; سنڌي شخصيتون: شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 September, 2011

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ [ 1853ع – 1929ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ اعليٰ پايي جو شاعر، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ ، 4 محرم 1270 هه مطابق 1853ع ۾، ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ ”ٽنڊي ٺوڙهي“ ۾ ڄائو. سندس والد ان وقت ايران کان لڏي، سنڌ ۾ آيو هو. سندس ابتدا ٿي تعليم ڳوٺ جي مدرس ۾، آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. پوءِ حيدرآباد شهر مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. پڙهڻ سان گڏ راڳ، سرندي، ستار وڄائڻ، راندي کيڏڻ، شاعري ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق جا ڳيس. خوشطبعني به حد درجي جو هو. سندس ذهانت انهيءَ حد تائين هئي، جو سنڌ اسڪولن کان انگريزي ڪلاسن تائين اول نمبر ايندو رهيو.


پاڻ ڪجهه وقت بمبئيءَ جي ايلفسٽن ڪاليج ۾ به پڙهيو، جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. واپسيءَ تي ڀائرن جي منشا موجب روينيو کاتي ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين. سرڪاري ملازمت ۾ ڪلارڪيءَ کان ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهتو. رٽاير ڪرڻ بعد، مرزا صاحب مطالعي کي چهٽي ويو؛ ۽ ڪافي ڪتاب لکي رات ڪيائين. ايتري تائين جو، سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، پنهنجو آرام به ڦٽائي ڇڏيائين. اڪثر واندڪائيءَ ۾ قبرستان، قبن ۽ دڙن ڏانهن ويندو هو. آخري وقت ۾ زماني جي ڏوجرن کان صدما رسيس؛ جنهن ڪري بي آرامي، غمگيني، ملولائپ ۽ مايوسيءَ ۾ وڪوڙجي، 76 ورهين جي ڄمار ۾، 1348 هه مطابق 3 جولاءِ 1929ع تي وفات ڪيائين. کيس ٽنڊو ٺوڙهي جي ”بلند شاه جي قبرستان“ ۾ آرامي ڪيو ويو.
هي ذهين، سنجيده، صلح پسند ۽ آورچ انسان، طبعاً رلڻو ملڻو، حاضر جواب ۽ خوشطبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي؛ جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ۾ شايع ڪيو آهي. سندس شاعرانه سگهڙپائيءَ جو گاهي بگاهي اهڙن واقعن ۽ خاص موضوعات تي روانيءَ سان قلم هليو آهي؛ جنهن مرزا صاحب کي ”قادر الڪلام“ بڻائي ڇڏيو. سندس شعرن ۾ لفظن جي سهوليت ۽ قافين جي آرزاني، اَنوکا وزن ۽ اُنهن جي آساني، طرز - اَدا ۾ سلاست ۽ رواني، اندروني ترنم ذريعي پيدا ڪيل خوش الحاني ۽ سندس طبعي ظرافت ۽ خوش بيانيءَ وارين خوبين سندس ڪلام کي پيارو ۽ دلپذير بڻائي ڇڏيو آهي.
نظم کان علاوه نثر ۾ به مرزا صاحب پاڻ ملهايو آهي. بالخصوص ناول، ڊرامي (ناٽڪ)، ادب، تنقيد ۽ صرف و نحو جهڙن اهم موضوعن تي، تقريباً ساڍا ٽي سوُ کن ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس. انهيءَ لکڻ ۾ هرگز وڌاءُ نه ٿيندو، ته ”سنڌي ادب جي سلسلي ۾ مرزا صاحب جهڙو ٻيو عالم اڃا پيدا نه ٿيو آهي.“
(1) – مرزا صاحب کي علمي خدمات جي صلي ۾ هي لقب، مرڻ کان ساڍا چار سال اڳ، يعني 1924ع ۾ مليو هو. ساڳئي وقت ملازمت جي عيوض ”خانبهادر“ جو خطاب به مليس.
 (2)- سندس اصل نالو عيسائي مذهب مطابق ”سڊني“ هو. پاڻ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان وارن ڏينهن ۾ ايران کان سنڌ ۾ سهڙيو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا