; سنڌي شخصيتون: شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو
 [ ۱۸۹۷ع – ۱۹۵۸ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شمس العلماءُ علامه عمرالدين ولد محمد خان دائود پوٽو، ضلعي دادوءَ جي ٺٽي ڳوٺ ۾، ۹ شوال ۱۳۱۳ هه مطابق پهرين جون ۱۸۹۷ع تي تولد ٿيو. عام طرح کيس ”محمد عمر“ ڪري سڏيندا هئا. سندس والده ”صفوران“ جنڊ پيهندي هئي ۽ والد بزرگوار هارپ ڪندو هو.

سندس شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. تمام وڏيون تڪليفون وٺي، ايم اي پاس ڪرڻ بعد ولايت جا وڻ واسيائين، جتان ٽن سال جي مختصر عرصي (۱۹۲۷ع) ۾ ”عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر“ جي عنوان تحت تحقيقي مقابلو (Theses) لکي، ڊاڪٽري سيد ورتائين. پوءِ واپس وري اُستاد بڻيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه وقت لاءِ ايمبئي گيشوري ڪاليج ۾ عربي زبان جوپروفيسر به ٿي رهيو. آخر سنڌ مدرسه ڪراچيءَ جي پرنسپال کان سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تائين وڃي رسيو. افسوس جو کيس موت مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ع تي ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪيائين. وصيلت موجب کيس، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي روضي جي ڇانو ۾ پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.
رٽاير ڪرڻ بعد، سه-ماهي ”مهراڻ جو ايڊيٽر به ڪجهه وقت رهيو. سندس برپا ڪيل ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جي سهڪار سان سنڌي زبان ۾ ڪتاب ڇپيا. هڪ اندازي موجب سندس تصنيف وتاليف جو ڳاڻيٽو چاليهن ورهين جي لڳ ڀڳ چيو وڃي ٿو. تاريخ، تنقيد، شاعري، شخصيات، تحقيق، مذهب، علم ادب، تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ بنسبت لکيل مختلف ڪتابن مان: ”شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ (۱۹۳۷ع)، ”ابيات سنڌي“ (۱۹۳۹ع)، ”ڪلام گروهرڙي“ (۱۹۵۷ع)، ”منهاج العاشقين“ (۱۹۶۴ع) ۽ ”سنڌي شعر جي مختصر تاريخ“ لافاني حيثيت رکن ٿا.
علامه صاحب جو سنڌي زبان کان علاوه عربي ۽ فارسي زبانن تي به عبور حاصل هو. آخري وقت ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي تي راتيان ڏينهان نور نچوڙي، هڪ جامع نسخو تيار ڪيو هئائين (جيڪو اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي). پاڻ ادبي ڪانفرنسين، جلسن ۽ محفلين جو مور هو. سندس نثر نهايت سادو هو، البته تحقيقي مقالا معلومات جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا. موجوده وقت ۾ هر پڙهيل لکيل ۽ علم ادب سان سينگاريل سنڌي زبان جي ڄاڻوءَ تي علامه صاحب جو احسان آهي. سندس عقيدي موجب ”اکر، اَخلاق تي وڏو اثر وجهن ٿا“ - نهايت عالمانه اندازِ بيان آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا