قاضي عبدالحق ”عبد“ [ 1850ع – 1930ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ سڳوريءَ هر دؤر ۾ ڪيترائي ڀلارا بزرگ، جيد عالم ۽
نيڪ مرد پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي هڙئون توڙي وڙئون عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيو
آهي. سندن فيض درياه جي وهڪري جيان عام هوندو هو؛ جنهن ۾ ڪيترائي علم جا اُڃايل
اڃي اُڃ اُجهائيندا هئا. اهڙن سخي مردن مان سنڌ جو عظيم خدمتگار، مولانا عبدالحق
ولد مولوي خوش محمد ولد محمد مسعود قاضي، تعلقي رتيديري (لاڙڪاڻو) جي ڳوٺ خيرو
ديرو ۾، 1267هه مطابق 1850ع ۾ تولد ٿيو هو. سندس جد- امجد مغلن جي ڏينهن کان وٺي
”قاضي القظات“ جي در جي تي فائز هئا؛ ۽ انگريزن جي آمد تائين ”قضا“ جو ڪم ڪندا
آيا؛ جنهن کي مسلسل ٽن پيڙهين تائين برقرار رکيائون. کين ”سب رجسٽرار“ جو عهدو به
سونپيل هو. اهڙي ئي سلجهيل علمي ماحول ۾ عبدالحق به شروعاتي تعليم اسڪولن جي احاطي
اندر حاصل ڪري، پنهنجي والد بزرگوار وٽان عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پڙهي، دستار -
فضيلت ٻڌي. پوءِ پنهنجن وڏڙن جي ڇڏيل ورثي کي وٺي، زندگيءَ جو گاڏو گهليندو رهيو.
جيئن ته پاڻ نهايت ئي ذهين، اَوِرچ، سنجيده ۽ داناءُ انسان هو؛ جنهن ڪري سنڌ جي
نامور شخصيتن سان به سندس صحبت قائم رهي، جن مان : مولانا تاج محمود اَمروٽي رح،
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، مولوي امام بخش چشمي وارو ۽ حڪيم شمس الدين ”بلبل“ جا
نالا قابل - ذڪر آهن.
مولانا عبدالحق صاحب جي سنڌ جي علمي توڙي سياسي شخصيتن
سان ڪافي ڏيٺ ويٺ هئي. پاڻ قومي جذبو رکندڙ هو؛ جنهن ڪري نظام الملڪ طرفان سڏايل
حيدرآباد دکن ۾ علماءِ دين ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪيائين. هن سياسي گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترن
ئي مدبرن ۽ سياسي بصيرت رکندڙن سان به سندس واقفيت وڌي. پير تراب علي شاه راشدي
قنبراڻي، سر عبدالله هارون ميمڻ، رئيس المهاجرين جان محمد خان جوڻيجو، سيد بچل
شاه، آغا معذالدين خان پٺاڻ، حڪيم الهه رکيو باند، محمد مراد خان کٽياڻ، خانصاحب
الهه بخش خان جلباڻي، الاهي بخش خان ڀٽو ۽ صاحب خان جوڻيجو جا نالا هن سلسلي ۾ وٺڻ
بي جاءِ نه ٿيندا، جن سان قاضي صاحب جو دلي ناتو هو – 1922ع جي آخر ۾ سرڪاري ڳٽ
ڳچيءَ مان ڪڍي، آزاد زندگي گذارڻ لڳو.
پاڻ هڪ همدرد انسان هو؛ جنهن ڪري مسلمانن ٻارن جي تعليم
لاءِ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري به سندن همت افزائي ڪندو رهيو. سنڌ جو پهريون مسلمان
گورنر، سر غلام حسين هدايت الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالڪريم ”گدائي“ ۽ نور
محمد ڀٽي (رٽايرڊ ڪليڪٽر) جهڙن جوانن جي خوب دلجوئي ڪيائين. ڪيترو وقت ڪمشنر جو
درٻاري به ٿي رهيو. ميونسپل جي ميمبر شپ کان چيئرمين جي عهدي تائين رهي، قومي خدمت
سرانجام ڏنائين. سندن طبيعت موزون هئي ۽ ڪافي ڪتابن جو مطالعو هوس؛ انهيءَ ڪري
شعرو شاعريءَ طرف به طبع آزمائي ڪندو رهيو؛ ۽ ”عبد“ تخلص سان سنڌي خواه فارسي
شاعريءَ ۾ خوب ميدان ملهايائين. وٽس علمي ڪتابن جو خاصو ذخيرو موجود هو؛ جنهن ۾
عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن جا ناياب ڪتاب پڻ هئا. زندگيءَ جا 75 ورهيه خلق جي
خدمت ۾ گذاري، 1349هه مطابق 1930ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪيائين؛ ۽ رتيديري شهر
اندر ابدي ننڊ ۾ ستل آهي. نرينه اولاد ۾ پٺيان ٻه فرزند: قاضي محمد امين (رٽايرڊ
مختيارڪار) ۽ قاضي عبدالحي ”قائل“ ڇڏيائين. ”قائل“ صاحب سنڌي زبان جو سٺو اديب ۽
شاعر هو. هيٺ ”عبد“ صاحب جي هڪ شعر مان ”مقطع“ نموني طور ڏجي ٿو:-
سچو دين تنهنجو مسلمان غازي، وڏو توتي مولا جو احسان
غازي؛
سچو آه شافي ۽ قرآن غازي، خدا جي آن گهر جو نگهبان غازي؛
آزادي ملڻ ”عبد“ آسان آهي،
همت ساڻ فاتح مسلمان آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا