; سنڌي شخصيتون: قاضي قاضن - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

02 September, 2011

قاضي قاضن - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


قاضي قاضن [ 1484ع – 1551ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سمن جي دور جو مشهور سنڌي شاعر ۽ بزرگ هستي، قاضي قاضن بن ابوسعيد بکري بن زين الدين بن ابوالخير قاضي، وقت جو وڏو عالم ۽ مصنف ٿي گذريو آهي. هڪ اندازي موجب سندس ولادت 3 شعبان 889هه مطابق 27 جولاءِ 1484ع تي ٿي آهي. سندس وڏا سيوستان (سيوهڻ) جا ويٺل هئا. سندس والد بااخلاق، خدا شناس، چست، حاضر جواب ۽ ناميارو شخص هو؛ جنهن پنهنجي نينگر کي ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران سان گڏ حافظ قرآن ۽ خوش الحان قرات (تجديد) جو سبق ڏياريو. ازانسواءِ کيس تفسير، حدي، تصوف فقہ، اُصول، تعويذات (ابجد)، علمه آلات، علم رياض ۽ علم الانشاءَ جي به ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي. متقي، پرهيزگار ۽ خدا ترس به حد درجي جو هو.

قاضي صاحب، مرزا شاه حسن اَرغون (حڪومت 928هه – 962هه) جي ڏينهن ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو ۽ ويهه ورهيه اُت عهدي تي فائز رهي، 947هه (1540ع) ۾، ڏاڏي جي ڏنل ”فضاواري ڪرسي“ ڇڏيائين. ساڳئي سال، ٻنهي جهانن جي سردار، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي زيارت نصيب ٿيس. غالباً 67 ورهين جي ڄمار ۾، 29 ربيع الثاني 958هه مطابق 11 آڪٽوبر 1551ع تي وفات ڪيائين. سندس خاص صحبتي: قاضي عبدالله بن ابراهيم رانٽيو ۽ شيخ عبدالله بن سعد درٻيلوي سڏبا هئا. سندس وڏو ڀاءُ قاضي عبدالغفار پڻ اعليٰ پايي جو عالم، فاضل ۽ ناليرو بزرگ ٿي گذريو آهي؛ ۽ ننڍو ڀاءُ قاضي نصرالله کانئس پوءِ بکر جو قاضي بڻيو هو.
قاضي قاضن، سنڌ ۾ سمن جون سرداريون؛ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو (حڪومت 864هه – 914هه) ۽ ڄام فيروز (حڪومت 914هه – 927هه) کان ارغونن جي حڪمرانن ۾: شاه بيگ ارغون (حڪومت 927ع – 928ع)، شاهه حسن ارغون (حڪومت 928هه – 962هه) تائين پئي سنڀريو. پاڻ سنڌي زبان ۾ شاعري به ڪئي اٿس، جن مان ست بيت، شاهه عبدالڪريم بلڙي رح (1538ع – 1626ع) جي ملفوظات (”بيان العارفين“ عرف ”تنبيهه الغافلين“) ۾ درج ٿيل ملن ٿا، جيڪي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ”هندي ڇند وديا“ جي اُصولن موجب آهن، جن ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود واري واٽ بابت سکيا ڏنل آهي. سندس ڪلام صنايع و بدايع سان مزين آهي؛ جنهن ۾ ”الاهياتي فلسفو“ ، رمز ۽ اشاري سان سمجهايو ويو آهي.
قاضي صاحب ڪتابي علم کي ”سڀڪجهه“ نه ٿو سمجهي، بلڪ انسان کي ”منڊي ماڪوڙي“ ۽ دنيا کي ”کوه“ سان تشبيهه ڏيندي زندگيءَ جو عڪس بيان ڪيو آهي. بيتن جي زبان فصيح هجڻ سان گڏ بليغ ۽ سلامت سان سمورن لوازمات سان همڪنار نظر اچي ٿي. نموني طور هڪ بيت هيٺ ملاحظه فرمايو:-
”جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“

(2) – ڪن محققن ”قاذن“ يا ”قادن“ نالو به ڄاڻايو آهي، جيڪو منهنجي راءِ مطابق غلط آهي.
(3) – بکر جو اصل نالو ”فرشته“ آهي؛ جنهن تي سيد محمد مڪيءَ جي بکره (باک ڦٽڻ) ۾ آمدت وقت مٿس ”بکر“ نالو پيو آهي. هتان جي رهاڪن کي ”بکري“ سڏبو آهي. ڪنهن زماني ۾ هن شهر کي وڏي اهميت حاصل هئي. قدامت جي لحاظ کان روهڙي ۽ سکر کان به جهونو آهي. نزاڪت ۽ صفائيءَ جي لحاظ کان ٺٽي کان پوءِ ”بکر“ جو ئي بيان ڪيو ويندو آهي. [”تحففته الڪرام“ (جلد 3، سنڌي ترجمو) – مير عليشير ”قانع“، سنڌي ادبي بورڊ، 1857ع، صفحو 311]
(1) – قاضي قاضن جا وڏا اصل ۾ اُچ شريف (ملتان) جا ويٺل هئا، جتان پوءِ سنڌ ۾ سيوهڻ شريف ۽ ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سندن جد- امجد ابوالخير، بکر ۾ اچي مقيم ٿيو هو [”قاضي قادن جو ڪلام“ – هيرو ٺڪر“ پوڄا پبلڪيشنس C-8/163B، لارينس روڊ، دهلي 110035؛ 1978ع، صفحو 53].
(1) – تازو (1978ع ۾) هندستان جي هريانه ۾ روهتڪ لڳ رانيلا مان، پراڻي ديوناگري سنڌيءَ ۾ لکيل 112 بيت هٿ آيا آهن، جن کي اُتان جي نوجوان شاعر، هيرو ڄيٺانند لعل ٺڪر سهيڙي، سموهي، سينگاري ۽ مرتب ڪري، ”قاضي قادن جو ڪلام“ نالي سان ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو آهي؛ جنهن تي محققن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا