; سنڌي شخصيتون: عبدالله ”اثر“ چانڊيو

16 September, 2011

عبدالله ”اثر“ چانڊيو

عبدالله ”اثر“ چانڊيو

[۱۹۷۶هه ۱۹۲۰ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ۾ مولوي عبدالله ”اثر“ ولد مولوي الله ڏنو چانڊيو، اهم حيثيت رکي ٿو. سندس ولادت تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ٻيڙو چانڊيو“ ۾ ۱۳۳۹هه مطابق ۴ جولاءِ ۱۹۲۰ع تي ٿي آهي. ابتدا ۾ قرآن پاڪ، مولانا محمد عمر جان چشمويءَ وٽان پڙهيائين. اهڙيءَ طرح مولوي غلام الرسول عباسيءَ وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا به ورتائين. پاڻ نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري اُستاد به سندس حافظي ۽ هوشياريءَ جا مداح هئا ۱۹۳۶ع کان پرائمري اُستاد بڻيو. شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي خاص مهربانين سان ترقي وٺي اي ڊي آءِ ايس (A,D.I.S) ٿيو. ايم اي سنڌي ادب جي سلسلي ۾ راقم الحروف سان به سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. شعر و شاعري، لاڙڪاڻي جي ادبي محفلين ۽ سگهڙن جي ڪچهرين مان قرب حاصل ڪندي؛ ”تارڪ“، ”شيدا“، ”اَثيم“، ”نظام“، ”نياز“، جعفري، ”خادم“ لاڙڪاڻوي ۽ ”دلگير“ دريانيءَ جن جي صحبتن مان خاصو استفادو حاصل ڪيائين.


اثر“ تخلص سان سنڌي زبان کان علاوه فارسي ۽ اردوءَ ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿس. اِنهيءَ سلسلي ۾، سنڌي زبان ۾ ٻه ”ديوان“ به مرتب ڪيائين؛ جنهن مان سندس ”نعتيه ديوان“ سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. پاڻ شعر گاهي گاهي جوڙيندو هو؛ جنهن ڪري اڪثر ٿورڙائي ۾ گهڻا ئيءَ جو راز سمايل معلوم ٿيندو آهي. سندس نظم وطن عزيز جي محبت سان سرشار نظر اچن ٿا، جن ۾ عوامي رنگ، ديس جي پرڪشش نظارن ۽ خالص ڏيهي مجاورن سان ڏٽيل ڏسجن ٿا.

سندس ذات ڏانهن گهڻيون ئي اُميدون وابسته هيون، مگر افسوس جو کيس موت مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري سکر ريلوي اسٽيشن تي، هڪ اچانڪ حادثي دوران، ۱۳۹۶هه مطابق ۲۶ ڊسمبر ۱۹۷۶ع تي رب کي پيارو ٿيو. سندس ڇڏيل تصنيفات ۾: ”سيرت سعدي“، ”جام ڪوثر“ ۽ ”سامونڊي سوداگر“ آهن. ازانسواءِ نظم، بيت، ڪافيون، رباعيون ۽ قطع تاريخون ڪثرت سان ملن ٿيون. مشهور عربي قصيدن ”بانت سعاد“ ۽ ”البرده“ جا پڻ منظوم سنڌي ترجما به ميدان تي آندائين. لاڙڪاڻي ۾ ”بزم سچل“ جو صدر به ٿي رهيو.


 

عبدالله اثر

دلڪش ڪوي کي سالگره جون جنم مبارڪون

ثناءُالله عتيق

شاعري جي رمز کي پنهنجو ڀاڳ ڀائيندڙ عبدالله اثر تخليق جي دنيا جو هڪ زنده مائيڪل ائنجليو آهي، جنهن جي جسم جي شڪتي، بدن جي بناوٽ، وجود جي سرمستي ۽ سندس روح جي امرت امرت ڌارا کيس سدائين پيار پناهون ڏنيون اٿس. سندس وجود جي آوي ۾ شعور جا پڪا ڪنا هر روز پچي راس ٿي رهيا آهن ته ڀيري ڀيري ڀڄي ڀورا به ٿيندا رهيا آهيون. ايئن سندس فڪر جا ٿانءُ هزار بار ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا آهن.

ھزار وار توتي واري آ

زندگي تو جيان نه پياري آ!

شهڪار چانڊڪي پرڳڻي ۾ سڪونت پذير، نج پج اترادي لهجي ۾ جذبن جو دلڪش اظهار ڪندڙ يگانو ڪوي ۽ هڪ دلڪش آرٽسٽ طور عبدالله اثر جي مزاج ۾ محبتن جا موئن دڙا ۽ عشق جا اسٽوپا ڪيئي بار جڙندا ٺهندا رهيا آهن. جيئن ڪجھ آرڪيالوجسٽ ماهرن جو چوڻ آهي ته موئن جو دڙو ستن تهذيبن جو مدفن آهي ته ايئن ئي عبدالله اثر جي دل به اڪيچار اسرارن، گوناگون رنگن جي امتزاج سان مزين پنهنجي دور جا درد دريافت پئي ڪري.

آ درد مسافر آ

ڪير نه در کولي

ڪھڙو ڪافر آ!

عبدالله اثر جي ذاتي زندگي ۾ تڙپ ۽ سندس شاعري ۾ عقاب واري جهڙپ پنهنجو مثال پاڻ سڀاويڪ ساٿ نڀائيندا پيا اچن. اڄ دلڪش ڪوي پياري عبدالله اثر جو جنم ڏينهن آهي، سندس سالگره جي روشنين سمي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون.

 

(ثناءُالله عتيق جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا