; سنڌي شخصيتون

16 September, 2011

فقير عثمان سانگي

[ ۱۷۷۸ع – ۱۸۶۰ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



فقير عثمان ولد خيرمحمد سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ڄاماڻي سانگي“ ۾، ۱۶ صفرالمظفر ۱۱۹۳هه مطابق ۲۴ نومبر ۱۷۷۸ع تي تولد ٿيو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ ماٺيڻو هو. اڪثر ڪري والد جي وٽ ۾ ويهي، هدايت جون راهون معلوم ڪندو رهيو. پيءُ جو مٿس ايترو ته گهرو ۽ گهاٽو اثر پيس، جو عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيائين. ويتر صوفين جي صحبت کيس ”تصوف“ جي واٽ به ڏيکاري. باطني فيض وٺڻ لاءِ، پاڻ نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ، مخدوم خواجه عبدالحي رح جو وڃي پوئلڳ ٿيو؛ جنهن جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. سندس پير ڀائي، فقير خيرمحمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ به هو؛ جنهن جي صحبت ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. فقير نانڪ يوسف، فقير ڇتو سانگي، فقير دريا خان قريشي، فقير موهن آهوجا ۽ فقير هاسا رام آهوجا سندس گهڻگهرا هئا.


فقير صاحب جو سنڌيءَ کان سواءِ اُردو ۽ هنديءَ ۾ شعر چيل آهي. سندس سنڌي ڪلام ڪافين، غزلن ۽ بيتن تي مشتمل آهي؛ جنهن کي راقم الحروف (ميمڻ عبدالغفور سنڌي) مرتب ڪيو آهي. شعر ۾ ”عثمان“ ۽ ”عثمانا“ تخلص استعمال ڪيو اٿس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته سندس غزلن جو هڪ ”ديوان“ به مرتب ٿيل هو، جيڪو زماني جي خرد برد ڪري اڄ بالڪل ناپيد آهي. ۲۱ رجب المرجب ۱۲۷۷هه مطابق ۱۲ فيبروري ۱۸۶۰ع تي راه رباني ورتائين. هن هيٺ سندس ڪلام جو نمونو نروار ڪجي ٿو:-

اڳهين ته عشق مون ڄاتو هو، سر تي آيم تڏهن سڃاتو.

عشق اول آسان ثي ڀانيم – هوش عقل سڀ انهيءَ وڃايم؛

پوءِ رڳو پاراتو هو.

خبر عشق جي اڳ نه پيڙي – ته پوءِ ڪندو ڪامون سان اهڙي؛

ڄاڻ نه اڳ مونڄاتو هو.

وره وڄايو نينهن نغارو – وسري ويو وجود ئي سارو؛

عشق اصل اوراتو هو.

ڇاتيءَ ۾ جڏهن پاتم جهاتي – لا الٰہ جي وهي وئي ڪاتي؛

ليئڙي ۾ ليئو پاتو هو.

عشق آويرا آهي ”عثمانا“ – بره ۾ بيشڪ وتن ديوانا؛

نينهن لڳو تن ناتو هو.


 

عثمان فقير سانگي

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

نومبر ۵، ۲۰۱۷ تي عطاءُ الحسنين ڳورڙ سان لاڙڪاڻي کان ميري خان واري رستي تي اولھ طرف عثمان فقير سانگيءَ جي مٽيءَ تي حاضري ڀري. . .

’يار ڏاڍي عشق آتش لائي وي’ جو تخليق ڪندڙ صوفي شاعر عثمان فقير سانگيءَ جي تربت تي به ڪاريءَ وارا ڪک نظر آيا. قبر مٿان رکيل پڙ کي به اسان سيري سڌو ڪري رکيو. هڪ ته سندن پونيرن جو اهو حال ڪونهي جو ان درگاه جي ٿوري گهڻي سنڀال ڪن، ٻيو وري اسان جي سرڪار جي مٿي ۾ به اهڙي جونءِ ڪونه ٿي چري ته هن عظيم صوفي شاعر جي درگاه تي ڪو ساليانو سيمينار ڪرائن. . . سڄ ته اهڙن صوفي بزرگن جي مٽيءَ تي ويراني ڏسي، اندر کي جهوري لڳي ٿي. . . ڪجھ وقت کان پوءِ، پري کان ويندڙ هڪ همراه ڏسندي، سڏ ڪيوسونس، جنهن پڻ غثمان سائينءَ بابت ڪجھ ڳالهيون ٻڌايون، پنهنجو نالو پنهل سانگي ٻڌايائين. . .

سنڌي شاعريءَ جي روايت ۾ عثمان فقير هڪ اهم صوفي شاعر آهي. سندس وڏا اصل ڪنڊياري جا رهاڪو هيا. فقير جو والد خير محمد روزگار سانگي لڏي لاڙڪاڻي جي پاسي ويو، جيڪو عربي فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هيو، جنهن ڪري درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين ۽ اباڻي ڪرت ٻني ٻارو به ڪندو هو.

عثمان فقير سانگيءَ جي ولادت ۱۶ صفر ۱۱۹۷ھ ڳوٺ ڄاماڻي سانگي ضلع لاڙڪاڻي ۾ ٿي. هن فارسي جي اعلى تعليم حاصل ڪئي. هو نوشهري جي صوفي بزرگ خواجه عبدالحي نقشبندي جو مريد هو. ڪافي عرصو نوشهري ۾ رهيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي سان کيس عقيدت هئي. هو اڪثر ڀٽ شاھ ويندو رهندو هو. گمان غالب آهي ته درازا به ويو هوندو. فقير صاحب کي حضرت قلندر لعل شهباز سان بي پناھ عقيدت هئي. هڪ روايت موجب هو سڄو سال اتي رهيو ۽ درگاھ جون مٽيون ڀريندو رهيو. فقير عثمان جو والد خير محمد عربي فارسي پڙهائيندو هو. هُو نيڪ ۽ پرهيزگار انسان هو. عثمان فقير هڪ ته ننڍپڻ کان ئي روحانيت ڏانهن لاڙو رکندڙ هو، ويتر پنهنجي گهريلو ماحول ۽ صوفي سونهارن جي صحبتن کيس سچو صوفي بڻايو. روزي نماز جو پابند هو. چون ٿا ٿه هُو اڪثر الحمد شريف جو ورد ڪندو رهندو هو. مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر خوش خير محمد سندس گهرو دوست هو. ٻئي ڪافي عرصو نوشهري ۾ پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ رهيا. سنه ۱۲۷۹ھ ۾ جڏهن عثمان فقير وصال ڪيو، تڏهن خوش خير محمد سندن وڇوڙي تي جيڪا ڪافي چئي، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خوش خير محمد جو عثمان فقير سان ڪيترو نه پيار هو. ان کان علاوه هن پنهنجي دوست جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي جيڪا تعريف ڪئي آهي، سا سَندَ جو درجو رکي ٿي.

“عثمان” عاشق آفرين پنهنجو جسم پروان ڪيئه

طالبن جي طور ۾ نالو صحيح نشان ڪيئه

غازي کنيئه وک واھ جو، سانگو رکيئه نه ساھ جو

ٿوکي ذوق وجه الله جو، واھ درد جو درمان ڪيئه

غازي ٻوليئه گفتا گهُر، واھ عاشقن کي ٿيو اثر

اهڙو هئين سالڪ سڌر، واھ عشق جو اعلان ڪيئه

تنهنجي درد دل خستي ڪئي، هرگز نه تو سستي ڪئي

ثامت ڪمر بستي ڪئي، سرهو مري ميدان ڪيئه

تو هي سخن چيدا چيا، تاثير تن پيدا ڪيا

شاعق ٻڌي شيدا ٿيا، واھ درد جو داستان ڪيئه

“خوش خير محمد” يار جو، هيڙو پکي تنهن پار جو

عاشق هئين اسرار جو، اڏري وڃي آشيان ڪيئه

خوش خير محمد عثمان فقير جو دوست هو. روايت آهي ته عثمان فقير ئي کيس نوشهري وٺي ويو. جتي هو پير عبدالحي نقشبندي جو مريد ٿيو. خوش خير محمد پنهنجي ڪن ڪافين ۾ سائين عبدالحي سان عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. نموني طور سندس هڪ ڪافيءَ جا ڪجھ شعر پيش ڪجن ٿا جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته اي طالب! تنهنجو محبوب تنهنجي من ۾ وسي ٿو. تو ۾ ئي تيرٿ ۽ تڪيو آهي. تنهن ڪري ٻيا تيرٿ تڪيا ڀيٽڻ گنگا، جمنا ۽ ڪاشي پڃڻ بجاءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاءِ سامي سڏائين ٿو ته پوءِ ڪوڙ ۽ ڪروڌ ڇڏي ڏي. مري جيءُ ته جانب جو جمال ماڻين. آخري شعر ۾ عشق جي تعريف ڪندي چوري ٿو ته منهنجي مرشد عاشق عبدالحي ٻڌايو آهي ته ٻنهي جهانن ۾ عشق ئي اعلى ۽ افضل آهي.

عشق جڻيا جس پايا هي

تس واھ اسلام جگايا هي

ڪها ري گنگا، ڪهان ري جمنا، ڪهان ري ڪاشي جايا هي

تجھ ۾ تڪيا تجھ ۾ تيرٿ آپ ۾ آپ سمايا هي

هر ڪنهن اپڻي هردي اندر پوجا ڪر ڦل پايا هي

جاگ جپيا جس نام تيرا، تس طالب تلڪ لڳايا هي

سامي نام سڏا ڪي، ڦر ڪوڙ ڪروڌ ڪمايا هي

سائين لوڪ ته اسنون ڪهيي جو جيتي جي مرجايا هي

“خير محمد” دونون جڳ ۾، عشق عجب هڪ مايا هي

عاشق عبدالحي ميري گرايوين آک سڻايا هي

ڪافيءَ جو هڪ ٻيو مشهور شاعر رستم لغاري عثمان فقير جو دوست هو، عشمان فقير کيس نوشهري فيروز وٺي ويو. عاشق عبدالحي وصال ڪري ويو هو، تنهنڪري رستم فقير شاھ نصير جو طالب ٿيو. هن تمام سهڻيون ڪافيون چيون آهن.

رستم فقير پنهنجي مرشد شاھ نصير جي شان ۾ جيڪا ڪافي چئي آهي، ان ۾ کين عشق جو ارباب سڏيندي ٻڌائي ٿو ته سندن فيض ساري فقر تي جاري آهي ۽ هو پنهنجي طالبن جو خاص خيال رکي ٿو جتي نينهن جو نعاريو سدائين وڄندو رهي ٿو ۽ هو پنهنجي طالبن کي پريت جا پر پيالا پياريندو رهي ٿو. ڪافي ملاحظ فرمايو:

عشق سندو ارباب، نقشبند نوشهري نرواري

فيض سندس آفقر ساري ٿي، غير نه آهي گفتاري

طلب وارن جي ترت لهي ٿو، پر داخت پو واري

شاھ نصير جنهن دا نالا، طبل وڄي تڪراري

شوق شراب شتاب پياري، جام جماعت ساري

لاشڪ آ لاهوت رستم کي، سر صدق ڪيان سؤ واري

ٻيا به گهڻا ئي شاعر هن درگاھ جا طالب هئا، جن عارف عبدالحي ۽ شاھ نصير جي شان ۾ ڪافيون چيو، ميلا مچايا، مٽيون ڀريون، چوڪيون ڏنيون. مطلب ته عارف عبدالحي ۽ شاھ نصير جي دور ۾ نوشهور تصوف جو وڏو مرڪز هو. راڳ ويراڳ جون محفلون مچنديون هيو، عقيدت مندن، مريدن ۽ طالبن جا ميڙا متل هوندا هئا. نوشهرو واقعي علم، عشق ۽ عرفان جو هڪ اهڙو مرڪز هو، جتان ڪيترن ئي طالبن کي فيض مليو.

پيرن فقير جي درگاهن تي صوفي فقير ويندا رهندا هئا. جتي راڳ ويراڳ جون محفلون متل هونديون هيون. خاص طور ڪنهن بزرگ جي ميڙي جو موقعي تي ته پري پري جا ڳائڻا اچي عقيدت ۾ چوڪي ڏيندا هئا. ان کا علاوه هڪ ٻئي جون ڪافيون ٻڌي شاعر خاص هيرجي هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ قربائتيون ڪچهريون ڪرڻ ويندا هئا. عثمان فقير ۽ خوش خير محمد جو پاڻ ۾ نينهن جو ناتو هو، تنهن ڪري هو هڪ ٻئي کان متاثر ٿيا ۽ هڪ ٻئي جي ڀران ڪافيون چيائون.

عثمان سانگي جي ڪلام ۾ بي شمار خوبيون آهن. مٿي نموني طور خرار مان ڪي داڻا ڪڻا چونڊيا ويا آهن. هو سچو عاشق ۽ موسيقي جو ماهر هو. سندس ڪلام ۾ سهڻي ٻوليءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي جھلڪ پڻ نظر ايندي. سنڌ جي عظيم محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عثمان سانگيءَ جي شخصيت ۽ ڪلام بابت جيڪا راءِ ڏني آهي سان وزندار آهي. لکن ٿي: (عثمان فقير) اهل الله درويش، سچو صوفي ۽ وڏو شاعر هو. خواجه صاحب عبدالحي نقشبندي نوشهري فيروز واري جي وتجه سان برھ ۽ بيخودي عطا ٿيس. خواجه صاحب جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاھ نصير جي بعيت ڪيائين. فقير خير محمد هيسباڻي ۽ عثمان فقير سانگي پاڻ ۾ صحبتي هئا. عثمان فقير سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪافيون چيون، جيڪي حال توڙي قال جي لحاظ سان معياري آهن. مطلب ته هر لحاظ سان سندس سنڌي توڙي سرائڪي ڪلام لاجواب آهي. اڄ به سندس ڪافيون جهر جهنگ مشهور آهن. ماڻهو جڏهن مرحوم جمن جي آواز ۾ هيءَ ڪافي ٻڌن ٿا ته بي اختيار ٿي وجد ۾ اچي وڃن ٿا:

سانون لڳ ڳئي بي اختياري

سيني دي وچ نه سمائي هي

يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي

اها عشق جي آتش عثمان فقير جي ڪلام ۾ اوهان کي جا بجا نظر ايندي. اها جوت اڃان جلندي رهي ٿي ۽ سدائين جلندي رهندي، ڇو ته عثمان فقير کي اهو فيض پنهنجي مرشد سائين عبدالحي کان حاصل ٿيو، نوشهري جي عالم ۽ عارف جو اهو فيض اڻ کٽ آهي. جيڪو اڄ به جاري آهي ۽ سدائين جاري رهندو. (ڊاڪٽر نواز علي شوق)

 

No comments:

راءِ ڏيندا