; سنڌي شخصيتون: مولانا محّب علي سنڌي - پير حسام الدين راشدي

21 September, 2011

مولانا محّب علي سنڌي - پير حسام الدين راشدي


مولانا محّب علي سنڌي
پير حسام الدين راشدي

سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهڙا با ڪمال عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي ذات نه فقط سنڌ لاءِ فخر و مباهات جو سبب رهي آهي، پر سنڌ کان ٻاهرين دنيا به سندن علم ۽ فضل جي فيض کان مستفيد  ٿي آهي.
مولانا محب علي سنڌيءَ جي ذات والا صفات، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ سونهري ڪڙي آهي. جنهن بزرگ جي علمي ڪمال ۽ ديني مرتبي، سنڌ کان وڌي هندوستان جي تاريخ ۾ به اهم مقام حاصل ڪيو آهي. خان خانان جهڙي عظيم المرتبت سپهه سالار ۽ سخن پرور امير به سندس صحبت ۽ معيت کي غنيمت ۽ سندس وجود مسعود کي باعث عزت  تصوّر ڪيو آهي.
مولانا جي متعلق سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۽ تذڪري ۾ تاريخي ۽ مستند احوال ڪو نه ٿو ملي. سواءِ مير علي شير قانع جي ‘تحفة الڪرام’ ۽ ‘مقالات العشراء’ جي پر افسوس اهو آهي ته انهن ٻن ماخذن ۾ به فقط چند ناڪافي فقرا موجود آهن.
جيڪڏهن هو بزرگ هندستان نه پهچي ها ته پوءِ شايد اسان کي سندس احوال جي سلسلي ۾ فقط اهي ئي چند سٽون نصيب ٿين ها. ليڪن شڪر آهي، جو هو صاحب هندستان ويو، جتي سندس علم ۽ فضل چمڪيو ۽ اڪبري ۽ شاهجهاني دؤر جي مؤرخن ۽ تذڪره نويسن سندس حال احوال قلمبند ڪيو. ان سان گڏ، سندس علم ۽ فضل جي تعريف ۾ پنهنجا ڪيترا صفحا صرف ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان انهيءَ قابل ٿيا آهيون جو هي چند سٽون سندس متعلق مرتب ڪري سگهيا آهيون.

مولانا جا بزرگ:
خوشگو، پنهنجي ‘سفينه’ ۾ ۽ عبدالباقي نهاوندي، ‘ماثر رحيمي’ ۾، مولانا جي والد جو نالو مولانا حيدر علي لکيو آهي. ليڪن ‘بادشاهه نامه’ جو مصنف سندس والد جو نالو صدر الدين ڄاڻائي ٿو. پهريان ٻئي مصنف لکن ٿا ته “سندس والد مولانا  حيدر علي اوائلي عمر ۾ سمرقند مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ مقيم ٿيو” ان طرح عبدالحميد لاهوري ‘بادشاهه نامه’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته “سندس ڏاڏو علي بيگ بابر سان گڏ ٺٽي ۾ پهتو، ۽ مستقل طرح سان اتي بودوباش اختيار ڪيائين.”
انهيءَ سلسلي ۾ عبدالباقيءَ تي وڌيڪ اعتبار ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو خان خانان جو مؤرخ آهي ۽ مولانا سندس همعصر به هو ۽ خان خانان جي علمي مصاحبن ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ پڻ هو. تنهن ڪري کيس وڌيڪ مستند ۽ تحقيقي احوال ملي سگهيو هوندو. حقيقت هي آهي ته سندس ڏاڏو علي بيگ نه بلڪ سندس والد مولانا حيدرعلي سمرقند مان لڏي سيوهڻ ۾ اچي ويٺو، جتي هن مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواريءَ جي ملازمت اختيار ڪئي.
قبيلو:
مولانا جي قبيلي متعلق سواءِ ‘بادشاهه نامه’ جي، ٻيا سڀ سوانح نگار خاموش آهن، چنانچه عبدالحميد لکي ٿو ته:
“او خود راه به گروهه ‘کوهه بر’ که از قبيله است از قبائل ‘چغتا’، منسوب مي سازد.”
تولد:
مولانا محب علي بقول ‘رحيمي’ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو ۽ اڃا ننڍو ئي هو جو سندس والد فوت ٿي ويو. ان حقيقت جي تائيد ۽ تصديق عبدالحميد لاهوريءَ پڻ ڪئي آهي. جڏهن پاڻ سمجهه ڀرو ٿيو، تڏهن ‘سيوهڻ’ مان لڏي اچي ‘ٺٽي’ ۾ ويٺو، جتي تعليم حاصل ڪري علم ۽ فضل ۾ ڪمال پيدا ڪيائين.
خان خانان جي ملازمت:
اڪبر جي زماني ۾ جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان، مرزا جاني بيگ تي فتح حاصل ڪري، سنڌ کي مغل شهنشاهت ۾ داخل ڪيو، تڏهن مولانا شڪيبيءَ جي تحريڪ تي، جيڪو ان وقت ٺٽي  ۾ مرزا سان گڏ هو، مولانا محب عليءَ کي پنهنجي ملازمت ۾ داخل ڪيو. عبدالباقي نهاوندي لکي ٿوته:
“در اصل اوائل سن صبي ڪه آن جناب در ‘تته’ بڪسب ڪمال مشغولي مي نمود، خدمت حسان الزماني، مولانا شڪيبي اصفهاني ڪه انيس و جليس اين سخندان (خان خانان) و سخن پرور بود، ايشان، در يافته، و اطلاع بر فضل و ڪمال و سلامت نفس و فقر و مسڪنت اين خورد و بمعنيٰ بزرگ، پيدا ڪرد، احوال آن، را ڪماحقہ  بخدمت اين دوستدار دوريشان عرض نمود.”
جڏهن خان عزت نشان جي سامهون مولانا پيش  ٿيو، تڏهن هيٺيون شعر عرض ڪيائين.
بي غم، عشق، تو صد حيف ز عمري، ڪه گذشت،
پيش زين ڪاش! گرفتار غمت مي بودم!
اهو واقعو 999 هجري ۾ ٿيو، مرزا عبدالرحيم خان خانان جي ملازمت کان سواءِ مولانا ٻئي ڪنهن جي نوڪري اختيار نه ڪئي، جيئن پاڻ چوي ٿو:
مرا چون شد جواني بر در تو،
نخواهم شد به پيري از بر تو.
اهڙيءَ طرح عبدالباقي به چوي ٿو:
“بغير خدمت و صحبت اين بزرگوار رفيع مقدار، خدمت و صحبت هيچ يڪ از اهل زمان اختيار نه نمود و نديد.”
خان خانان وٽ، مولانا نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي بسرڪئي ۽ زماني جي سڀني ضرورتن  ۽ گهرجن کان بي نياز  رهيو. جيئن مولانا پڻ ان علم پرور امير جي صحبت ۾ خوش ۽ خورم رهيو، تيئن خان خانان لاءِ به مولانا جو وجود مسعود فخر ۽ مباهات جو سبب هو چنانچه عبدالباقي  لکي ٿو:
اين عالي شان(خان خانان) يوجود، فايض الوجود او ... مباهات مي نمايد، و صحبت او را غنيمت مي شمار ند.”
نواب شاهنواز جي اتاليقي
1025 هجري ۾ جڏهن خان خانان، دکن تي ڪاهيو، تڏهن پنهنجي پٽ، نواب شاهنواز خان کي به ساڻ ورتيون ويون ۽ مولانا کي به سندس پڙهائڻ لاءِ ساڻ کنيائين.
1028 هجري ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان، ڪثرت شراب نوشيءَ جي ڪري وفات ڪئي، تڏهن مولانا به فارغ ٿي وڃي برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو.
حج جو سفر:
مولانا شڪيبي، المتوفي 1023هه، جڏهن حج تي اسهيو تڏهن مولانا به ساڻس همسفر ٿيو، مولانا شڪيبيءَ کي خان خانان 80  هزار رپيا ٻين سڀني ضروريات سان گڏ، نقديءَ جي صورت ۾، زاده راهه لاءِ ڏنا ۽ ساڳئي وقت مولانا لاءِ بقول رحيمي
“ما يحتاج راهه و خر، ضروري آن، سفر را، چنانچه بايد و سايد يجهت او مستعد و مهيا  ساختند.”
انهيءَ سعادت کان سرافراز ٿي، جڏهن موٽيا تڏهن عدن جي  بندر تي سندن ٻيڙي غرق ٿي وئي. چنانچه ٻين حاجين سان گڏ هنن ٻنهي بزرگن وٽ جيڪو مال اسباب ۽ پيسو ڏوڪڙ هو، سو ڪجهه ته عرق ٿي ويو، باقي شهر جي حاڪمن ۽ عاملن جي ور چڙهيو. اهڙيءَ طرح حيران پريشان، بندر سورت تي پهتا، جيڪو ان وقت خان خانان جي جاگير ۾ هو. خان خانان کي جڏهن اهو واقعو معلوم ٿيو ته وري به انعام اڪرام ڏئي کين نهال ڪري ڇڏيائين.
مولانا جيترو وقت، مڪه معظمه ۽ مدينه عاليه ۾ هو، سارو وقت  ماڻهن کان پري گوشه نشينيءَ عبادت ۽ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو هو. چنانچه مولانا شڪيبي سان به هر ڏهن ڏينهن کان پوءِ، فقط هڪ دفعو شهر کان پري، ڪنهن ويراني ۾ ملندو هو سو به تڏهن جڏهن مولانا شڪيبي، سندس لاءِ ڳولا جاري رکندو هو.
عبدالحميد لاهوري لکي ٿو ته حج تي ويندي سورت بندر ۾ پهچي، مولانا شيخ محمد فضل الله جي صحبت مان فيضياب ٿيو ۽ کانئس خلافت جو خرقو حاصل ڪري، پوءِ روانو ٿيو.
حج تان موٽڻ بعد وري اچي سپہ سالار جي ملازمت ۾ مشغول ٿيو. ليڪن هن دفعي ‘دائم الصوم ۽ قائم الليل’ رهڻ پنهنجو شعار بنايائين ۽ تسبيح ۽ تهليل ۾ سارو وقت صرف ڪرڻ شروع ڪيائين.
برهانپور ۾:
1028هجري ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان فوت ٿيو تڏهن مولانا به دنيا کان آقي باقي تعلق ٽوڙي، مستقل طرح سان وڃي. برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو.
عبدالحميد لاهوري لکي ٿو:
“ٽيهه سال خان خانان وٽ رهڻ کان پوءِ، برهانپور پهتو ۽  ٿوري عرصي کان پوءِ اتان حج تي ويو ۽ موٽي وري به اچي برهانپور ۾ مقيم ٿيو.”
999 هه ۾ مولانا، خان خانان وٽ ملازم ٿيو، ۽ 1028 هه ۾ نواب شاهنواز جي وفات کان پوءِ گوشه گر ٿيو، تنهن ڪري ٽيهن سالن نه پر اڻٽيهن سالن کان پوءِ، پنهنجي ڪرم گستر سپهه سالار کان علحدو ٿيو، اهڙيءَ طرح بقول عبدالباقي:
“در ايام ملازمت ايشان باين سعادت سرفراز گرديد”
يعني 1023 هجه کان اڳ، مولانا حج تي ويو، ڇاڪاڻ ته اهو سن، مولانا  شڪيبيءَ جي وفات جو آهي. جيڪو ساڻس مسافر هو.
ملا عبدالنبي فخر الزماني، مولانا جي ذڪر ڪندي، هڪ  دفعي لاءِ لکيو  آهي، ته مولانا خان خانان کان موڪل ڪري پنهنجي وطن جي حب ۾ ڳوٺ ڏانهن ٿي موٽيو. ليڪن اڃا پهتو ئي ڪين ته وري خان خانان ياد پيو، چنانچه انهن پيرن تان موٽي وڃي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ هن طرح معذرت ڪيائين.
“خواستم چون صبت جودت، سر نهم در عالي – ڪوهه شوقت سدره شد، چون صدا باز آمدم.”
اهڙيءَ طرح عبدالنبيءَ فخرالزمانيءَ جي ‘مئيخانه’ ختم ٿيڻ يعني 1028هه تائين، سندس لکڻ موجب “مولانا خان خانان وٽ هو.”
شاهجهان جي ملازمت:
ملا عبدالحميد لکي ٿو ته جڏهن صاحب قرآن ثاني، شاهجهان 1037ع ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن مولانا وري اچي بادشاهه جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. اهڙيءَ طرح مولانا جي هم وطن، مير علي شير قانع به ‘مقالاة الشعراءَ’ ۽ ‘تحفة الڪرام’ ۾ سندس احوال ۾ جيڪا هڪ اڌ سٽ لکي آهي، ان ۾ کيس شاهجهان جو ملازم لکيو اٿس.
شاهجهان جي درٻار ۾ به مولانا کي وڏو مرتبو حاصل هو. 1047ع ۾ بارش نه پوڻ سبب جڏهن سخت ڏڪار جو انديشو پيدا ٿيو تڏهن بادشاهه شاهجهان جن بزرگن کان ان موقعي تي ‘باران نماز’ پڙهائي، انهي ۾ مولانا جو نالو عبدالحميد لاهوريءَ پڻ ڄاڻايو آهي.
مولانا شاهجهان جي ملازمت ۾ ڪيترو عرصو رهيو، ان جو پورو پتو پئجي نه ٿو سگهي. ‘بادشاهنامه’ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1047ع تائين مولانا، بادشاهه جي حضور ۾ موجود هو. سندس احوال به ‘بادشاهنامه’ جي پهرن جلد ۾ آيل آهي. جيڪو 1047 جي واقعات تي ختم ٿئي ٿو ۽ سندس احوال جي پڇاڙيءَ ۾ عبدالحميد لکي ٿو ته:
‘اڪنون از پيشگاه حضور مرخص گشته’
ان مان اندازو ٿئي ٿو ته 1037 کان وٺي 1042ع تائين مولانا شاهجهان وٽ  رهيو.
مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواري جنهن وٽ مولانا جو والد سمرقند مان لڏي اچي ملازم ٿيو هو، ان جي پٽ ‘مير عبدالله سلطان عريضي’ جڏهن ‘شريف الملڪ’ جي معزوليءَ کان پوءِ ٺٽي جي منصبداري ڇڏي تڏهن وقت  گذران لاءِ سندس والد جو حق نمڪ ادا ڪندي، مولانا کيس شاهجهان بادشاهه کان پنجاهه هزار سالياني آمدنيءَ جي جاگير ڄام تماچيءَ جي سيريءَ مان وٺي ڏني. انهيءَ واقعي مان به شاهجهاني درٻار ۾ مولانا جي دسترسيءَ جو اندازو ٿي سگهي ٿو.
علم و فضل:
جيئن مٿي لکي آيا آهيون، مولانا ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ علم و فضل ۾ ايترو ڪمال حاصل ڪيائين جو شڪيبي جهڙي استاد جي نظر، جنهن کي حسان الزمان سڏيو ويندو هو، ٺٽي جي سموري علمي مرڪز ۾ وڃي مٿائنس پئي. نيٺ سندس شخصيت کان متاثر ٿي ايترو مجبور ٿيو جو کيس به خان خانان جهڙي علم دوست ۽ علم پرور امير جي صبحتن جي سلسلي ۾ شامل ڪرايائين. حالانڪه ان وقت ايران ۽ هندستان جا سوين بهترين عالم ۽ شاعر اتي اڳ ۾ ئي موجود هئا.
عبدالباقي نهاونديءَ سندس ذڪر نهايت شاندار نموني ۾ لکيو آهي، ۽ سندس  نالي کي نهايت ادب ۽ احترام سان کنيو آهي. سندس علم ۽ فضل جي ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
“در فن طلب علمي بينظير و بيمثال و فريد عصر ويگانه دهر است.”
ملا  عبدالحميد لکي ٿو ته:
از علوم ظاهري بهره مند است واز تڪلفات رسمي و تصنعات عرفي بيگانه.”
خان خانان وٽ جيڪي عالم ۽ شاعر هئا، انهن جي ذڪر ڪندي ‘ماثر رحيمي’ جو صاحب  لکي ٿو ته:
“مثل مولانا محب علي سندهي ڪه از مشاهير روزگار است.”(2-588)
اهڙيءَ طرح ٻيءَ جاءِ تي نواب شاهنواز خان جو احوال لکندي مولانا لکي ٿو ته:
.”از آن جمله مولانا محب علي سندهي است اڪه از افاضل واعيا روزگار ست، و طبع نظم عالي دارد، انيس و جليس ايشان است” (2-634)
مولانا جو اهو ئي علم ۽ فضل جو ڪمال هو، جنهن جي ڪري خان خانان به سندس صحبت کي غنيمت ڄاتو ٿي، ۽ پاڻ وٽ هجڻ جي ڪري، فخر ۽ مباهات محسوس ٿي ڪيو. باوجود ان جي، جو وٽس ٻيا به يگانه روزگار، اهل ڪمال موجود هئا.
ٻيون خصوصيتون:
مولانا نه فقط  عالم ۽ فاضل هو پر مذهبي لحاظ سان به حضرت بايزيد بسطامي ۽ جنيد بغداديءَ جهڙو کيس مرتبو حاصل هو. چانچه عبدالباقي لکي ٿو:
“درويش نهاد و فاني مشرب واقع شده، و در طرز تصوف و تذڪير و تحقيق، جنيد و بايزيد وقت و زمان خود است.”
‘ماثر رحيمي’ جو مصنف، سندس بزرگيءَ کان ايترو ته متاثر ڏسجي ٿو، جو شاعريءَ جي ساڻس نسبت ڪرڻ گستاخي ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو:
“نسبت شعر و شاعري، به ايشان دادن لازم آمد، والا مرتبه و حالت ايشان رادر اقسام حيثيات و استعدادات بتخصيص فقر و مسڪنت ڪه انسان ڪامل، عبارت از جمع است ڪه اين سه رشته بدست در آورده باشد، آن ست، راقم را ازين گستاخي باز ميداشت.”
ساڳيو مصنف صوم و صلواة جي پابنديءَ جو ذڪر ڪندي، ٻئي هنڌ لکي ٿو:
دائم الصوم و قائم الليل بودن را شعار خود ساخته و در زهد و ورع و تسبيح و تهليل هيج گونه فوت و فرو گذاشتي نه مي نمايد و براه نمونهء قائد توفيق قدم در اين وادي نهاده موقف گرديده و هادي و مقتدي و راه نمائي  اين فرقه گرامي مي توانند شد.”
اڳتي هلي  ساڳيو مُلا عبدالقادر لکي ٿو:
“و زخارف دنيوي را معدوم انگاشته به مضمون عمل مي نمايند.
در دهر ڪه عيب و هنرش ميدانم،
و زهر چه در اوست، ڪمترش ميدانم،
بالي نه فشانم، و صغيري نڪشم،
برخود ز نفس تنگترش ميدانم.
و اين شويهه از يشان بغايت پسنديده ونيڪو مي نمايد چرا ڪه از شائبه، ريا و ڪذب ميراست، و تمام اوقات شويف مسلوڪ ميدارد، ڪ نه از عنايت و مرحمت جهانيان خوشحال و نه از ڪم لطفي و بي شفقتي زمانيان آزرده و صاحب، ملال مي گردد، لطف مخلوق را معدوم انگاشته، بندگي، خلق جز و ڪل و خدمت و صحبت فقراء و درويشان را برمهمه چيز ترجيح مي نهد.”
مصنف، مولانا جي انهن بزرگانه ۽ دوريشانه خوبين ۽ خصوصيتن کان ايترو ته متاثر آهي، جو  چوي ٿو ته مون کي تعجب آهي ته هو صاحب، سپهه سالار جي صحبت ۾ ڪيئن رهي پيو آهي. آخر ۾ مولانا کي ساراهيندي سندس ذڪر هن فقري تي ختم ٿو ڪري.
“الحق مثل مولانائي، مذڪور درين ج و زمان نيست و نخواهد بود، و اهل هند را اعتمادي تمام بفضيلت و حالت اوهت و ميرسد و مي زبيدشان.”
شاعري: جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته مولانا محب علي قادرالڪلام شاعر به هو ۽ عبدالباقيءَ جي قول مطابق حڪيم سنائيءَ جو هم هو، ۽ شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري، تتبع به ان جو ئي ڪندو هو. ساڳئي  طرح سندس هم وطن مؤرخ مير علي شير ‘قانع’ به کيس اشاعر، اشعر ۽ شاعر جيّد جي لقب سان ياد ڪيو آهي.
“مقالات الشعراء” ۾ سندس چند اشعار “مئيخانه” ۾ سندس “ساقي نامه” جا ٻه ٽي شعر ۽ “رحيميءَ” ۾ سمورو”ساقي نامه” ۽ چند قصيدا ڏنل آهن” مئيخانه” جو صاحب لکي ٿو، ته سندس ديوان اڃا گڏ ڪونه ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح ٻئيءَ به ڪنهن سنواح نگار سندس ديوان يا ٻئي ڪنهن تصنيف جو پتو ڪونه ڏنو آهي.
سندس معاصر:
عبدالرحيم خان خانان جهڙي سخن پرور ۽ فياض امير جي بدولت، مولانا کي ان زماني جي بهترين عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ميسر ٿي. سندس معاصرين به بلند مرتبه حيثيت  جا مالڪ آهن، جن جي مفصل احوال جي گنجائش هت ڪري نٿي سگهجي. حسام الزمان مولانا شڪيبي، مولانا نظيري، نواب قلي بيگ انيسي، شريف ڪاشي، مُلا ڪافي سبزواري، مُلا بقائي وغيره جا نالا معاصرن جي سلسلي ۾ بطور نموني جي ڏئي سگهجن ٿا. ‘مقاصد رحيمي’ ان لاءِ وڌيڪ رهنمائي ڪري سگهي ٿي.
وفات:
 مولانا جي وفات جي تاريخ ۽ سن معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿيان سڀ سوانح نويس سندس حياتيءَ ۾ پنهنجا ڪتاب ختم ڪر چڪا آهن. ملا عبدالحميد لاهوري، 1065 ۾ فوت ٿيو ۽ 1047ع جي واقعات تائين مولانا کي برهانپور ۾ “بپرستش ايزدي” مشغول ڏسي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا