پير الاهي بخش
انسانيت جو
علمبردار شخص
ظفر پياروي
سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪي ئي املهه ڪردار آهن جن پنهنجي زندگي ۾ سخت محنت ۽ جفاڪشي سان اعلي مقام ماڻيو
آهي ۽ انهن انسانن جو نان پاڪستان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هڪ مثال طور ورتو وڃي
ٿو اهڙن انسانن ۾ سنڌ جي دل جي حيثيت رکندڙ دادو ضلعي سان لاڳاپيل پير الاهي بخش
جو نان به هڪ آهي. پير الاهي بخش جو جنم ۱۸۸۵ سن ۾ پير علي نواز جي گهر ۾ ٿيو. پير صاحب جو خاندان ڀان سعيد آباد،
تعلقي سيوهڻ، جي ڀر ۾ پير جي ڳوٺ جو رهاڪو آهي. سندن خانداني تعلقات مخدوم صاحب
هالن واري سان رهيا آهن. سندس ڏاڏي جو نالو پير غلام حسين هو. هن خاندان جا مريد
ڪاٺياواڙ رياست طرف هئا اڃا تائين آهن.
پير الاهي بخش پنهجي ابتدائي تعليم ڀانن جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. پوءِ
خيرپورميرس هاءِ اسڪول ۾ انگريزي تعليم وٺي، ۱۹۱۹ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ عليڳڙهه ڪاليج ۾
ويو، جتي ٿورو وقت پڙهڻ بعد، مولانا محمد علي ”جوهر“ جي چوڻ تي، جن شاگردن ۱۹۲۰ع ۾، قطع تعلقات ڪري ڪاليج ڇڏيو هو، انهن مان هيءُ
به هو. اتان نڪري هي عليڳڙهه ۾ نئين برپا ڪيل جامع مليه يونيورسٽيءَ ۾ اچي پڙهڻ
ويٺو. انهيءَ درسگاهه جو سنگ بنياد مولانا محمود الحسن وڌو هو، ۽ حڪيم اجمل خان ان
جو چانسلر هو. اها يونيورسٽي پوءِ دهليءَ ۾ کڄي آئي.
ڪجهه وقت جامعه مليه ۾ تعليم وٺڻ بعد، اتان پڙهڻ ڇڏي سنڌ ۾ آيو، ۽
خلافت هلچل ۾ بهرو وٺڻ لڳو. هي ڪراچيءَ ۾ ۸ کان ۱۰ جولاءِ ۱۹۲۱ع تي، مولانا محمد علي ”جوهر“ جي صدارت هيٺ سڏايل
صوبه سنڌ ڪانفرنس ۾ به شريڪ هو، جنهن ۾ ڪيل تقريرن جي آڌار تي، مولانا محمد علي،
مولانا شوڪت علي، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، پير غلام مجدد سرهندي ۽ شنڪر آچاريه کي
ٻه- ٻه سال سزا ملي هئي. هي ڪجهه وقت آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي ۽ آل انڊيا خلافت
ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. خلافت تحريڪ جهڪي ٿيڻ کانپوءِ هن ۱۹۲۷ع ۾، وري عليڳڙهه ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، جتان ۱۹۲۹ع ۾، ايم. اي. ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان پاس ڪري،
موٽي اچي لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. وڪالت ڪرڻ واري وقت ۾ به هي عام ڪانفرنسن ۽
جلسن ۾ ويندو رهندو هو، جنهنڪري خلافت جي ڏينهن وقت ماڻهن سان پيدا ڪيل تعلقات
قائم رکندو آيو. پير الاهي بخش مرحوم ون يونٽ دوران به اهم ڪردار ادا ڪيو هي اهو
وقت هو جو ان دور جا قومپرست وڏن عهدن ۽ لالچن جي ور چڙهي ون يونٽ جي حامين سان
ڪلهوڪلهي ۾ ملائي نروار ٿيا هئا. ون يونٽ جي مخالفت ۾ پير الاهي بخش مرحوم، سان گڏ
مرحوم عبدالحميد خان جتوئي، غلام مصطفي ڀرڳڙي، شيخ خورشيد احمد سنڌ اسيمبلي جي
اجلاس ۾ مخالفت ۾ ووٽ وڌو، جڏهن ته هن تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سن جي سيد سائين
جي ايم سيد کي اڳواٽ ئي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو تاريخ جي هن ڪاري باب ۾ ۹۸ ڄڻن حمايت ۾ ووٽ ڏنو.
هي عظيم انسان جتي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کان سياست جا
گر سکيا ته اتي وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بهادر پيءُ سر شاهنواز ڀٽو جي صحبت ۾
پڻ رهيو، پاڻ ۱۹۳۲ کان ۱۹۳۷
تائين سر شاهنواز ڀٽو سان گڏ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگئ واري تحريڪ ۾ اڳڀرو رهيو،
پاڪستان جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هي انسان اڳتي هلي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
جو به ويجهو ساٿي ٿي رهيو. پير الاهي بخش جي سموري زندگي جدوجهد ۾ گذري ورهاڱي
کانپوءِ هن عظيم انسان هندستان مان بي دخل ٿي آيل مهاجرن کي اٽي، لٽي سان گڏ انهو
به فراهم ڪيو، جنهن جي ڪري اڄ به ماڻهو کيس انسانيت جو آبادڪار جي حوالي سان مثال
ڏين ٿا. پير صاحب تعليم جي روشني کي فهلائڻ جي لاءِ ان وقت جدوجهد ڪئي جنهن وقت
سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هئي ۽ سنڌ جا قومي اڳواڻ ان جستجو ۾ به هئا ته سنڌ کي
بمبئئ پريزيڊنسي کان ڌار ڪري سگهجي ان جستجو ۾ پير لاهي بخش به نهايت ئي سرگرم هو
. ان زماني ۾ سنڌ جي تعليمي حالت ۽ ان جي سلسلي ۾ تعليمي ادارن جا انگ اکر هن ريت
هئا جنهن موجب ۳۷۴۸ مختلف قسمن جا اسڪول، ۳۰ هاءِ اسڪول هئا جڏهن ته پڙهيل لکيل مسلمانن جي شرح صرف ۳.۷ هئي ۽ هاءِ اسڪولن ۾ زير تعليم شاگردن جو تعداد۵۶۶۱ ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪندڙن جو تعداد ۳۵۰ هو جڏهن ته ان دور ۾ سنڌ ۾ فقط هڪ اين اي ڊي هڪ فني ڪاليج هو.
پير الاهي بخش سنڌ ۾ تعليم کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات سخت
جفاڪشي ڪئي جڏهن ته بالغان تعليم جهڙو پروگرام شروع ڪري سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهون
علم جي لاٽ ۾ روشناس ڪرايا جيڪي اڄ علم ۽ ادب جي دنيا ۾ وڏن نالن سان ڄاتا سڃاتا
وڃن ٿا. علم کانپوءِ جڏهن پير الاهي بخش جي سياسي ڪيرئير ڏانهن جهاتي پائجي ٿي ته
ان ۾ به اهڙا نمايان پهلو شامل آهن، جيڪي پاڪستان جي تاريخ ۾ نهايت ئي اهم حيثيت
جا حامل آهن پاڻ جڏهن ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۵۴ تي سنڌ اسيمبلي جي حيدرآباد ۾ ون يونٽ جي خلاف
ڪوٺايل اجلاس ۾ ڪيل اها تاريخي تقرير جيڪا به هڪ اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي
ٿي. پير صاحب ان تقرير ۾ سنڌ حڪومت کان اهي مطالبا ڪيا هئا جن کي آڏو رکي سنڌ جا
قومپرست اڄ به سياست ڪري رهيا آهن اهي مطالبا هي آهن.
۱. صوبائي اختيارين جي حدن اندر، سنڌ جا ماڻهون پنهجين سمورين ملازمتن
تي پاڻ قابض هجن.
۰۲. ملڪ جي دفاعي ملازمتن سميت، سڀني مرڪزي ملازمتن ۾ کين آدم شمارئ جي
لحاظ کان جڳهيون ملڻ گهرجن.
۰۳. پنهجي قدرتي وسيلن، پيداوار ۽ پنهنجي صنعتي ۽ تجارتي وسائل جي
ملڪيت ۽ استعمال، سندن ئي مڪمل اختيار ۾ هجن.
۰۴. اعلي کان اعلي تعليم، پنهجي مادري زبان ذريعي ئي حاصل ٿئي.
۰۵. سمورين سنڌي ڳالهائيندڙ ايراضين (ڪراچي، فيڊرل ايراضي سميت جهڙوڪ،
رياست خيرپور، بهاولپور، جا ڪي حصا ۽ رياست لسٻيلو وغيره، جيڪي جاگرافي جي لحاظ
سان، هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، تن سڀني جي قومي زندگي، متحده سياسي اجتماعي تي ٻڌل
هجي، ۽ کيس سمورا سياسي اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻيا حق حاصل هجن، جن تي قوميتن جي خود
داري تسليم شده اصولن هيٺ، ڪنهن به مستقل قوميت جو حق جاري ٿي سگهي.“
پير الاهي بخش مرحوم ۸
آڪٽوبر ۱۹۷۵ ڌاري طبعيت ناساز ٿيڻ جي باعث وڃي پنهجي حقيقي
مالڪ سان مليو. مرحوم پير الاهي بخش جي خاندان اڄ به سياست جي افق تي جلووه گر
آهي، سندس پوٽو پير مظهرالحق سندس نقش قدم تي هلندي تعليم جي قلمدان کي بخوبي
نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته سندس فرزند پير عبدالرشيد پڻ سياست جي افق تي آهي اڄ ان
عظيم شخص جي وڇوڙي کي ۳۶ سال جوعرصو مڪمل ٿيو آهي
پر اڄ به سندس چاهيندڙ ساري لڙڪ هاري ويهندا آهن.
پير الاهي بخش
ويا سي وينجهار
پير مظهرالحق
(جيئن
ته مون کي هميشه کان سنڌي ادب سان دلچسپي رهي آهي، ان ڪري سدائين اها دلي خواهش
هوندي هئي ته پنهنجي پياري ۽ نهايت عزت جي قابل ڏاڏا سائين جن جي حياتيءَ جو احوال
سندن زندگيءَ ۾ ئي قلمبند ڪري ڇڏيان جو مون کي سندن جدوجهد سان ڀرپور زندگيءَ جي
اهميت جي ڄاڻ هئي.
سال ۱۹۷۰ع ۾ مون کي اهڙو موقعو ملي ويو، هونءَ
ته مان پنهنجي گهر جي ڀاتين سميت حيدرآباد ۾ رهندو هئس، ان ڪري ڏاڏا سائين مرحوم
سان لاڳيتو گڏ رهڻ جو موقعو ڪو نه ملي سگهندو هو. پر ۱۹۷۰ع ۾ لاڳيتا ٽي چار مهينا حبيب بئنڪ جي
ملازمت (جيڪا بعد ۾ ڇڏي ڏني هئي) سبب ڪراچيءَ ۾ رهڻو پيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي
پراڻي خواهش ڪنهن قدر پوري ٿي.
مون ڏاڏا سائين کان پڇيو ته ڇا پاڻ
پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو اٿن؟ منهنجي خوشيءَ جي انتها ڪا نه رهي، جڏهن
ٻڌايائون ته پاڻ جڏهن وزير هئا ته اهڙو احوال لکيو هئائون پر ۱۹۴۴ع تائين. ائين چئي پنهنجي ڪٻٽ مان
پراڻا فائيل ڪڍيائون. ڪافي ڪوشش کان پوءِ ڪجهه ڪاغذ لڌا. انهن فائلن ۾ سندن عروج
جي وقت جي اهم واقعن جون اخباري ڪترون ۽ تصويرون پڻ هيون جي مون کي ڏاڍي دلچسپيءَ
سان ڏيکاريائون، خاص طور تي جڏهن افغانستان جي بادشاهه کي تخت تان معزول ڪيو ويو
هو ۽ پاڻ ڪراچي آيو هو. انهيءَ واقعي کي اخبارن تمام گهڻي اهميت ڏني هئي، مون کي
ٻڌايائون ته کين به انهن ڏينهن ۾ هن واقعي سان بيحد دلچسپي هئي.
