حاجي الله بخش ”سرشار“ عقيلي [1907ع – 1971ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حاجي الله بخش ”سرشار“ ولد حافظ محمد صديق عقيلي ، 23
شعبان 1325 هه مطابق 21 جنوري 1907ع تي ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس والد وڏو متقي ۽
پرهيزگار شخص هو ؛ جنهن جو شمار اوائلي انگريزي پڙهيل مسلمانن ۾ ٿئي ٿو ۽ قائداعظم
محمد علي جناح (1876ع – 1948ع) جو هم ڪلاسي هو ؛ ۽ ان وقت ڪراچيءَ ۾ روينيو کاتي ۾
ڪلارڪ هو. الله بخش سندس وڏو فرزند هو ؛ جنهن پنهنجي تعليم جو آغاز سنڌ مدرسي
ڪراچيءَ کان ڪيو. گهرو ماحول ۽ والد بزرگوار جي صحبت ۾، کتري مسجد جهونا مارڪيٽ
ڪراچيءَ جي مدرس، مولانا سيد محمد ظهير الدين قادري بغداديءَ وٽان ديني درس به
ورتائين. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه عربي ڪتاب به سندس مطالع هيٺ رهيا. ان وقت سندس عمر
سورهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي.
هن نينگر کي اسڪولي زماني کان ئي ادبي ذوق داسگير هو؛
جنهن ڪري 1920ع کان لکڻ پڙهڻ طرف توجہ ڏنائين. پاڻ اڃان چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ مس
هو، ته پنهنجي ڪهاڻين (آکاڻين) جو مجموعا بنام ”رموز النساءِ“ ، کيسي جي خرچيءَ
مان ڇپرائي پڌرو ڪيائين. انهيءَ ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، شاعريءَ جي مشق
”فراقي“ تخلص سان ڪرڻ لڳو. ”دعوت اسلام“ نالي سندس ٻيو ڪتاب 1923ع ۾ پڌرو ٿيو،
جيڪو اردو ڪتاب ”فاطمي دعوت اسلام“ جي هڪ حصي جو ترجمو آهي. هن ئي سال مئٽرڪ به
پاس ڪيائين. حج جي سفر ۽ مناسڪ بابت ”مناسڪ الحج“ نالي 1924ع ۾ ننڍڙو ڪتابچو به
ڪڍيائين – 1929ع ۾ اسلام جي پهرين سپہ سالار ”خالد بن وليد“ (582ع – 642ع) جي
سوانح عمري به سنڌي زبان ۾ قلمبند ڪيائين.
ڊي – جي – ڪاليج ڪراچيءَ مان،
فارسي زبان ۾ بي- اي (آنرز) جي ڊگري 1937ع ۾ ورتائين. فارغ التحصيل ٿي روزانه
”الوحيد“
۾، سب ايڊيٽر جي عهدي سان صحافت ۾ دلچسپي ورتائين. هينئر ته کيس پنهنجن شعرن توڙي شهپارن ڇپجڻ جو به وجهه ملي ويو. پوءِ سندس نظم خواه نثر ”الوحيد“ ۾ ڪثرت سان شايع ٿيندو رهيو. ازانسواءِ ماهوار ”توحيد“ (ڪراچي)، ”الحافظ“ (حيدرآباد)، ”الجامع“ (ڪراچي)، انهن ئي ڏينهن ۾ اردو زبان ۾ غزل ۽ مقالا لکڻ جي مشق به شروع ڪيائين، ويتر محمد هاشم ”مخلص“ (1860ع – 1934ع) ”فراقي“ تخلص مٽائي، هميشہ هميشہ لاءِ ”سرشار“ بڻائي ڇڏيو. چند مهينن بعد، روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ بڻيو. آهستي آهستي ترقي وٺي ، هيڊ منشي، 1933ع ۾ مختيار ڪار، 1946ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ آخر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي وڃي رسيو.
