شاهه
گودڙئو رح [ 1259ع – 1321ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد عبدالله شاه عرف ”گودڙئو فقير“ ولد حيدر شاه بخاري،
اصل بلخ بخارا جو رهاڪو هو. روايتون آهن، ته سندس والد بزرگوار کي نرينه اولاد ڪا
نه ٿيندي هئي؛ جنهن ڪري وتندو هو درويش جون دعائون حاصل ڪندو. هڪ ڏينهن خبر پيس،
ته لعل شهباز هتي اچي نڪتو آهي، پوءِ ته وٽس وڃي گوڏا کوڙي، کانئس دعا پنيائين.
چوڻ ۾ اچي ٿو، ته لعل سائينءَ کيس دعا ڪئي هئي، ان کان
پوءِ ستت ئي کيس عدم ۽ عبدالله نالي ٻه پٽ ٿيا. عدم وڏو بادشاهه ٿيو، جيڪو ”سلطان
عدم“ جي نالي سان مشهور آهي، ۽ ٻئي پٽ عبدالله شاه (ولادت غالباً 658 هه مطابق
1259ع ڌاري)، تارڪ الدنيا ٿي، فقيري اختيار ڪئي.
سيد عبدالله شاه جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو، تڏهن روحاني رهبر
جي تلاش ۾ نڪتو. آخر ايران ۽ افغانستان کان ٿيندو، اچي سنڌ ۾ سهڙيو، جتي معلوم
ٿيس، ته قلندر لعل شهباز سيوهڻ شريف ۾ اڳ، ئي پهچي چڪو آهي. پوءِ ته سڌو سيوهڻ جو
رخ رکي، اچي لعل سائينءَ جي قدمن تي ڪريو. هينئر لعل سائينءَ جي صحبت ۾ رهي، سندس
پٺيان گودڙي کنيو هلندو هو. انهيءَ ڪري ”گودڙئو فقير“ جي نالي سان مشهور ٿيو.
شاه گودڙئي کي لعل سائينءَ وٽان ڪافي فيض مليو هو. لعل
سائينءَ جي حياتيءَ تائين ته ساڻس گڏ رهيو، پر وفات کان ويهارو ورهيه پوءِ به
سيوهڻ ۾ سندس سڪونت رهي. نه معلوم پوءِ ڪهڙي خيال کان خيرپور ناٿن شاه (تعلقو
ميهڙ) کان اچي نڪتو، جتي چند گهڙيون گهاري، جبل طرف رخ رکيائين ؛ تان ته فريدآباد
ٽپي، اڃا اڳتي وڌيو
شاه صاحب، پهاڙن جي پستن ۾ رهندي، آخر 61 ورهين جي ڄمار
۾، 721 هه مطابق 1321ع ڌاري اتي ئي وفات ڪئي. مٿس عاليشان مقبرو جڙيل آهي، جتي
ڪيترائي زائرين پنهنجين مرادن ماڻڻ لاءِ ، پهاڙن جي اڙانگن پيچرن کي لتاڙي، وٽس
پهچن ٿا. مٿس ساليانو ميلو به لڳندو آهي. پاڻ پوري ڄمار لعل سائينءَ جيان مجرد
رهيو. سندس ڪيترا ئي عقيدتمند ۽ صحبتي بڻيا، جن مان فقير آلي سائينءَ جو نالو قابل
ذڪر آهي، جيڪو پڻ قلندر جي پيارن طالبن مان هو.
تعلقي ميهڙ جي عوام جي پرزور مطالبي تي، سنڌ حڪومت درگاه
تائين صاف پيئڻ جي پاڻي پهچائڻ ۽ زائرين لاءِ سوارين جي سهولت لاءِ جوڳا اپاءَ
ورتا آهن؛ جنهن ڪري اڳ کان زياده درگاه تي آسانيءَ سان پهچي وڃن ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا