; سنڌي شخصيتون: سيد ميران محمد شاهه ”مير“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سيد ميران محمد شاهه ”مير“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سيد ميران محمد شاهه ”مير“ [ 1898ع – 1963ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مٽياروي ساداتن جي خاندان جو چشم و چراغ، سيد ميران محمد شاهه ”مير“ ولد سيد حاجي زين العابدين شاه بن سيد ميران محمد شاه (اول)، 22 ذوالعقد 1316 هه مطابق 19 مارچ 1898ع تي ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ۾ قرآن پاڪ، عربي ۽ سنڌيءَ جا ڪجهه ڪتاب، ٽکڙ جي ملا مڪتب ۾ حافظ محمد يوسف ۽ حافظ محمد هارون ”دلگير“ جن وٽان پڙهيو. اٺن ورهين ۾ ماءُ جي موڪلائڻ تي، هيڻو ٿي پيو. تاهم به پڙهڻ کي چهٽيو رهيو. آخر 1910ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتائين، جتان 1917ع ۾ بي-اي جي پهرين ڊگري وٺي، بمبئي روانو ٿيو؛ ۽ 1923ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج بمبئيءَ مان قانون جو امتحان خير خوبيءَ سان پاس ڪري، 1924ع کان حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ ساڳئي سال حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به منتخب ٿيو.
 
ٽکڙ، جيڪو صدين کان علم ادب جو سرچشمو رهيو آهي، اتي سيد صاحب علامه اسدالله شاه ”فدا“ ۽ حافظ حيات شاه ”حيات“ جهڙن قابل استادن جي شفقت هيٺ سخن گوئيءَ جي ميدان ۾ لٿو. پوءِ ته ڪافي ڪلام سندن نظر فيض اثر هيٺ جوڙيائين.
1926ع ۾ ميران صاحب کي ضلعي اسڪول بورڊ جو پهريون چيئرمين بڻايو ويو. 1928ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر ۽ 1929ع ۾ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ مقرر ٿيو. سنڌي کي بمبئيءَ کان علحدگي ڏيارڻ ۾ سيد صاحب ”سائيمن ڪميشن“ (Symon Commission) ۽ لوٿين ڪميٽي“ (Lothian Committee) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ”سنڌ جدا ڪانفرنس“ ڪوٺائي، سنڌين کي بيدار ڪيائين. نتيجي طور سندس سعيا ساب پيا؛ ۽ آخر اپريل 1936ع ۾، نوي سالن جي ماتحتيءَ کان پوءِ ننڍي کنڊ جي نقشي تي ”سنڌ“ علحده صوبو ڏسڻ ۾ آيو  1937ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو – 1938ع ۾ اسپيڪر ۽ 1948ع ۾ وزير جي عهدي تي وڃي پهتو. ڪجهه وقت اسپين ۾ پاڪستان پاران سفير ٻه ٿي ڪم ڪيائين. 1954ع ۾ ”ڪراچي امپرومينٽ ٽرسٽ“ ( Karachi Improvement ) جو چيئرمين ۽ 1957ع کان ايگريڪلچرل بئنڪ آف پاڪستان جو چيئرمين مقرر ٿيو.
علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض، سيد صاحب کيرون لهڻيون؛ جنهن ”سنڌي مسلم سوسائٽيءَ تحت ڪافي بهترين ڪتاب ڇپرائي، سنڌي زبان ۽ ادب کي وسعت ڏنائين. ادبي گڏجاڻيون ۽ مشاعرا وغيره ڪرائي، ادب جي خوب خدمت ڪيائين – 1941ع ۾ سنڌ سرڪار جي سهڪار سان سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ”سنڌي مرڪزي بوزڊ“ قائم ڪرايائين، جنهن کي 1951ع کان نئين سر تشڪيل ڏنائين، ۽ اڄ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي، پاڻ ان جو ڏهه سال بنيادي ميمبر به ٿي رهيو آهي. ازانسواءِ پنهنجي وزارت واري زماني کان جيڪا، سنڌ جي صوفي شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سالياني ورسي ملهائڻ جي ڪوشش ورتائين، اها سندس غير فاني يادگار رهندي سندس ئي ذاتي ڪوشش سان ”سنڌ يونيورسٽي“ وجود ۾ آئي.
سيد ميران محمد شاهه، جيئن ته پاڻ به هڪ سٺو اديب ۽ شاعر هو؛ نثر خواه نظم تي کيس درڪ حاصل هو. ”گنجي ٽڪر جو سئر“ ۽ ”دل جي طلب“ ، سنڌي زبان ۾ سندس بهترين شاهڪار آهن. سخن جي سلسلي ۾ ڪافيون ۽ غزل سندس پسنديده صنف رهيا آهن. افسوس کيس حياتيءَ مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري 14 جمادي الاول 1383 هه مطابق 16 نومبر 1963ع تي، شام جو حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. ”ڪليات مير“ نالي سندس 43 ڪافين جو مجموعو پڻ منظر عام تي آيل آهي.
(1)– عام طرح کيس ”ميران محمد شاهه (ٻيو) ڪري ڪوٺيندا آهن.
(1) “ ] –North India, Who`s Who - The Mehta Publicity Corporation Lahore, ILLUSTRATED 1942, P. P. [
(1) – سندس ذاتي دلچسپيءَ سببان، سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي سهاري هيٺ ميمڻ محله حيدرآباد ۾ ”مدرسة البنات“ نالي سان هڪ زنانو اسڪول پڻ کولرايائين، جيڪو اڃا تائين قائم آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا