; سنڌي شخصيتون: سرڳواسي پرمانند ميوارام چئناڻي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سرڳواسي پرمانند ميوارام چئناڻي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سرڳواسي پرمانند ميوارام چئناڻي [ 1856ع – 1938ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ زبان جو گهڻگهرو ۽ سچو خدمتگار، ديوان پرمانند پٽ ميوارام چئنائي، 13 جون 1856ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. سندس پتا وڏو عامل شخص هو، جيڪو گيهه جي واپار مان گذر سفر ڪندو هو. ساڳئي وقت هندو پئنچات جو مک پڻ هو.
پرمانند، ست درجا انگريزي حيدرآباد ۾ ئي پڙهيو، پر مئٽرڪ باس ڪرڻ کان اڳ مالي مشڪلاتين ۾ ايندي ، مجبورا ملازمت ڪيائين. جوانيءَ تي رسڻ سان هندو مذهب ڇڏي، عيسائي بڻيو هو. آخر پاڻڀري ٿيڻ سان 1896ع ۾ حيدرآباد شهر مان هفتيوار ”جوت“ اخبار جاري ڪيائين؛ جنهن جي وسيلي سنڌي زبان ۽ ادب جي خاصي خدمت سر انجام ڏنائين.

کيس وڏو مطالعو هو. ازانسواءِ ڪافي زبانن جي ڄاڻ به حاصل هيس. هن ڏس ۾ ”انگريزي - سنڌي“ ۽ ”سنڌي - انگريزي“ لغنون سندس علمي لياقت ۽ حقيقي قابليت جو واضح ثبوت آهن. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا مختلف زبانن مان ترجما ڪري، سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو ڪيو اٿس. هڪ اندازي مطابق ديوان پرمانند، تقريباً ڏيڍ ڊزن کن ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيا آهن، جن مان خاص هي آهن:-
”انگريزي - سنڌي لغت“ (1908ع)، ”سنڌي - انگريزي لغت“ (1910ع)، ”دل بهار“ (1912ع، آکاڻيون)، ”ڪرست جي پيروي“ (1923ع، مذهب) ، ”مياڻيءَ جي جنگ“ (1925، مضمون)، ”اپائڻهار جي هستي“ (1934ع، مضمون)، ”ڌرم مورتي“ (1934ع، آکاڻي)، ”هيري جي منڊي“ (1934ع، آکاڻي)، ”يوسف مصري“ (1935ع، قصو)، ”لڇمڻ وڌيڪ ڪين لڌو“ آکاڻي، ”اتمڪ امرت“ (1936ع، مضمون)، ”شاهه جو سر ڪاپائتي“ (1936ع، لطيفيات)، ”لورڊ جي ناري“ (1936ع، ڪهاڻيون)، ”هيرو ۽ گلو“ (1936ع، ڪهاڻي)، ”سنڌباد سيلاني“ (1936ع، قصو) ۽ ”گل ڦل“ (1956ع ، مضمون) وغيره .
 ديوان پرمانند، حالانڪ پوريءَ طرح عيسائي ٿي چڪو هو، مگر سنڌي زبان ۽ ادب سان سندس بغض يا ڪٽرپڻو ڪو نه هو. پاڻ هميشہ ٺيٺ ۽ گهريلو سنڌي استعمال ڪندو آيو. البته ڪڏهن ڪڏهن هندي، سنسڪرت ۽ فارسيءَ جا الفاظ مناسب موقعن تي به ڪتب آندل اٿس؛ سي به سنڌيءَ سان اهڙيءَ طرح ته پيوند ڪيا اٿس ؛ جو پڙهندڙ ڪڏهن به هروڀرو مبالغي ۾ نه ٿو وڃي ڦاسي، سندس اڪثر لکڻيون ڌرمي رنگ ۾ رتل آهن؛ مگر انهن ۾ اخلاقي، تعليمي، و گياني، تاريخي ۽ سماجي نظرين بابت چٽي پرکا پوي ٿي.
ايترين سارين علمي ۽ ادبي خدمتن جي باوجود، پاڻ سنڌي پرشن (مردن) ۽ نارين جون سيونيون (سوانح عمريون) به قلمبند ڪيائين. سير سفر جي سلسلي ۾ مفيد معلومات ڏيڻ، طنز و مزاح جي اوٽ ۾ ”مذاقي مضامين“ (Humourous Essays) لکي، سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو آندائين.
مطلب ته ”جوت“ جي وسيلي، پرمانند سنڌي ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ، اها ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. نارائڻ داس ملڪاڻي آچاريه آسودو مل گدواڻي ۽ پرڀداس ڀيرو مل جهڙا ناميارا ليکڪ پڻ ”جوت“ سان هر وقت سهڪار ڪندا آيا، مارچ 14، 1938ع تي حيدرآبايد ۾ ئي پر لوڪ پڌاريائين. سندس ياد اسان جي دلين ۾ قائم آهي ۽ رهندي.
(1) – در اصل ”جوت“ اخبار، عيسائي مذهب کي فروغ ڏيڻ لارءِ جاري ڪئي هئائين. منجهس مذهبي عنوانن سان گڏ علمي، ادبي سياسي، سماجي، اخلاقي، اقتصادي، تاريخي ۽ تفريحي ۽ قصصي سرا به ڏيڻ لڳو.
(2) – هي ڪتاب "Akempis" جي مشهور تصنيف "Imitation of Christ" جو سنڌي زبان ۾ ترجمو آهي، جنهن ۾ ”عيسائيت“ بابت پرچار آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا