خليفو گل محمد ”گل“ هالائي [1808ع – 1855ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي زبان جو پهريون صاحبِ ديوان شاعر خليفو گل محمد
”گل“ ولد ولي محمد عقيلي، 12 صفر 1224 هه = پهرين اپريل 1808ع تي حيدرآباد جي هالا
تعلقي ۾ ”سانوڻي ملن“ جي گهر ۾ ولادت ٿي. عربي، فارسي، سنڌي ۽ علم تصوف جو وڏو
ڄاڻُ هو. پاڻ ڪنگريءَ واري پير سائين پاڳاري سيد علي گوهر شاه (اول) جو مريد ۽
خليفو هو، ۽ قادري طريقت رکندڙ هو.
هن لاطمع ۾ فياض انسان، علم وارن جي صحبت ۾ رهندي ڪافي
ڪتابن جو مطالعو ڪيو هئائين. روزي - نماز جي پابنديءَ سان گڏوگڏ ذڪر فڪر ۾ پڻ رڌل
رهيو. کيس شعر چوڻ جو شوق شروعات کان ئي هو. هي پهريون سنڌي شاعر آهي ؛ جنهن ”الف
– ب“ وار مڪمل رديفن تي مشتمل غزلن جو ”ديوان“ مرتب ڪري، 1851ع ۾ حج بيت الله شريف
جي زيارت لاءِ ويندي بمبئيءَ جي هڪ پريس مان ليٿو ۾ ڇپرايو هئائين، جيڪو شعر جي
اصولن پٽاندڙ بحر ۽ وزن تي پورو پورو ٺهڪي اچي ٿو.
عام طرح ”غزل“ عشقيه شاعريءَ کي چئبو آهي، مگر آخوند گل
پنهنجي غزلن جي موضوع کي نئين رنگ ۾ رکندي ، هڪ منفرد مثال قائم ڪيو آهي ؛ جنهن ۾
خدا پرستيءَ کان مجازي مام تائين تمام فڪر کي قلم وسيلي محفوظ ڪيو آهي. سندس ڪلام
سادو ، سپڪ ۽ سوادي هجڻ سان گڏوگڏ فصاحت ۽ بلاغت وارو پڻ آهي. پاڻ فارسي زبان جي
اثر کان آجو رهي، اهڙا ته ٺيٺ سنڌي الفاظ، محاورا ۽ اصطلاح پڻ استعمال ڪيا اٿس، جن
مان گهڻا ته ڀٽائيءَ ڀلاري رح جي ڪلام ۾ به ڪو نه ٿا ملن.
چوڻ ۾ اچي ٿو، ته سندس دلي تمنا مطابق وفات عربستان جي
سرزمين تي ٿي جيڪا هڪ اندازي مطابق 47 ورهين جي ڄمار ۾ ، 5 شوال 1273 هه = 1855ع
ڌاري چئي وڃي ٿي .
خليفي گل جا کيبرن ۾ ڪافي مريد ٿيا. پاڻ مير صاحبان جي
پڄاڻي ۽ انگريزن جي شروعاتي صاحبي پئي سنبريو. اڪثر سندس صحبت صوفي فقيرن سان گذري
ساده طبيعت ۽ قناعت ڪندڙ هو.
(1) – هن خاندان جو وڏو ڏاڏو، محمد مئين دهليءَ
کان ڦرندو 900 هه (1494ع) ۾ سنڌ پهتو. مغلن جي ايامڪاريءَ ۾، منجهانئس هڪ قبيلو
ٺٽي ۾ آباد ٿيو؛ جنهن پاڻ کي، حضرت علي المرتضيٰ رضه جي وڏي ڀاءُ، حضرت عقيل بن
ابو طالب رضه جي پشت سببان، ”عقيلي“ سڏايو، جيڪي درس و تدريس سان گڏوگڏ معزز پيشن:
قاضي، مفتي، مولوي، آخوند ۽ خليفا وغيره سان منسلڪ هئا. سندس اولاد مان آخوند ولي
محمد پراڻن هالن ۾ لڏي ويٺو. کيس ٽي فرزند: گل محمد، شفيع محمد ۽ محمد بخش هئا،
انهن مان خليفو گل محمد سڀني کان وڏو ۽ علم ۾ اڪابر هو.
(2) آخوند گل محمد کي ”خليفو“ انهيءَ
ڪري ڪوٺيندا هئا، جو پاڻ راشدي بزرگ، پير پاڳاري، سيد علي گوهر شاه ”اصغر“ (1815ع
– 1846ع) جو خاص خليفو هو.
(1)– خليفي صاحب کي اولاد ۾: ٻه فرزند
۽ ٻه نياڻيون ٿيون، جن مان ننڍو پٽ، سندس حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو، باقي ميان
احمد کي پڇاڙيءَ تائين نرينه اولاد ڪانه ٿي سگهي.
No comments:
راءِ ڏيندا