَ جي ضرورت نٿي پوي. سائين مجيب صحرائي، جيڪو هينئر هڪ وڏي
عهدي تي هوندي به، جڏهن سادي طبيعت، نهٺائي ۽ سادگي رکي ٿو، ته مان سوچيان ٿو،
سندس اهڙي تربيت ۾ به سندس والد صاحب جو ئي وڏو ڪردار هوندو.
”مان ڪجهه وقت دادوءَ ۾
بابا جي کوليل ڪتابن جي دڪان تي به ويٺو هئس، ۽ جتي ڀٽائي سائينءَ جو رسالو ۽ شيخ
اياز جي ڪتابن سان گڏ سنڌي ۽ انگريزي ادب جا ڪافي ڪتاب پڙهي ويو هئس. . . “ جڏهن
والدين اهڙي تربيت ڪن ٿا، ته اسان جا نسل اڳتي وڌن ٿا وڏي اعتماد ۽ وڏي وقار سان.
. . سو اڄ، اسان والدين کي به سائين تاج صحرائي صاحب جي شخصيت جي اهڙي پاسي کان به
سکڻ گهرجي. . . سنڌيءَ ۾ عام ماڻهو چوندو آهي، ”ادا، زندگيءَ جو ڪو ڀروسو ڪونهي، “
سو زندگيءَ جو واقعي ڪو ڀروسو ڪونهي، پر پنهنجي ڪردار، صلاحيتن، علم ۽ ڪم تي ڀروسو
ڪندي، اُهو ڪجهه ڪجي، جو سڀاڻي ماڻهو ائين ياد ڪن، جيئن اڄ سائين تاج صحرائي صاحب
جن کي ياد ڪري رهيا آهن.
(انور ابڙو جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا