سيٺ
گوبندرام منگهرمل گنگواڻي [ 1893ع – 1978ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي سرزمين ڪيئي صاحبِ دل صوفي سڳورا، سنت ۽ ساڌو
فقير پيدا ڪيا آهن، جن جي فيض جي چشمن مان هزارين انسانن پنهنجي روحاني توڙي
جسماني پياس ٻجهائي آهي. اهڙن صوفي سنتن ۾ ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي واره جي ڳوٺ ”ڏيرا“
جو رهاڪو، سيٺ گوبندرام پٽ منگهرمل گنگواڻي به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس جنم لاڙڪاڻي
شهر ۾، 1893ع ڌاري ٿيو هو. سنڌي فائينل تائين تعليم ورتل هيس. ازانسواءِ فارسي،
اردو ۽ گرمکي زبانون به چڱيءَ طرح لکي پڙهي ويندو هو. سندس پتا حاذق حڪيم هو.
بالخصوص يوناني طب ۾ ساڻس مٽ ڪو ڇڊو لڳندو هو. ڪيترن ئي لاعلاج مريضن کي سندس دوا
مان ڇوٽڪارو مليو. سيٺ گوبندرام به اهڙي ماحول ۾ طب جي خاصي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي.
پوءِ غالباً ڪرڙوڍ عمر ۾ باقبائل لاڙڪاڻي لڏي آيو ۽ جاڙل شاه بخاريءَ لڳ اچي رهيو.
سيٺ صاحب پڪي پختي ۽ مضبوط ارادي جو داني پرش هو. مهمان
نواز، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ سچو انسان هو. کيس طب ورثي ۾ مليل هئي؛ جنهن ڪري ستت ئي
پنهنجو ناماچار پري پري تائين پڌرو ڪيائين. ڪيترن ئي بيمارن کي مفت علاج ڪندو هو.
سادگي پسند به گهڻو هو. دنيا جي سکن هوندي به، گيتا گيان ۽ ويدانتي اڀياس ڏانهن هر
وقت رجوع هوندو هو. کيس ساڌن ۽ سنتن جي سنگت مان مزو ايندو هو. جوانيءَ ۾ ئي سنت
ٽهلرام صاحب ٿلهي واري کي پنهنجو سگرو سمجهي، سندس شيوا ۾ رڌل رهيو.
سيٺ گنگواڻي صاحب، وڏو محب وطن هو. هڪ سچي سنڌيءَ جي
حيثيت ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين ”سنڌ ڇڏڻ“ جي وائي وات تي نه واريائين. آخري وقت تائين
سندس دلي منشا اها ئي هئي، ته ”ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن هند ۽ سنڌ جا تعلقات سٺا
رهندا“. پاڻ گرو نانڪ صاحب جو به زياده عقيدتمند هو. لاڙڪاڻي ۾ رهندي، زمينداريءَ
سان گڏوگڏ هندو پئنچات جو چيئرمين به هو. پئنچات جا سمورا فيصلا پاڻ ئي نبيريندو
هو. لڳ ڀڳ 85 ورهين جي عمر ۾ 23 مئي 1978ع تي سندس ديهانت ٿيو. اولاد ۾ ٽي پٽ:
انندرام، عيدن داس ۽ مرلي ڌر، ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيائين. سندس وڏو پٽ صوفي خيالن جو
آهي. آخري دم تائين ننڍي پٽ سان گڏ هو، جنهن کي طب جي ڄاڻ به باقاعدي ڏنائين.
(1)– سيٺ صاحب لاڙڪاڻي ۾ ”ستنام
بلڊنگ“ ۾ اچي رهيو، جيڪا 1939ع ۾ جڙي راس ٿي هئي. ان وقت سندس عمر 50 ورهيه کن
هئي.
(1)– ڳوٺ ”ٿلهو“، تعلقي ميهڙ جي حدن ۾
واقع آهي؛ جتان جو ساڌو ٽهلرام صاحب رهاڪو هو. وڏو ودوان ۽ عامل انسان هو. ويدانيت
(تصوف) جو ڄاڻو ۽ ”هم اوست“ جي اصولن جو حامي هو. ڪيترائي سندس معتقد هئا. سيٺ
گوبندرام به پنهنجي ستگر جي ياد ۾ روزانو ڳچ وقت محو هوندو هو.
No comments:
راءِ ڏيندا