; سنڌي شخصيتون: فيض بخشاپوري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

02 September, 2011

فيض بخشاپوري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فيض بخشاپوري [ ولادت 1341هه = 1922ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

بلوچ قوم جي مشهور رند قبيلي جو ناميارو قومي شاعر، فيض الله خان ولد مصري خان ڊومبڪي ، 1341هه مطابق 1922ع ۾ ضلعي جيڪب آباد تعلقي ڪشمور جي ڳوٺ بخشاپور ۾ جنم ورتو آهي. اِنهيءَ نسبت سان پاڻ کي ”فيض بخشاپوريءَ“ جي نالي سان پڌرو ڪيو اٿس. ابتدائي تعليم بخشاپور جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي موزون طبيعت هيس؛ جنهن ڪري شعر چوڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. سندس والد بزرگوار نهايت سنجيده، پرهيزگار وفادار ۽ مانائتو مڙس هو. وٽس ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي. اهڙي ئي سانتيڪي ۽ سکڻي ماحول ۾ فيض صاحب ابتدائي تعليم جا مرحلا ته تيزيءَ سان طيءِ ڪيا، پر پوءِ وڌيڪ تعليم کي ترڪ ڪري، زمينداري پيشي سان لونءَ لڳايائين. پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ کيس پنهنجي قومي سردار، مير تاج محمد خان ڊومبڪيءَ جي صحبت ملي ويئي، جيڪو پڻ سخن شناس، علم جو اڪابر ۽ وڏو دانا هو. اهڙي نيڪ بخت جي نظر فيض اثر هيٺ ”فيض“ صاحب کي ڪافي ڪتابن جي مطالعي جو موقعو مليو. پوءِ ته سنڌيءَ سان گڏ اردو ڪتابن ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪري ورتائين.
 
شاعريءَ جي لونجهه ته سندس اندر ۾ اڳ ئي لڳل هئي، ويتر هينئر نيڪن جي صحبت ۾ وڌي وڻ ٿي ويئي. پوءِ ته بنا استاد جي، اندر جي اُڌمن کي لفظن جي لڙهيءَ ۾ لس پوئيندو رهيو. خدا جي فضل سان هينئر سندس ڪلام چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس دينوي تعليم ”اديب“ تائين آهي – 1956ع کان صحافت جي صف ۾ ايندي، جيڪب آباد مان ”مساوات“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين، جيڪا تاحل هلندي پئي اچي. صحافتي زندگيءَ ۾ کيس زماني جون لهرون ۽ لوڏا به آيا، مگر هر محاذ تي، ايماني قوت، مستقل مزاجيءَ، ۽ قومي وقار جي اُصلن تحت پڌري پٽ مظاهرو ڪندو آيو.
هيل تائين ”فيض“ صاحب پنهنجي ڪلام جا چار مجموعا مرتب ڪيا آهن؛ جن مان ”شعلهء عشق“ (1958ع ۾) ۽ ”خمخانهء فيض“ (1967ع ۾) ڪافي مقبول ٿي چڪا آهن. اڃا ”گنجينهء فيض“ ۽ ”سر چشمه فيض“ قلمي صورت ۾ وٽس ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهن. اميد ته جلد منظر عام تي ايندا. فيض جي سنڌي خواه اردو ڪلام ۾ استعارا، تشبيهون ۽ ڪنايه ڪثرت سان استعمال ٿيل آهن. ازانسواءِ فارسي لفظن جو پيوند به هنڌين ماڳين ڪيل آهي؛ انهيءَ لحاظ کان ٿوري ڄاڻ رکندڙ لاءِ آسانيءَ سان استفادو حاصل ڪرڻ البته دشوار آهي. مگر ڪلام ۾ بناوت، سجاوت، سلاست، بلاغت، جدت، نفاست ۽ لطافت وغيره جا ڪافي آثا ملڻ ڪري قي قدر آساني ٿي پئي آهي. وطن جي حب سان گڏ حسن و عشق جو به جا بجاءِ ذڪر آندو اٿس. سندس مستقل پتو: ”گلشير محلو؛ ڪنڌڪوٽ“ آهي. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:-
زمين ڇا ڇا نه ٿي پيدا ڪري، محنت ڪري ڪوئي.
ڪڻڪ، جوئر، چڻا، ڄانڀو، مٽر، تر، ٻاجهري ساري.
عيان هر شاخ- گل ۾ قطرهء- خون- رگ- گلچين،
ٿئي ٿي جانفشانيءَ سان بيابانن ۾ گلزاري.
(1) – ”ڊومبڪي“ اصل ايران جا رهاڪو آهن، جيڪي بلوچن ۾ ممتاز قبيلو سڏجي ٿو. مٿس ايران ۾ رهندڙ ڊومبڪ (Dombak) واه تان نالو پيل آهي.
(1) – عام طرح ”غالب سنڌ“ جي لقب سان سڏجي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا