; سنڌي شخصيتون: مگهن مل پنچوليا - شوڪت حسين شورو

18 September, 2011

مگهن مل پنچوليا - شوڪت حسين شورو


مگهن مل پنچوليا
ٺٽئي ڀاٽيا

شوڪت حسين شورو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سُر سامونڊي ۾ جن وڻجارن جو بيان ڪيو آهي، سي سنڌ ورڪين کان تمام گهڻو آڳاٽا هئا، جيڪي لاڙ ۾ سامونڊي بندرن تان ٻيڙن ۾ پرڏيهه ويهي واپار ڪندا هئا ۽ سمنڊ جهاڳي سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻيءَ ۾ موٽي ايندا هئا.

کاري کيڙائو، مٿي مِٽي موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا!

 اهي وڻجارا ڪير هئا، جن لاءِ شاهه لطيف اهو به چيو ته ”اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون، اٺئي پهر اٿن، سهيو سمونڊ جو“. انهن وڻجارن جي زالن بابت چيو اٿس ته ”اُڀيون تڙَ پوڄين وَهُون وڻجارن جون، آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.“ وڻجارا اصل ۾ نگر ٺٽي جا ڀاٽيا هئا، جيڪي سنڌ مان ڪپڙو، مصالحا ۽ ٻيو وکر ٻيڙن ۾ کڻي گلف (ايراني نار جا ملڪ) ۽ لنڪا وڃي پنهنجي وکر جي عيوض موتي سودي ايندا هئا. سوين سالن کان سمنڊ رستي سندن واپار هلندو رهيو. ڀاٽيا واپاري شارجه، دبئي ۽ ٻين هنڌن تي پنهنجيون ڪوٺيون کولي وڃي ويٺا. ٺٽئي ڀاٽيا سنڌين جي سڀ کان پراڻي ڪميونٽي آهي، جنهن شارجه ۽ دبئي ۾ وڃي واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. جڏهن موتين جي ڌنڌي ۾ ٻاڙائي اچي وئي ته هنن ٻين وکرن جو واپار شروع ڪيو.

 انهن ئي ٺٽئي ڀاٽين مان پنچوليا ڪٽنب ۾ مگهن مل آڪٽوبر 1924ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. مگهن مل جو پيءُ ڄيٺانند ۽ وڏو ڀاءُ نارائڻ داس شارجه ۾ واپار سان لڳل هئا. ان ڪري مگهن کي ننڍي هوندي کان ئي خبر هئي ته کيس به هڪ ڏينهن اتي وڃڻو آهي. ٺٽي ۾ سندس اسڪول جي هيڊ ماستر کيس صلاح ڏني ته پهرين ڪاليج وڃ. ”تنهنجي ڪٽنب جو گذر سفر گلف تي آهي. اوهان سڀني کي گلف وڃڻو آهي، ان ڪري اوهان وٽ اعليٰ تعليم جي لاءِ وقت ڪونهي. پر آئون توکي چوندس ته تون ڪاليج وڃ، پوءِ ڀلي توکي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي“. مگهن مل استاد جي صلاح مڃيندي ڪراچي ۾ ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتي. پنجن مهينن کانپوءِ انگريزن جي خلاف ”هندستان ڇڏيو“ آندولن شروع ٿيو ته سمورا تعليمي ادرا بند ٿي ويا. مگهن مل شارجه ۾ پنهنجي پيءُ وٽ هليو ويو. سندس هيڊ ماستر جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿي، مگهن مل پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ واپار ۾ هٿ ونڊايو. هو مصالحا، چانور ۽ اٽو وڪڻندا هئا. اهو دڪان اڳتي هلي ”ڄيٺا نند لالچند سپر مارڪيٽ“ بنجي ويو، جيڪو اڃا تائين شارجه ۾ موجود آهي ۽ ان کي مگهن مل جو ڀائيٽو نوين پنچوليا هلائيندو آهي.

 مگهن مل، جيڪو 70 سال اڳ 1942ع ۾ ڪراچي بندر تان سامان ڍوئيندڙ هڪ چيني جهاز ۾ چڙهي 8 ڏينهن جو سامونڊي سفر ڪري شارجه پهتو هو، تنهن 85 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي آتم ڪٿا لکي آهي  Foot Prints: Memoirs of  a Indian Patriarch. گذريل سال ڇپيل ان آتم ڪٿا ۾ تڏهوڪي دبئي کي ياد ڪندي هن لکيو آهي ته ”دبئي ۽ شارجه ننڍڙا بندر هئا، جتي رهڻ وارن جي لاءِ هندستان ۽ ڏور اوڀر کان سامونڊي جهاز روزمرهه جي استعمال جون شيون کڻي ايندا هئا. ان وقت دبئي جي آدم شماري 5 هزار هئي. زندگي ڏاڍي مشڪل هوندي هئي، سفر جا وسيلا گڏهه ۽ اٺ هوندا هئا، جيڪي سواري توڙي بار کڻڻ جي ڪم ايندا هئا. موٽرون ڪي ٿوريون هيون، سي به شاهي خاندان جون. پيئڻ جو پاڻي عياشي هئي، اسان کي هر ڪم پاڻ ڪرڻو پوندو هو.“ پيءُ ۽ پٽ ان وقت شارجه پتڻ وٽ رهندا هئا. سال کانپوءِ مگهن مل جي وڏي ڀاءُ پرمانند کيس پاڻ سان گڏ دبئي ۾ ڪم ڪرڻ  جي لاءِ چيو. سندس ڀاءُ ناڻي جي مٽا سٽا جو ڌنڌو ڪندو هو، جيڪو هاڻي اورينٽ ايڪسچينج ڪمپني جي نالي سان مشهور آهي. مگهن مل سون جي ڌنڌي سان گڏ ڪپڙي ۽ کاڌي جي شين کي به بزنيس ۾ شامل ڪيو.

 مگهن مل هر سال سنڌ ويندو هو. هن مائٽن جي پسند تي ٺٽي مان ڪلا ٻائي سان شادي ڪئي. ان وقت ٻاهر رهندڙ سنڌورڪين ۾ ٻارن ٻچن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو رواج ڪو نه هو، ان ڪري مگهن مل ڪجهه عرصو ٺٽي ۾ رهي اڪيلو واپس موٽي ويو. کيس ياد آهي ته هو گهران خط اچڻ جو سڄو مهينو انتظار ڪندو هو، جيڪو سامونڊي جهاز جي وسيلي پهچندو هو. مگهن مل جو پٽ لالچند جڏهن ڄائو ته هو کيس هڪ سال تائين ڏسي نه سگهيو هو. دبئي ۾ بجلي آڻڻ مگهن مل جو ڪارنامو آهي. هن 1957ع ۾ ڪجهه سنڌي ڀائيوارن سان گڏجي اليڪٽرڪ ڪمپني کولي بجلي آڻڻ جي شروعات ڪئي. ٽن سالن کان پوءِ دبئي جي حاڪم شيخ راشد المڪتوم دبئي اليڪٽرڪ ڪمپني ٺاهي، ان جو ڊائريڪٽر مگهن مل کي مقرر ڪيو. هو ان عهدي تي 20 سال رهيو. بجلي عام ٿيڻ کان پوءِ مگهن مل ٻاهران اليڪٽرانڪ سامان گهرائڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو. ان ۾ واچون به شامل هيون. نيشنل بئنڪ آف دبئي کان سواءِ ٻين ڪيترين بئنڪن ۾ هن جا شيئرز آهن. دبئي ۾ وکر جي دڪان کان شروعات ڪندڙ مگهن مل هن وقت وڏو بزنيس مئن ليکيو وڃي ٿو.

