حمل فقير لغاري [1809ع – 1878ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ميراڻي دور جو هي مشهور عوامي شاعر، فقير حمل ولد رحيم
خان لغاري، بلوچ قوم جي سير ڪاڻي قبيلي جي ”بهلولاڻي“ پاڙي ۾، 13 ذوالحج 1225 هه
مطابق 28 فيبروري 1809ع تي، خيرپور رياست ۾ ڄائو هو. سندس وڏن ديري غازي خان مان
لڏي، سنڌ ۾ خيرپور رياست جي ڳوٺ ”خان پور“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. حمل فقير پاڻ
ڀري ٿيڻ سان، نوابشاهه ضلعي جي تعلقي سڪرنڊ ڏانهن لڏي، ڳوٺ ”ميوي خان لغاري“ ۾ وڃي
رهيو.
فقير حمل کي ننڍپڻ ۾ ئي علم جي تربيت ملي هئي ؛ جنهن ڪري
فارسي، سنڌي ۽ سرائڪيءَ (جيڪا سندس گهرو زبان به هئي) ۾ خاصي ڄاڻ حاصل ڪيائين.
نهايت پرهيزگار ۽ هلال روزي ڪمائي کائڻ کي افضل عبادت سمجهندو هو. درس و تدريس
لاءِ زندگي وقف ڪيل هيس. سندس تعلقات مير علي مراد خان ٽالپر، مير شاهنواز خان
ٽالپر، پير پاڳاري ۽ لکيءَ جي ساداتن سان رهيا آهن. پاڻ لواريءَ جي بزوگ، خواجه
محمد حسن مدني رح جو مريد هو ؛ ۽ هميشہ سندس ثنا ۾ قصيدا، مولود ۽ بيت چوندو هو.
هن ذي فهم شاعر کي اها ڏاتر طرفان ڏات عطا ٿيل هئي ، جو
ٺهه پهه شعر جوڙي ويندو هو. شايد انهن لفظن لکندي وڌاءُ نه ٿئي، ته ”حمل فقير
فطرتاً شاعر هو ؛ جنهن کي مادر زاد (Born poet)
به چئي سگهجي ٿوي“ . اهوئي سبب
آهي، جو سندس شعر ۾ روانيءَ سان گڏ لطافت، بلاغت ۽ سلامت زياده کان زياده آهي. حسن
۽ عشق جو ذڪر به نهايت حقيقت پسندانه نوع ۾ ڪيو اٿس. سندس شاعريءَ جا عنوان :
ٻهراڙيءَ جي واهڻن ۽ وسين، درياه جي ڪپن ٻيلن ۽ ٻيٽارن، ٿرن ۽ برن، روهن ۽ رڻن
بابت وضاحت سان بيان ڪيل آهن.
عوامي شاعر ۾ هڪ خاص خوبي اها به ليکي ويندي آهي، ته
سندس ڪلام ڳائي سگهجي. انهيءَ معيار تي فقير حمل جي شاعري سنڌ جي سر تاج صوفي
شاعر، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جيان ڪسوٽيءَ تي بالڪل ٺهڪيل آهي.
سنڌي، سرائڪي، هندي زبانن تي سندس طبع آزمائي ٿيل آهي. محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ڪليات حمل“ جي نالي سان، سندس ڪلام کي
يڪجاءِ ڪري، 1953ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ طرفان پڌرو ڪيو آهي. ماه صفرالمظفر 2، 1296
هه مطابق 9 ڊسمبر 1878ع تي ڳوٺ ”ميوي خان لغاريءَ“ ۾ پساه پورا ڪيائين. کيس
”ابراهيم شاه واري مقام“ ۾ مدفون ڪيو ويو.
هي حساس طبع اِنسان نه رڳو ناناڻي ۽ ڏاڏاڻي وطن پنجاب کي
رکي رکي ساريندو هو ۽ ان لاءِ اڪير ۽ حب پيدا ٿيندي هيس. بلڪ اهو سندس چوڻ هو ، ته
”جيڪڏهن اباڻو وطن پنجاب آهي، ته پنهنجو وطن سنڌ آهي“ . پاڻ طبع جو خوش مزاج، رلڻو
ملڻو. سنجيده، ذهين، صلخ پسند، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو. مجلس جو مور ۽ سير و سفر جو بيحد
شوقين هو. مير صاحبان سندس وڏي تعظيم ڪندا هئا.
”ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ ؛ آءُ ڪاڻون ڪڍان ڪن
جون،
نه ته ڪير ڪاڻ، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند
ڪاڻ؛
اسين پاڻ اتامرا، ڪڍون نه ڪنهنجي ڪاڻ؛
پر حمل! سرهي ساجن ڪاڻ؛ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن
جون.“
No comments:
راءِ ڏيندا