; سنڌي شخصيتون: سيد فيض درياه شاهه رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سيد فيض درياه شاهه رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سيد فيض درياه شاهه رح [ 1842ع – 1907ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سيد فيض محمد شاه عرف ”فيض درياه شاه“ ولد سيد پير شاه جيلاني رح، تعلقي سکر، ديهه چڪ جي ”انباه“ ڳوٺ ۾، 1279 هه مطابق 1862ع ۾ تولد ٿيو. سندس والد متقي پرهيز گار شخص هو. جيڪو نوشهري جي نقشبندي بزرگ، سيد نصير شاه رح (وفات 1318 هه = 1900ع) جو معتقد هو. وٽس سالن جا سال رهي، سندس گهوڙن جي خدمت ڪيائين. مرشد جي دعا سان ڪيترا حج به ڪيائين. کيس تاج محمد شاهه ۽ جان محمد شاه نالي ٻه پٽ ٻيا به هئا. سيد فيض محمد شاهه سندس وچون فرزند هو، جيڪو ننڍپڻ کان ئي فقيريءَ ڏانهن مائل هو. سيد پير شاهه جي وفات (1219 هه = 1874ع) وقت، سيد فيض محمد شاهه ٻارهن سالن جو مس هو. پوءِ ته پيءُ پڄاڻان راتيان ڏينهان رڙندو رهيو، تان ته گهر گهاٽ ڇڏي، گهمڻ نڪري پيو.
 
انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جو چپو چپو واسيندي، فقير خير محمد ”خوش“ هيسباڻيءَ (1809ع – 1877ع) ۽ فقير موهن آهوجا (1845ع – 1925ع) سان به خوب رهاڻيون ڪيائين. ڀٽ ڀيڙو به ٿيو، پوءِ نوشهري پهچي، سيد ڏتل شاهه وٽان فارسي ۽ سنڌيءَ جي سکيا ورتائين. کيس اتي به ٽڪاءُ نه آيو، پوءِ ته واپسيءَ تي لعل سائينءَ جي درگاه تي حاضري ڀري؛ مخدوم بلال باغباني رح جي زيارت کان مشرف ٿي، لاڙڪاڻي ۾ فقير موهن وٽ اچي دم پٽيائين. موهن؛ جيڪو پاڻ به ويدانتي مڙس هو؛ تنهن کيس هيڏانهن هوڏانهن وقت ضايع ڪرڻ کان منع ڪيس. آخر واپسيءَ تي ڳوٺ پهچي؛ پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽان قرآن پاڪ ناظران پورو ڪيائين.
چوڻ ۾ اچي ٿو، ته ننڍپڻ ۾ ئي مائٽن، سيد صاحب جو مڱڻو ڪري ڇڏيو هو. مڱ اڃا ننڍي هئي؛ جڏهن جوانيءَ کي رسي؛ ته نڪاح لاءِ آڻي وٽس ويجهي ڪيائون. گهڻي زور ڀرڻ تي پاڻ شادي ته ڪو نه ڪيائين، اٽلو حاضرين جي نظرن کان به غائب ٿي ويو. سارو ڏينهن سندس سخت اوسيڙو ٿيندو رهيو. خدا جي قدرت سان شام ڌاري مڱ به مري ويئي. پوءِ ته ميدان صاف ڏسي؛ الاجي ڪهڙيءَ ڪنڊ کان اچي پر گهٽ ٿيو. حاضرين تپرس ۾ پئجي ويا ۽ کانئس طرح طرح جا سوالات ڪرڻ لڳا. پاڻ انهن کي جواب ۾ صرف ايترو وراڻيائين؛ ته ”توهان ڪو به الڪو نه ڪريو؛ منهنجو انهيءَ عورت سان قيامت تائين نڪاح آهي“ . پوءِ ته ڳچ عرصو محبت ۽ استغراق جي ڪيفيت ۾ گذاريائين. انهيءَ دوران ڪيترن ئي انسانن کي رڱي ڇڏيائين. آخر ڪجهه عرصي بعد، مجذوبيءَ مان سالڪيءَ طرف سندس خيالن جي مٽ ٿي؛ تان ته اچي ويراڳ لڳس؛ جنهن ڪري شعر چوڻ شروع ڪيائين.
اهو پاڻ عالم آشڪار آهي، ته خيرپور ميرس ۾ لڳ بيگمان اسٽيشن جي، ديهه ڪالهوڙيءَ ۾ مير محمد عرف ”ميرل“ ولد يار محمد جاگيراڻي ٻروچ، ڪنڊڙيءَ ڀرسان هڪ ڪچي واهڻ ۾ رهندو هو. وقت ۾ وڏو ڌاڙيل ۽ رهزن شخص هو. اڪثر پنهنجي چاچي نظر عليءَ سان گڏ جي ڌاڙا هڻندو هو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو هو. سندس والده، مائي خيران هڪ خدا ترس ۽ ديندار عورت هئي، جيڪا ميرل جي ڪڌن ڪرتوتن کان تنگ اچي چڪي هئي. هڪ ڏينهن ميرل سميت، سيد داتا فيض درياهه شاهه وٽ آئي. وٽس زار زار روئي، پٽ جي ٻانهن سندس سپرد ڪيائين. سيد صاحب؛ ميرل کي پنهنجو پٽيلو بڻائي؛ پنهنجي ئي رنگ ۾ آندو. پوءِ ته ميرل مرشد جي خدمت ۾ رهي، ڪافي پرايو. هوڏانهن سيد صاحب جو مٿس راض ٿي ويو. جنهن ڪري سيد صاحب پنهنجو سمورو شعر ”ميرل“ جي نالي ۾ چوندو رهيو.
سيد فيض دريا شاهه؛ درازي درويشن جيان، جوانيءَ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين لوڙهي ۾ گذاريو. شادي به ڪانه ڪيائين آخر 45 ورهين جي ڄمار ۾ 11 شوال 1325 هه (1907ع) تي راه رباني ورتائين. سندس آخري آرامگاه، انباه شرف، اڄ به عام و خاص لاءِ زيارتگاه بڻيل آهي، جتي هر سال 11 کان 13 شوال تائين هزارين زائرين اچي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن.
سيد صاحب، جو ڪلام جهجهو آهي. جيڪو سچل سرمست درازي رح ۽ بيدل روهڙائي رح جي تتبع تي رنديءَ ۽ سر مستيءَ جي پر پور ترجماني ڪري ٿو. جيڪو ”همه اوست“ ۽ ”اناالحق“ جي ساک ڀري ٿو. سخن جي سلسلي ۾ سندس ڪافيون، جهولڻا، بيت ۽ مولود ملن ٿا. جيڪي سنڌي زبان کان سواءِ فارسي ۽ سرائڪيءَ ۾ به قلمبند ٿيل آهن. ”زليخان سر“ ۾ 703 مصرعن تي مشتمل هڪ طويل ”فراق نامو“ به آهي، جيڪو حالانڪ عروضي اعتبار کان پورو نه آهي. تاهم به ٻوليءَ جي لحاظ کان نهايت ئي سپڪ ۽ سوادي معلوم ٿئي ٿو. منجهس جوش ۽ جذبي سان گڏ رس، رچاءُ ۽ رواني به جهجهي نظر اچي ٿي. مطلب ته سندس ڪلام ۾ صوفيانه نقطن کان علاوه رندي رمز به سمايل معلوم ٿئي ٿي. سندس مڪمل ڪلام راقم الحروف (ميمڻ عبدالغفور سنڌي) مرتب ڪري ؛ اطلاعات کاتي ڏانهن اشاعت لاءِ اماڻيو آهي.
سيد صاحب؛ سچ پچ ”فيض جو درياه“ هو. سندس هندو خواه مسلمان طالبن ۽ عقيدت مندن جو ڳاڻيٽو به جهجهو هو. جن مان ميرل فقير؛ غلام حسين فقير، فقير غلام حيدر شر، سيد بچل شاه لاڙائي؛ فقير نظر علي بلوچ، رکيل فقير، شيرل فقير، لونگ فقير، مهيسر لاڙائي، سيد علي محمد شاه، ولايت علي شاه، فقير هاسارام آهوجا ۽ مائي پيوند باقراڻن واري وغيره جا نالا سر - فهرست آهن. هيٺ سندس ڪافي نموني خاطر ڏجي ٿي:-
ڪيئن ڪريون ڪاڏي وڃون، کڻي جيئري مرڻ مڃون.
ڪري هٿ سليقو ”لاالله“ جو، سر پنهنجي تي سڃون.
هيءَ جا ڀت هجڻ جي، ڀوارا ڪري ته ڀڃون.
ٻاري ٻارڻ عشق جو، پختا ٿي ته پچون.
پنهنجي ديس بقا تي، کڻي رمزن ساڻ رئون
وچ مئخان جي ”ميرل“ سائين، ڳوڙهي رنگ رچون.

(1)– شاهه نصير کيس دعا ڪندي چيو هو، ”هي نينگر وڏو ٿي بلها شاهه جيان پنهنجو وارو وڄائيندو“ – سچ پچ ٿيو به ائين.
(1)– سيد ڏنل شاهه؛ اصل تعلقي سکر جي ڳوٺ ”عظمت“ جو ويٺل هو ۽ شاه نصير جو طالب هو.
(1)– خدا جي قدرت، جو آخر کيس جاءِ به پنهنجي مڱ جي ڀرسان ملي. شاديءَ متعلق سندس عقيدتمند اها روايت به ورجائيندا آهن، ته سيد داتا فيض درياه شاه جي جڏهن مڱ موڪلاڻي ڪئي، ته نائچن جي وڏيري، ڪريم ڏني خان بلوچ وٽس آيو ۽ کيس پنهنجي نياڻي نڪاح لاءِ آڇيائين. سيد صاحب کيس مشڪي چيو، ته ”اي وڏيرا! دل هڪ يا ٻه !!“ وڏيري وراڻيو ، ته ”سائين ! هڪ“ – ”ته پوءِ اها وئي الله ڏي – مان ٻي ڪٿان آڻيان جو شادي ڪريان !!“ انهيءَ رکي جواب تي وڏيري هروڀرو ضد ڪيو، چئي؛ ”قبلا سائين! مان نياڻي آندي آهي، پوءِ توهان کڻي نوڪرياڻي ڪري رکوس، آءٌ واپس مور نه نيندس !!“ سيد صاحب پاڻ تي بار سمجهي؛ انهيءَ عورت کي پنهنجي ڀائٽي، سيد بگن شاه ولد تاج محمد شاه جي نڪاح ۾ آڻي ڇڏي، جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي [ ”پيران پير دستگير“ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ 1980ع ؛ صفحو 99 (حواشي) ].
(1)– مرشد جي وفات بعد، ميرل به واپس وطن وريو، جتي 135 ورهين جي عمر ۾، غالباً 1974 هه (1954) ڌاري وفات ڪيائين.

No comments:

راءِ ڏيندا