; سنڌي شخصيتون: حاجي شاهنواز خان چاچڙ - شوڪت چاچڙ

30 September, 2011

حاجي شاهنواز خان چاچڙ - شوڪت چاچڙ


حاجي شاهنواز خان چاچڙ
گهوٽڪي ضلعي ۾ تعليمي جوت جلائيندڙ
شوڪت چاچڙ
سنڌ ڌرتيءَ جي هر خطي؛ اتر، وچولي يا ٿر واري حصي ۾ انيڪ مثالي ماڻهن جنم ورتو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ پاڻ ملهائي ويا ۽ ڀٽائي سرڪار جي سِٽ ”وِهڻ مون نه وڙاءُ“ تي عمل پيرا رهيا. انهيءَ سلسلي ۾ ھتي هڪ اهڙي شخصيت جي ڪردار تي روشني وجهون ٿا، جنهن گهوٽڪي ضلعي ۾ اهم تعليمي ادارا قائم ڪرائي، تعليم جي جوت جلائي.
حاجي شاهنواز خان ائڊووڪيٽ 15 جنوري 1929ع تي ڳوٺ ميرن دڙو ۾ شفيع محمد چاچڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن خاندان جي نسبت نامياري عالم ۽ محدث شيخ محمد حيات سنڌيءَ سان ملي ٿي. شاهنواز خان ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان ورتي. ان بعد 1946ع ڌاري فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. عملي زندگيءَ جو آغاز انگلش ٽيچر طور شڪارپور جي هاءِ اسڪول کان ڪيائون. بعد ۾ گورنمينٽ بورڊنگ اسڪول سکر ۾ استاد ۽ وارڊن طور خدمتون سرانجام ڏنائين. قانون جي تعليم حاصل ڪندي 1958ع ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ تعليم کاتي کي خيرباد چئي وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪيائين. 

وڪالت جي پيشي ۾ به هڪ ذميوار ۽ حق پرست وڪيل ثابت ٿيا. غريب غربي جو کين احساس رهندو هو. 1961ع ۾ پهريان سول جج طور سندن مقرري ٿي ۽ 1971ع ڌاري ڍاڪا ۾ ايڊيشنل سيشن جج طور آرڊر نڪتو، پر هن اهي ٻئي آڇون ان ڪري قبول نه ڪيون جو کين پنهنجي پٺتي پيل علائقي ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي ترقيءَ جو فڪر رهندو هو. ڏينهن رات جانفشانيءَ سان محنت ڪري نه رڳو پنهنجي ڳوٺ دڙيءَ ۾ گرلس مڊل اسڪول ۽ هاءِ اسڪول منظور ڪرايو، پر گڏوگڏ آسپاس جي ڳوٺن، شاليواري، ميرن دڙو وغيره ۾ اسڪول، صحت مرڪز ايريگيشن سهولتون جانورن جون اسپتالون به قائم ڪرايون ۽ ماڻهن کي پنهنجا پٽ توڙي نياڻيون پڙهائڻ لاءِ راغب ڪيو. اهو ئي سبب هو جو اڄ کان ٻه ڏهاڪا اڳ گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ دڙيءَ بابت سروي ۾ معلوم ٿيو ته هي سنڌ جو واحد ڳوٺ هو، جتي پڙهيل فردن جي شرح (خواندگي) به 100 سيڪڙو هئي ته اتان جا سڀ پڙهيل فرد نوڪرين سان به هئا. حاجي شاهنواز خان سٻاجهي شخصيت جا مالڪ هئا، کين سماج فلاح جي ڪمن ۾ سڪون ملندو هو. پنهنجا ذاتي وسيلا ۽ ذريعا استعمال ڪندي 500 جي لڳ ڀڳ پڙهيل فردن کي روزگار به ڏياريو. 1979ع کان 2007ع تائين پاڻ اسلاميه ڪوآپريٽو ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جا متحرڪ جنرل سيڪريٽري رهيا، ان سوسائٽيءَ تحت ئي گهوٽڪيءَ جو پبلڪ اسڪول قائم ٿيو، جيڪو سندن ڪوششن جو ثمر آهي. 2007ع کان پوءِ چار سال ان سوسائٽيءَ جا چيئرمئن رهيا. پاڻ گهوٽڪيءَ جي پهرين لا ڪاليج جاباني ۽ پرنسپال هئا، ان ڪاليج بعد ضلعي ۾ قانون جي تعليم جو شعور وڌيو. گهوٽڪيءَ جو مشهور ڊي. سي هاءِ اسڪول به سندن ڪاوشن سان ٺهيو. اڳتي هلي ان ۾ ضلعي جي پهرئين آرٽس ڪاليج جو آغاز ڪيائون. اهڙيءَ طرح گهوٽڪيءَ جي ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏياريو ۽ گرلس هاءِ اسڪول ٺهرائڻ بعد ٻنهي ادارن جو افتتاح تڏهوڪي وزيراعليٰ جناب اختر علي جي قاضيءَ هٿان ٿيو، جيڪو سندن دوست به هو ۽ سماجي ڪمن ۾ سهڪاري به رهيو.
حاجي شاهنواز خان وڪالت دؤران به سرگرم ڪردار ادا ڪيو، سنڌ بار ڪائونسل جو ڳچ عرصي تائين ميمبر ۽ 2000ع کان 2004ع تائين گهوٽڪي بار ايسوسيئيشن جو پريزنڊنٽ رهيو. سياسي طؤر سندن وابستگي شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي. گهوٽڪي ريجن ۾ پ. پ جا سرگرم اڳواڻ ۽ صدر رهيا. ان کان اڳ جڏهن پ. پ جو قيام نه ٿيو هو ته مسلم ليگ جا ضلعي صدر رهيا، ايوب خان جي دؤر ۾ ٿيندڙ بي. ڊي اليڪشن ۾ ڪامياب رهندي ان وقت قائم ٿيل مختلف ڪاميٽين جا چئرمن رهيا. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جا آخر تائين ميمبر رهيا. گهوٽڪيءَ جي ضلعي تعليمي ڪميٽيءَ جا چيئرمئن به هئا. حاجي شاهنواز کي شعر و ادب سان به دلچسپي رهي. ’نياز‘ تخلص سان شاعري به ڪئي. سندن شعر ۽ ادبي لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون. حاجي شاهنواز خان پنهنجي اولاد جي تربيت به احسن نموني ڪئي، کين محنت جو درس ڏنو. هن وقت سندن فرزندن مان شفيع محمد (چيف انجنيئر، ڪراچي KMC)، علي احمد (AFP)، نثار احمد (ايس. ڊي. او، حيسڪو)، رفيق احمد (اسسٽنٽ اٽارني)، ڊاڪٽر تنوير احمد، جاويد احمد (ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ. ٽي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن)، پرويز احمد (ليڪچرر) ۽ نديم احمد (ايڊووڪيٽ/ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر) طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
گهوٽڪي ضلعي جي هن هر دل عزيز شخصيت 22 فيبروري 2011ع تي وفات ڪئي. مقامي ماڻهو سندس خدمتن جو اعتراف اڄ به ڪن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا