; سنڌي شخصيتون: امير بخش جوڻيجو - مختيار چانڊيو

08 October, 2011

امير بخش جوڻيجو - مختيار چانڊيو

امير بخش جوڻيجو
هڪ مهمان نواز سياستدان جو وڇوڙو
مختيار چانڊيو
جڏهن خيرپورناٿن شاهه جي سياست جو ذڪر ڪجي ٿو، تڏهن سياست جي آلوده ماحول ۾ امير بخش جوڻيجو جو نالو هڪ اميد وانگر اڀري اچي ٿو. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته سياست رڳو عوام سان ويساهه گهاتيون ڪرڻ جو نالو آهي، امير بخش جوڻيجو اهڙين مايوسين جو زنده جواب هو. هو نه رڳو تر جي سياستدانن کان، پر سنڌ جي ڪيترن ئي سياستدانن کان گهڻو مختلف هو. هن وٽ سياست جي معنيٰ خدمت کان سواءِ ٻي ڪا به نه هئي. شايد ان ڪري جڏهن هتان جي سياست وڌيڪ آلوده ٿيندي وئي، ته هو به وڌيڪ گوشه نشين ٿي ويو.

اوهان کي اها ڳالهه ٻڌائيندو هلجي ته امير بخش جوڻيجو مرحوم جو ڏهاڪن کان وٺي هڪ مهان خانو هلندڙ آهي، جتي بنا ڪنهن فرق جي مهمانن کي نه رڳو کاڌو فراهم ڪيو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن ڪنهن کي سواري نٿي ملي ته ان جي رهڻ جو بندوبست به ٿيل آهي. ماني امير توڙي غريب کي ساڳي ملندي آهي. ان ۾ ڪو به طبقاتي فرق نه رهيو. مرحوم امير بخش جوڻيجو جي ٻي روايت اها رهي ته اونهاري جي ڏينهن ۾ ٿڌو پاڻي کڻي ملازم انڊس هاءِ وي تان گذرندڙ گاڏين جي  مسافرن کي مفت ۾ پياريندا آهن. سان گڏو گڏ کائڻ لاءِ ڇولا پڻ ڏيندا هئا. اهوسلسلو سدائين جاري رهندو آيو آهي. سندس اوطاق 24 ڪلاڪ ايندڙ مسافرن لاءِ کليل هوندي هئي. هن جي مهمانوازي پوري سنڌ ۾ مشهور هئي. الحاج امير بخش جوڻيجو چار دفعا ايم پي اي رهيو، پر هن تي ڪڏهن به ڪرپشن، نوڪرين وڪري ڪرڻ توڙي ٺيڪن کڻڻ جا الزام نه لڳا. هن سڄي عمر صاف ۽ سٿري سياست ڪئي. هو يارن جو يار ۽ سنڌ جي قديمي روايتن جي پاسداري ڪندو رهيو. پنهنجن ساٿين، دوستن ۽ پاڻ سان گڏ سياست ڪندڙ ڪارڪنن کي سکن توڙي ڏکن ۾ ڪڏهن به نه وساريو. هن جو جنهن سان واسطو هوندو هيو، انهن جي شادين جي دعوتن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ موت فوت تي پاڻ پهرين پهچندو هو. هو عام سياستدانن وانگر ٻن ٽن مهينن بعد ڪڏهن به تعزيت ڪرڻ نه ويو هو. پنهنجن يارن دوستن جو حقيقي همدرد ۽ هڏ ڏوکي هيو. هو نماز ۽ روزي جو پابند ۽ مذهبي روايتون رکندڙ انسان هو. هن ڪيتريون ئي مسجدون پڻ ٺهرايون، مدرسن ۽ مسجدن جي سرپرستي ڪرڻ سان گڏ انهن جي مالي مدد پڻ ڪندو رهيو. هن ڪيترن صوفي اوليائن ۽ بزرگن جي مزارن ۽ مقبرن جي مرمت سان گڏ نيون مزارون پڻ ٺهرايون.
هن پنج درجا خانپور پرائمري اسڪول مان پاس ڪري ٻورڙي اسڪول مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ بعد ۾ پوليس ۾ نوڪري ڪئي، 1946ع ۾ پوليس جي نوڪري ڇڏي ڳوٺ ۾ پنهنجي زمينداري سنڀالي ۽ سماجي ڪمن ۾ لڳي ويو، جنهن ڪري هن جو اثر رسوخ وڌڻ لڳو. الحاج امير بخش جوڻيجو 24 ڊسمبر 1916ع ۾ ڳوٺ علي بخش جوڻيجو ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو حاجي امام بخش جوڻيجو هيو، جيڪو پنهنجي برادري جو چڱو مڙس هيو. هن پاڪستان مسلم ليگ ۾ شموليت ڪئي ۽ پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن وزير اعظم لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ اختلافن جو شڪار ٿي ويئي ته هو خاموش ٿي ويهي رهيو. ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي دورِ حڪومت ۾ هو عوام جي سماجي خدمتن، ۽ مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيندو رهيو، بعد ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته هو ان ۾ شامل ٿي ويو. 1970ع ۾ هو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ پوري پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ جو اعزاز ماڻيو. جنرل ضياءَ الحق جڏهن ذوالفقار ڀٽو کي شهيد ڪرايو ۽ 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي ته هن ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گرفتاري پيش ڪري حيدرآباد جيل ۾ رهيو. ان دوران هن جي گهر واري وفات ڪري ويئي، پر هن آمر حڪمرانن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ معافي نه ورتي. هن جي اها تمام وڏي خوبي هئي ته هو صبح جي نماز پڙهي اچي اوطاق ۾ ويهندو هيو ۽ ماڻهو پهچڻ شروع ٿي ويندا. پوءِ آفيسرن ڏي فونون به پيون هلنديون ۽ فيصلا به پيا هلندا هئا. هن جي وڇوڙي سان عوام هڪ سخي اوطاقي، يارن جي يار، مهمانواز ۽ درويش انسان کان محروم ٿي ويو، جنهن جو خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندو.