 سندس تعليم اڌ ۾ رهجي وئي هئي، پر هن کي تعليم جي اهميت جو احساس هميشه رهيو. سندس چوڻ آهي ته ”تعليم وسيلي حالتن کي سڌاري سگهجي ٿو. نه رڳو سنڌي ڪميونٽي ۾، پر سڄي دنيا ۾ تعليم کانسواءِ ماڻهو اکين هوندي به انڌو آهي.“ مگهن مل دبئي ۾ انڊين هاءِ اسڪول جو 20 سالن تائين بنياد وجهندڙ چيئرمين ٿي رهيو. هو ٽيڪنالاجي جي ساراهه ڪري ٿو ته ان ماڻهن جي زندگي ۾ وڏي آساني پيدا ڪئي آهي، پر پاڻ ان کان پري رهڻ پسند ڪري ٿو. ”آئون ماڊرن ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ ڪو نه ڄاڻان. البته موبائيل فون سولي لڳي ٿي، پر آئون هميشه ڪٿي نه ڪٿي وساري ايندو آهيان. هيستائين ٻه ٽي موبائيل فونون وڃائي چڪو آهيان، آئون هاڻي موبائيل فون کڻان ئي ڪو نه“. هن کي فطرت سان لڳاءُ آهي. صبح سويل جڏهن گهر جا ڀاتي ستل هوندا آهن ته مگهن مل پنڌ ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر پنهنجي پاڙي جميره ۾ نڪري ويندو آهي. هو هر ڏهاڙي 5 لڳي کان هڪ ڪلاڪ تائين پنڌ ڪندو آهي. ڪڏهن ته کيس ٻه ٽي ڪلاڪ به لڳي ويندا آهن. ان ڄمار ۾ جڏهن ٻيا واپاري رٽائر ٿي گهرن ۾ ويهي رهندا آهن، مگهن مل هر صبح جو پنهنجي آفيس ۾ پهچي ويندو آهي. ”جيڪڏهن آئون کڙو تڙو (Active) رهندس ته ٻين جي مدد ڪرڻ جهڙو هوندس. ٻي حالت ۾ مون کي ٻين جي مدد جي ضرورت پوندي“. سندس وڏو پٽ لالچند پنچوليا جيڪو پنهنجي خانداني بزنيس ”عريبين ٽريڊنگ ايجنسي“ ۾ پيءُ سان گڏ ڪم ڪندو آهي، ان جو چوڻ آهي ته ”دادا مشغول رهڻ چاهي ٿو، هو ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو. هن کي گهر ۾ ويهڻ ناهي وڻندو، هو ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهڻ چاهي ٿو“. سندن آفيس دبئي ميوزيم جي ٻئي طرف مصروف علائقي ۾ آهي، جنهن کي ”سوق البنيان“ يعني واڻڪي بازار ڪوٺيو وڃي ٿو. مگهن مل دبئي جي ان پراڻي علائقي ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو، جتي هن 1940ع ۾ نوجواني ۾ واپار جي شروعات ڪئي هئي.

 مگهن مل کي دبئي جا سنڌي پيار وچان مگهن با يا دادا ڪوٺيندا آهن، سندس ويجهي دوست ڊاڪٽر رام بخشاڻي جو چوڻ آهي ته ”مگهن مل نه رڳو پنهنجي ڪميونٽي جي لاءِ، پر هو جنهن ملڪ ۾ رهي ٿو، ان لاءِ به گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. ڪميونٽي جو مٿس جيڪو حق آهي، سو هن نڀايو آهي. هن کي ڏسي نوجوان ٽهي جو اعتماد وڌندو ۽ اهي هن جهڙا ٿيڻ چاهيندا. اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته مگهن با جي پيرن جا نشان اهڙو ميدان مهيا ڪندا، جن تي اسان جا نوجوان هلندا ۽ سندس ڏاهپ مان گهڻو ڪجهه پرائيندا“.

No comments:

راءِ ڏيندا