; سنڌي شخصيتون: ديوان ليلارام ”خاڪي“

16 October, 2011

ديوان ليلارام ”خاڪي“

ديوان ليلارام ”خاڪي“

[۱۸۶۷ع – ۱۹۴۱ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



سنڌي ”غزل“ جي تاريخ ۾ ديوان ليلارام ”خاڪي“ وطن مل ٽيڪواڻيءَ کي خاصي شهرت حاصل آهي. سندس جنم حيدرآباد سنڌ ۾، ۱۳ آڪٽوبر ۱۸۶۷ع تي ٿيو. سندس پتا بلڪل مسڪين هو؛ جنهن ڪري مکي ڌنراج مل پنهنجي خرچ سان کيس پڙهايو. ليلارام منڍ کان وٺي محنتي هو. ۱۵ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ ۽ ورنيڪيولر سنڌي فائينل جا امتحان گڏ پاس ڪري، ٽي ورهين سانده جيڪا به سرڪاري نوڪري ڪچيءَ طرح پئي مليس، سا ٻئي ڪيائين.


۱۸۸۶ع ۾ کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو، پوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون وٺي پهريائين وڪالت ۽ پوءِ جج مقرر ٿيو، جتان ۱۹۱۸ع ۾ رٽاير ڪيائين.

ديوان ليلارام ملازمت دوران، نثر توڙي نظم ۾ لکندو ئي رهيو. پاڻ عربي ۽ فارسي زبانن جي به سٺي ڄاڻ رکندو هو. سنڌي شاعريءَ جي سلسلي ۾ غزلن تي مشتمل ”ديوان“ به ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ”ديوان خاڪي“ جي نالي سان ۱۹۲۱ع ڌاري پڌرو ٿيو هو. انهيءَ کان علاوه سندس ڪجهه ڪتاب به لکيل هئا، جيڪي اڄ بالڪل ناياب آهن.

”خاڪي“ صاحب، خالص ڌرمي انسان هو. ڪيئي خير جا ڪم ڪيائين. خاص ڪري سماجي ڪمن ۾ سڀني کان اڳرو هوندو هو. هڪ اندازي مطابق ۱۹۴۱ع ڌاري حيدرآباد ۾ مرتيه ٿيو ۽ اتي ئي سندس ڪرياڪرم ڪيو ويو. عروضي شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”سوئيا ڇند“، سندس طبع جي پسند هئي.

 

(۱) ”سوئيا ڇنڊ“، چئن مصرعن (سٽن) واريءَ صنف کي سڏبو آهي؛ جنهن جي هر هڪ سٽ ۾ سورهن ماترائون هجڻ لازمي آهي. ساڳئي وقت سٽاءَ جي لحاظ کان چار ئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيي هجن.

(۱) ۲ جون ۱۹۳۹ع تي نانڪي ليلارام سان شادي رچايائين جنهن مان کيس ٻه پٽ (رام ۽ لڪشمڻ) ۽ ٻه نياڻيون (شرميلا ۽ لتا) آهن.


 

ليلام رام وطڻ مل خاڪي لعلواڻي

(۱۸۶۷ع-۱۹۴۱ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير

ديوان ليلارام لعلواڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس واڏا سيوهڻ شريف جا رهاڪو هئا. پاڻ ڊرامه نويس، شاعر، لطيف جو شارح طور مشهور هو. انگريزي، سنسڪرت، هندي پنجابي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ ماهر هو. ۽ جڊيشنل کاتي م سول ڪورٽ جو حج هو. هو صوفيانه خيالن وارو ويدانتي ۽ نانڪ پنٿي هو. اول ديوان ليلارام نالو هوس ۽ پوءِ شاعريءَ ۾ تخلص خاڪي استعمال ڪيائين. (ميمڻ، ۲۰۱۴: ۵۴۴)

خانبهادر محمد صديق ميمڻ کيس حيدرآباد جو ڄاڻايو آهي. ۽ گل محمد عمراڻيءَ کيس سيوهڻ جو سڏيو آهي. سندس خاندان سيوھڻ سان تعلق رکندو هو. سيوهڻ ۾ هن جج عهدي تي جي فرائض انجام ڏنا هئا. سندس ڪيترائي ڊراما اسٽيج ٿيا جن ۾ هرشچندر، رامائڻ، مهن تارڪا، سورجن راڌا مشهور هئا. هن هندو ڌرم ڇڏي سک ڌرم اختيارڪ ڪيو سندس شهرت يافته طور ڪم لطيف جي شارح طور آهي هن شاهه جو رسالو ترتيب ڏئي ڇپرايو ۽ ٻيا سندس ڪيترا ئي ڪتاب لکيل آهن. سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

Life, Religion, and poetry of Shah Latif.

هرشچندر (ڊرامو) ۱۸۹۵ع

مهن تارڪا (ڊرامو) ۱۸۹۶ع

سورجن راڌا (ناٽڪ) ۱۸۹۷ع

رامائڻ ناٽڪ ۱۸۹۸ع

شاهه جو رسالو (پرتاب لعلواڻي سان گڏ) سُر ڪلياڻ ۱۹۰۰ع

سکني صاحب ۱۹۱۵ع

راجا چندو هاس ۱۹۱۷ع

شخصيت ڀائي جوڳا سنگهه ۱۹۱۷ع

ديوان خاڪي ۱۹۲۱ع

ليلا رام وطڻ مل اوڻويهين جي صدي جي آخري ۽ ويهين صدي جي شروعاتي ڏهاڪن جو اهم مشهور ليکڪ هو. ڊرامه، شاعري، لطيفيات تي کيس خاص مهارت هئي. سندس لکڻ جو انداز ۽ اسلوب مشهور هو. ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته مرزا قليچ بيگ توڙي، ديوان ليلا رام سنگهه جا ڊراما پڙهيل طبقي ۾ تمام گهڻو مقبول هئا. (ڀيرومل،۲۰۱۷: ۳۷۴)

حوالا:

ميمڻ، محمد صديق، خان بهادر، ۲۰۱۴ع سنڌ جي ادبي تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور.

۲ ڀيرومل، مهرچند، ۲۰۱۷: اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ، مختيار احمد ملاح، بلاول انسٽيٽيوٽ هسٽاريڪل سوسائٽي نواب شاهه.

No comments:

راءِ ڏيندا