حافظ امام بخش سومرو [1895ع – 1968ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
999 حافظن جو استاد، حافظ امام بخش ولد مولانا محمد
ابراهيم سومرو، انهن بزرگ هستين ۾ شمار ٿئي ٿو؛ جن جي علمي حڪمت رهنديءَ دنيا
تائين قائم رهندي. ربيع الاولد جي 12، 1313 هه = 11 آگسٽ 1895ع جي سج ۾ ڳوٺ ”گل
محمد تونيو“ (تعلقو ڏوڪري) ۾ اک کولي. ابتدائي استاد آخوند عبدالرحمان تونبو ۽
قرآن پاڪ جو حفظ، حافظ امام الدين ، حافظ محمد يونس ۽ حافظ محمد قاسم سومري
قمبراڻيءَ جن وٽان ورتائين. مولانا غلام صديق ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح وٽان عربي ۽
فارسي ڪتاب پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. دادو ڪئنال جي ساڄي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ هارون تونيو
۽ گل محمد تونيو ۾ درس و تدريس ڏيندو رهيو. فقہ جو به خاصو درس ورتل هوس. قادري
طريقي ۾ راڻيپور واري سيد محمد صالح شاه جو معتقد ۽ عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي
غلام عمر جتوئي رح سندس محسن هو. سندس صحبتين ۾: مولوي محمد قاسم مشوريءَ جو نالو
ورتو وڃي ٿو. هن مستخاب الدعا درويش، 73 بهارون ڏسندي، دادو ضلعي جي سول اسپتال ۾،
حادثي دوران، 15 جمادي الثاني 1388 هه = 9 سيپٽرمبر 1968ع تي راه رباني ورتي ۽
هينئر پنهن جي مدرسي ۾ آرامي آهي.
هن قوي الحافظ، صحيح راءِ ۽ جفاڪش انسان سنڌي زبان ۾
ڪجهه مولود ۽ بيت به چيا آهن؛ جن مان معلوم ٿئي ٿو، ته پاڻ بحر وحدت جو حقيقي
غواص هو ۽ هن قلزم بيڪنار جي پاتار ۾ پهچي ، اهي ماڻڪ ميڙيا اٿس، جن جي پرک لاءِ
ڪن سنگهڙ صرافن جي ضرورت آهي. سندس رهڻي سادي ۽ طبيعت فقيراڻي هئي. پيچدار ۽ مشڪل
شرعي مسئلا، مختصر الفاظن ۾ سلجهائيندو هو. سندس استادن جو چوڻ هو ته ”حافظ امام
بخش ۾ اسان کان شرافت- علم زياده آهي.“
No comments:
راءِ ڏيندا