حاجي امير بخش جوڻيجو جي ياد ۾
ڪري سگهان نه ڳالهڙي
معصوم بخاري
دادو کان تقريبن 40 ڪلوميٽر جي پنڌ تي انڊس هاءِ وي تي سنڌ جي تاريخي شهرن ڪڪڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي وچ تي اٽڪل 20 هزار آبادي جي وسندي ”خانپور “ جي نالي سان آباد آهي. هن وستيءَ جي سڄي سنڌ ۾ هڪڙي منفرد سڃاڻپ رهي آهي. اها سڃاڻپ ڪنهن بزرگ ولي جي درگاهه، يا ڪنهن حڪومتي وزير، يا سياستدان جي رهائش گاهه جي ناهي. پر اها منفرد سڃاڻپ هيءَ آهي ته هن شهر ۾ نج سنڌ جي ٻهراڙي جي سادي پوشاڪ پائيندڙ ۽ ٻهراڙي جو لهجو ڳالهائيندڙ امير بخش جوڻيجو۽ ان جو  مهمان خانو  آهي. جنهن جي دل ۽ دسترخوان جا در هر ايندڙ مهمان لاءِ ڏينهن رات جا 24 ڪلاڪ کليل رهن ٿا. هو پنهنجي مهمانوازي جي خوبي جي ڪري پنهنجي تر ۾ ته آهي ئي پر ٻين ماڳن جي ماڻهن ۾ به مشهور ۽ محبوب رهيو آهي. رات ڏينهن جا 24 ڪلاڪ سندس دسترخوان تان مهمان هٽيل ناهي هوندو . هن جو چوڻ رهيو آهي ته مهمانوازي الله ۽ ان جي رسول کي سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ گڻ آهي. ۽ اسان جي وڏڙن جي روايت پڻ آهي ان ڪري کيس جيتري خوشي مهمان جي خدمت ڪندي ٿئي ٿي. ايتري ٻئي ڪم ۾ نه ٿي ٿئي. سوين پنهنجا ۽ پراوا روزانو سندس دسترخوان جي چوڌاري هوندا آهن. ۽ هي ۽ هن جو خاندان سند ن خدمت ڪندي ۽ هٿ ڌورائيندي ڪڏهن به نه ٿڪيو آهي.
 اهڙي عظيم گڻ جو مالڪ رئيس امير بخش جوڻيجو هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو. 70 ورهين جي عمر تائين هن پنهنجي هٿن سان هر ايندڙ مهمان جا هٿ ڌورايا ۽ ماني کارائي. هڪ مسلمان جي ناتي سندس تر جي هر ماڻهو کي يقين آهي ته ان جي بدلي ۾ الله تعاليٰ ضرور جنت ۾ سندس مقام بلند رکيو هوندو.
 رئيس امير بخش جوڻيجي، نوجواني کان پيري تائين ڪيترائي دفعا ڀلي پار ويو، حج ڪيا ۽ سهڻي نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي چانئٺ چمي. تنهن ڪري هن پنهنجي نالي جي اڳيان رئيس کي هٽائي ”حاجي“ کي اهميت ڏني. سندس تر جا ماڻهو کيس حاجي امير بخش ڪري سڏيندا هئا. گھڻا ته کيس تبرڪ طور صرف ”حاجي صاحب“ ڪري سڏيندا هئا. هو باشريعت ۽ باعمل هو. هو صوم و صلوات جو پابند ته هو ئي پر ماڻهو چون ٿا ته هو سڄي زندگي باوضو رهيو. سندس پوشاڪ سادي ۽ شريعت محمدي مطابق رهي. اڪثر ڪري ململ يا ٽيويرا جا اڇا ڪپڙا پائيندو هو. نوراني چهري تي اڇي ڏاڙهي مبارڪ، هڪ مقناطيس واري جھلڪ ڀري ڇڏي هئي. هن جي ڳالهائڻ جو لهجو هميشه نرم ۽ ڌيرج وارو رهيو. هر ماڻهو سان ساڳئي ئي لهجي ۾ ڳالهائيندو هو. ڪڏهن به ڪنهن وڏي ماڻهو سان ڳالهائيندي، سندس لهجي ۾ خوشامند نه آئي. نه ۽ ئي وري عام ماڻهوءَ سان ڳالهائيندي، سندس لهجي ۾ ڪا پيار جي کوٽ آئي. هن جو رويو سڀني سان بنافرق جي محبتن سان ڀريل هڪ جھڙو رهيو. هو هاڻي هن جهان ۾ ناهي. پر سندس محبتون انهن سڀني ماڻهن جي دلين ۾ موجود آهن. جيڪي ڪڏهن هڪ ڀيرو هن سان مليا ۽ سندس اوطاق تي پنهنجي آجيان لاءِ سندس کليل ڀاڪر وصول ڪيا.
جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ سدائين ياد رکيا ويندا اهڙن سون ۽ هزارن ماڻهن ۾ خانپور ضلعو دادو، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جو رهواسي حاجي امير بخش جوڻيجي جو نالو به ڳڻي سگھجي ٿو. به . هن پنهنجي حياتي ۾ ڪنهن کي به رنج نه رسايو. بلڪه هن ماڻهن جا اهنج ۽ ڳوڙها پنهنجي دامن سان اگھيا. هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي تر جي هر ماڻهوءَ جي، پنهنجي گھر جي ڀاتي جيان مدد ڪئي. ۽ ان کي ڪڏهن به هيڻو يا اڪيلو محسوس ڪرڻ نه ڏنائين. هو پنهنجي تر جي ماڻهن سان ڊگھيون ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ڪچهريون ڪندو هو. جئين اهي کيس پنهنجا ڏک ٻڌائي سگھن. هن ڪڏهن به ماڻهن ۽ پاڻ جي وچ ۾ تڪلف جي ڀت نه اڏي. اهڙي ڀت جنهن ۾ ٻئي ماڻهوءَ کي پنهنجي دل جي ڪيفيت ٻڌائيندي هچڪچاهٽ محسوس ٿئي.
حاجي امير بخش جوڻيجي پنهنجي تر جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سياست به ڪئي. اهڙي سياست جيڪا عبادت جي ذمري ۾ اچي ٿي. اهڙي سياست نه جيڪا غلاظت جي ذمري ۾ اچي ٿي. جڏهن کان غلاظت واري سياست جو دور شروع ٿيو ته هن سياست ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته حاجي صاحب به انهن پهرين ماڻهن ۾ شامل ٿي ويو، جن پيپلز پارٽي جون پاڙون عوام ۾ پختيون ڪيون. هي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهيو ته مخالف ڌر جي اميدوار کي وڏي مارجن تان مات ڏنائين. هو ڀٽي صاحب جي ويجھي حلقي ۾ ڳڻيو ويندو هو. هو پنهنجي تڪ مان چار ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ لاءِ ميمبر چونڊيو هو. ڪجھ عرصو  سياسي طور تي هو ٻيٽي جي جتوئي خاندان سان واڳيل رهيو. هو پيپلز پارٽي ۾ هو يا ٻيٽي جي جتوئي خاندان سان، پر هن جو نصب العين پنهنجي تر جي اٻوجھ ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ هو. هن پنهنجي تڪ خانپور ۽ ٻين ڳوٺن ۾ سڀ کان وڌيڪ رستا ۽ اسڪول تعمير ڪرايا. ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏياري، انهن جي مسڪين خاندانن جي سهائتا ڪئي. اڄ به ڪيترائي اهڙا غريب خاندان آهن، جن کي جيڪڏهن حاجي صاحب روزگار نه ڏياري ها ته اهي هينئر فاقن جي زندگي گذارڻ تي مجبور هجن ها. انهن خاندانن جا هٿ اڄ به جڏهن دعائن لاءِ کڄن ٿا ته انهن ۾ حاجي صاحب ۽ ان جي ڪنٽب لاءِ دعا به ضرور شامل هجي ٿي.
اڄ جي سياست ۾ ڪمال بي حسي ۽ پنهنجا نوازيءَ جو عنصر شامل ٿي ويو آهي. برسراقتدار پارٽي جا عهديدار توڙي چونڊيل نمائنده پٽيوالي کان 17 گريڊ تائين جون نوڪريون سڀ جو سڀ پنهنجي مٽن عزيزن کي ڏئي رهيا آهن. جن وٽ اڳ ۾ ئي سوين ايڪڙ زمين، بينڪ بيلنس ۽ ڏهه ڏهه نوڪريون آهن. ڀرين کي پيا ڀرين. غريب ۽ بي پهچ ماڻهو بکن ۾ پاهه ٿي مري رهيا آهن. پر ڪو به انهن تي رحم ڪرڻ وارو ڪونهي. ووٽ وٺڻ مهل اهي وڏيرا ۽ سياسيتدان مسڪينن سان وڏا وچن ۽ واعده ڪن ٿا. غريبن کي اهڙا سبز باغ ڏيکارين ٿا. جو اهي مسڪين کين پنهنجو مسيحا مڃي سندن اشاري تي نچڻ لڳن ٿا.
پر ووٽ وٺڻ کان پوءِ انهن وڏيرن کان اهي مسڪين ماڻهو وسري وڃن ٿا. پوءِ انهن کي ياد رهن ٿا ته صرف پنهنجا مٽ عزيز ۽ پنهنجا کاٽو پٽ. ۽ ٻيو فڪر رهي ٿو ته اهي ڪرپشن جا رڪارڊ توڙي، تڪڙا ڪروڙين روپيا ڪمائي وٺن جيئن هو پنهنجي عياشين کي جاري رکي سگھن.
حاجي امير بخش جوڻيجو خدا جي خوف کان ڊڄندڙ باڪردار سياستدان هو. هن ڪڏهن به رياع نه ڪيو. هن پنهنجي دور ۾ روزي کان ترقياتي ڪم تائين غريبن جو حق سمجھي انهن جي سپرد ڪيو. جنهن ڪري اڄ هن جي وئي کاپوءِ سندس تر جي فضا سندس احسانن جي ڳالهين سان گونجي رهي آهي. ۽ سندس محبت گلاب جي خوشبو وانگي ماڻهن جي حافظي ۽ دلين کي مهڪائي رهي آهي. هن جو نيڪيون آهن جيڪي ڳڻي نه ٿيون ڳڻجن. هن جا ٿورا آهن جيڪي لٿي نه ٿا لهن. دعا آهي ته الله تعاليٰ حاجي صاحب جي پوئينرن کي ساڳي توفيق ڏئي جيئن هو پنهنجي خاندان جي سرواڻ جي ڇڏيل ”منفرد سڃاڻپ“ کي برقرار رکي سگھن. ۽ ان جي پوکيل محبت جي فصل کي پنهنجي روايت جو پاڻي ڏيندا  اچن. ۽ انهن ماڻهن جي خدمت ڪندا اچن جيڪي سندن محبتن جا مريد آهن


No comments:

راءِ ڏيندا