۾، سب ايڊيٽر جي عهدي سان صحافت ۾ دلچسپي ورتائين. هينئر ته کيس پنهنجن شعرن توڙي شهپارن ڇپجڻ جو به وجهه ملي ويو. پوءِ سندس نظم خواه نثر ”الوحيد“ ۾ ڪثرت سان شايع ٿيندو رهيو. ازانسواءِ ماهوار ”توحيد“ (ڪراچي)، ”الحافظ“ (حيدرآباد)، ”الجامع“ (ڪراچي)، انهن ئي ڏينهن ۾ اردو زبان ۾ غزل ۽ مقالا لکڻ جي مشق به شروع ڪيائين، ويتر محمد هاشم ”مخلص“ (1860ع – 1934ع) ”فراقي“ تخلص مٽائي، هميشہ هميشہ لاءِ ”سرشار“ بڻائي ڇڏيو. چند مهينن بعد، روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ بڻيو. آهستي آهستي ترقي وٺي ، هيڊ منشي، 1933ع ۾ مختيار ڪار، 1946ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ آخر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي وڃي رسيو.
”سرشار“ صاحب کي علم ادب سان وڏو انس هو. ملازمت جي
ذميوارين کان جيڪا فرصت ملندي هيس، اها علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سيڙائيندو
هو. پاڻ ڪيترين ئي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي ڪاميٽين ۾ ميمبر جي حيثيت
سان خدمتون سر انجام ڏنائين. پڇاڙيءَ ۾ ”شاه لطيف ثقافتي ڪاميٽي“ ۽ ”سنڌي ادبي
بورڊ“ جو ميمبر به ٿي رهيو. سندس تصنيفات ۾: ”سنڌي راڳ جي مختصر تاريخ“ ، ”سنڌي
ادب جي مختصر تاريخ“ ، ”تصوف جي تاريخ“ ، ”شاعري لکڻ جو آسان طريقو“، ”علم هيئت“ (ASTONOmy) ۽ پنهنجي ذات بابت وضاحتي ڪتابچو
”انوار سهيل، تذڪرهء آل عقيل“ بي مثال آهن. پاڻ زندگيءَ جا 65 ورهيه هن فاني جهان
۾ عام انسانن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندي، آخر 24 شعبان 1391 هه مطابق 15 جنوري 1971ع تي
ڪراچيءَ ۾ ئي راه رباني ورتائين.
(1)– ”عقيلي“ ، حضرت علي المرتضيٰ رضه
جي وڏي ڀاءُ، حضرت عقيل بن ابي طالب رضه جي پشت مان آهن؛ انهيءَ ڪري پاڻ کي
”عقيلي“ سڏائين ٿا. هن خاندان جي جد - اعليٰ محمد متين 900 هه (1494ع) ۾ عراق مان
هجرت ڪري پهريائين دهليءَ ۽ پوءِ سنڌ جي ٺٽي شهر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، جو
”عقيلي“ سڏائڻ لڳو. سنڌ ۾ هن ڪٽنب جو جد - امجد قاضي قاضن بن محمد قاسم هو، جو
مغلن جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيو هو. سندس نسل ۾: قاضي، مفتي، مولوي، آخوند ۽
خليفا گهڻي ۾ گهڻا ٿي گذريا آهن . اهوئي سبب آهي، جو ٺٽي ۾ ”مولوي محلو“ اڄ به
عقيلي ڪٽنب جي ياد تازي ڪري رهيو آهي. ”سرشار“ جو ڏاڏو، قاضي گل محمد ولد محمد
رفيع، انگريزن جي شروعاتي دور ۾ حيدرآباد ۾، قضا جي عهدي فائز هيو. [ ”مهراڻ“
(سوانح نمبر)، 1957ع، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 5-6]– هن ئي خاندان مان، آخوند ولي
محمد پراڻن هالن ۾ وڃي آبا ٿيو هو.
No comments:
راءِ ڏيندا