; سنڌي شخصيتون: سيٺ وشنداس نهالچند - شوڪت حسين شورو

18 September, 2011

سيٺ وشنداس نهالچند - شوڪت حسين شورو


سيٺ وشنداس نهالچند
سنڌ جو سخي مرد
شوڪت حسين شورو
سيٺ وشنداس جي سخاوت جي هاڪ سڄي سنڌ ۾ ويندي هندستان جي ٻين ڪيترن علائقن تائين پکڙيل هئي، سندس پيءُ نهالچند زميندار ۽ واپار هوندي به هڪ سچو ڀڳت ۽ درويش هو. سندن ڪٽنب اصل ۾ سانولاڻي هو، پر پوءِ پاڻ کي ڀارواڻي سڏائڻ لڳا. وشنداس جو جنم ڳوٺ مانجهو، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ 1843ع ۾ ٿيو. هن گرمکي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم پرائي. هو 19 ورهين جو هو ته سندس من جو لاڙو روحاني ڳالهين طرف مائل ٿيڻ لڳو. پر دنيا کي ترڪ ڪري فقيري اختيار ڪرڻ بدران ”هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ“ واري ڪار اختيار ڪري هو پنهنجي ڌنڌي ۽ ڪرت کي لڳو رهيو. ست سنگ ۽ ذڪر فڪر کي قائم رکندو آيو. صوفياڻي راڳ جون محفلون  به مچائيندو رهيو. سندس چوڻ  هو ته مايا جو مريد نه ٿجي، بلڪه شاهه ٿي رهجي. نيڪ ۽ چڱن ڪمن ۾ جيترو خرچ ڪري سگهجي اوترو ڪجي.سندس هلت چلت شاهاڻي ۽ شاندار هئي. انهيءَ وقت ۾ هالن وارو مخدوم محمد امين اڃا ننڍي عمر جو هو. سيٺ وشنداس کي عام مختيار بنائي سندس زمينن سنڀالڻ جو ڪم حوالي ڪيو ويو. هن نهايت هوشياري سان ملڪيت سنڀالي درست ڪئي. مخدوم صاحب جي ڪارندن ۾ اچي حسد ۽ ساڙ پيدا ٿيو. حالتون ناسازگار ڏسي وشنداس موٽي اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳو. واپار کانسواءِ زمينن جا مقاطعا ۽ ڪاٺين جا ٺيڪا کڻڻ لڳو. ڪجهه سالن ۾ هڪ وڏو واپاري، زميندار ۽ ٺيڪيدار بنجي ويو. 1869ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي کوليائين، جيڪا کاريدر جي پوليس گهاٽ جي ڀرسان هئي. ڪوٺيءَ تي اناج، ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو ٻڌو واپار هلندو هو ۽ پوءِ ڪميشن ايجنسي جو وڏو ڪم شروع ٿي ويو. هن جون ٻيڙيون پڻ هيون، جيڪي ڪيٽي بندر، ڪڇ، ڪاٺيا واڙ، بمبئي، ملبار، عربستان ۽ ايران وغيره تائين مال کڻي وينديون ۽ آڻينديون هيون. ٻئي طرف ڪوٽڙي کان سکر تائين ٻيڙيون ماڻهو ۽ مال  کڻي وڃڻ ۽ آڻڻ لاءِ هلنديون هيون.

 سيٺ وشنداس جا ڀاتي مانجهوءَ ۾ رهندا هئا. 1900ع ۾ مانجهوءَ ۾ ڪالرا پئي، سندس ڪٽنب لڏي ڪراچي آيو ۽ هميشه لاءِ اتي رهي پيو. کيس دل جي بيماري هئي. ڪراچيءَ جي گهميل هوا ڀانءِ نه پوندي هيس، تنهن ڪري گهڻو عرصو ڪوٽڙي ۽ مانجهو ۾ گذاريندو هو. 1908ع ۾ حيدرآباد ۽ ڦليلي جي وچ ۾ وشن نگر اڏايائين، ان ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جو ڪارخانو برپا ڪيائين. ڪم ڪندڙن جي لاءِ رهڻ جون جايون ۽ پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ بنگلو اڏايائين. وشن نگر سندس پاران خير جي ڪمن جو خاص مرڪز بڻيو. اتي هن هڪ مسافر خانو برپا ڪيو، جنهن ۾ لنگر هلندو رهندو هو. 1916ع ۾ هن اتي پرائمري اسڪول ۽ هڪ خيراتي اسپتال پڻ کولي. اسڪول ۾ ٻارن کي مفت ۾ تعليم، ۽ اسپتال ۾ مفت دوا درمل ۽ علاج جو بندوبست ڪيو. سيٺ وشنداس جي زمينداري اٽڪل اٺ هزار ايڪڙ هئي. هن جو پنهنجن هارين سان همدرديءَ وارو ورتاءُ هوندو هو. ڪنهن سال فصل خراب ٿيو ته سندن سڀ کڻتون ۽ قرض معاف ڪري ڇڏيندو هو. ٻج ۽ ڍور مفت ۾ ڏيندو هو. ڪڏهن اجائي بٽائي نه کنيائين. نه رڳو هارين سان، پر پنهنجن سمورن زيردستن ۽ نوڪرن سان سٺو هلندو هو. سيٺ وشنداس ذات پات ۽ مذهبي متڀيد کان آجو هو. جو وٽس آيو سو اگهيو. هڪ دفعي محال ڪوهستان ۾ ڪي سال ساندهه برسات ڪا نه پئي، ڪوهستاني ماڻهن جو گذر سفر ڏکيو ٿي پيو. سيٺ وشنداس ڪوهستان ۾ سستي اگهه تي اناج مهيا ڪيو. ٻيلن جي کاتي ۾ جيڪي ڪاٺين جا ٺيڪا هئس، تن تي غريبن کي مفت پاسون ڪڍي ڏنائين ته اهي ڪاٺيون ڪري وڪڻي پنهنجو گذران ڪن. ڍورن جي چرڻ لاءِ پنچريءَ جون به مفت پاسون ڏنائين. ٿر ۾ ڏڪار پيو ته اتي به اناج جا سستا دڪان کولايائين.

 1897ع ۾ ڪراچي شهر ۾ پهريون دفعو پليگ جو مرض پيو. پليگ جي ڪري ڪيترا سارا گهر هميشه لاءِ بند ٿي ويا. سيٺ وشنداس پنهنجي خرچ تي پليگ اسپتال برپا ڪئي. اها اسپتال ڀيم پوري ڪوارٽر ۾ کولي وئي. اسپتال ۾ بيمارن جي لاءِ 75 کٽون هيون. ڊاڪٽرن کانسواءِ نرسون، صفائي ڪندڙ ۽ ٻيا خدمتگار رکيا ويا ۽ مفت دوا درمل جو بندوبست ڪيو ويو. دڪان بند ٿي ويا هئا، عام ماڻهن کي گذران لاءِ وکر ملڻ مشڪل ٿي پيو، مهانگائي چوٽ تي چڙهي وئي. سيٺ وشنداس شهر جي جدا جدا ڀاڱن جهونا مارڪيٽ، لي مارڪيٽ، کاريدر، رنڇوڙ لائين، گاڏي کاتي، صدر ۽ ڪياماڙي ۾ سيڌي پاڌي، ڪاٺين، ڪوئلن ۽ ٻين ضروري شين جا پنهنجا دڪان کولي، سستن اگهن تي شيون مهيا ڪيون. هن ڪراچيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي لنگر جاري ڪرايا، جتان ڪو به ماڻهو ٻه ويلا ماني مفت کائي سگهيو ٿي. پليگ جي مرض ٻئي سال وڌيڪ قهري روپ اختيار ڪيو. سيٺ وشنداس وري به پوئتي نه هٽيو، ساڳيءَ طرح خدمت ڪندو رهيو. ان ئي سال بمبئي جي احمد نگر ۽ شولاپور ۾ اچي ڏڪار پيو. اناج جي سخت بلئڪ مارڪيٽ ٿي. سيٺ وشنداس پاران احمد نگر ۽ شولاپار ۾ سستي اناج جا دڪان کوليا ويا. غريبن ۽ يتيمن کي اناج مفت ڏنو ويو. 1898ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ پڻ پليگ منهن ڪڍيو. سيٺ وشنداس اتي به ڪراچيءَ وانگر ماڻهن کي سڀ سهنج ڪري ڏنا. وري 1914ع ۾ حيدرآباد ۾ پليگ جي بيماري پکڙي، سرنديءَ وارا شهر ڇڏي هليا ويا. سيٺ وشنداس وشن نگر جون جايون غريبن لاءِ کولي ڇڏيون. ڪيترن ئي ڪٽنبن کي اجهو ڏنو. ان لاءِ ٻيون لانڍيون اڏايون ويون، علاج ۽ دوا درمل لاءِ اسپتال قائم ڪئي وئي، سستي اناج جا دڪان کوليا ويا، جتان هوند وارا اناج خريد ڪري گذران ڪرڻ لڳا. غريبن مسڪينن کي مفت اناج مهيا ڪيو ويو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جتي ٻين اگهه وڌائي ڌن ميڙيو، اتي سيٺ وشنداس خير جي ڪمن ۾ ڪشاده دليءَ سان خرچ ڪيو. هن کي نه رڳو ماڻهن، پر جانورن جو به خيال رهندو هو. سرڪار کان ٻيلن جي ٻُوريءَ ۽ پلڙن جا مقاطعا کڻي مالوند ماڻهن جي مال کي مفت چرڻ جي اجازت ڏيندو هو. برسات نه پوڻ ڪري ڏڪار جي حالتن ۾ ڳوٺن ۾ ديڳيون رڌائي خيراتي کاڌو ورهائيندو هو. اڄڪلهه عبدالستار ايڌي جو وڏو ناماچار آهي. پر سئو سوا سئو سال اڳ سيٺ وشنداس جيڪي خير جا ڪم ڪيا، سي گهڻو وڌيڪ هئا، جن کي سنڌ جا ماڻهو وساري ويٺا آهن.

 صوفياڻي طبيعت هئڻ ڪري راڳ سان سندس خاص دلچسپي هئي، هندستان جا وڏا وڏا گويا استاد هادو خان، گامڻ خان، مبارڪ خان، پيارو خان، سينڌو خان سندس حاضريءَ ۾ رهندا هئا. راڳ ۾ پاڻ به ايترو ماهر هوندو هو، جو اڪثر استاد ڪنبندا هئا، ته ڪٿي سندس اڳيان چُڪ نه ڪري وجهون. سيٺ وشنداس وٽ راڳ جون محفلون روزانه ٿينديون هيون، مختلف هنڌن تي سندس جاين ۾ وڏا هال هوندا هئا، جن کي ”وشن سڀا“ ۽ ”راڳ محل“ سڏبو هو. گشت وقت سيٺ وشنداس سان گڏ ”وشن سڀا“ جو سڄو اٽالو گويا، ناچڻيون، سازيندڙ گڏ هلندا هئا. ڪراچيءَ ۾ لکميداس اسٽريٽ ۾، ميري ويدر ٽاور ڀرسان، سندس رهڻ واري جاءِ ۾ ”وشن سڀا“ هال هو. اتي راڳ جي محفل شروع ٿيڻ کان اڳ وشن سڀا جو شاعر ”وشن گنج“ مان شاعري پڙهندو هو. ڪو ٻاهريون شاعر آيل هوندو هو ته اهو پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هو. شاعريءَ جي دور بعد راڳ روپ شروع ٿيندو هو. آخر ۾ مجرو ٿيندو هو، جنهن ۾ گوهر جان سميت نالي واريون ناچڻيون اچي ناچ ڪنديون هيون. ڪراچي ۾ سڀا جا دروازا هفتي ۾ ٻه ڏينهن عام لاءِ کليل هوندا هئا. اهڙي طرح ٻين هنڌن جهڙوڪ مانجهوءَ ۾ سندس باغ ۾، وشن نگر حيدرآباد ۾ ۽ مٽيارين ويجهو ٽيمائي ويسن ۾ به راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون.

 شاعريءَ ۾ ادب سان به کيس لڳاءُ هو. عام ماڻهن ۾ ادب سان دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ هن 1896ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ليٿو پريس لڳرائي، ان مان سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردو شاعرن جي ڪلامن جا ڪتاب ڇپائي مفت ۾ ورهايا. سيٺ وشنداس پاڪ ڪتاب (اردو حاشيءَ سان) ۽ ڪريما جو فارسيءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرائي ورهايو. سماج جي سڌاري تي ڪتاب، وشن وهنواري ۽ اُپديش، وشن پرڪاش، وشن گنج، وشن گيان، وشن راڳ، وشن سڀا نالي ڪتاب ڇپرائي مفت ۾ ورهايا. ڪيترا شاعر ۽ اديب سندس ڪشاده دستيءَ مان مستفيد ٿيندا هئا. 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگرس جي برپا ٿيڻ واري پهرئين اجلاس ۾ سيٺ وشنداس بمبئي ۾ وڃي شريڪ ٿيو هو. ان کانپوءِ ڪلڪتي ۽ مدراس وارين گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيو. ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو گهڻي عرصي تائين ميمبر ۽ تعلقي لوڪلبورڊ ڪوٽڙي جو سڄي حياتي پريزيڊنٽ رهندو آيو.

 سيٺ وشنداس کي ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. سندس پٽن هرچند راءِ، سريچند ۽ اوڌوداس مان سيٺ هرچندراءِ وشنداس هڪ وڏي نامياري شخصيت ٿي اڀريو، جنهن سنڌ جي جديد سياست ۾ لاثاني ڪردار ادا ڪيو. سيٺ وشنداس جا پونئير هن وقت سنڌ کانسواءِ انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙيل آهن. سندس پڙ پوٽو ڪشنچند پارواڻي حيدرآباد جو نامور وڪيل آهي، جنهن کي ڪتابن سان چاهه ورثي ۾ مليل آهي. سيٺ وشنداس 77 سالن جي ڄمار ۾ پٽن کي ڪراچي شهر جي سڄي ملڪيت، ڇهه هزار ايڪڙ زمين حصي ۾ ڏئي ڇڏي. حيدرآباد ۽ نوابشاهه وارا ڪارخانا، حيدرآباد، گدو ۽ ڪوٽڙيءَ واريون جايون، مانجهوءَ واريون ٻنيون پاڻ کنيائين، جن وسيلي هن جي سخاوت جو ڪم جاري رهيو. ڪيترن سارن غريب هندو ۽ مسلمان ڪٽنبن جا ماهيانا ٻڌل هئس. اهي ڪم سندس آخري دم تائين هلندا رهيا. سنڌ جو هي ناميارو ۽ بي مثال سخي 7 جنوري 1929ع ۾ 85 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سنڌ ۾ سندس خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهيو.

No comments:

راءِ ڏيندا