پوءِ مون کي انهن پراڻن ڪاغذن تان
حياتيءَ جو احوال مون کي پنهنجي ڪاپي تي اتارڻ جي اجازت ڏنائون. ان کان علاوه ۱۹۴۴ع کان پوءِ جي اهم سياسي واقعن بابت
مون کي زباني طور ٻڌايائون جو پڻ آءٌ مڪمل طرح ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو ارادو
رکان ٿو.
عليڳڙهه تحريڪ، خلافت تحريڪ، خاڪسار
تحريڪ، سنڌ جي بمبئيءَ کان الڳ ڪرائڻ واري تحريڪ، سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ واري تحريڪ،
پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪ، ون يونٽ جي خلاف جدوجهد جو جوشيلو، نيڪ نيت ۽ مخلص ليڊر
۽ سنڌ جو بزرگ سياستدان الحاج پيرالاهي بخش اربع ۸ آڪٽوبر ۱۹۷۵ع بمطابق ۲ شوال ۱۳۹۵هه تي ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪري ويو.
اِنالله و اِنا اليه راجعون.
هيءَ دنيا ايڏي ته عارضي آهي جو هن
کان پوءِ جي لمحي جي به پڪ ڪانهي. هن کان اڳ به بي شمار انسان هن دنيا ۾ اچي هليا
ويا. جن مان ڪن کي اڄ تائين ساراهيو ويندو آهي. ڪن کي خراب لفظن سان ياد ڪجي ٿو.
گهڻائي وري اهڙن انسانن جي آهي جن کي هميشه لاءِ گوشهءِ گمنامي نصيب ٿي. هميشه ائين
ٿيندو رهيو آهي جو ڪي ماڻهو پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ مليل اوچو مقام ماڻيندا آهن، ته
ڪي وري پنهنجي محنت ۽ صداقت سان انهيءَ مقام تي پهچندا آهن.
اسان جي سنڌ جي سياست تي گهڻو ڪري
جاگيردارن، وڏن زميندارن، قبائلي سردارن ۽ وڏن روحاني پيشوائن ۽ انهن جي اولاد جو
نسل درنسل غلبو رهيو آهي ۽ اقتدار سندن در جو ٻانهو رهيو آهي. اهڙا تمام ٿورا
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سياسي رهنما هوندا، جن گهڻو عرصو اقتدار ماڻيو هجي.
جناب پيرالاهي بخش پڻ اهڙن چند
سياستدان مان هئا. جيڪي پنهنجي ذاتي صلاحيت جي ڪري سنڌ جي وزارت اعليٰ جي منصب
تائين پهتا ۽ ڏهه ٻارنهن سال اقتدار جي ايوان ۾ رهيا. شايد عام ماڻهن کي خبر نه
هجي، پر سندن قريبي ساٿي ۽ دادوءَ جا پراڻا رهواسي ڄاڻن ٿا ته هو صاحب صديقي قريشي پيرن جي هڪ غريب
خاندان ۾ ڄائو ۽ ننڍپڻ يتيميءَ ۽ ڪسمپرسيءَ ۾ گذريو هُينِ.
پير صاحب جن جي خاندان جو سلسلو حضرت مخدوم
نوح سرور رح جن سان ملي ٿو. سندن ڏاڏو پڙڏاڏو اصل ۾ گهوٽڪي تعلقي ۾ سرحد ريلوي
اسٽيشن کان ٻه ٽي ميل پري لڳ جهانپور جا رهندڙ هئا، جن جا مقبرا هن وقت به گهوٽڪي
شهر ۾ آهن.
سندن والد مرحوم پير نواز علي شاهه پڻ
انهيءَ ڳوٺ ۾ رهندا هئا، جو پوءِ درياء پائي ويو ۽ ڳوٺ جو نشان به باقي نه رهيو.
سندن خاندان جا ڪيترائي ڀاتي لڏي وڃي بهاولپور رياست جي مختلف ڳوٺن ۾ آباد ٿيا. جناب پير نواز علي شاهه مرحوم مغفور
جي پهرين شادي پڻ اتان ٿي، جا بي
بي جلد وفات ڪري ويئي، پوءِ پاڻ حضرت مخدوم نوح سرور جي خاندان، جيڪو سنڌ جي مختلف
حصن ۾ رهندڙ هو، انهيءَ مان ڀان سيدآباد ضلع دادو جي ويجهو پير جي ڳوٺ ۾ آباد جناب
پير لعل محمد مرحوم و مغفور جي همشيره محترمه سان شادي ڪئي. ان مان ٽي ٻار ٿيا،
پيرالاهي بخش، پير واحد بخش ۽ ٽيون ننڍي هوندي ماتا جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو. کين
پنهنجي ڳوٺ تعلقي گهوٽڪي ۾ زمين ۽ کوهه وغيره هئا، جتي شاديءَ کان پوءِ به ويندا
رهندا هئا، پر جڏهن ٻوڏ سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو ته پاڻ لڏي اچي پير جي ڳوٺ ۾ مستقل
قيام ڪيائون.
جڏهن پيرالاهي بخش صاحب اڃا ۵-۶ ورهين جا مس هئا ته سندن والد گذاري
ويا ۽ سڄو بار وڃي سندن مامي پير لعل محمد جن تي پيو. ابتدائي تربيت والده محترمه
کان ملين. جڏهن ۷-۸ ورهين جا ٿيا ته سندن شادي پنهنجي
سڳي چاچي پير پريل شاهه جيڪي بهاولپور رياست ۾ رهڻ لڳا هئا، جي گهران ٿي. ۱۹۰۷ع ۾ پير صاحب کي ڀان سيدآباد پرائمري
اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو.
ساڻن گڏ سندن ماروٽ پير جان محمد به
پڙهندو هو، ڇنڇر آچر تي ڳوٺ ايندا هئا ته پير صاحب پاڻ نار، جيڪو سندن ننڍو ڀاءُ
ڪرائيندو هو، تي وڃي ڳاڌي ڪاهيندا هئا، يا ٻيو به ٻنيءَ جو ڪم ڪار ڪندا هئا.
تعليم ۾ دلچسپيءَ جو سبب پنهنجي ذاتي
ڪوشش کان علاوه سندن مامو پير لعل محمد پڻ هو جو کين همٿائيندو هو پاڻ اسڪول ۾ چڱا
نمبر کڻندا هئا. انهيءَ زماني ۾ انگريزي پڙهڻ جو شوق ٿيو. جنهن لاءِ سندن استاد
مسٽر دولترام (جيڪو سندن وزارت جي زماني ۾ زنده هو ۽ پاڻ ان جي ڏاڍي عزت ڪندا
هئا)، وڌيڪ شوق جاڳايو. ٻهراڙيءَ جا شاگرد انهيءَ زماني ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ
ڪراچي ويندا هئا. سو پير صاحب به داخلا لاءِ اوڏانهن درخواست ڪئي هئي، پر جواب ڪو
نه پهتو هو ته هڪ ڏينهن پنهنجي ماروٽ پير جان محمد سان راند ڪندي تڪرار ٿي پيو ۽
اتان ڀانن مان ئي رات جو ۱۲
واري گاڏيءَ ۾ ڪراچي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي خيال سان روانو ٿي ويو. ان وقت وٽن فقط ٻه
رپيا هئا ۽ ڪپڙن جو جوڙو جيڪو بدن تي پيل هو.
ڪراچي پهچڻ تي پڇائيندا ڀانن جي
ميمڻن: طالب ۽ جاڙي وٽ پهتا. اهو زمانو اپريل ۱۹۱۱ع جو هو. خبر پَينِ ته مدرسي کي
وئڪيشن آهي، پر خيرپور واري اسڪول ۾ داخلا به ملي ٿي، بورڊنگ هائوس به آهي.
ارادو ڪيائون ته خيرپور وڃجي. جاڙي
وارن کان هڪ ٻه رپيا اڌارا وٺي شام جو خيرپور روانا ٿيا پر ٽڪيٽ لاءِ پورا پيسا نه
هئڻ سبب نوابشاهه يا پڊعيدن تائين ٽڪيٽ ورتائون. خيرپور صبح جو پهتا، ٽڪيٽ نه هئڻ
سبب پليٽ فارم جي ڇيڙي تي وڃي اتان جنگلو ٽپي ٻاهر آيا. شهر ۾ اسٽيٽ جي وزير جي
بنگلي تي پهتا. هڪ عريضي نويس کان مفت ۾ درخواست لکرائي، ان وقت شيخ صادق علي وزير
رياست هو ۽ سندن پرائيويٽ سيڪريٽري مسٽر عبدالمجيد دريشاڻي ايم. اي هو.
خبر پَينِ ته دريشاڻي ئي فري بورڊريون
ڏيندو هو، سو ان وقت ڪو نه هو، منجهند جو هو صاحب به آيو ۽ کين گهرايائين. درخواست
ڏسي چيائين ته ”پڙهندين يا بورڊنگ جي ماني کائي فساد ڪندين.“ اهو ان ڪري چيائين جو
هڪ ڏينهن اڳ بورڊر پاڻ ۾ وڙهيا هئا. پير صاحب چيو ”سائين مان غريب آهيان، پڙهندس“.
ان تي دريشاڻي صاحب داخلا ڏني. ائين
کين خيرپور ناز هاءِ اسڪول ۾ داخلا ملي ۽ فري بورڊنگ پڻ، پوءِ اتان پنهنجي مامي
صاحب کي اطلاع موڪليائون.
پير الاهي بخش صاحب جن سان ان وقت
اسڪول ۾ هم ڪلاسي هئا: شيخ نورمحمد (چيف جسٽس سنڌ بلوچستان هاءِ ڪورٽ، مسٽر جسٽس
عبدالقادر شيخ جو والد ۽ مسٽر نبي بخش ڪلهوڙو. مسٽر مدد علي شاهه، مسٽر علي محمد،
آغا عبدالنبي، مسٽر اسلم شيخ ولد محمد ابراهيم شيخ وزير رياست، آخوند رسول بخش،
قريشي فتح محمد ۽ ميان وريل شاهه صاحب پڻ اسڪول ۾ پڙهندا هئا.
پير صاحب پنهنجي ڪلاس توڙي بورڊنگ
هائوس جا مانيٽر هوندا هئا. فوٽ بال، هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جا رانديگر ۽ جنرل ڪيپٽن هئا.
انهيءَ زماني ۾ بلقان جي ترڪي واري جنگ جو مٿن گهڻو اثر هو ۽ انهيءَ وقت کان ئي
منجهن ليڊر بنجڻ جون صلاحيتون پيدا ٿيون. ناز هاءِ اسڪول ۾ سندن استاد هئا، مسٽر
عبدالرحمان، مسٽر اڌارام، مسٽر ليلارام، مسٽر ويرومل، مسٽر الله بخش انصاري، مسٽر
عبدالمجيد دريشاڻي (پرنسيپال)، مسٽر قنڌاري ۽ مسٽر غلام صابر.
پير صاحب ذهانت ۽ محنت جي ڪري پهريون
۽ ٻيو درجو هڪ سال ۾ پاس ڪيو ۽ پنجون ۽ ڇهون پڻ ساڳي سال ۾ پاس ڪيو. ۱۹۱۹ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ سندن مامو
پير لعل محمد کين خانبهادر غلام محمد ڀرڳڙيءَ وٽ وٺي ويو ته جيئن پوليس انسپيڪٽري
۾ چونڊائي، پر ڀرڳڙي صاحب صلاح ڏني ته ڪاليج ۾ داخل ڪرايو وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو
جا صلاح کين ڏاڍي وڻي ۽ اڳتي پڙهڻ جو پڪو پهه ڪيائون. وزير صاحب محمد ابراهيم ويهه
رپيا وظيفو ماهوار مقرر ڪيو. عليڳڙهه يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ کين قاضي خدابخش
مورائي صاحب (جو پوءِ ڪراچيءَ جو ميئر پڻ ٿيو) آماده ڪيو جو ان وقت اتي جو مشهور
شاگرد هوندو هو ۽ اتي ساڻن ڏاڍي مدد ڪيائين.
پوءِ شاگرد يونين جو وائيس پريزيڊنٽ
منتخب ٿيو هو. ان وقت صرف ٻه سنڌي شاگرد هئا، قاضي صاحب ۽ پير صاحب پوءِ مسٽر دين
محمد عليگ، مسٽر عثمان علي انصاري، مسٽر غلام حيدر شڪارپوري، ڪنڊياري جو سيد شرف الدين شاهه پڻ اچي ساڻن شامل
ٿيا.
سن ۱۹۲۱ع ۾ مولانا محمد علي جوهر علي ڳڙهه ۾
آيو ۽ شاگردن اسٽرائيڪ ڪئي. پهرين ته ڪاليج جي پراڻي عمارت تي قبضو ڪيائون. پر
پوءِ ڪليڪٽر کانئن زوري قبضو خالي ڪرايو. ائين تعلقات جي مهم شروع ٿي، جنهن ۾ به
پير صاحب نمايان بهرو ورتو.
مولانا جوهر نيشنل مسلم يونيورسٽي
قائم ڪئي ۽ پيرالاهي بخش صاحب اتي جي اوائلي شاگردن مان هڪ هئا ۽ کين ليڊر جي
حيثيت حاصل ٿي چڪي هئي.
ان يونيورسٽيءَ جو افتتاح شيخ الهند
مولانا محمود الحسن ديو بنديءَ ڪيو هو. اهو زمانو ۱۹۲۱ع جي شروعات وارو هو. ڊاڪٽر ذاڪر حسين
(بعد ۾ ڀارت جو صدر ٿيو) پير صاحب وارن کي اقتصاديات پڙهائيندو هو. مولانا جوهر
پهريون وائيس چانسيلر هو ۽ کين جنرل ليڪچرس ڏيندو هو. پير صاحب انهيءَ زماني ۾ هٿ
سان هڪ پني تي روزنامه اخبار ”الاصلاح“ ڪڍندو هو، جنهن ۾ مولانا جوهر سميت سڀني تي
نڪته چيني ڪئي ويندي هئي. پاڻ اتان بي.اي. پاس ڪيائون.
ان زماني ۾ مولانا جوهر خلافت تحريڪ
جو آغاز ڪيو ۽ سڄي هندستان ۾ شاگردن جا جٿا موڪليائين.
سنڌ لاءِ ستن سنڌي شاگردن: پيرالاهي
بخش، مسٽر دين محمد عليگ، مسٽر غلام حيدر، مسٽر فتح محمد سولنگي، مسٽر عبدالڪريم
پيرزادو، قاضي فضل الله ۽ مولوي تاج محمد دراني کي موڪليائين، ڪراچي پهچي هر هڪ کي
ڌار ضلعي ۾ وڃي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. پير صاحب کي لاڙڪاڻي موڪليو ويو. ان وقت سندن
مامو بضد هو ته وري عليڳڙهه وڃي بي.اي پاس ڪري، ته ڪا سٺي نوڪري ملي، پر پير صاحب
کي خلافت تحريڪ لاءِ ايڏو جوش هو جو گهر وارن جو به ايترو خيال نه هوندو هيس.
لاڙڪاڻي ۾ خلافت جو ڪم زور وٺرايائين ۽ سال ڏيڍ اندر سوا سؤ خلافت ڪميٽيون برپا
ڪيون ويون.
پير صاحب ان وقت ڪانگريس جا به ميمبر
هئا، ان ڪري ڪانگريس ورڪرن مسٽر ريجهومل لاهوري، رام موٽواڻي، پرڀداس تولاڻي ۽ مسٽر
پرتاب راءِ به ساٿ ڏنو. مسٽر رحيم بخش ابڙو، سيٺ خداداد سرهيو، پير تراب علي شاهه
قنبر وارو ۽ پير علي انور شاهه وارن وڏو بهرو ورتو.
پير الاهي بخش صاحب خلافت ڪميٽيءَ جا
سيڪريٽري هوندا هئا. ۱۹۲۱ع
۾ ئي احمدآباد ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيا. ۱۹۲۲ع
ڌاري ڪراچيءَ ۾ خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا، جنهن ۾ پوءِ علي برادران کي ٻن سالن جي
سزا به ملي.
پير صاحب ان ڪيس جي ڪار گذاري سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي. اهو ڪتاب لاڙڪاڻي خلافت ڪميٽيءَ جي ملڪيت هو
۽ سيئو بازار ۾ گيلارام جي پريس مان ڇپرايو هئائون. خلافت جو دفتر به اتي هو،
ڇپائيءَ جا پيسا به پوءِ ڪتاب جي وڪري مان ٿيل آمدنيءَ مان ڏنا ويا هئا.
ان وقت هڪ وڏو چوغو ۽ شلوار لباس
هوندو هو، بعضي سوٽي ٿيلهو ڳچيءَ ۾، هٿ ۾ ڏنڊو هوندو هئس. خلافت تحريڪ جو تمام زور
هوندو هو. سڄي پاڪ هند ۾ خلافت ورڪرن جو اهو لباس هوندو هو. مولانا محمد علي جوهر
جي وفات تائين اهو لباس رهيو.
ڳوٺ ڳوٺ ۾ جلسا ڪندا هئا. ان وقت ۾
پير صاحب جي ملاقات مولانا امروٽي صاحب سان ٿي,
جن سان ساڻن ڏاڍو قرب رهيو.
مهاتما گانڌيءَ جي چورا چوري يوپي هڪ
ڳوٺ جي واقعي جي نتيجي ۾ خلافت تحريڪ ختم ڪرڻ واري اپيل کان پوءِ زور گهٽجي ويو،
خلافت جو ڪم جهڪو ٿيڻ لڳو. ان زماني ۾ پيرالاهي بخش صاحب هڪ هفتيوار اخبار ”آفتاب“
جي نالي سان ڪڍي، جا سال ٻه هلي.
۲۵- ۱۹۲۴ع ۾ خلافت تحريڪ بلڪل ختم ٿي وئي. ان
زماني ۾ پير صاحب جو مرحوم و مغفور سر شاهنواز ڀٽي صاحب سان اچ وڃ جو رستو هو ۽
کيس پير صاحب پنهنجو دوست ۽ خيرخواهه سمجهندو هو. هڪ ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ پير صاحب
کي صلاح ڏني ۽ چيو ته:
”منهنجو خيال آهي ته تون وڃي بي.اي،
ايل.ايل.بي. پاس ڪري اچ، پوءِ تنهنجو مستقبل ڏاڍو چڱو آهي. تون ڳالهائي سگهين ٿو،
ماڻهن ۾ تون مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهين. تون جلدئي هڪ سٺو وڪيل ٿي پوندين ۽ پوءِ
تنهنجو مستقبل تمام سٺو ٿيندو.“
پير صاحب ان تي ويچار ڪرڻ جو واعدو
ڪيو، ان وچم حيدرآباد جي وڪيل مسٽر نورمحمد عليگ به اها صلاح ڏني.
پوءِ پير صاحب ٻيهر عليڳڙهه وڃڻ جو
فيصلو ڪيو. سرشاهنواز ڀٽي لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ مان اسڪالرشپ ڏياري.
۱۹۲۶ع ۾ عليڳڙهه ۾ داخلا ملي. ان وقت
عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ ٽيهه کن سنڌي شاگرد پڙهندا هئا، جن ۾ آغا تاج محمد، فتح
محمد سولنگي، غلام رسول جج، مسٽر جمع خان وغيره قابل ذڪر آهن.
پير صاحب کي سنڌي ايسوسيئيشن جو صدر
چونڊيو ويو. ۱۹۲۷ع
۾ بي.اي.پاس ڪيائين. ۱۹۲۸ع
۾ فرسٽ ايل.ايل.بي پاس ڪري ڳوٺ آيا ته سندن ڪلاس فيلو نبي بخش ڪلهوڙي کين هڪ خط
لکيو ته خيرپور اچي ڪوٽڏيجي جي مير صاحب مير غلام حسين ٽالپر جي ٻن ڇوڪرن- فرزند
مير جيئل ۽ ڀاڻيجي مير مريد عباس کي به عليڳڙهه وٺي وڃي. اهي ٻئي صاحبزادا پير
صاحب جي نگرانيءَ ۾ هڪ سال لاءِ عليڳڙهه ۾ هئا. ۱۹۲۹ع ۾ پاڻ ايم اي ۽ ايل ايل بي به پاس ڪيائون ۽ ٻئي صاحبزادا به
مئٽرڪ ۾ پاس ٿيا. اهو سال پير صاحب صاحبزادن سان گڏ ”مشتاق منزل“ نالي عمارت ۾
رهيا.
سيپٽمبر ۱۹۲۹ع ۾ پيرالاهي بخش صاحب لاڙڪاڻي ۾
اڪيلي سر وڪالت شروع ڪئي، ڪنهن جا به ڀائيوار ڪو نه ٿيا. مسٽر پيسومل شڪارپوري
وڪيل جو منشي ارجن داس وٽن اچي منشي بيٺو. آفيس نواب غيبي خان چانڊئي جي بنگلي لڳ
ورتي، جا سندن ۱۹۳۷ع
۾ وزير بنجڻ تائين وٽن رهي.
ان وقت لاڙڪاڻي ۾ صرف ٻه مسلمان وڪيل
هئا، مسٽر يارمحمد جوڻيجو سرڪاري وڪيل هو ۽ مسٽر محمد حنيف صديقي جو پير صاحب کان
ٻه ٽي سال سينيئر هو، پر مسٽر گوبند رام سيوهاڻيءَ سان ڀائيوار هو. پير صاحب جي
وڪالت تمام سٺي هلڻ لڳي جو ماڻهو کين اڳ ئي سڃاڻندا هئا.
سر شاهنواز ڀٽو ۽ ٻيا دوست ڏاڍا خوش
ٿيا ۽ سندس همت افزائي ڪندا رهندا هئا. پاڻ به محنت ڪندا هئا.
سندن اوطاق ۾ مسافر اصيل اچي رهندا
هئا ته کين ماني به کارائيندا هئا. پير صاحب ڪڏهن پاڻ، پان به نه کاڌائون پر اصيلن
لاءِ هر وقت چلم تيار رکائيندا هئا.
وڪالت شروع ڪرڻ لاءِ پهرئين ڏينهن
جڏهن پير صاحب لاڙڪاڻي لاءِ دادو جي ريلوي اسٽيشن تي آيو ته کيس دادوءَ جي هڪ معزز
شخصيت ميان جيوڻ شاهه مرحوم هڪ ڪيس ڏنو ۽ في به ڏني. ان کان ٿورو اڳ جيڪب آباد ۾
ڏهه خون ٿيا هئا. جنهن ۾ چار مسلمان جوابدار هئا. اوترائي وڪيل هئا. جن مان هڪ پير
صاحب به هئا. لاهور مان سر شفيع به هڪ جوابدار خانبهادر دلمراد خان جو وڪيل هو.
پيرزاده عبدالقادر ۽ مسٽر نبي بخش ولد خدابخش جا وڪيل هئا جو هڪ خلافتي ورڪر هو.
اهو ڪيس مسٽر محمد علي نالي هڪ جج هلايو. اهو ڪيس ڳچ وقت هليو ۽ پير صاحب کي ڪيس
هلندي سر شفيع جهڙي ماهرِ قانون کان سکيا ملي. دلچسپ ڳالهه هيءَ ته پير صاحب سميت
باقي ٻن جا اصيل به ڪيس مان آزاد ٿي ويا پر سر شفيع جي اصيل کي سزا ملي. پير صاحب
ان ڪيس ۾ في ڪا نه ورتي هئي جو اها هڪ قومي ڳالهه هئي. سر شفيع به پير صاحب کي
همٿائيندو هو ۽ چوندو هو ته سندن آئيندو تمام سٺو آهي.
بهرحال لاڙڪاڻي ۾ جاءِ وٺي پرئڪٽس
شروع ڪيائون. سندن جاءِ جي سامهون ٽيئون مل جو دڪان هو جنهن سان سٺي دعا سلام
هُئن. پير صاحب ڪيسن تي ڏاڍي محنت ڪندا هئا. ۽ هميشه تيار ٿي ڪورٽ ۾ ويندا هئا. ٻن
ٽن سالن ۾ وٽن ڪم ايترو ته وڌي ويو جو پارٽنر رکڻ جي ضرورت محسوس ٿين، ٻه ٽي منشي
هوندا هئن پر پاڻ سعدو ديري جي ويٺل ارجن داس تي گهڻو ويساهه ڪندا هئا. ارجن داس انگريزي
بنهه پڙهيل ڪو نه هو، ته به
مئٽرڪ پاس وارن وانگر انگريزي ڳالهائيندو هو. پير صاحب وزير ٿيا ته به ارجن داس
ساڻن گڏ رهيو، جيسين پاڻ جيئرو هو، پير صاحب کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. ارجن داس ۱۹۴۱ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ديهانت ڪري ويو. سندس
پوين سان به پير صاحب دوستي قائم رکي .
وڪالت جو ڪم سٺو پئي هليو. سيشنس جج
مسٽر عبدالله آخوند (جو خدا جي فضل سان هن وقت به بقيد حيات آهي) هو جو بقول پير
صاحب جي، کين ڏاڍو همٿائيندو هو ۽ خيال رکندو هو. آخوند صاحب جا ٻه فرزند اهم
سرڪاري عهدن تي فائز آهن. جناب اقبال آخوند اقوام متحده ۾ مستقل نمائندو آهي، ته
جناب رفيق آخوند سنڌ سرڪار ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري آهي.
پير صاحب غريبن جا ڪيس مفت هلائيندا
هئا ۽ کين هر قسم جي سهوليت ڏيندا هئا. ضلعي جا زميندار ۽ ڪامورا گهڻو وٽن اچي
ٽڪندا هئا. غريب اصيل به سندن اوطاق تي رهندا ۽ ماني وغيره کائيندا هئا. ان ڪري
لاڙڪاڻي ۾ ان وقت عام طور تي چوندا هئا ته ”بابا پير جو ننگر چڙهيو پيو آهي، جيڪو
اتي ويندو ته سڀ سهوليت ملندس.“ ڳوٺان ٻه ماڻهو: اسحاق ڌوترو ۽ پريو پنهور پاڻ سان
وٺيو آيا هئا، جيڪي پيا خدمت چاڪري ڪندا هئا ۽ ايترن ماڻهن کي منهن ڏيندا هئا.
پير صاحب جو ننڍو ڀاءُ پير واحد بخش
ڳوٺ رهندو هو ۽ گهر جو سمورو ڪاروبار سنڀاليو ويٺو هو. سندن وڪالت واري شروعاتي
زماني ۾ سندن پنهنجي ڪا به زمين نه هئي پر سندن ڀاءُ، پنهنجي مامي جناب پيرلعل
محمد جي زمين آباد ڪندو هو. ۱۹۳۱ع
کان براج نڪتو ۽ پوءِ سرڪاري زمينون يڪسالي تي کڻڻ لڳا. ڪجهه وقت سندن دوست جمعدار
مهر علي خان ڀائيواري ڪئي پر پوءِ رڳو پاڻ کڻندا هئا. وڪالت مان آمدني چڱي ٿيندي
هئي جنهن مان ڪافي زمينون ورتائون. ڇپرايون جايون پڪيون ڪرايائون. ائين چڱيءَ طرح
پيرن تي بيٺا.
دادو ضلعو ڌار ٿيو ته لوڪل بورڊ جون
چونڊون ٿيون. پير صاحب، خانبهادر يارمحمد ۽ خانهادر محمد پريل ڪلهوڙي جي چوڻ تي
دادوءَ مان هٿ کڻي جوهيءَ مان بيٺا پر جيئن ته اليڪشن جي چالبازين کان بلڪل بي خبر
هئا، ان ڪري ساڻن دوکو ڪيو ويو ۽ اليڪشن ۾ هارايائون پر بقول سندن، کين اڳتي لاءِ
سٺو سبق مليو. کين اسڪول بورڊ جي ميمبري ملي.
۱۹۳۲ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبريءَ لاءِ
اليڪشن جو ڪم شروع ٿيو. مسٽر يار محمد جوڻيجي ۽ پير صاحب معاهدو ڪيو ته پهريون
صاحب ميهڙ ڪڪڙ واري سيٽ تان بيهندو ۽ پويون صاحب دادو جوهيءَ مان. پر خانبهادر
غلام محمد اسراڻ وارهه- ڏوڪري واري تڪ ۾ نواب لاهوري جي اميدوار بيهڻ ڪري ميهڙ ڪڪڙ
مان پاڻ بيهڻ جو سوچيو ۽ جوڻيجي صاحب کي چيو ته هو دادو- جوهيءَ مان بيهي ته ٻئي
ميمبر چونڊجي ويندا. ان تي جوڻيجو صاحب پير صاحب جي مخالفت ۾ بيٺو. ان وقت سنڌ ۾
ٻه سياسي پارٽيون هيون: هڪ سر شاهنواز ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾، ته ٻي وري حاجي عبدالله
هارون جي قيادت هيٺ.
پير صاحب جا جيئن ته سر شاهنواز ڀٽي
سان پراڻا تعلقات هئا، ان ڪري سندن پارٽي طرفان اميدوار بيٺو. عجيب اتفاق ته پير
صاحب جو انتخابي نشان به تلوار هو. اليڪشن جو ورڪ هليو جوڻيجي صاحب کي سڀني ڪامورن
سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، جي مدد حاصل هئي. مسٽر نور نبي ڪليڪٽر هو. اها اليڪشن به دادو
ضلعي جي سياسي تاريخ ۾ يادگار هئي. هڪ پاسي جوڻيجي صاحب جهڙو اثر رسوخ رکندڙ صاحب
۽ وڏو ماڻهو ۽ ٻئي طرف پير الاهي بخش جهڙو سرڪار ۾ نوجوان ۽ غريب اميدوار! پر عوام
جي حمايت کين حاصل هئي جو ان زماني جي ڪن مشهور قومي معاملن ۾ پير صاحب مسلمانن جي
مفت قانوني مدد ڪئي هئي. ان ڪري مقبوليت حاصل ڪري ورتي هئائون. ڪيترائي اثر وارا
قبائلي سردار پڻ ان مدد سبب پير صاحب جو پاسو جهلي بيٺا جن مان سردار مينهون خان
جمالي، مرزا خان رستماڻي، جهنڊو خان شاهاڻي ۽ دادو تعلقي جا معزز ماڻهو جهڙوڪ: سيٺ
حاجي محمد يعقوب ميمڻ مرحوم، رئيس محمد عالم گهلو، حاجي ڀورو خان شيخ، سرائي شير
محمد ڏاوچ، سيد ڪوڙل شاهه پپري وارو، سيد مراد علي شاهه واهڙ وارو ۽ حاجي محمد
شاهه ڦٽائي ۽ ٻين کان علاوه درگاهه شريف
راڻيپور جو سجاده نشين حضرت پير عبدالجبار شاهه مرحوم نهايت قابل ذڪر هستيون هيون.
نه رڳو دادو بلڪه ٻين هنڌن کان مثلاً موري مان خانبهادر امام بخش خان جتوئي، (غلام
مصطفيٰ خان جتوئي چيف منسٽر سنڌ جو ڏاڏو) پنهنجي اليڪشن ڇڏي اچي پير صاحب جي مدد
ڪئي.
بي سرو سامانيءَ جي حالت جي باوجود
پاڻ اليڪشن ۾ هزارن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا ۽ جلدئي سنڌ ڪابينا ۾ پهرين روينيو
وزير ۽ پوءِ وزير تعليم طور کڄي ويا. وزير مقرر ٿيڻ شرط پارٽيءَ جي نئين قائد شهيد الله بخش سومري
کين عوامي دورن لاءِ منتخب ڪيو. پير صاحب زمين تي عوام سان گڏ ويهي انگريزي ڪامورن
کي به هيٺ ويهڻ تي مجبور ڪيو، جنهن تي انگريز سخت ناراض ٿيا. پير صاحب جي تقريرن
جو موضوع هيءُ هوندو هو ته ڪامورا وزيرن جا نوڪر آهن ۽ وزير عوام جا نوڪر آهن.
موقعي تي درخواستون وٺي احڪام جاري ڪيا ويندا هئا ۽ اتي جو اتي عمل به ٿيندو هو.
ان زماني ۾ عوام کي ڏٽن ڏيڻ جو سوچي به نه سگهبو هو. ماڻهن جي وزيرن تائين رسائي
اڄ جي مقابلي ۾ وڌيڪ آسان هئي.
سڄي سنڌ جي عوامي دورن پير صاحب کي
مقبول وزير بڻايو. پير صاحب هڪ حضور شرم، روزي نماز جا سختيءَ سان پابند هئا. ماڻهو سندن ايمانداريءَ جو مثال
ڏيندا هئا. اهوئي سبب هو جو هر وزارت ۾ کين کنيو ويندو هو. پير صاحب کي تعميري ڪمن
خاص طور تي تعليم سان بيحد دلچسپي هوندي هئي. پاڻ اڪثر ذڪر ڪندا هئا ته جيئن ته هو
پاڻ غريبي حالت ۾ پڙهيو، تنهن ڪري غريبن جي تعليم جو اونو رهندو هئن. اسڪالر شپون
گهڻي ۾ گهڻيون منظور ڪيائون، جيئن غريبن جي ٻارن جي تعليم ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي. سندن
وزير ٿيڻ کان اڳ چند هاءِ اسڪول (ٽي يا چار) ۽ ٻه يا ٽي ڪاليج هوندا هئا. رٿا تيار
ڪيائون ته هر هڪ تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ هاءِ اسڪول ۽ هر هڪ ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪاليج
قائم ٿئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي رٿا تيار ڪري بل پيش ڪيائون ۽ سخت مخالفت جي باوجود
اهو بل پاس ڪرائي ورتائون جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پهرين يونيورسٽي قائم ٿي. اهڙا
ڪيترائي تعليمي ادارا آهن جيڪي سندن ڪوششن سان وجود ۾ آيا، سنڌ ۾ زوري تعليم ۽
بالغن جي تعليم شروع ڪرايائون ۽ لٽريسي موومينٽ شروع ڪيائون، جن جي يادگارن ۾
پيرالاهي بخش لٽريسي ٽاور سکر ۾ اڄ به قائم آهي.
ان زماني ۾، پيرالاهي بخش صاحب جن سنڌ
اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ اميدوار بيٺا ته سندن حق ۾ قادري پريس لاڙڪاڻي هڪ نظم ڇاپيو،
جنهن جون ڪجهه مصرائون آهن:
پير صاحب آهه لائق هر طرح
اڄ ووٽ جو،
ديندار ۽ آهه حاجي ۽ سدا مهمان نواز،
خلق جي خذمت ڪري ٿو، آهه همدرد ۽ معين،
بالغن جي جنهن ڪئي تعليم جاري سنڌ ۾،
علم ۾ اعليٰ ٿيو ۽ عقل ۾ هوشيار آهه
خوب خوش خلق ۽ نهايت نرم خوش گفتار آهه.
بي ريا، منصف ۽ مظلومن جو حامي يار آهه،
جاهلن ۽ اڻ پڙهين جو هيءُ سدا غمخوار آهه.
]
ماهوار”نئين زندگي“مئي- جون، نومبر ۱۹۷۶ع[
پير الاهي بخش
فرحان علي ڀٽي
ڏکڻ
ايشيا ۾ گذريل ٻن صدين دوران جنم وٺندڙ نامور، قداور ۽ تاريخ ساز شخصيتن جو ذڪر
ڪبو ته اهڙين اهم شخصيتن مان پير الاهي بخش به هڪ آهي.
پير
صاحب جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي کان اڳ
سنڌ جي پهرئين قانون ساز اسيمبلي جا ميمبر ۽ وزير تعليم رهيا. پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ سنڌ جي ٻئي وڏي وزير جي عهدي تي فائز رهيا. سندن سڀ کان وڏو اعزاز اهو هو جو
قائد اعظم محمد علي جناح جو انتهائي ڀروسي وارو ساٿي رهيو. ڪراچي شهر جا رهواسي
سندس نالي پٺيان آباد علائقي پير الاهي بخش ڪالوني جي حوالي سان هردم کيس ياد رکن
ٿا. اڄ پير صاحب کي اسان کان وڇڙندي ۳۴ سال گذري ويا آهن. سندس ورسيءَ جي
حوالي سان هيءَ کيس ڀيٽا ڪجي ٿو.
پير
الاهي بخش جو تعلق سنڌ ڌرتيءَ جي انتهائي معتبر، معزز ۽ روحاني خاندان سان آهي پاڻ
۱۸۹۰ع ۾ پير جو ڳوٺ لڳ ڀان سعيد آباد، هاڻوڪو ضلع دادو ۾ جنم ورتو.
اڃان نون ورهين جا مَس ٿيا ته سندن والد پير نواز علي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو
ڪيو. جنهن کانپوءِ سندن پرورش مامي پير لعل محمد جي زير نگراني ٿي. سندن خاندان جو
تعلق حضرت مخدوم نوح رحه جي پنجين پٽ مخدوم موسيٰ سان ملي ٿو.
پير
سائين پنهنجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ ڀان سعيد آباد ۾ حاصل ڪئي. جنهن کان پوءِ
تعليم جي وڌيڪ طلب ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس روانو ٿيو. جتان ميٽرڪ جو امتحان
پاس ڪيائين. اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي ويو. کين اهو به اعزاز حاصل آهي
جو هو پنهنجي خاندان جو واحد فرد هيو جيڪو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه
تائين ويو. جيئن ته الله رب العزت کي کائونس اڳتي هلي ڪجهه وڌيڪ ڪم وٺڻو هو ان
لاءِ سندس زندگي ۾ هڪ سياسي اڳواڻ جون خصوصيتون پيدا ٿيون. مولانا محمد علي جوهر
جي اڳواڻي ۾ هلندڙ خلافت تحريڪ کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. جنهن جي ڪري پاڻ علي ڳڙهه
مسلم يونيورسٽي کي ڇڏي مولانا محمد علي جوهر جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ اداري جامعه
مليه دهلي ۾ بحيثيت طالب علم داخلا ورتائون. جتان پاڻ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائون.
سڀ کان وڏي ڏک جي ڳالهه اها آهي جو ان وقت جي انگريز حڪومت جامعه مليه دهليءَ جي
ڊگري کي تسليم نه ڪيو. جنهن جي ڪري هيڏي محنت سان حاصل ڪيل ڊگري به سندن ڪم نه اچي
سگهي. انهن سڀني ڳالهين باوجود به پاڻ خلافت تحريڪ جي نشي ۾ مدهوش مسلمانن جي
آزادي جي جدوجهد لاءِ پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي آيا. جتي هن مقامي طور تي
خلافت تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. بدقسمتي سان هِن تحريڪ وڌيڪ زور نه ورتو ۽ انگريز
حڪومت جي ظلم ۽ جبر هن تحريڪ کي دٻائي ڇڏيو. بهرحال حالتن ۾ ڦيرو آيو. ان وقت
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جي صدر سر شاهنواز ڀٽي پير صاحب کي مشورو ڏنو ته هو
اعليٰ تعليم لاءِ واپس علي ڳڙهه يونيورسٽي وڃي ۽ پنهنجي رهيل تعليم کي مڪمل ڪري ان
مقصد لاءِ سر شاهنواز ڀٽو صاحب ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي طرفان هِن لاءِ وظيفو پڻ مقرر
ڪيو. اهڙي طرح پير صاحب پنهنجي ٻي تعليمي دؤر ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم.
اي ۾ تاريخ جي مضمون ۾ سند حاصل ڪئي. ان سان گڏوگڏ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ حاصل
ڪيائون. پنهنجي اُن وقت جي اباڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ قانوني پريڪٽس شروع ڪئي، ڇو ته ان
وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀان سعيد آباد به هيو.
اهڙي
موقعي تي تاريخ کانئس هڪ وڏو ڪم ورتو. جيئن ته اسان سڀني کي اها
ڀلي ڀت خبر آهي ته قيام پاڪستان جي جدوجهد جي شروعات ته ڪافي عرصي کان هلندڙ هئي
پر ان ۾ جيڪا واضح ۽ سنگ ميل جي حيثيت رکندڙ ڳالهه هئي اها هئي “قرارداد پاڪستان”
جيڪا ۲۳ مارچ ۱۹۴۰ع ۾ شير بنگال مولوي عبدالحق آل انڊيا
مسلم ليگ جي جنرل اجلاس ۾ پيش ڪئي. جنهن ۾ اهو واضح طور تي ڄاڻايل هو ته ڏکڻ ايشيا
جي گهڻي آبادي واري مسلم علائقن، رياستن ۽ صوبن کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو وڃي. اهو
واضح رهي ته هن قرارداد پيش ٿيڻ کان فقط ٽي سال اڳ تائين سنڌ کي ڌار صوبي جي حيثيت
حاصل نه هئي. جيڪڏهن ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪري الڳ صوبي جي حيثيت
حاصل نه هجي ها ته “قرارداد پاڪستان” ۾ کيس ڌار مسلم اڪثريتي صوبي جو درجو نه ڏنو
وڃي ها. اهڙي ريت قيام پاڪستان کان پهرئين سنڌ صوبي جي اسيمبلي هئي جنهن سڀ کان
پهريائين پاڪستان ٺاهڻ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. اهو اعزاز به سنڌ کي ان لاءِ حاصل
آهي جو هو ان وقت هڪ ڌار صوبو هيو. ان پوري پَسمنظر ۾ سنڌ جي بمبئي کان ڌار صوبي
جي حيثيت ۾ ٿيڻ هڪ عظيم ڪارنامو هو. ان جدوجهد جي پٺيان پير الاهي بخش جي شخصيت جو
وڏو هٿ آهي. پير صاحب کي پنهنجي شاگرديءَ واري زماني کان ئي اها ڳالهه ڏاڍي پريشان
ڪندي هئي ته جيڪو شاگرد پڙهي ته لاڙڪاڻي ٿو پر کيس امتحان ڏيڻ لاءِ بمبئي وڃڻو پوي
ٿو. ان دؤر ۾ امتحان بمبئي يونيورسٽي وٺندي هئي. سنڌ ڌرتي جي تاريخ، ثقافت ۽ آزاد
حيثيت هن کي هميشه ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪندي هئي ته هو ڪجهه اهڙو ڪري جنهن سان سنڌ
ڌرتيءَ کي پنهنجي هڪ آزاد حيثيت ملي.
جيتوڻيڪ
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جي جدوجهد ڪافي عرصي کان ڪم
ڪري رهي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ گول ميز ڪانفرنس ۽ “سائمن ڪميشن” تائين اها ڳالهه
پهچي چڪي هئي. پر ان لاءِ اڃا به وڌيڪ مؤثر ۽ لاڀائتي جدوجهد جي ضرورت هئي جنهن
لاءِ پير صاحب سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جو بنياد وڌو، تمام ئي ٿوري عرصي ۾ سندس جدوجهد
رنگ لاتو ۽ آخر انگريز سرڪار مجبور ٿي ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ کي
بمبئي کان ڌار ڪري الڳ صوبي جي حيٽيت ڏني. تاريخ جو ڪوبه شاگرد پير سائين جي هن
عظيم جدوجهد کي نه ٿو وساري سگهي.
سياستدان
۽ بهترين قانوندان جي حيثيت ۾ پير صاحب ميدان ۾ موجود هو. ۱۹۳۷ع ۾ جڏهن سنڌ
۾ ڌار صوبي جي حيثيت ۾ قانون ساز اسيمبلي جوڙي وئي ته ان اليڪشن ۾ پير صاحب به حصو
ورتو ۽ ان دؤر جي وڏن وڏن ڌِڱن کي هارائي سنڌ صوبي جي پهرئين قانون ساز اسيمبلي جو
ميمبر چونڊيو ويو. هي اهو دؤر هو جڏهن هندستان ۾ عملي طور ٻه وڏيون سياسي جماعتون
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي صورت ۾ موجود هيون. ٻنهي جماعتن ماڻهن جي اڳيان پنهنجو
منشور پيش ڪيو جنهن ۾ ٻه وڏا اختلاف هيا. پهريون هي ته ڪانگريس گڏيل چونڊن جي حامي
هئي ۽ مسلم ليگ جدا جدا چونڊن جي حامي هئي، ٻيو اهو ته ڪانگريس هندي زبان کي گڏيل
هندستان جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ ۽ ديوناگري رسم الخط کي اختيار ڪرڻ پئي
چاهيو، جڏهن ته مسلم ليگ اردو زبان کي فارسي رسم الخط ۾ جاري رکڻ پئي چاهيو، پر
ائين لڳي رهيو هو جو سنڌ جي ماڻهن کي ٻنهي پارٽين جي منشور ۽ مٿي ذڪر ڪيل اختلاف
سان ڪا خاص دلچسپي نه هئي ان جو اهو ثبوت هو جو انهن اهڙن ماڻهن کي اليڪشن ۾
کٽرايو جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي، جغرافيائي ۽ ثقافتي روايتن جا امين هئا.
گورنمنٽ
آف انڊيا ايڪٽ ۱۹۳۵ع مطابق سنڌ جي پهرئين چونڊيل اسيمبلي جو مدو اٽڪل ۹
سال رهيو. ان جو سبب اهو هو جو اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي ٻي مهاڀاري
لڙائي شروع ٿي وئي. جنهن جي ڪري نيون چونڊون نه ٿي سگهيون. اهڙي طرح ۱۹۳۷ع
۾ چونڊيل هِيءَ اسيمبلي ۱۹۴۵ع جي پڄاڻيءَ تائين ڪم ڪندي رهي. ۶۰ ميمبرن جي
هن اسيمبليءَ ۾ ۳۳ سيٽون مسلمانن لاءِ ۽ هڪ سيٽ مسلمان عورت لاءِ مخصوص ٿيل هئي.
جڏهن ته ۱۸ سيٽون ان کان علاوه هيون. سنڌ اسيمبلي جو پهريون اجلاس موجوده
هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ ۾ ٺهيل اسيمبلي هال جي اندر ۲۷ اپريل ۱۹۳۷ع
۾ منعقد ٿيو جنهن جي صدارت ديوان بهادر هيرانند کيمچند ڪئي. هي اجلاس صرف چار
ڏينهن جاري رهيو جنهن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي وئي. هن اجلاس ۾ ۲۸
اپريل ۱۹۳۷ع تي سائين غلام مرتضيٰ شاهه (جي ايم سيد) پير الاهي بخش جو
نالو بحيثيت اسپيڪر پيش ڪيو. جڏهن ته خان بهادر سيد غلام نبي شاهه ۽ خان بهادر
امير علي ٺارو خان لاهوري شيخ عبدالمجيد جو نالو تجويز ڪيو. جنهن کان پوءِ پير
الاهي بخش صاحب، شيخ عبدالمجيد جي حق ۾ پنهنجو نالو واپس ورتو. پر ان جي باوجود
ديوان بهادر ڀوڄ ۴۰ ووٽ کڻي سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر چونڊيو ويو. سنڌ جي
پهرئين ڪابينا ۾ صرف ٽي ميمبر منتخب ٿيا. جن ۾ سر غلام حسين هدايت الله وڏو وزير،
مير بنده علي ٽالپر ۽ مکي گوبند داس پريتم داس بحيثيت وزير شامل ٿيا. هي ڪابينا ۲۲
مارچ ۱۹۳۸ع تي ختم ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ وري ٽي رڪني ڪابينا جوڙي وئي
جنهن ۾ خان بهادر الله بخش سومرو وڏو وزير ۽ پير الاهي بخش روينيو وارو وزير،
نيچلداس وزيراڻي کي پي ڊبليو ڊي ۽ پبلڪ هيلٿ جو وزير بڻايو ويو. ۱۸
مارچ ۱۹۴۰ع ۾ الله بخش سومروجي حڪومت به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جنهن کان
پوءِ مير بنده علي ٽالپر کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو. پر صرف هڪ سال جي اندر ئي ۶
مارچ ۱۹۴۱ع تي ٽن وزيرن جي استعيفيٰ سبب هي ڪابينا ختم ڪئي وئي. نئين
حڪومت ٻيو ڀيرو خان بهادر الله بخش سومرو جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قيادت سنڀالي. هن ۾
پير الاهي بخش صاحب به شامل هيو. هن ڀيري پير صاحب کي هڪ وقت ۾ تعليم، صنعت، محنت،
آبڪاري، جنگلات ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ وارا کاتا ڏنا ويا. ان کان پوءِ به وڏا وزير ته
تبديل ٿيندا رهيا پر پير صاحب آخري وقت تائين مٿين کاتن جي وزير جي حيثيت سان ڪم
جاري رکيو.
پير
الاهي بخش صاحب شروع کان وٺي ئي اسيمبلي ۾ قانون سازي طرف خاص ڌيان ڏنو. جنهن ۾
منشيات، تماڪ، آبڪاري ۽ ڪاٽن جننگ جهڙن اهم کاتن ۾ مناسب وقت تي قانون سازي ڪري
بهترين پارليامينٽرين جو ڪردار ادا ڪيو. تعليم سان سندن دلي لڳاءُ هيو ان ڪري ئي
سنڌ ۾ پرائمري تائين تعليم لازمي قرار ڏيڻ جو بل اسيمبليءَ مان متفقه طور پاس
ڪرايو. هن بل ذريعي سنڌ اندر پرائمري تعليم کي لازمي قرار ڏنو ويو ۽ والدين جي
لاءِ پڻ اهو لازمي قرار ڏنو ويو هو ته هو هر صورت ۾ پنهنجن ٻارن کي پرائمري تعليم
ڏيارين. پير صاحب کي شروع کان وٺي اها ڳالهه ڀلي ڀت خبر هئي ته سنڌ جا شاگرد جيڪي
ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ بمبئي وڃن ٿا ۽ انهن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. ۱۹۳۷ع
۾ سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ باوجود به اهو سلسلو جاري هو. هي اهڙو وقت هيو جڏهن
پير الاهي بخش سنڌ ۾ هڪ يونيورسٽي جو خواب ڏٺو. جنهن جي تعبير لاءِ پاڻ پنهنجي هم
خيال دوستن جي ساٿ ۽ سهڪار سان سنڌ اسيمبلي جي ۲۲ هين اجلاس
جيڪو ۱۲ مارچ ۱۹۴۵ع تي گهرايو ويو ان ۾ سنڌ يونيورسٽي
جي قيام جو بل پيش ڪيو. هي بل پهريون ته سليڪٽ ڪميٽي آڏو پيش ڪيو ويو جنهن جي
منظوري کان پوءِ اسيمبلي جي اجلاس ۾ باقاعده راءِ شماري لاءِ پيش ڪيو ويو. جتي تمام
گهڻي محنت ۽ ڪوششن کان پوءِ پير الاهي بخش اهو بل ٻن ووٽن جي سادي اڪثريت سان پاس
ڪرايو. اهڙي طرح سنڌ جي پهرئين يونيورسٽي يعني سنڌ يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آيو.
عام ماڻهن کي ان ڳالهه جو اندازو نه آهي ته ان بل جي مخالفت لاءِ ڪيترين شديد
مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. انهن ئي ڏينهن ۾ پرتاب داس ان خوف کان ته ڪٿي سنڌ
يونيورسٽي جو قيام سنڌ جي مسلمانن جي جدا يونيورسٽي جو سبب نه بڻجي ۽ سنڌ جا هندو
اقليت ۾ هئڻ ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان رهجي وڃن ان لاءِ هن سنڌ اندر ڌار هندو
يونيورسٽي جي قيام جي جدوجهد شروع ڪئي پر اها گهڻو وقت هلي نه سگهي. مذهبي تعصب جي
اها سوچ سنڌ اسيمبلي ۾ هن بل تي ٿيندڙ بحث تي به حاوي رهي پر پير الاهي بخش صاحب
هر اهڙن اڻوڻندڙ سوالن جا وڏي دانشمندي سان جواب ڏنا. سنڌ اسيمبلي جي رڪارڊ مان ان
بحث جي هڪ حصي جو خاڪو هن لکڻي جي پڄاڻي تي الڳ سان پيش ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ پڙهندڙ
ان تعصب جي هڪ جهلڪ ڏسي سگهندا. مخالفن سندس ان ڪوشش کي نه صرف تنقيد پر طنز جو
نشانو پڻ بڻايو. پير الاهي بخش صاحب جي آڏو اهو سوال اٿاريو ويو ته جيڪڏهن سنڌ
يونيورسٽي ٺهي ٿي ۽ توهان وٽ پڙهڻ لاءِ ڪجهه شاگرد اچن ٿا ته انهن جي لاءِ استاد
ڪٿان ايندا. جنهن تي پير صاحب چيو ته اهو منهنجو ڪم آهي مان اهڙا استاد آڻيندس جن
جي مٿان ڪنهن کي آڱر کڻڻ جي به جرئت نه ٿيندي. پير صاحب پنهنجي چيل ڳالهه کي سچ
ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ پهرئين وائيس چانسلر لاءِ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جي پروفيسر
اي. بي حليم کي راضي ڪري ورتو. قائداعظم محمد علي جناح رحه پير صاحب جي ان ڪاوش کي
تمام گهڻو ساراهيو. ان دؤران پير صاحب جو قائد اعظم سان خطن ذريعي رابطو ٿيندو
رهيو. جنهن ۾ قائداعظم کين ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو هو. جيتوڻيڪ ۱۹۳۷ع
وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ سنڌ مان هڪ سيٽ به نه کٽي سگهي هئي پر ان جي باوجود به پير
صاحب جا قائد اعظم سان سٺا واسطا هئا جنهن جي ڪري مسلم ليگ سنڌ ۾ بي پناهه مقبوليت
حاصل ڪري ورتي هئي. مارچ ۱۹۴۶ع ۾ چونڊيل ٻي سنڌ اسيمبلي جي اڪثر
ميمبرن جون همدرديون مسلم ليگ سان وابسته هيون. جنهن جي ڪري سنڌ اسيمبلي کي قيام
پاڪستان جي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. پير صاحب جي قائد اعظم سان نهايت
عقيدت ۽ محبت هئي ان جو اندازو ان ڳالهه مان چٽي طرح لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن قائد
اعظم محمد علي جناح رحه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ته پير الاهي بخش پنهنجي نالي
سان منسوب پير الاهي بخش ڪالوني جي جامع مسجد ۾ جمعي جي خطبي دؤران قائداعظم جو
ذڪر ڪيو.
پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ پير الاهي بخش سنڌ جي ٻئي وڏي وزير جي عهدي تي فائز ٿيا. سندن وڏ
وزارت جو دؤر صرف هڪ سال رهيو. ۳ مئي ۱۹۴۸ع کان ۴
فيبروري ۱۹۴۹ع تائين. سندس وڏ وزارت جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ڳالهه اها هئي جنهن
تي پير صاحب هميشه فخر محسوس ڪندا رهيا سو هو ته قائداعظم رحه جن پاڻ کيس وڏ وزارت
لاءِ منتخب ڪيو هو. هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌ ڌرتي هندستان مان هجرت ڪري آيل
مسلمانن جي آبادي بحران جو شڪار هئي. پير صاحب نه صرف هندستان کان آيل مسلمانن کي
رهائڻ لاءِ پنهنجو فرض سمجهيو پر ان سان گڏوگڏ هڪ ذاتي، ديني خدمتگار جي حيثيت سان
ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
هن
ڪراچي ۾ هندستان کان آيل مسلمان ڀائرن کي آباد ڪرڻ لاءِ پير الاهي بخش ڪوآپريٽو
هائوسنگ سوسائٽي قائم ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ تمام وڏي ڪالوني قائم ٿي جيڪا اڄ
ڪراچي جي دل ۾ پير الاهي بخش ڪالوني جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ان زماني ۾ هندن جي
ڇڏيل ملڪيتن کي هندستان مان آيل مهاجر ڀائرن جي حوالي ڪرڻ ۾ جيڪي مشڪلاتون پيش
آيون پئي انهن کي پير صاحب پنهنجي ذاتي ڪوششن سان آسان بڻايو. هن هندستان مان آيل
مسلمانن کي نه مهاجر چيو ۽ نه سنڌي پر هنن کي پنهنجي حيثيت جو پاڪستاني تصور ڪيو.
هڪ حقيقي ڌرتيءَ جي سپوت جي حيثيت ۾ هن نئين آيل پاڪستانين کي به اهو ئي درجو ڏنو
جيڪو هڪ ڌرتي ڌڻيءَ کي حاصل هوندو آهي. ان جي انهيءَ سوچ تي کيس انتهاپسندن تنقيد
جو نشانو بڻايو. پر قائداعظم جو هي ساٿي اهڙين ڳالهين کي نظر انداز ڪري تحريڪ
پاڪستان ۽ قيام پاڪستان جي مقصدن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ساٿين کي آباد ڪرڻ ۾ مصروف ڪار
رهيو. ۱۹۲۸ع ۾ ئي مشهور اردو شاعر راغب مراد آبادي سندس خدمتن کي
ساراهيندي هي شعر چيو ته:
پير
الاھي بخش ني راغب، فکر و نظر سي کام ليا
قوم
کي دل سي خدمت کي اور قوم ني ان کا نام ليا
سنڌ
۾ پرائمري تائين تعليم لازمي قرار ڏيڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي قيام تائين سندس سفر ختم
نه ٿيو، پر ان سان گڏوگڏ سنڌ مدرسة الاسلام بورڊ جي سرپرستي پڻ ڪئي ۽ سنڌ مسلم
ڪاليج جي بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻي پاسي هندستان مان لڏي آيل مسلمانن کي
اردو زبان ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪئي جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ اردو
ڪاليج جو قيام ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اڄ اهو ئي
اردو ڪاليج اردو يونيورسٽي جي حيثيت ۾ پوري ملڪ اندر اهم حيثيت رکي ٿو. جڏهن ته
ڪراچي يونيورسٽي کي به اهڙو ته اعليٰ مقام مليو آهي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
ان
ڳالهه جو ڪو اهم ثبوت ته نه ٿو ملي پر ائين ضرور محسوس ٿئي ٿو ته پير الاهي بخش
مرحوم پنهنجي محسن سر شاهنواز ڀٽو جي محبت، احسان ۽ محسن پرستي کي نظر ۾ رکندي
پنهنجي هڪ پٽ جو نالو شاهنواز رکيو. تاريخ گواهه آهي ته اهو نالو سندس خاندان لاءِ
ڏاڍو ڀاڳن وارو نڪتو. انهيءَ پير شاهنواز جو فرزند پير مظهرالحق آهي. جڏهن ته ٻي
اولاد ۾ پير مظفر الحق، پير منور الحق، پير مڪرم الحق ۽ پير معظم الحق آهن. پير
معظم الحق اعليٰ تعليم کان پوءِ اهم سرڪاري عهدن تي پنهنجي پاڻ کي مڃرايو آهي.
جڏهن ته سندن وڏي فرزند پير مظهرالحق پنهنجي ڏاڏي جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جو فيصلو ڪيو
آهي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان بي اي آنرز ۽ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس
ڪيائون. ان سان گڏوگڏ ايل ايل بي جو امتحان به سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون.
پنهنجي ڏاڏي سائين جي پيروي ڪندي نه صرف وڪالت ڪيائون پر ان سان گڏوگڏ سياست ۾ به
ڀرپور حصو ورتائون. پيپلز پارٽي جي ٽڪٽ تي ۱۹۸۸ع جي دؤر
حڪومت ۾ اليڪشن کٽي ۽ سنڌ ۾ وزير قانون جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. پيپلز
پارٽي جي ٻئي دؤر حڪومت ۱۹۹۳ع ۾ کيس قانون جي وزارت سان گڏ هائوسنگ ۽ پلاننگ جو اضافي
قلمدان پڻ ڏنو ويو. پيپلز پارٽي جي ٽئين ۽ موجوده دؤر حڪومت ۾ کيس سنڌ جو سينيئر
وزير ۽ تعليم کاتي جو وزير بڻايو ويو آهي. سندس خواهش آهي ته هو پنهنجي ڏاڏي سائين
جو خواب جيڪو سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هن قيام پاڪستان کان اڳ ڏٺو هو کي حقيقي
بڻائي سگهي. شروع ۾ پير صاحب کي تعليم کاتي سان گڏ ڪرمنل پراسيڪيوشن جو کاتو پڻ
ڏنو ويو جيڪو پاڻ واپس ڪيائون ته جيئن سندن سمورو ڌيان سنڌ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جي
تعليم طرف هجي. ان لاءِ پاڻ اڄ به پنهنجي دل دماغ ۽ روح جي گهراين سان پنهنجي مڪمل
خلوص سچائي ۽ اڻٿڪ جدوجهد جي ذريعي ”تعليم سڀ لاءِ“ جي نعري سان ميدان ملهائي رهيو
آهي. هي ليکڪ هن ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهي ته پير صاحب پنهنجي تعليم دوست مشن
لاءِ ڏينهن رات ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيترائي ڏينهن بغير آرام ڪرڻ جي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف ڪار
آهن. هڪ پاسي سندس سامهون پنهنجي ڏاڏي سائين جو خواب آهي ته ٻي پاسي شهيد محترمه
بينظير ڀٽو جو اهو وعدو جيڪو هن پنهنجي (Five-e) منشور جي صورت ۾
پاڪستان جي عوام لاءِ ڏنو آهي. پير مظهرالحق جي اولاد ۾ کيس نياڻي ماروي مظهر آهي
جنهن کي پير مظهرالحق جي جلاوطني جي دؤر ۾ دادو جي تڪ تان جنرل اليڪشن ۾ سنڌ
اسيمبلي جي ميمبر چونڊجڻ جو منفرد اعزاز پڻ حاصل آهي. سندس پٽن ۾ بئريسٽر پير مجيب
الحق، پير دانش ۽ پير بلاول مظهر آهن. بئريسٽر مجيب الحق دادو، ڪراچي ۽ حيدرآباد
جي عدالتن ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي. بئريسٽر پير مجيب
الحق ۽ پير دانش علي پنهنجي والد صاحب جي سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري
رهيا آهن. جڏهن ته پير بلاول مظهر ۽ سندن هڪ ٻي نياڻي سنڌو مظهر هن وقت تعليم حاصل
ڪري رهيا آهن. پير مظهرالحق جي جدوجهد ۽ مخلصانه ڪوششن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو
پر جيئن ته هي تحرير مخصوص پير سائين الاهي بخش صاحب جي متعلق آهي ان لاءِ وڌيڪ
تفصيل ۾ نه پيا وڃون.
اڄ
پير الاهي بخش مرحوم اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس يادن جي سفر کي جاري رکڻ لاءِ
پاڪستان پيپلز پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي ٻئي دؤر حڪومت ۾ سندس خدمتن جو قدر ڪندي
هڪ يادگار ڊاڪ ٽڪٽ جاري ڪيو هو. جيڪو هن دنيا ۾ آيو آهي اُن کي هڪ نه هڪ ڏينهن
وڃڻو به ضرور پوندو. پر پير الاهي بخش جي اٽل شخصيت، لساني ۽ مذهبي تعصب کان پاڪ
ڪردار خاص ڪري هندستان مان هجرت ڪري آيل مسلمان ڀائرن کي آباد ڪرڻ لاءِ ادا ڪيل
ڪردار هميشه ياد رهندو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي ۾
سنڌ اندر سنڌي مهاجر جهيڙن تي کين دلي صدمو رسيو. ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ ۸
آڪٽوبر ۱۹۷۵ع ۾ اها هستي جنهن هميشه ماڻهن جا ڳوڙها اگهيا. انهن جي ڏکن کي
پنهنجو ڏک سمجهيو هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي، هن آخري سفر ۾ به ڪراچي ۽ ڪراچي
جي رهواسين جي محبت سندس ساٿ نه ڇڏيو. پاڻ وصيت ڪيائون ته کين پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي
بجاءِ ڪراچي ۾ سندن گهر جي ڀرسان دفن ڪيو وڃي. اڄ به سندن مزار پير الاهي بخش
ڪالوني ۾ موجود آهي. شايد اهڙن ئي انمول انسانن لاءِ مرزا غالب چيو آهي ته:
مقدور ہو تو خاک سي پوچھون کہ اي لعين
تو ني وہ گنج ہائي گران مايه کيا کئي
پير الاهي بخش
تعليم ۽ جدوجهد جو حامي
پير مظهرالحق شاهنواز
جيئن ته مون کي هميشه کان سنڌي ادب
سان دلچسپي رهي آهي، ان ڪري سدائين اها دلي خواهش هوندي هئي ته پنهنجي پياري ۽
نهايت عزت جي قابل ڏاڏا سائين جن جي حياتيءَ جو احوال سندن زندگيءَ ۾ ئي قلمبند ڪري
ڇڏيان جو مون کي سندن جدوجهد سان ڀرپور زندگيءَ جي اهميت جي ڄاڻ هئي.
سال ۱۹۷۰ع ۾ مون کي اهڙو موقعو ملي ويو، هونءَ ته مان پنهنجي گهر جي ڀاتين سميت
حيدرآباد ۾ رهندو هوس، ان ڪري ڏاڏا سائين مرحوم سان لاڳيتو گڏ رهڻ جو موقعو ڪو نه
ملي سگهندو هو. پر ۱۹۷۰ع ۾ لاڳيتا
ٽي چار مهينا حبيب بئنڪ جي ملازمت (جيڪا بعد ۾ ڇڏي ڏني هئي) سبب ڪراچيءَ ۾ رهڻو
پيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پراڻي خواهش ڪنهن قدر پوري ٿي.
مون ڏاڏا سائين کان پڇيو ته ڇا
پاڻ پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو اٿن؟ منهنجي خوشيءَ جي انتها ڪا نه رهي، جڏهن
ٻڌايائون ته پاڻ جڏهن وزير هئا ته اهڙو احوال لکيو هئائون پر ۱۹۴۴ع تائين.
جناب پيرالاهي بخش پڻ اهڙن چند
سياستدان مان هئا. جيڪي پنهنجي ذاتي صلاحيت جي ڪري سنڌ جي وڏ وزارت جي منصب تائين
پهتا ۽ ڏھ ٻارنهن سال اقتدار جي ايوان ۾ رهيا. شايد عام ماڻهن کي خبر نه هجي، پر
سندن قريبي ساٿي ۽ دادوءَ جا پراڻا رهواسي ڄاڻن ٿا ته هو صاحب صديقي قريشي پيرن جي
هڪ غريب خاندان ۾ ڄائو ۽ ننڍپڻ يتيميءَ ۽ ڪسمپرسيءَ ۾ گذريو هُينِ.
جڏهن پيرالاهي بخش صاحب اڃا ۵-۶ ورهين جا مس هئا ته سندن والد گذاري
ويا ۽ سڄو بار وڃي سندن مامي. پير لعل محمد جن تي پيو. ابتدائي تربيت والده محترمه
کان ملين. جڏهن ۷-۸ ورهين جا ٿيا ته سندن شادي پنهنجي سڳي چاچي پير پريل شاھ جيڪي بهاولپور
رياست ۾ رهڻ لڳا هئا، جي گهران ٿي. ۱۹۰۷ع ۾
پير صاحب کي ڀان سيدآباد پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. ساڻن گڏ سندن ماروٽ پير
جان محمد به پڙهندو هو، ڇنڇر آچر تي ڳوٺ ايندا هئا ته پير صاحب پاڻ نار، جيڪو سندن
ننڍو ڀاءُ ڪرائيندو هو، تي وڃي ڳاڌي ڪاهيندا هئا، يا ٻيو به ٻنيءَ جو ڪم ڪار ڪندا
هئا.
تعليم لاءِ ڪراچي هٿين خالي پهچڻ:
تعليم ۾ دلچسپيءَ سبب ٻهراڙيءَ
جا شاگرد انهيءَ زماني ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ڪراچي ويندا هئا. سو پير صاحب به داخلا
لاءِ اوڏانهن درخواست ڪئي هئي، پر جواب ڪو نه پهتو هو ته هڪ ڏينهن پنهنجي ماروٽ
پير جان محمد سان راند ڪندي تڪرار ٿي پيو ۽ اتان ڀانن مان ئي رات جو ۱۲ واري گاڏيءَ ۾ ڪراچي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي خيال سان روانو ٿي ويو. ان وقت
وٽن فقط ٻه رپيا هئا ۽ بدن تي پيل ڪپڙا.
ڪراچي پهچڻ تي پڇائيندا، ڀانن
جي ميمڻن: طالب ۽ جاڙي وٽ پهتا. اهو زمانو اپريل ۱۹۱۱ع جو هو. خبر پَينِ ته مدرسي کي وئڪيشن آهي، پر خيرپور واري اسڪول ۾ داخلا
به ملي ٿي، بورڊنگ هائوس به آهي.
پير صاحب پنهنجي ڪلاس توڙي
بورڊنگ هائوس جا مانيٽر هوندا هئا. فوٽ بال، هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جا رانديگر ۽ جنرل ڪيپٽن
هئا. انهيءَ زماني ۾ بلقان جي ترڪي واري جنگ جو مٿن گهڻو اثر هو ۽ انهيءَ وقت کان
ئي منجهن ليڊر بنجڻ جون صلاحيتون پيدا ٿيون. ناز هاءِ اسڪول ۾ سندن استاد هئا، مسٽر
عبدالرحمان، مسٽر اڌارام، مسٽر ليلارام، مسٽر ويرومل، مسٽر الله بخش انصاري، مسٽر عبدالمجيد
دريشاڻي (پرنسيپال)، مسٽر قنڌاري ۽ مسٽر غلام صابر.
پير صاحب ذهانت ۽ محنت جي ڪري
پهريون ۽ ٻيو درجو هڪ سال ۾ پاس ڪيو ۽ پنجون ۽ ڇهون پڻ ساڳي سال ۾ پاس ڪيو.
پوليس بدران پڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ:
۱۹۱۹ع ۾ مئٽرڪ
پاس ڪرڻ کان پوءِ سندن مامو پير لعل محمد کين خانبهادر غلام محمد ڀرڳڙيءَ وٽ وٺي
ويو ته جيئن پوليس انسپيڪٽري ۾ چونڊائي، پر ڀرڳڙي صاحب صلاح ڏني ته ڪاليج ۾ داخل
ڪرايو وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو جا صلاح کين ڏاڍي وڻي ۽ اڳتي پڙهڻ جو پڪو پھ ڪيائون.
وزير صاحب محمد ابراهيم ويھ رپيا وظيفو ماهوار مقرر ڪيو. عليڳڙھ يونيورسٽي ۾ داخلا
وٺڻ لاءِ کين قاضي خدابخش مورائي صاحب (جو پوءِ ڪراچيءَ جو ميئر پڻ ٿيو) آماده ڪيو
جو ان وقت اتي جو مشهور شاگرد هوندو هو ۽ اتي ساڻن ڏاڍي مدد ڪيائين.
پوءِ شاگرد يونين جو وائيس
پريزيڊنٽ منتخب ٿيو هو. ان وقت صرف ٻه سنڌي شاگرد هئا، قاضي صاحب ۽ پير صاحب پوءِ
مسٽر دين محمد عليگ، مسٽر عثمان علي انصاري، مسٽر غلام حيدر شڪارپوري، ڪنڊياري جو
سيد شرف الدين شاھ پڻ اچي ساڻن شامل ٿيا.
سن ۱۹۲۱ع ۾ مولانا محمد علي جوهر علي ڳڙھ ۾ آيو ۽ شاگردن اسٽرائيڪ ڪئي. پهرين ته
ڪاليج جي پراڻي عمارت تي قبضو ڪيائون. پر پوءِ ڪليڪٽر کانئن زوري قبضو خالي ڪرايو.
ائين تعلقات جي مهم شروع ٿي، جنهن ۾ به پير صاحب نمايان بهرو ورتو. کين ليڊر جي
حيثيت حاصل ٿي چڪي هئي.
هٿ سان لکيل پهرين اخبار:
پير صاحب انهيءَ زماني ۾ هٿ سان
لکي هڪ پني تي روزنامه اخبار “الاصلاح” ڪڍندو هو، جنهن ۾ مولانا جوهر سميت سڀني تي
نڪته چيني ڪئي ويندي هئي. پاڻ اتان بي. اي. پاس ڪيائون.
ان زماني ۾ مولانا جوهر خلافت
تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ سڄي هندستان ۾ شاگردن جا جٿا موڪليائين. سنڌ لاءِ ستن سنڌي
شاگردن: پيرالاهي بخش، مسٽر دين محمد عليگ، مسٽر غلام حيدر، مسٽر فتح محمد سولنگي،
مسٽر عبدالڪريم پيرزادو، قاضي فضل الله ۽ مولوي تاج محمد دراني کي موڪليائين.
پير صاحب ان وقت ڪانگريس جا به
ميمبر هئا، ان ڪري ڪانگريس ورڪرن مسٽر ريجهومل لاهوري، رام موٽواڻي، پرڀداس تولائي
۽ مسٽر پرتاب راءِ به ساٿ ڏنو. مسٽر رحيم بخش ابڙو، سيٺ خداداد سرهيو، پير تراب
علي شاھ قنبر وارو ۽ پير علي انور شاھ وارن وڏو بهرو ورتو.
پير الاهي بخش صاحب خلافت
ڪميٽيءَ جا سيڪريٽري هوندا هئا. ۱۹۲۱ع ۾ ئي
احمدآباد ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيا. ۱۹۲۲ع ڌاري
ڪراچيءَ ۾ خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا، جنهن ۾ پوءِ علي برادران کي ٻن سالن جي سزا به
ملي.
مهاتما گانڌيءَ جي چورا چوري يو.
پي هڪ ڳوٺ جي واقعي جي نتيجي ۾ خلافت تحريڪ ختم ڪرڻ واري اپيل کان پوءِ زور گهٽجي
ويو، خلافت جو ڪم جهڪو ٿيڻ لڳو. ان زماني ۾ پيرالاهي بخش صاحب هڪ هفتيوار اخبار “آفتاب”
جي نالي سان ڪڍي، جا سال ٻه هلي.
۲۵- ۱۹۲۴ع ۾ خلافت تحريڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ سر شاهنواز ڀٽي لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بورڊ مان اسڪالرشپ
ڏئي کيس عليڳڙھ مان بي ڪرڻ لاءِ موڪليو. ۱۹۲۶ع ۾ عليڳڙھ ۾ داخلا ملي. ان وقت عليڳڙھ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيھ کن سنڌي شاگرد
پڙهندا هئا، جن ۾ آغا تاج محمد، فتح محمد سولنگي، غلام رسول جج، مسٽر جمع خان وغيره
قابل ذڪر آهن.
سيپٽمبر ۱۹۲۹ع ۾ پيرالاهي بخش صاحب لاڙڪاڻي ۾ اڪيلي سر وڪالت شروع ڪئي، ڪنهن جا به
ڀائيوار ڪو نه ٿيا. مسٽر پيسومل شڪارپوري وڪيل جو منشي ارجن داس وٽن اچي منشي بيٺو.
آفيس نواب غيبي خان چانڊئي جي بنگلي لڳ ورتي، جا سندن ۱۹۳۷ع ۾ وزير بنجڻ تائين وٽن رهي.
اليڪشني چالبازين کان بيخبر پير
صاحب:
دادو ضلعو ڌار ٿيو ته لوڪل بورڊ
جون چونڊون ٿيون. پير صاحب، خانبهادر يارمحمد ۽ خانهادر محمد پريل ڪلهوڙي جي چوڻ
تي دادوءَ مان هٿ کڻي جوهيءَ مان بيٺا پر جيئن ته اليڪشن جي چالبازين کان بلڪل بي
خبر هئا، ان ڪري ساڻن دوکو ڪيو ويو ۽ اليڪشن ۾ هارايائون پر بقول سندن، کين اڳتي لاءِ
سٺو سبق مليو. کين اسڪول بورڊ جي ميمبري ملي.
۱۹۳۲ع ۾
سنڌ اسيمبلي جي ميمبريءَ لاءِ اليڪشن جو ڪم شروع ٿيو. مسٽر يار محمد جوڻيجي ۽ پير
صاحب معاهدو ڪيو ته پهريون صاحب ميهڙ ڪڪڙ واري سيٽ تان بيهندو ۽ پويون صاحب دادو جوهيءَ
مان. پر خانبهادر غلام محمد اسراڻ وارھ- ڏوڪري واري تڪ ۾ نواب لاهوري جي اميدوار
بيهڻ ڪري ميهڙ ڪڪڙ مان پاڻ بيهڻ جو سوچيو ۽ جوڻيجي صاحب کي چيو ته هو دادو- جوهيءَ
مان بيهي ته ٻئي ميمبر چونڊجي ويندا. ان تي جوڻيجي صاحب پير صاحب جي مخالفت ۾ بيٺو.
ان وقت سنڌ ۾ ٻه سياسي پارٽيون هيون: هڪ سر شاهنواز ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾، ته ٻي وري
حاجي عبدالله هارون جي قيادت هيٺ.
پير صاحب جا جيئن ته سر شاهنواز
ڀٽي سان پراڻا تعلقات هئا، ان ڪري سندن پارٽي طرفان اميدوار بيٺو. عجيب اتفاق ته
پير صاحب جو انتخابي نشان به تلوار هو. اليڪشن جي ورڪ هلي. جوڻيجي صاحب کي سڀني
ڪامورن سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، جي مدد حاصل هئي. مسٽر نور نبي ڪليڪٽر هو. اها اليڪشن
به دادو ضلعي جي سياسي تاريخ ۾ يادگار هئي. هڪ پاسي جوڻيجي صاحب جهڙو اثر رسوخ
رکندڙ صاحب ۽ وڏو ماڻهو ۽ ٻئي طرف پير الاهي بخش جهڙو سرڪار ۾ نوجوان ۽ غريب
اميدوار!
تعليم جي وزارت ۽ سنڌ يونيورسٽي
ٺاهڻ:
بي سرو سامانيءَ جي حالت جي
باوجود پاڻ اليڪشن ۾ هزارن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا ۽ جلدئي سنڌ ڪابينا ۾ پهرين
روينيو وزير ۽ پوءِ وزير تعليم طور کڄي ويا. وزير مقرر ٿيڻ شرط پارٽيءَ جي نئين
قائد شهيد الله بخش سومري کين عوامي دورن لاءِ منتخب ڪيو.
ڪامورا وزيرن جا ۽ وزير عوام جا
نوڪر:
پير صاحب زمين تي عوام سان گڏ
ويهي انگريزي ڪامورن کي به هيٺ ويهڻ تي مجبور ڪيو، جنهن تي انگريز سخت ناراض ٿيا. پير
صاحب جي تقريرن جو موضوع هيءُ هوندو هو ته ڪامورا وزيرن جا نوڪر آهن ۽ وزير عوام
جا نوڪر آهن. موقعي تي درخواستون وٺي احڪام جاري ڪيا ويندا هئا ۽ اتي جو اتي عمل
به ٿيندو هو. ان زماني ۾ عوام کي ڏٽن ڏيڻ جو سوچي به نه سگهبو هو. ماڻهن جي وزيرن
تائين رسائي اڄ جي مقابلي ۾ وڌيڪ آسان هئي.
سڄي سنڌ جي عوامي دورن پير صاحب
کي مقبول وزير بڻايو. پير صاحب هڪ حضور شرم، روزي نماز جا سختيءَ سان پابند هئا. ماڻهو
سندن ايمانداريءَ جو مثال ڏيندا هئا. اهوئي سبب هو جو هر وزارت ۾ کين کنيو ويندو
هو. پير صاحب کي تعميري ڪمن خاص طور تي تعليم سان بيحد دلچسپي هوندي هئي.
هر تعلقي ۾ هاءِ اسڪول ۽ هر ضلعي
۾ ڪاليج:
پاڻ اڪثر ذڪر ڪندا هئا ته جيئن ته
هو پاڻ غريبي حالت ۾ پڙهيو، تنهن ڪري غريبن جي تعليم جو اونو رهندو هئن. اسڪالرشپون
گهڻي ۾ گهڻيون منظور ڪيائون، جيئن غريبن جي ٻارن جي تعليم ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي. سندن
وزير ٿيڻ کان اڳ چند هاءِ اسڪول (ٽي يا چار) ۽ ٻه يا ٽي ڪاليج هوندا هئا. رٿا تيار
ڪيائون ته هر هڪ تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ هاءِ اسڪول ۽ هر هڪ ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪاليج
قائم ٿئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي رٿا تيار ڪري بل پيش ڪيائون ۽ سخت مخالفت جي باوجود
اهو بل پاس ڪرائي ورتائون جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پهرين يونيورسٽي قائم ٿي. اهڙا ڪيترا
ئي تعليمي ادارا آهن جيڪي سندن ڪوششن سان وجود ۾ آيا، سنڌ ۾ زوري تعليم ۽ بالغن جي
تعليم شروع ڪرايائون ۽ لٽريسي موومينٽ شروع ڪيائون، جن جي يادگارن ۾ پيرالاهي بخش
لٽريسي ٽاور سکر ۾ اڄ به قائم آهي.
ان زماني ۾، پيرالاهي بخش صاحب
جن سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ اميدوار بيٺا ته سندن حق ۾ قادري پريس لاڙڪاڻي هڪ نظم
ڇاپيو، جنهن جون ڪجھ مصرائون آهن:
پير صاحب آھ لائق هر طرح اڄ ووٽ
جو،
ديندار ۽ آھ حاجي ۽ سدا مهمان
نواز،
خلق جي خذمت ڪري ٿو، آھ همدرد ۽
معين،
بالغن جي جنهن ڪئي تعليم جاري
سنڌ ۾،
علم ۾ اعليٰ ٿيو ۽ عقل ۾ هوشيار
آھ
خوب خوش خلق ۽ نهايت نرم خوش
گفتار آھ.
بي ريا، منصف ۽ مظلومن جو حامي
يار آھ،
جاهلن ۽ اڻ پڙهين جو هيءُ سدا
غمخوار آھ.
عليڳڙھ تحريڪ، خلافت تحريڪ، خاڪسار
تحريڪ، سنڌ جي بمبئيءَ کان الڳ ڪرائڻ واري تحريڪ، سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ واري تحريڪ،
پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪ، ون يونٽ جي خلاف جدوجهد جو جوشيلو، نيڪ نيت ۽ مخلص ليڊر
۽ سنڌ جو بزرگ سياستدان الحاج پيرالاهي بخش اربع ۸
آڪٽوبر ۱۹۷۵ع
بمطابق ۲ شوال ۱۳۹۵ھ تي ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.
پير الاهي بخش مرحوم جي پونئرن
۾ سياست ڪندڙن ۾ خاص خاص نالا سنڌ جو اڳوڻو سينئر وزير پير مظهرالحق ۽ سندن اولاد
ماروي مظهر ۽ هاڻوڪو ايم پي اي بئرسٽر پير مجيب آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا