ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
ھارين جو همدرد- انقلابي اڳواڻ
ارشاد ڪاغذي
سنڌ سونهاريءَ جي ڪک مان ڪيئي
اهڙا مانجهي مڙس مٿير پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي علم، عقل، ادراڪ، سوچ سمجهه سان سنڌ
جي سينڌ سنواري آهي، جن پنهنجي نام ۽ ناموس جي ذريعي سنڌ جو مانُ مٿانهون ۽ ڳاٽ اوچو
رکيو آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به اهڙن مهان، عظيم، قابل ۽ اعليٰ انسانن مان هڪ
هو، جنهن جي هاڪ، مڃتا، مهانتا ۽ مانُ پڌرو آهي. ڪامريڊ هارين جو همدرد، هڏڏوکي ۽
مخلص روشن خيال سياستدان هو.
ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو
لهي،
آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي،
جو راءِ وٽ رات رهي، تنهن جکي
تان نه ٿئي. (شاهه لطيف)
حيدر بخش جتوئي جهڙا املهه،
اڻموٽ، اڻٿڪ انسان ورلي صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هن بکي ديرو ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ
هاري گھراڻي ۾ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ اک کولي. هو ننڍي هوندي کان
ئي هوشيار ۽ ذهين هو، پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين فرسٽ پوزيشن حاصل ڪندو رهيو.
روينيو کاتي ۾ ڪلرڪ، مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهتو. ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي ايماندار ۽ عوام دوست ۽ سنڌ جو سچو سپوت هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انگريز
جي راڄ ۾ وڏو آفيسر هو پر هارين ۽ سنڌي عوام جي ڏکن ۽ سورن کي ڏسي نه سگهيو ۽ عوام
جي خدمت جي جذبي تحت نوڪري ڇڏي سياست ۾ بهرو وٺڻ لڳو. ان جو ڪارڻ هي آهي ته ان
زماني ۾ انگريز سرڪار سنڌ ۾ آزادي جي تحريڪ کي ڪچلڻ ۽ پير سائين پاڳاري کي شهيد
ڪرڻ کانپوءِ جيڪي ظلم ڪيا، سنڌ ۾ پهرئين مارشلا نافذ ڪئي، ظلم، زور ۽ زبردستي ڪري
سنڌ جي عوام ۽ حرن کي ڪچليو ويو. تنهن ڪري هن جي دل سرڪاري نوڪري مان کٽي ٿي وئي.
هو جڏهن مارشلا جا ڪيس هلائيندو هو ته ڪيئي دردناڪ واقعا سندس سامهون آيا ۽ هن
انهن ڪيسن ۾ ڪنهن به هڪ کي سزا نه ڏني. انگريزن، وڏيرن، جاگيردارن، سياستدانن ۽
ڪامورا شاهي جي ڪلورن کي ڏسي هن دردمند جي دل مان دانهن نڪتي:
وڏيرا وطن پنهنجو هارائي ويٺا،
مٺيءَ سنڌ پنهنجيءَ کي مارائي
ويٺا،
حقن پنهنجن کي هارائي ويٺا،
ٻچن مائرن کي رئارائي ويٺا،
تڏهن ڀي دعوا، پهلوان آهيون،
اڃا به چون ٿا انسان آهيون.
(حيدر بخش)
ان پرآشوب دور ۾ جڏهن سنڌ جي
سياستدانن هڪ قوم ۽ هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ نفرت پکيڙي امن ۽ آشتي جي ماحول
کي جهنم بڻائي ڇڏيو هو، هندن ۽ مسلمانن جا سياسي اڳواڻ انگريزن جي چرچ تي ورهاڱو
ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا، اهڙن حالتن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي هارين ۽
عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءَ عملي سياست جي شروعات ڪئي ۽ هاري ڪاميٽي ۾ شموليت
اختيار ڪئي، ستت ئي هاري ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ سن ۱۹۴۷ع ۾ انجو صدر
چونڊيو. هن پنهنجي لياقت ۽ صلاحيت ڪتب آندي. سموري سنڌ جو دورو ڪري، جلسا،
گڏجاڻيون ۽ سمورن ضلعن، شهرن، ڳوٺن ۽ وستين واهڻن ۾ هاري ڪاميٽي جون شاخون کوليون
۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، وڏيرن جي ظلمن خلاف پمفليٽ،
ڪتاب ۽ آواز بلند ڪري سندن خلاف ڄمي مقابلو ڪيو. اڌ بٽئي جي خلاف جدوجهد هلائي.۱۹۵۰ع ۾ سنڌ جو دورو ڪري
ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارن جي تعداد ۾ هاري گڏ ڪري ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جو گھيرائو ڪيو.
تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزيريوسف هارون هارين جي زبردست هلچل جي دٻاءُ تي هارين جي
اڳواڻ حيدر بخش سان ڳالهيون ڪيون ۽ سندن مطالبا مڃي ورتا. ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ جو
قانون منظور ڪيو ويو، جنهن جي ڪري هارين کي حق پلئه پيا. سن ۱۹۵۲ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي
گورنر دين محمد کان ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ ۾ وڌيڪ ترميمون ڪرائي تاريخي ۽ شاندار
ڪارنامو سرانجام ڏنو. ۱۹۵۸ع ۾ پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا سان ملاقات ڪئي
جنهن ۾ سنڌ جي زمينن جي ناجائز الاٽمينٽ کي ڪجهه عرصي لاءِ اسٽي آرڊر جاري ڪرايو.
ان وقت هندوستان کان پناهگيرن جي لوڌ ڪاهي آئي هئي. سنڌ جا شهر، زمينون ڪاروبار ۽
ٻين تي قبضو ڪري ويا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ هندوستان کان آيل پناهگيرن سياست تي پڻ
قبضو ڄمايو، هندوستان کان آيل ڪوڙن ڪامريڊن ڪميونسٽ پارٽي جي آڙ ۾ سنڌ دشمن سازشي
۽ منافقي تي ٻڌل پروپئگنڊه ۽ سياست جو رواج وڌو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين ۽
سنڌين جي حمايت ۾ سرگرم هو، ڪوڙن ڪميونسٽن ڪامريڊن حيدر بخش جتوئي ۽ هارين جي جائز
حقن جي تحريڪ جي اندران اندران مخالفت شروع ڪئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انهن نام
نهاد ڪامريڊن سان منهن ڏنو. چون ٿا ۽ اها
ڳالهه ريڪارڊ تي آهي ته انهن ڪميونسٽن، ڪامريڊ کي ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر نه بڻائي
نه بڻايو. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ٺاهي ننڍن صوبن سان ويڌن ڪئي وئي. سنڌ جي
خودمختياري کي ختم ڪيو ويو. ون يونٽ جي خلاف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سنڌ جي
ساڃاهه وند شاعرن، اديبن، وڪيلن، استادن، شاگردن، هارين، مزدورن ۽ ٻين هڪ زبردست
تاريخي جدوجهد شروع ڪئي، ڪامريڊ ۽ سنڌ جي ماڻهن هڪ آواز ۽ يڪمشت ٿي ون يونٽ جي
خلاف ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ کي گرفتار ڪيو ويو. هو
ڪيترائي دفعا جيل ويو ۽ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون. ڏکن ڏاکڙن، سور سختين ۽
تڪليفن کي وڏي اورچائي ۽ دليري سان سٺو ۽ منهن ڏنو. سنڌ ۽ هارين لاءِ اڻٿڪ جدوجهد
ڪئي ۽ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو.
جان جان هئي جيئري ورچي نه
ويٺي. (شاهه لطيف)
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مخلص
هاري اڳواڻ، ڪميونسٽ فڪر ۽ فلسفي جو پيروڪار ۽ سچو سنڌ دوست اڳواڻ هو. هو عوام
دوست ۽ وطن دوست شاعر، اديب، ليکڪ ۽ دانشور پڻ هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شاعري
جي جهلڪ پسي سگھون ٿا.
سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر
هاري،
قوم جا هار سينگار ۽ زيور هاري،
تنهنجي احسان هيٺ آهه بشر هر،
هاري،
ٿيو زمانو ۽ زمين تنهنجا ثناگر
هاري،
قوم ساري ٿي ڳائي ترانو تنهنجو،
اٿ اي هاري، اجهو آيو زمانو
تنهنجو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئي سنڌ
نعري جو خالق پڻ هو.
جيئي سنڌ- جيئي سنڌ، جام محبت
پئي سنڌ،
ڪينو فتنو ٿي برباد، قرب محبت
زنده آباد،
سڻ ”حيدر“ جو هي آواز، آواز آهي
شاندار،
آواز آهي يا الهام، جيئي سنڌ-
جيئي سنڌ،
جام محبت پئي سنڌ (حيدر بخش
جتوئي)
ون يونٽ ٽوڙي صوبن جي اڳوڻي
حيثيت بحال ڪئي وئي ۽ سنڌ صوبو هڪ ڀيرو ٻيهر خودمختيار ٿيو، ان اعلان تي سموري سنڌ
سرهي ٿي، عوام جي جدوجهد رنگ لاٿو، ان وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بستر علالت ۾ هئا
۽ جلد ئي هن فاني دنيا مان ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي لاڏاڻو ڪري
ويا.
سرها ڏٺم سي، جنين ساڃاءِ سرڻ
سين،
تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي
ڪڏهن. (شاهه لطيف)
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
سنڌ جو عظيم فرزند
ڪامريڊ
اظهر جتوئي
سن ۱۹۱۰ع
۾ دنيا جي شاندار تهذيب موهن جو دڙو جي مٽي مان جنم وٺندڙ حيدر بخش جتوئي يارهن
سالن جي ڄمار ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيو ته محنتون ڪندي گريجويشن ڪئي ۲۷ سالن جي جوڀن جواني ۾ سرڪاري ملازمن ٿيو ته وڃي ڊپٽي ڪليڪٽري جي عهدي تي پهتو، سروس جا ۱۸ سال نهايت شاندار ۽ ايمانداري سان عوام جا
مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش
۾ گهاريا.
۱۹۵۴ع ۾ ڪليڪٽري جهڙي شاندار نوڪري تان استعيفيٰ ڏيئي هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان ۾ لهي
پيو، مارڪس، لينس ۽ اينگلس کان متاثر رهندڙ حيدر بخش جتوئي کي فارسي ادب ڏاڍو
وڻندو هو ۽ فارسي سندس پسنديده سبجيڪٽ رهيو هو ۽ عمر خيام مولانا رومي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري تمام گهڻي وڻندي هئي،
زندگي جا ۵۲ سال عملي جدوجهد ۾ گهاريندڙ ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم جيڪا شاندر تحريڪ هلائي تنهن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي، جيتوڻيڪ سنڌ هاري ڪاميٽي جو وجود ته ۱۹۳۰ع ۾ جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جمشيد مهتا وجهي چڪا هئا پر ڪل وقتي ۽ قرباني
ڏيندڙ ڪو به اڳواڻ نه هو جيڪو تنظيم کي هلائي ۽ متحرڪ ڪري ۽ اهو عملي ۽ حقيقي ڪم ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي ڪيو، ۱۹۴۵ع ۾ پهريون ڀيرو اليڪشن ۾
بيٺو، سندس مقابلو مسلم ليگي سان هو جيڪو سندس دوست به هو، ۱۹۶۴ع ڌاري سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چونڊجي ويو، ڪامريڊ پنهنجي
ذات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو، هڪ اعليٰ درجي جو دانشور ۽ انقلابي تحريڪ جو سرواڻ باباءِ
سنڌ هارين جي حقن لاءِ سڄي حياتي ارپي ڇڏي، ان وقت جي صدر پاڪستان سڪندر مرزا سان
ملي زوردار وڪالت ڪري زمينون ڪليمن کان بچائي بي زمين هارين ۾ ورهائڻ، هارين جي
حقن لاءِ هاري عدالتون، سنڌ اسيمبلي جو گهيراءَ، ٽينيسي ايڪٽ پاس ڪرائڻ سندس شاندار ڪارنامه آهن ۽ ان شاندار ڪارنامن کي
ڏسي عوامي
شاعر حبيب جالب به باباءِ سنڌ کي ڀيٽا ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو.
هاري ڪا غم کهاني والا اور نه ڪوئي ڀيا
حيدر بخش جتوئي ري ڀيا حيدر بخش جتوئي ري ڀيا
ٿياسافيڪل سوسائٽي جو تاحيات ميمبر رهندڙ ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي پنهنجي ڄمار جي عملي جدوجهد جو ٽيون حصو ڪئمپبل پور، مچ، لال قلعو
لاهور، ميانوالي، سکر ۽ ڪراچي جي جيلن ۾ گذاريو ۱۸ سال ايمانداري سان نوڪري دوران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ گهاريا. نوڪري ۾ هوندي به سنڌ هاري ڪاميٽي سان رابطي ۾ هوندو
هو ۽ انهن جي اخلاقي توڻي مالي مدد پڻ ڪندو هو، روينيو کاتي ۾ هئڻ ڪري زميني مامرن
جو وڏو ماهر هوندو هو، ته هارين
جي تڪليفن کان گهڻو واقف هوندو هو، هن هاري حقدار جي نالي سان ويڪلي اخبار پڻ ڪڍي هئي، ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي ڪڏهن به نظريي جو نوڪر نه هو، ڪامريڊ جي ذڪر کانسواءِ سنڌ جي آزادي ۽
حقن واري جدوجهد جي تاريخ اڻپوري آهي، باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي هڪ وڏو مفڪر، اديب، ليکڪ، قرآن شريف کي انگريزي
۾ لکڻ سان گڏوگڏ مزاحمتي انقلابي شاعر پڻ هو، عوام ۾ شعور ۽ سجاڳي آڻڻ لاءِ هو بنان ڪنهن هٻڪ جي
ريل گاڏين ۽ بسن ۾ چڙهي تقريرون پڻ ڪندو هو، هڪ بس مان لهي وري ٻئي بس ۾ رڳو شعور جي پکيڙ هئي، پاڻ هٿن
سان پمفليٽ لکندو
هو ۽ پاڻ ڇپائي
پاڻ پيو ورهائيندو هو ۽ جيل جي ياترا ڪري ٻاهر نڪرندو هو ته ٻيو پمفليٽ تيار هوندو
هو.
جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ لکڻ تي پورا ۹ مهينا قيد ۾ ڪاٽيا ڪامريڊ جا گيت غزل، تقريرون ۽ مضمون سڀ جا سڀ
پنهنجي ڌرتي جي جياپي، آجپي ۽ عوام جي بنيادي حقن لاءِ هئا، هن سڀني کان وڌيڪ
پمفليٽ لکيا، باباءِ سنڌ
حيدر بخش جتوئي کي دنيا جي تمام وڏن ۽ اهم ترين پمفليٽ لکندڙ جهڙوڪ انگر مال،
والٽير، ٿامس پپن ۽ مارٽن لوٿر
سان ڀيٽي سگهجي ٿو، ڪامريڊ نه رڳو قومي اڳواڻ هو پر هڪ صاحب
طرز اديب، مزاحمتي شاعر ۽ ٽاپ جو مقرر پڻ هو، جيڪو روزانو ڇهه ڪلاڪ مطالعي ۾ گذاريندو هو، ڳالهائڻ جو صفا کرو ڪو به رک رکا نه
جيڪو به دل ۾ آيو اهو چئي ڏيندو هو، بيماري جي بستري تي هوندي به اها آس نه پلي هئي
ته
سابقه سنڌ کي هو پنهنجي ٻڍڙين اکين سان ساڳئي نقشي سان اڀرندي نه
پسندو، انهي ڪري جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش کي ٻڌايو ويو تهون يونٽ ٽٽي ويو آهي ۽ سنڌ
جي پراڻي حيثيت بحال ٿي وئي آهي ته هن
بحيد ڪمزوري جي هوندي به طاقت اچي ويئي ۽ بنا ڪنهن سهاري جي اٿي بيٺو هو ۽ پنهنجي
جهيڻي ۽ فيصلاتي لهجي ۾ چيو هئائين ته مون جو توهان کي چيو هو ته منهنجي مٺڙي ماءَ کي گهڻو وقت ڪير به قيد ڪري نٿو سگهي.
آخر طويل جدوجهد، قربانين ۽ قيد جي سختين، سندس
صحت کي جهوري وڌو ۽ اڄوڪي ڏينهن ۱۹۷۰ع جي هڪ اداس نما شام جو ننڊ اچي ويس ۽ غلام شاه ڪلهوڙي جي درگاه جي
احاطي ۾ ڌرتي ماتا جي سيني تي هميشه جي لاءِ سمهي رهيو ڇو؟ ڇو ته سندس اکين ۾ ۴۶ سالن جو طويل ۽ ڊگهو اوجاڳو هو.
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي
حسن مجتبيٰ
ڀرو تم قيد خانون ڪو
ڪرو قابو جوانون ڪو
بجھائو شمع دانون ڪو
قتل ڪرو نقطه دانون ڪو
لائو رشوت ستانون ڪو
جو بنگلي اور محل جوڙين
شرم آئي آسمانون ڪو
پڙهو قومي ترانون ڪو
ڪه پاڪستان زنده آباد
هن
نظم جي شاعر حيدر بخش جتوئي کي پنجاھ جي ڏهاڪي ۾ قيد بامشقت ڏني وئي هئي. سڄي
حياتي قيدخاني جي ڏکيائي سهڻ واري هن شاعر کي هن جا چاهڻ وارا ”باباءِ سنڌ“ جي
نالي سان ياد رکندا آهن.
حيدر
بخش جتوئي هارين، وچئين طبقي ۽ جوانن ۾ حقن جي جانڪاري جي تحريڪ جو باني سمجھيو
ويندو آهي. هو هڪ شاعر، ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ هو. هو پاڪستان ۾ مارشل لاء ۽ ون يونٽ
جي خلاف هو ۽ هو جمهوريت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندو هو.
حيدربخش
جتوئي اهو اڪيلو ماڻهو هو جنهن کي حبيب جالب پنهنجو ليڊر ۽ سياسي جانڪاري ڏيڻ وارو
مڃيو آهي. حبيب جالب جي هي نظم ”هاري ڪا حق ليني والا حيدر بخش جتوئي ري ڀيا حيدر
بخش جتوئي“ سنڌ ۾ سياسي گڏجاڻين ۾ تمام گھڻي مشهور ٿي.
چيو
ويندو آهي ته پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هيٺئين طبقي کي پنهنجي حقن لاءِ زبان ڏني
هئي پر سنڌ ۾ انهي جي شروعات حيدر بخش جتوئي ڪئي هئي.
سنڌ
جي سياسي تاريخ جا ڪيئي سنجيده شاگرد ۽ شاگردياڻيون سمجھندا آهن ته ذوالفقار علي
ڀٽو حيدر بخش جتوئي ۽ انهن جي ساٿين جي جدوجهد جي ڪمائي ڪيش ڪرائي وٺي ويو.
حيدر
بخش جتوئي ۱۹۰۱ ۾ لاڙڪاڻي جي ويجھو ڳوٺ بکو ديرو ۾ هڪ غريب هاري جي گھر ۾
پيدا ٿيو هو. ڪنهن کي خبر هئي ته غريب سنڌي عبدالله فقير جي گھر ۾ جنم وٺڻ وارو هي
ٻار حيدر بخش سڀاڻي جي رت پيئڻ وارن جاگيردارن ۽ وڏيرن جي نظام کي چيلنج ڪندو ۽
انهي کان سواءِ هو سنڌ جي هارين ۽ وڏيرن جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالهه ڪرڻ به
سيکاريندو.
پر
اڄ اها ڳالهه حيراني واري لڳندي آهي ته ۱۹۳۰ جي ڏهاڪي ۾
جڏهن برصغير ۾ انگريز سرڪار جو طوطو ڳالهائيندو هو هتان جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي
ڇڏي حيدر بخش جتوئي سنڌ ۾ هارين لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار
ڪئي.
حيدر
بخش جتوئي پنهنجي ڊپٽي ڪليڪٽري واري دور کان ئي لکڻ لکائڻ ڏانهن لاڙو رکيو. هن جي
هڪ ڊگھي نظم شڪوه آهي. علامه اقبال جي مسلمانن جي رب کان شڪوه جي ابتڙ حيدر بخش
جتوئي جي ڊگھي نظم شڪوه انسان جو رب سان شڪوه هئي.
حيدربخش
جتوئي هڪ قادر الڪلام ۽ وڏو شاعر هو. جيئي سنڌ جيڪو اڄ نعرو ۽ تحريڪ آهي اصل ۾ هو
هن جي هڪ نظم ”جيئي سنڌ “ کان ئي ورتو ويو آهي، جيڪا هن سنڌ جي شان ۾ لکي هئي.
حيدر
بخش جتوئي جي نظم ”جيئي سنڌ“ ۾ انسان دوستي ۽ محنت ڪش مرد ۽ عورتن ۽ سنڌ جي عظمت
جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان جلد پوءِ هندو زميندارن جون ڇڏيل
زمينون سنڌ جي هارين کي ڏيارڻ لاءِ الائي تحريڪ جي نالي سان تحريڪ هلائي وئي ۽ سنڌ
اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي سنڌ جي هارين سميت لکئين ماڻهن ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي
کي گھيري وڌو هو جنهن ۾ هندوستان کان پاڪستان هجرت ڪري آيل ڪيئي مزدور پيشا ۽ ترقي
پسند ماڻهو ۾ شامل به هئا.
حيدر
بخش جتوئي جي تحريڪ جي تت ۾ ئي سنڌ اسيمبلي کان هارين جي حق ۾ ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“
جي نالي سان قانون سازي ٿي. هي ٻئي ڳالهه آهي ته اهو سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بي فائدو ٿي
ويو آهي ۽ سنڌ جا وڏيرا اڃا به نجي جيلون ٺاهي ويٺا آهن. فصل ۾ اڌ حصو يا پوءِ اڌو
اڌ ورهاڱي کي حيدر بخش جتوئي جي تحريڪ جي تت ۾ ئي مڃايل قانون آهن جيڪي بهر حال
پنن تي ئي موجود آهن.
چونڊن
جي مهم دوران حيدربخش جتوئي ۽ انهن جي ساٿين کي لاڙڪاڻي جي ويجھو سنڌ جي هڪ وڏي
جاگيردار نواب غيبي خان چانڊيو ڳوٺ غيبي چانڊيو ۾ ٻڌرائي ماريو هو.
پاڪستان
جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جڏهن گورنر جنرل غلام محمد جي هٿان معطل ڪيل اسيمبلي کي
تڏهن جي چيف جسٽس محمد منير نظريه ضرورت هيٺ جائز چيو ۽ هن جي خلاف حيدر بخش جتوئي
انگريزي ٻولي ۾ پنهنجو مشهور پمفلٽ. ”جسٽس آف دي چيف جسٽس“ چئي ڇپرايو هو.
جسٽس
آف دي چيف جسٽس حيدر بخش جتوئي کي جھلي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پر حيدر بخش
جتوئي جسٽس منير کي سڏيندي چيو هو ته ”مان اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته
هتي هڪ جج هو جنهن مارشل لا جي لاقانونيت جو دفاع ڪيو هو.“
ملڪ
۾ ون يونٽ ۽ ايوب خان جي مارشل لا جي خلاف مشرقي پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ گجڻ وارن
ڪجهه فائديمند آوازن ۾ هڪ وڏو آواز حيدر بخش جتوئي جو به هو.
حيدر
بخش جتوئي ون يونٽ ۽ مارشل لا جي خلاف ڪيئي نظمون ئي نه پر ڪيئي ڪتابچا به لکيا.
انهي سان گڏ سنڌ مان ڀرپور تحريڪ به هلائي وئي، جنهن جي ڪري مچ، ساهيوال ۽
ميانوالي جي جيلن ۾ به بند رهيو.
جڏهن
چين جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي آيو ته ڪوٽڙي پل جي افتتاح جي موقعي تي هن خاص
طور تي حيدر بخش جتوئي سان ملاقات ڪئي هئي.
جيل
۾ ڏينهن گھارڻ جي ڪري حيدربخش جي صحت تي خراب اثر پيو پر هن ون يونٽ جي خلاف مهم
کٽ تي رهندي به جاري رکي ۽ جنرل يحيٰ خان جي ون يونٽ جي ٽوڙڻ جي اعلان کان پوءِ ۲۱
مئي ۱۹۷۰ جو لاڏاڻو ڪري ويو.
حيدر
بخش جتوئي جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سنڌ هاري ڪميٽي جا ڪيئي حصا وکريل آهن. سنڌ هاري
ڪميٽي جو هڪ حصو هن جي پوٽي اظهر جتوئي جي اڳواڻي ۾ اڃا به آهي ۽ سدائين جيان سنڌ
جي حقن جي تحريڪن سان جڙيل آهي.
حيدرآباد
جنهن کي سنڌ جي دل چيو ويندو آهي، هن ۾ هڪ چوڪ جو نالو حيدر چوڪ رکيو ويو. جيئن
سنڌ جي تاريخ ۽ هن جي ماڳ مڪانن سان پهرين به ڪيو ويو ايئن ئي حيدر چوڪ کي به
”مهاجر چوڪ“ ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندي هتي سراج الدوله، الطاف حسين حالي، سر سيد احمد
خان جون تصويرون ٺاهيون ۽ هنيون ويون جنهن کي ۹ مئي ۱۹۸۸
جي رات جو ڪجهه اڻ ڏٺل ماڻهن ڪارو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري شهر ۾ لساني فساد شروع ٿي
ويا هئا. حيدر آباد ته سنڌ جو اهو شهر آهي جٿي باچا خان چوڪ به آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
سالگرهه جي مناسبت سان باباءِ سنڌ
ڪامريڊ اظهر جتوئي
سنڌ جي
سياست ۽ قومي ڪارڪنن توڙي پورهيت نظرئي سان واڳيل ڪارڪنن لاءِ وڏي جوش ۽ ولولي
وارو ڏينهن هوندو هو، جڏهن انقلابي ڪارڪن هٿوڙن ۽ ڏاٽن وارا جهنڊا کڻي اٿاهه جذبي
سان پورهيت انقلاب زنده باد جا نعرا هڻندي ان طرف وڌندا هئا، جت ڪامريد حيدر بخش
جتوئي جي سالگرهه جو ميڙاڪو ٿيندو هو، ان وقت هاري ڪارڪنن جو اهو جوش ائين نظر
ايندو هو ڄڻ هُو پهاڙ کي به چيري ڇڏيندا.
اڄ ۷ آڪٽوبر ڪامريڊ جتوئي سالگرهه جي ڏهاڙي تي ائين ناهي، اڄ نه ڦڙڪندڙ جهنڊا
آهن، نه اٿاهه جذبو ۽ نه ئي اڀ ڏاريندڙ نعرن جا پڙاڏا سالگرهه ملهائي رهيا آهن.
اهو صحيح آهي ته اڄ پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي واري صورتحال ناهي، اسان جي سماجي تاڃي
پيٽي، سياسي ۽ معيشت ۾ وڏيون تبديليون آيو آهن. سماجي ڏاڍ جا نوان روپ عملي اظهار
بڻبو هو سو مختلف شڪليون ڌاري سڌي يا اڻ سڌي طرح حاڪمن سان وڃي بيٺو آهي. اڄ به
سنڌي هاري مسئلن، مونجهارن ۽ پريشانين جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. ڪامريڊ جتوئي
واري زماني ۾ هارين سان ائين ڏاڍايون نه ٿينديون هيون جيئن اڄ جي دور ۾ ٿي رهيون
آهن، هن مرد مجاهد نه رڳو هارين کي سجاڳ ڪيو پر سنڌ جي مظلوم عوام کي پڻ سنڌ جي
مسئلن جي حل لاءِ باباءِ سنڌ تحرير ۽ تقرير جي ذريعي ماڻهن سان رابطو ڪيو. باباءِ
سنڌ سرڪاري نوڪري دوران هارين سان محبت ڪندو هو، سندن مسئلن کي پنهنجو مسئلو
سمجهندو هو، پر اڄ ائين نه آهي. هن پنهنجي سڄي ڄمار هاري تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
ايڏي وڏي عمر تائين بي لوث خدمت جي باوجود به پاڻ کي ليڊر نه سمجهيو، بلڪه هو پاڻ
کي ڪارڪن سمجهندو هو.
باباءِ
سنڌ حيدر بخش جتوئي سنڌي ماڻهن جو شيدائي هو، هڪ هنڌ چوي ٿو:
وِڪي
جنهن سنڌ پياري تنهن تي لعنت
وجهي
ٿو جڳ سارو تنهن تي لعنت.
اهڙي
ريت جيئي سنڌ جو سدا حيات نعرو به هنيو، جنهن کي پاڪستان دشمني چئي دٻايو ويو. ان نعري کي جڏهن سنڌ جي نوجوان سمجهيو ته قومي
نعرو بڻجي ويو. حيدر جڏهن شڪوه شعر لکيو ته ان دور ۾ مسلم ليگ ته نه هئي پر ان جي
ذهنيت جا ماڻهو هئا، جن حيدرآباد ۾ هڪ جلسو ڪيو، جنهن ۾ هنن فتويٰ ڏني ته ڪتاب تي
بندش لڳائي وڃي ۽ ليکڪ جو سر قلم ڪيو وڃي، ان حوالي سان تڏهوڪي ڪمشنر کيس گهرايو.
ڪمشنر انگريز هو، تنهن چيس ته بابا توکي اهو ڪتاب به ڇپرائڻو هو، هاڻ اهو واپس وٺ،
هن ڪامريڊ کي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو. جتوئي صاحب چيس ته هڪ انگريز جي واتان اهي لفظ
ٻڌندي مون کي افسوس ٿو ٿئي، ڇو ته توهان عقل، سمجهه جا قائل آهيو، توهان تنگ سوچ
رکندڙ ماڻهن سان گڏجي مون کي دٻائي رهيا آهيو ته مون کي ائين لکڻ نه کپندو هو. مون
جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو عقل ۽ شعور موجب لکيو آهي جنهن ۾ ڪنهن جي به توهين ناهي.
جيڪي ماڻهو ڪم ظرف آهن، اهي ائين سمجهن ٿا.
ياد
رکڻ کپي ته ان وقت سنڌ ۽ ممبئي گڏيل علائقو هئا، تنهن ڪري هتي آفيسر انگريز، هندو،
مرهٽا ۽ ٻيا هوندا هئا. انهن مان ڪوبه ڪامريڊ جتوئي جي مد مقابل نه هو. آخر ۾ اهو
ميڙ ٽکڙ ۾ ٿيو. جتي ڪامريڊ کي چوڻو پيو ته اهو ڪتاب مان وري نه ڇپرائيندس. جهڙيءَ
طرح اقبال به شڪوه واري معافي نامي ۾ جوابي شڪوه به لکيو، انهيءَ تي به فتويٰ ثابت
ٿي پر هن فتويٰ کان بچڻ لاءِ جواب شڪوه لکيو هو.
ڪامريڊ
چوندو هو ته مون هڪ انسان جي حيثيت سان شڪايت ڪئي ۽ اقبال مسلمان جي حيثيت سان،
انهن ٻنهي ۾ فرق آهي، ڪامريڊ پنهنجي شاعريءَ لاءِ چوندو هو ته مون کي سمجهيو نه
ويو آهي. مون کي سڃاتو نه ويو آهي. هن ارتقائي دور ۾ به ڪامريڊ جي شاعري سان انصاف
نه ٿي سگهيو آهي. جيترو شعور مطابق ٿيڻ کپندو هو. باباءِ سنڌ انسانيت سان نفرت ڪرڻ
نه ڄاڻندو هو، ڪڏهن به مصلحت کان ڪم نه ورتائين، سندس ڪوبه پروگرام لڪل نه هو.
ڪامريڊ هڪ طرف ترقي پسند رجحانن جو محرڪ ۽ طبقاتي جدوجهد جو پايو وجهندڙ هو ته ٻئي
طرف سنڌ جي حقن جي تحريڪ جو علمبردار به هو.
باباءِ
سنڌ سچائي ۽ ايمانداري ڪري ٿوري عرصي ۾ سنڌي هاري ڪاميٽي جو صدر چونڊجي ويو. هن جي
اچڻ سان هاري ڪاميٽي وڌيڪ سگهاري ٿي، ڇو ته هڪ ته عمل وارو ماڻهو هو، ٻيو ته
روينيو کاتي ۾ ڪليڪٽر رهي چڪو هو، هن کي پنهنجو پس منظر هو، ڇو ته هن ۾ ڪوبه عيب
نه هو ۽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ ايمانداريءَ سان رهي چڪو هو.
سنڌ
هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد ڇو پيو؟ ان جو مقصد ڇا هو؟ ان جو پسمنظر تمام ڊگهو آهي پر
مختصر هي آهي ته جڏهن انگريزن پاڻي جو نظام درست ڪيو بئراج کوٽرايا گڏوگڏ جيڪي
زمينون نڪتيون جن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٻاهران هاري گهرايا پئي ويا ته هتان جي سڄڻ ۽
گهڻ گهرن سوچيو ته اسان جا هاري اڻ پڙهيل آهن، انهن جي حقن لاءِ ڪا تنظيم جوڙي
وڃي. انهيءَ خيال کي ذهن ۾ رکي ميرپورخاص ۾ ڪجهه سڄڻن کي ڪوٺ ڏني و ئي. ڪنهن
پهريون قدم کنيو ڪنهن کي خيال آيو اهو تحقيق طلب مسئلو آهي، بهرحال جن سڄڻن هن
پارٽيءَ جو بنياد رکيو، تن ۾ سائين جي ايم سيد، پروفيسر گوڪلي، جمشيد مهتا پهرين
صف ۾ هئا.
هاري
ڪاميٽي جو سلسلو سست رفتاريءَ سان هلندو رهيو. ۱۹۴۵ع ۾ جڏهن ڪامريڊ هاري تحريڪ ۾ آيو ته اها وڏي مضبوط ٿي. هن ۱۹۴۹ع ۾ هارين کي ڪراچي ۾ گڏ ڪيو. هاري ڪاميٽي وارن چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو.
ٽيننسي ايڪٽ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي، هارين سنڌ اسيمبليءَ جو گهيراءُ ڪيو، ڪامريڊ
گرفتار ٿي ويو، بعد ۾ جلدي آزاد ٿيو ڇو ته ان زماني ۾ جيڪي سي ايس پي آفيسر هئا،
انهن جو خيال هو ته سنڌي وڏيرن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته هارين جي
مضبوط تحريڪ هجي.
حيدر
بخش جتوئي
باباءِ
سنڌ کي ياد ڪرڻ جو ڏينھن
نصير ميرزا
“جام محبت
پيئي سنڌ.. جيئي سنڌ، جيئي سنڌ” جهڙا ٻول، فضا ۾ ٻُرندا ته هوُ ڪيئنءَ نه ياد
ايندا؟ ڪير؟ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. پير علي محمد راشديءَ لکيو آهي ته، عشق جو قصو
ڇڙندو ته بُلبل پرواني جي ڳالهه ضرور وچ ۾ ايندي، ايئن ئي سنڌ جي سوز ساز جو ذڪر
ڇڙيو ته حيدر بخش جتوئيءَ جو نالو خود بخود ذهن ۾ روشن ٿي ويندو. سائين جي ايم سيد
پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ مشاهيرن بابت جيڪي مضمون لکيا آهن، ان ترتيب ۾
انهن حيدر بخش جتوئي کي ستين نمبر تي رکيو آهي. ڪامريڊ جي ولادت ستين آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ بکو ديرو، تعلقي ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو ۾ ٿي هئي. ان سيباڻي مٽيءَ ۾
الائي ڪهڙو ڪرشمو ۽ تاثير، جو ان مان جيڪو به گُل ڦٽو... سدا گلاب... سدا بهار ۽
يادگار. ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي جي درسگاهن مان حاصل ڪيائون، پر هائير ايجوڪيشن
ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج مان ماڻيائون. چت ۾ شعر چوڻ جي چڻنگ ته ٻالڪپڻ کان ئي
دُکيل هُئن. پوءِ روينيو ۾ مختيارڪار ٿيا ته علامه اقبال واري “شڪوه نامي” نما
اسلوب ۽ انداز ۾ انقلابي نظم لکي ڪتاب ڇپرايائون: “تحفهءِ سنڌ”. هي ڪتاب ڇا پڌرو
ٿيو، وقت جا حاڪم چڙي پيا. پر ڪامريڊ اهڙن شعلن مان به گل و گلزار ٿي نڪري ويا.
نهايت جلد پنهنجي ذهانت ۽ ديانت سان مختيار ڪاريءَ مان ترقي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيا ۽
جاگيردارن جي عيش ۽ زميدارن جي قهرن کي ويجهو کان ڏٺائون، ته سندن اندر ۾ تبديلي
آئي. من ۾ مانڌاڻ متو، ته انتهائي قدم کڻندي اعلى سرڪاري عهدي کي ترڪ ڪيائون...۽
بدحال هارين توڙي پورهيتن جي صفن ۾ ڪارڪن بڻجي ۱۹۴۳ع کان ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي صورت ۾ اڀري سامهون آيا. هي اُهو وقت هو،
جڏهن ساري سنڌ ۾ ههڙا گيت گونجي رهيا هُئا.
ڊاهه
هن سماج کي،
لوڏ
سامراج کي،
آڻ ڪو
نئون نظام،
جو چڱو
چئي عوام،
انقلاب،
انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!
هارين
جي حمايت ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جمشيد مهتا پاڻ ۾ گڏجي ۱۹۳۰ع ڌاري “هاري ڪميٽي” جو بنياد اڳي ئي وجهي چڪا هئا. سائين جي ايم سيد لکيو:
ههڙي تحريڪ کي هلائڻ ۽ زنده رکڻ لاءِ، پوري حياتي وقف ڪرڻي پوندي آهي. تڏهن حيدر
بخش جتوئي صاحب ان تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ واقعي پنهنجي پوري زندگي وقف ڪري ڇڏي.
پنهنجي مقصد جي پرچار لاءِ ٻيو نظم لکيو “آزادي ۽ قوم” ۽ هي اهو ئي دور هو، جڏهن
جديد سنڌي شاعريءِ ۾ لاڙڪاڻي مان ڪشنچند بيوس “وهائو تارو” بڻجي اُڀري رهيو هو پر
سندس شاعريءَ جو لهجو نرم ۽ ڌيمو هو. ڪامريڊ جديد سنڌي نظم ۾ شعلا ڀريا...۽ ان ۾
سنڌو درياهه جي موج واري رواني، جوش ۽ جولان ڀريو...
چوي
توکي دم دم محبت ۽ چاهه
ڀلي
آئين جِي آئين درياهه شاهه!
هاري
ڪميٽيءَ جي صدر واري حيثيت ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ “هاري
آفيس” قائم ڪئي. جتان “هاري حقدار” نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائون. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ڪاري نانگ مثل ڦڻ ڦهلائي سامهون آيو ته ڪامريڊ ان خلاف آواز
بلند ڪيو. ڪيئي پوسٽر ۽ پمفليٽ لکيا، جيڪي سڀ وقت جي حڪومت ضبط ڪيا، کين جيل ڀيڙو
ڪيو. پوءِ ون يونٽ واري قهري دور ۾ جڏهن “سنڌ” لفظ لکڻ ۽ اچارڻ تي بندش هئي،
ڪامريڊ محفل محفل پنهنجا هي نظم پڙهيا...”سنڌ پياري”، “سلام سنڌ”، “اي سنڌي
وڏيرا”، “حيوان انسان”، “اي ڌرتي سونهاري سنڌ”...پوءِ مارشل لا مُنهن ڪڍيو، ۽ پاڻ
ان آڏو به سينا سپر ٿي بيٺا ۽ جيل ۾ رهي پورا ٽي سال سزا ڪاٽي آيا. ايئن ماڻيل ۶۹ سال حياتيءَ ما ۱۵ سال
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جيلن ۾ گُذاريا. مچ جيل جون سختيون ۽ ڪال ڪوٺڙيون سندن حوصلن
کي ته پست نه ڪري سگهيون، البت سندن صحت تي بيشڪ انهن جو اثر پيو. تنوير عباسي
صاحب مٿن لکيل خاڪي ۾ اسان کي ٻڌايو آهي: “ڪامريڊ قداور ۽ سهڻي شخصيت جا مالڪ
هُئا، چهري تي شهپر ۽ زبري جسم سان، عوام جي وچ ۾ ايندا هُئا ته شينهن مُڙس جو ڏيک
ڏيندا هُئا. پر ڪارڪن واري زندگي گذاريندڙ هُئا. نالي، نمود ۽ ٺٺ ٺانگر کان دور
اڪثر چوندا رهندا هُئا، “آئون ليڊر نه، ڪارڪن ۽ ڪامريڊ آهيان.”
سچ پچ
ته ڪامريڊ صاحب ساري عملي جدوجهد هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ سرانجام ڏني. سندن مقبوليت
جو اهو عالم هو، جو جنهن به شهر جي ريلوي اسٽيشن يا وستيءَ واهڻ جي بس اسٽاپ تي
پهچندا هُئا ته سندن مداح کين قافلي جي صورت ۾ ڪلهن تي سوار ڪري جلسه گاهه تائين
پهچائيندا هُئا. ڪامريڊ صاحب جي اوچي ڪيل مشعل ۾ ساري سنڌ جي سجاڳ ذهن عوام جو هٿ
پيل آهي. تنوير عباسي هن صاحبِ ڪردار هستي تي پنهنجي مضمون ۾ ليکو آهي...”کين
پنهنجي گهر واريءَ ممتاز صاحبه سان بي پناهه پيار نه، پر عشق هوندو هو ۽ ايترو، جو
پوئين دور ۾ کائنس هڪ پل به پري نه رهندا هُئا. آخري عمر ۾ ته هر جلسي ۾ پنهنجي
شريڪِ حيات کي گڏ وٺي ايندا هُئا. ڪامريڊ بعد وصال ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار
جي احاطي ۾ پنهنجي شريڪ حيات ممتاز جي پهلو به پهلو هن وقت آرام فرمائي رهيا آهن.
ويهن ڪتابن ۽ ساريءَ حياتيءَ جي عملي جدوجهد ۾ پاڻ موکيندڙ هن عظيم هستيءَ لاءِ
پڄاڻي تي تنوير عباسي صاحب جا اکر هتي آئون اتاريان ٿو...”يا ڄمار اذيتون، جيل،
سختيون، ڪشٽ ۽ ڪشالا ڪاٽڻ باوجود سندن ڏيادار چهري تي هر وقت مُرڪ هوندي هُئي. هڪ
سدا جرڪندڙ مرُڪ ۽ اهڙي، جيڪا ڪنهن مقصد لاءِ تڪليف سهڻ کان پوءِ سُڪون حاصل ٿيڻ
مان ملندي آهي.”
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي
عملي جدوجهد جو سگهارو ڪردار
امير ڀنڀرو
دنيا
جي هن گولي تي جتي هزارين لکين شخصيتن جا وجود آهن اتي لکين انهن جدوجهدن جا به
پڙاڏا آهن جن جي جدوجهد نه صرف انهن جي شخصيتن کي مٿاهون ڪري وئي پر انهن جي
جدوجهد انهن معاشرن ۽ ملڪن لاءِ به اهڙي ئي
روشن راهه رهي، جيڪا نه صرف ڏينهن
سال مهينا پر صدين تائين به روشنيءَ جي راهه رهي ، دنيا جي انهن شخصيتن ۾ سنڌ جي
انهيءَ مهان ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جي ڪردار ۽ جدوجهد کي به هميشه ياد رکيو
ويندو جنهن ڪردار سنڌ جي جياپي واري جڙ
هارين جي دليل ۾ اهو حوصلو اها جرئت اها روشني ڀري، جيڪا اڄ تائين به مثالي آهي ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي سنڌ جو اهو هيرو آهي جيڪو هزارين صلاحيتن جو اڪيلو مالڪ هو، جنهن پنهنجي صلاحيتن حوصلي ۽ جدوجهد سان هارين
جي جدوجهد ۾ اهو روح ڀريو جيڪو روح اڄ به اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئيءَ جي جدوجهد ڪڏهن به ميري يا داغدار ناهي ٿيڻي، هو آزاد ۽ روشن
خيال، اڏول ۽ ارڏو انسان هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ،
سنڌين
لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق، عملي انسان، قومي
شاعر، انقلابي اديب، ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان، وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ بيگاري نظام جو
دشمن، قومي تحريڪن ويلن ۽ مهلن جو مڙس، غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ،
انسانيت دوست، فلاسافر، ڏاهو، پيرن ۽ پٺي اگهاڙن، ڪوڏر، ٽوپي، پٽڪي، اجرڪ، بوڇڻ،
ڏاٽي، ڪهاڙي، هر ڪاهيندڙ يڪتارو ۽ چنگ وڄائيندڙ هارين جو حوصلو هو، هن جي جرئت هن
جي بهادري هن جي بي باڪي هارين ۾ اهو جذبو ڀريو ته جدوجهد ئي مڙني مسئلن جو حل آهي
انهيءِ لاءِ جدوجهد کي رت جي آخري ڦڙي تائين به ناهي ڇڏڻو، ڪامريڊ هارين لاءِ اها
مشعل راهه هئي جيڪا مشعل راهه ثابت ٿي،
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مهين جي دڙي لڳ خوش نصيب ڳوٺ بکي ديري اڳوڻي تعلقي
لب درياهه هاڻوڪو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تاريخ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي ڄائو. پاڻ اڃا ٻن سالن جي
عمر جو هو سندس امڙ وفات ڪري وئي پوءِ والد، ڏاڏي ۽ پڦيءَ کيس پاليو ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئيءَ ۱۹۱۸ ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سچي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو، مئٽرڪ
سنڌ مدرسي مان ۱۹۲۳ع ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۲۷ ۾ بي اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائون. روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري
ڪيائون پر پنهنجي عروج ۽ جواني ۾ سال ۱۹۴۳ع ۾
ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. ان وقت سنڌ ۾ انهن عهدن تي انگريز
نوڪريون ڪندا هئا ۽ سنڌي يا مسلمان اعليٰ عملدار ڪو نه هوندو هو ۽ اڌ سنڌ نوڪرين
لاءِ سڪندي هئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
سال ۱۹۴۵ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو.
مسٽر ڄيٺل رام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين
جي ايم سيد جي ڪوششن سان سال ۱۹۳۰ع ۾
ٺهيل سنڌ هاري تحريڪ جيڪا گهڻي عرصي کان غير موثر ٿي وئي هئي سا هاڻي وري سال ۱۹۴۵ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي شموليت سان نئين رنگ روپ جوش جذبي ۾ وري نروار ٿي
اڀري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ هن پليٽ
فارم تان پنهنجن خيالن يا نظريي کي عملي شڪل ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هفتيوار اخبار “هاري
حقدار” جاري ڪري سنڌ ۾ هاري انقلاب جي رستي ۽ منزل کي آسان بڻائڻ، جاگيردارن ۽
وڏيرن پاران هارين تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز اٿارڻ کان علاوه هارين
جي مسئلن کي کڻڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. جنهن ۾ هو ڪافي حد تائين ڪاميابيءَ جو سفر
طئي ڪري ويو،
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هاري ڪميٽي يا هاري پارٽي هارين ۾ ايترو ته شعور
پيدا ڪيو جو هاري پنهنجا نمائندا صدين کان قابض وڏيرن سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾
بيهاريا. نتيجي ۾ پاڪستان جي خالص جماعت مسلم ليگ کان پوءِ ٻئي نبر تي هاري پارٽي
جي حامين کي اليڪشن ۾ ووٽ ملڻ لڳا. پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيرن نوابن ۽
سردارن کي آرام وارن بنگلن مان ٻاهر نڪري ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي دروازن تائين
پنڌ ڪرڻو پيو نه ته اڳ هو ننڍن وڏيرن ۽ ڪامورن معرفت ووٽ حاص ڪندا هئا. جاگيرداري
۽ وڏيرڪي سياست ۾ ڪامريڊ حيدر بخش هي پهريون انقلاب آندو. سال ۱۹۵۱ع ۾ قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سردار سلطان احمد چانڊيي جي مقابلي ۾ فارم ڀريو پر
ڪامياب ٿي نه سگهيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انهيءَ جدوجهد واري تاريخي موڙ تي هڪ
تاريخي ڪم سرانجام ڏنو، ڪامريڊ هڪ تاريخي ڪانفرنس ۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع تي تجرباغ هاڻوڪو “هوشو پارڪ”
لاڙڪاڻي ۾ سڏائي، جنهن جي صدارت حيدر بخش جتوئي پاڻ ڪئي. هي سنڌ جي يادگار هاري
ڪانفرنس هئي، جنهن کي محترم جي ايم سيد، ميان افتخار احمد، پير الاهي بخش، برڪت
علي آزاد، جمال الدين بخاري، غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجي، قادر بخش نظاماڻي ۽
ٻين خطاب ڪيو. وري ساڳي باغ ۾ ۴ اپريل
۱۹۵۴ع تي ضلعي هاري ڪانفرنس زير
صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب جي منعقد ٿي.
ون
يونٽ خلاف پڻ هاري ڪانفرنس مارچ ۱۹۵۷ع ۾
لالو رانڪ وارهه تعلقي ۾ ٿي صدارت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪئي. ۱۵ مئي ۱۹۵۷ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي
ڪوششن سان ڳوٺ وليد تعلقي لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت ذوالفقار علي
ڀٽو صاحب ڪئي، جديد سنڌ جي تاريخ جا ٽي اهم ڪردار خاص طور تي اوهان نوجوانن کي ذهن
۾ رکڻ گهرجن، هڪڙو شهيد الله بخش سومرو ٻيو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٽيون سائين جي
ايم سيد اسان جي موجوده جيڪا ذلت واري صورتحال آهي، غلامي واري ذلت، وفاق جي نالي
۾ پنجاب جي بالادستي، بي روزگاري واري موجوده حالت، طبقاتي استحصال واري صورتحال
انهن سمورين ذلتن مان جيڪڏهن توهان پارٿيڻ چاهيون ٿا ان مان جيڪڏهن اوهان سنڌ ۽
سنڌي قوم کي ٻاهر ڪڍڻ چاهيو ٿا ته مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڪردارن جي سوچن، ڪردار ۽ جدوجهد
کي سامهون رکي اڄ جي حالتن مطابق اوهان جدوجهد جي اڳواڻي ڪندئو ته مون کي يقين آهي
۽ اهو ڏينهن پري ناهي جو اوهان سنڌ کي هن ظلم مان آجپو ڏياري هڪ خودمختيار حيثيت
سان ڏسندئو، شهيد الله بخش سومرو ننڍي کنڊ ۾ جديد قومپرستي جي تصور جي شروعات ڪئي
۽ سيڪيولر سوچ کي هٿي ڏني، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هتان جي ماڻهن کي طبقاتي سوچ ڏني
۽ طبقاتي بيانن تي ٿيندڙ استحصال کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو، اهي ظالم جاگيردار ۽
وڏيرا غريب ۽ پورهيت ماڻهوءَ کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ به پسندن نه ڪندا هئا، حقيقت جي
نگاهه سان ڏسجي ته اهي پورهيت انسان وڏيري ۽ جاگيردار کان انساني گڻن جي حساب سان
اُتم هيا ۽ آهن ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو محنت ڪري اناج، ڪپهه ۽ مختلف ميوا پاڻي انساني
زندگي ۽ تهذيب جو سامان ميسر ڪري رهيا هئا اهڙن عظيم انسانن کي ظالم جاگيردار ۽
وڏيرا هيٺ ويهاريندا هئا ۽ پاڻ ڪجهه به نه ڪندي مٿي ڪرسي تي ويهي نام نهاد فخر
ڪندا هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين کي اها سوچ ڏني ته اهي وڏي عزت جي لائق آهن
هن سماج ۾ هن معاشري ۾ انهن کي اها عزت ملڻ گهرجي جيڪا عزت ڪامريڊ جي جدوجهد
کانپوءِ هارين کي ورثي ۾ ملي.
ويهين
صدي سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شهيد الله بخش سومرو جهڙا ٻه عظيم ماڻهو پيدا
ڪيا، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئرو هجي ها ته اڄ نوشهرو فيروز جهڙو واقعو نه ٿئي
ها.ڪامريڊ جي وڇوڙي کان پوءِ هاري ڪاميٽي ۾ متبادل شخصيت پيدا نه ٿي سگهي، ڪامريڊ
جو خاندان اڄ ڪامريڊ جي فڪر ۽ نظرئي کان پري بيٺو آهي. ۴۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪئي وئي، جنهن سنڌ کي تباهي کان
سواءِ ڪجهه نه ڏنو، ڪامريڊ جيئي سنڌ ۽ هاري اڳواڻ طور مشهور ٿيو.ڪامريڊ طبقاتي ۽
قومي جدوجهد جو حامي هو. ڀٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي محنت جو ڦل کاڌو. سنڌ جي
قومي شعور ۾ جي ايم سيد جو وڏو ڪردار هو. ڪيرت ٻاٻاڻي چواڻي ته قومي ۽ طبقاتي
جدوجهد کي گڏ کنيو.ڪامريڊ طبقاتي مورچو سنڀاليو ۽ جي ايم سيد قومي مورچو سنڀاليو.
ڪامريڊ سنڌ جي زرعي سماج ۾ هارين جي خودمختياري جو حامي هو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
هڪ عملي سياستدان هو، جيڪو هميشه ماڻهن سان گڏ بيٺو.
حيدر بخش جتوئي
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ،
جامِ محبت پيئي سنڌ
ادل سولنگي
۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع سنڌ جي تاريخ جو سڀاڳ وارو
ڏينهن ليکيو ويندو آهي، هن ڏينهن تي مهين جي دڙي جي ويجهو آباد ڳوٺ “بکي ديري” ۾
“جيئي سنڌ” جي قومي نعري جي خالق ۽ هارين جي همراهه، حيدر بخش جتوئيءَ جو جنم هڪ
نيڪ مرد فقير الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ ٿيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پرائمري تعليم
پنهنجي ڳوٺ بکي ديري ۽ پٺاڻ ڳوٺ مان پرائي، جنهن سنڌي فائينل جو امتحان سڄيءَ سنڌ
مان پهرين پوزيشن سان پاس ڪيو، جنهن جي عيوض سرڪار کيس اسڪالرشپ ڏني، جنهن جي آڌار
تي سنڌ مدرسة اسلام لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، سال جو ڪورس ڇهن مهينن ۾ پڙهي، اڍائي سالن
جي عرصي ۾ پنج درجا پاس ڪري ور تائين.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي ذهين ۽ هوشيار شاگرد جي حيثيت ۾ ان زماني ۾ مفت هاسٽل، مفت بورڊنگ،
اسڪول جي في جي رعايت ۽ اسڪالر شپ جي سهولت جو حقدار ڄاتو ۽ قبوليو ويو، جنهن اڳتي
هلي “هاري حقدار هلچل” هلائي، ۱۹۲۳ع ۾
مئٽرڪ پاس ڪري ۱۹۲۴ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل
ٿيو، جتي به کيس ماهوار اسڪالرشپ سان نوازيو ويو.
۱۹۲۷ع ۾ بي اي فارسيءَ ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل
ٿيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي روينيو کاتي ۾ هيڊ منشيءَ جي حيثيت سان ۱۹۲۸ع ۾ نوڪري شروع ڪئي، جڏهن روينيو جي امتحان ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر حاصل
ڪيائين تڏهن کيس مختيارڪار بڻايو ويو، لڳاتار ۱۵ ورهيه نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ۱۹۴۵ع ۾ “سنڌ هاري ڪاميٽي” جنهن کي ۱۹۳۰ع ۾ ڄيٺمل پرسرام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر شيخ عبدالمجيد سنڌي
۽ سائين جي ايم سيد قائم ڪيو هئو، ۾ شامل ٿيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ننڍپڻ کان
نهايت ئي ذهين ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ هيو، مٿان وري روينيو جي نوڪري ۾ هجڻ ڪري
سنڌ ۾ جاگيرداري جي ڏاڍ ۽ جبر کي ويجهڙائي کان ڏسندڙ ۽ هارين جي پيڙائن، محرومين ۽
مٿن ٿيندڙ ڏاڍاين کان گهڻو واقف ۽ باخبر بڻيو.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي، سائنس ۽ فلسفي سان گهڻو لڳاءُ رکندڙ نوجوان هيو جنهن پنهنجي
پڙهائي واري زماني ۾ “ٿياسافيڪل سوسائٽي” جا اصول ته سڀ انسان پاڻ ۾ ڀائر آهن،” ۽
سچ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به مذهب ڪونهي، جرمن فلاسفر وليم هيگل جي ٿيوري، ڪارل مارڪس،
اسٽالن، لينن ۽ اينگلس جي انقلاب ۽ نظريئي ۽ زندگيءَ جي رهڻي ڪهڻي کان واقف هيو ۽
هن جڳ مشهور سائنسدان ڊارون کي خوب پڙهيو، پنهنجي زماني جي علمي، ادبي، فڪري،
سماجي ۽ سياسي تحريڪن کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ انهن جي هلچل ۾ حصيدار ٿيڻ سندس ڏاهپ،
بهادري، انسان دوستي ۽ پورهيت نوازي جو چٽو ثبوت آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي
ڪليڪٽر جي عهدي کي ڇڏي انهن هارين جي اڳواڻ ڪئي جيڪي خاص ڪري ان عهدي جي ڇانوَ ۾
پلجندڙ جاگيرداريءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا هئا.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي، بهادر، بي ڊپو، دنيا جي جديد علم ۽ سياست کان باخبر اهڙو ڪردار ٿي
اڀريو جنهن هارين جي زندگيءَ ۾ انقلاب ۽ آجپي جو هڪڙو جواز ۽ احساس پيدا ڪري ڇڏيو.
سنڌ
هاري ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان هلندڙ “هاري هلچل” کي منظم ۽ سگهاري انداز ۾ هلائي
“سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي جاگيردار سياست جي سامهون هڪ انقلابي تحريڪ بڻائي هڪ للڪار
پيدا ڪئي، جنهن وقت جي ڏاڍ کي جهڪائڻ لاءِ پنهنجا سمورا حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي،
هاري هلچل کي شاندار ۽ منظم تحريڪ طور اڀاريو، جنهن جا سنڌي سماج تي بهتر اثر پيا
۽ سياسي علمي، ادبي، سماجي سجاڳيءَ ڪر موڙيا، جنهن جاگيرداري ۽ سرمائيداري آمريت
سان مهاڏو اٽڪايو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي نه رڳو هارين ۾ حقن حاصل ڪرڻ جو شعور
پيدا ڪيو پر کين جدوجهد جي ميدان ۾ پڻ وٺي آيو، جنهن جو هڪ تاريخي مثال آهي، سنڌ
اسيمبلي جو گهيراءُ ڪري “سنڌ ٽئٽسي ايڪٽ” پاس ڪرائڻ، زمينن جي نيلاميءَ خلاف هارين
جي جدوجهد کي منظم ڪرڻ خاص ڪري، “ون يونٽ” مڙهڻ خلاف، مزاحمتي تحريڪ ۾ جدوجهد جا
نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي سنڌ جي قومي مفادن جي نگهباني ڪندڙ قومي دانشور هجڻ سان گڏ وطن
دوست ۽ مزاحمتي شاعر هجڻ سان گڏ هڪ سگهارو قانوندان به هيو، جنهن گهڻي ڀاڱي پاڻ
مٿان مڙهيل ڪيسن جي پاڻ ئي پيروي ڪئي ۽ قانوني طرح ڪيتريون ئي سوڀون ماڻيون.
سنڌ جي
قومي مسئلن جي حل ۽ هارين جي مسئلن جي نبيري لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مسلسل
“پمفليٽ” لکي وقت جي حڪمرانن کي نه رڳو انهن مسئلن کان آگاهي ڏني پر انهن جي نبيري
لاءِ ڀرپور نموني مطالبا ڪري، مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي، ان ڏس ۾ “سنڌ هاري
ڪاميٽي” مختلف موقعن تي مختلف شهرن ۾ هارين جون ڪانفرنسون سڏائي قومي ۽ هاري مسئلن
تي ڀرپور نموني روشني وجهي جدوجهد جا نوان رستا جوڙيا ۽ انهن تي هلندي سنڌ جي
مفادن جي نگهباني ڪئي.
سائين جي
ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي لازوال نظم.
“جيئي سنڌ،
جيئي سنڌ،
جامِ
محبت پيئي سنڌ.
کان
متاثر ٿيندي سنڌ جي قومي تحريڪ کي “جيئي سنڌ هلچل” جي نالي سان سنڌي قوم جي اڳيان
آندو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وري سائين جي ايم سيد پاران قائم ڪيل “سنڌ هاري
ڪاميٽي” جي اڳواڻي سنڀالي، جاگيرداري آمريت سان مهاڏو اٽڪايو. وقت جي آمرن کيس
جهڪائڻ لاءِ سمورا رياستي هٿ ڪنڊا استعمال ڪيا پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي
اڏولتا تي قائم رهي پنهنجي ذهن، ضمير، آدرشن ۽ ڪمينٽمينٽ تي ڪنهن به قسم جو سودو
نه ڪيو ۽ هڪ محب وطن ۽ باضمير بهادر اڳواڻ جيان ميدان جنگ ۾ ارڏو ۽ اڏول بڻجي
پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪندو رهيو.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي وقت جي آمريتن جي سازشن ۽ جاگيردار جي چاپلوسي ڪردار تي پنهنجي
لکڻين ۾ چٽو پٽو اظهار ڪيو آهي ته سنڌ جي هارين کي زمين جي وارثي ۽ خريداري ڪرڻ
کان ڪهڙين اٽڪلن ۽ سازشن ذريعي روڪيو ويو. سکر بئراج، غلام محمد بئراج توڻي گڊو
بئراج سميت مختلف علائقن ۾ پيل سرڪاري زمينن جو وڪرو يا الاٽمينٽ پڻ ڌارين ماڻهن
لاءِ سولو، سستو ۽ آسان بڻايو ويو. جڏهن ته سنڌ جي هارين خلاف ڳرا شرط رکي هاري
دشمن قانون جوڙي سازشي رٿائن تي عمل ڪري سنڌ جي هارين کي زمين جي مالڪي کان هٿ وٺي
محروم ڪيو ويو، جنهن عمل خلاف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ “سنڌ هاري ڪاميٽي” جي
جدوجهد مثالي ۽ اُتساهه ڏياريندڙ آهي.
“هاري
انقلاب” ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ۾ هاري انقلاب بابت تمام
سگهاري انداز ۾ لکيل آهي، “هاري ڪهاڻيون،
“هاري گيت”، زميندار شاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما” چونڊ يا غنڊا گردي، “سنڌ هاري
ڪاميٽي جي رپورٽ” ۽ يادگار تصويرن جو “آلبم” ڏنو ويو آهي.جڏهن ته ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي جي شاعري جو، لازوال ڪتاب “جيئي سنڌ، جيئي سنڌ” سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي ادب ۾
اهم حيثيت ماڻي چڪو آهي.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد جا ڪيترا ئي روشن رخ آهن جن تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي ۽
ايامن تائين مٿس لکيو ويندو، سنڌ جي هن بهادر ۽ ويڙهاڪ انسان، پنهنجون سموريون
توانائيون سنڌ وطن جي آجپي خوشحالي، سک ۽ سڪار لاءِ ڪتب آنديون ۽ سنڌ جي حقن جي
حاصلات لاءِ مسلسل جدوجهد جا بنياد رکيا ۽ سنڌ جي پيڙهيل عوام هاري ۽ پورهيت کي هڪ
نئون اُتساهه ۽ ويساهه ڏياري، عوامي جدوجهد کي قومي تحريڪ جي شاهي دڳ تي آندو.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جو هڪ نظم آهي،
هاري
جو زمانو.
سنڌ جا
ساهه ۽ دلبر هاري،
قوم جا
هار سينگار ۽ زيور هاري،
توکي
انگريز ڦريو ۽ زميندار لٽيو،
وياج
خورن ٿي ڦريو، توکي عملدار لٽيو،
توکي
بيدرديءَ سان هر هڪ ٿي نمڪ خوار لٽيو،
ظالمن
ٿي لُٽيو گهر ٻار خزانو تنهنجو،
اُٿ
هاري، اجهو آيو، زمانو تنهنجو.
ڪامريڊ
اظهر جتوئي پنهنجي سيڙيل ڪتاب “هاري انقلاب” ۾ لکيو آهي ته “اڄ سنڌ جي جهر جهنگ،
واهڻن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪي ٿورا گهڻا هارين حق حاصل ڪيا آهن اهي سڀ باباءِ سنڌ ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جي محنت ۽ پگهر جي خوشبوءِ يا هن، جا سالن جا سال قيد ۽ بند ۾
رهندڙ سندر خواب آهن، “هاري حقدار” هاري سردار سندن سوچون، لوچون نظريو،خواب،
ارمان ۽ عمل هئو، اڄ جي تاريخ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي “باباءِ سنڌ” جي لقب سان
سڏي ٿي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته وري ايندڙ سڀاڻي جي تاريخ ۾ هاري انقلاب اچڻ بعد هن کي
ٻيو لقب ملي، ڇاڪاڻ جو هن بهادر قائد/اڳواڻ، اٻوجهه، مسڪين، هارين ۽ سنڌ جي
سانگيئڙن جي حقن لاءِ بي خوف ٿي جدوجهد ڪئي ۽ سندن حقن ۽ مفادن جي جنگ وڙهيو”.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي “سنڌ ديس، پورهيتن جي حقن،
سچائي، صداقت خاطر شاهي قلعي لاهور جون ڪاريون راتيون مچ جيل جون گرم شامون، آمريت
جا گهاوَ کائيندڙ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، جيل جي ڪال ڪوٺڙين، اذيتن ۽ عذابن برداشت ڪرڻ وارو
هڪ آزاد ۽ روشن خيال اڏول ۽ ارڏو انسان هو، هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ جي وارثن
لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي کي جيئي سنڌ جهڙو
لازوال نعرو ڏيندڙ، اَمر انسان اسان کان ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي ۶۹ سالن جي ڄمار ۾ جدا ٿي ويو.
کيس
سنڌ جي هاڪاري بادشاهه، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي آڳند ۾ مٽي ماءُ حوالي
ڪيو ويو. اڄ اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، هلچل ۽
جدوجهد کي مڃتا ڏيندي پنهنجي احساسن ۽ لفظن جي ڀيٽا ڏيندي کيس قومي سلام پيش ڪيون
ٿا ۽ سندس تاريخي جدوجهد جي روشني ۾ پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار وطن جي ويڙهاند ڏانهن
پنهنجون وکون کڻندي سرهائي محسوس ڪيون ٿا.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
باباءِ سنڌ
احمد علي نوناري
باباءِ
سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۷
آڪٽوبر ۱۹۰۱ تي ڳوٺ بکي ديري، تعلقي
ڏوڪريءَ ۾ الهداد خان جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ اڃان ٻن سالن جي عمر جو هئو
ته سندس امڙ وفات ڪري وئي. پوءِ والد ڏاڏي ۽ پڦيءَ کيس پاليو. شروعاتي تعليم
پنهنجي اباڻي ڳوٺ بکي ديري منجهان حاصل ڪيائين. ۱۹۱۱ع ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ پٺاڻ جي
هاءِ اسڪول ۾ انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ويو. سال ۱۹۱۸ ۾ سنڌي فائينل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين جنهن جي
ڪري سرڪار کيس اسڪالرشپ پڻ ڏني هئي. ان بعد هُو سنڌ مدرسته الاسلام اسڪول لاڙڪاڻي
(هاڻوڪو گرلز ڊگري ڪاليج) ۾ داخل ٿيو. جتي هن سال جو ڪورس ۶ مهينن ۾ پاس ڪري اڍائي سالن ۾ پنج درجا مڪمل ڪيائين. ان کان پوءِ گورنمينٽ
پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين. جتي پڻ هوشيار شاگرد جي حيثيت ۾ هاسٽل،
بورڊنگ، ۽ اسڪول جي في معاف هئس گڏوگڏ ٻارنهن روپيا ماهوار اسڪالرشپ پڻ حاصل ڪندو
هئو. سال ۱۹۲۳ ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ۱۹۲۴ ۾ ڊي. جي ڪاليج ڪرائيءَ ۾ داخلا حاصل ڪيائين. ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سندس
ڪاليج في معاف هئي. ان کان علاوه ماهوار ۳۰ روپيا اسڪالرشپ وصول ڪندو هئو ۽ مسلم اسڪالرشپ جا ۱۵ روپيا ماهوار به ملندا هئس ڇاڪاڻ ته مسلمان شاگردن ۾ به پهرين نمبر تي پاس
ٿيو هئو. چوڻ جو مقصد اهو ته ڪامريڊ جتوئي شاگرديءَ واري عمر ۾ به ڄمندي ئي ڄام
هئڻ جي حد تائين ذهين ۽ هوشيار شاگرد طور سڃاپجڻ لڳو هئو. ۱۹۲۸ع ۾ روينيو کاتي ۾ هيڊ منشيءَ جي حيثيت سان سرڪاري نوڪري ڪرڻ لڳو. اها به
دلچسپ ڳالهه آهي ته هيڊ منشي هوندي به ڪامريڊ جي ايمانداري، سچائي ۽ لڳاتار محنت
جي ڪري سرڪار کيس مختيارڪار جي برابر پگهار ڏيندي هئي. سگهوئي مختيار ڪاريءَ جو
امتحان ڏنائين جنهن ۾ سڄي سنڌ ۾ پهرين نمبر تي پاس ٿي هيڊ منشيءَ منجهان مختيارڪار
بڻيو. ان کان پوءِ مسلسل محنت ۽ جاکوڙ سان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. ان زماني
۾ اها تمام وڏي ڪاميابي سمجهي ويندي هئي. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ اڌ سنڌ نوڪرين
لاءِ پريشان هوندي هئي. تڏهن انهن عهدن تي انگريز ڪم ڪندا هئا. ڪنهن مقامي ماڻهوءَ
جو انهن عهدن تائين پهچڻ انتهائي غيرمعمولي واقعو سمجهيو ويندو هئو. پر سياست سان
دلچسپي پيدا ٿيڻ ڪري ڪامريڊ ۱۹۴۵ع ۾
ڊپٽي ڪليڪٽر جي ان عهدي تان پڻ استعفى ڏئي ڇڏي.
ان وقت
جي سنڌ ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جو قوم دشمن رويو ۽ ظالماڻو عمل، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي
مليل آسائشون ۽ عياشيون، هارين جي مفلسي ۽ لاوارثيءَ کان علاوه آزاديءَ جي جنگ
جوٽيندڙ جوانن مٿان انگريز راڄ جو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ته ٻئي طرف ڪامريڊ عبد القادر ميوا
خان کوکر جهڙن هاري اڳواڻن جي قيادت ۾ سنڌ جي جاگيردارن خلاف سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي
شاندار تحريڪ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي متاثر ڪيو ۽ هُو ۱۹۴۵ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو. سائين جي. ايم. سيد، مسٽر ڄيٺمل
پرسرام، جمشيد مهتا، ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
ڪوششن سان ۱۹۳۰ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري ڪميٽي ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئيءَ جي شموليت سان نئين رنگ روپ ، جوش ۽ جذبي سان نروار ٿي اڀري.
ڪامريڊ پنهنجن خيالن يا نظرئي کي عملي شڪل ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هفتيوار اخبار هاري
حقدار جاري ڪري سنڌ ۾ هاري انقلاب جي رستي ۽ منزل کي آسان بڻائي، جاگيردارن ۽
وڏيرن پاران هارين تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز اٿارڻ کان علاوه هارين
جي مسئلي کي کڻڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. سنڌ تي صدين کان قابض وڏيرن، سردارن ۽
نوابن جي مقابلي ۾ پنهنجا نمائندا چونڊن ۾ بيهاريا. جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ اهو
پهريون ڀيرو ٿيو ته اڳ جيڪي ننڍن وڏيرن ۽ ڪامورن معرفت گهر ويٺي ووٽ حاصل ڪندا هئا
انهن وڏيرن، نوابن ۽ سردارن کي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن بنگلن منجهان ٻاهر نڪري
عوام جي دروازن تائين وڃڻو پيو. جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سياست ۾ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي
اهو پهريون انقلاب آندو. هن اليڪشن توڙي سياست ۾ وڏيرن جو ڀرپور نموني سان مقابلو
ڪيو پر جاگيرداراڻي ماحول جي مضبوط بيهڪ، غريب طبقن جي تعليمي حوالي سان پسماندگي
۽ گھٽ شعور کيس ڪنهن به اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو. ان حوالي سان ۱۹۵۰ع جي اليڪشن ۾ ضلعي دادو ۾ پير الاهي بخش جي خالي ٿيل سيٽ تي ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي ان دور جي وڏي وزيرِ محمد ايوب کهڙي جي سالي سان مقابلي ۾ بيٺو. پر ايوب
کهڙو حڪومت جمهوريت دشمن طريقا استعمال ڪندي ڪامريڊ کي اغوا ڪرايو ۽ نامزدگي فارم
ئي ڀرڻ نه ڏنو. بعد ۾ سال ۱۹۵۱ع
عيسويءَ ۾ ڪامريڊ جتوئي قمبر (تڏهوڪي ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ سردار سلطان احمد چانڊيي جي
مقابلي ۾ فارم ڀريو پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. اتي به نواب سلطان احمد خان جي اشاري
تي سندس راڄ جي ماڻهن ۽ هارين باباءِ سنڌ تي پٿر وسايا ۽ چُونڊ مهم لاءِ نڪتل سندس
قافلي ۾ شامل سڀني جيپن جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا. نه رڳو ايترو پر ڪامريڊ ۽ سندس ساٿين
کي اغوا ڪري زخمي ڪرڻ بعد سُڃ ۾ ڇڏيو ويو. ۱۰ مارچ ۱۹۵۱ واري اليڪشن خلاف هاري ڪميٽي
اپيل ڪئي ۽ سلطان احمد خان چانڊيي جي اليڪشن کي غلط قرار ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ
جتوئيءَ وڏي جفاڪشيءَ کان پوءِ دستاويزي ثبوتن سان اهو ثابت ڪيو هئو ته نواب سلطان
احمد خان چانڊيي جي عمر اليڪشن ۾ بيهڻ جي نه هئي. سندس نااهليءَ سان گڏ ڪُوڙو
سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ هيڊ ماستر کي به سزا ملي. ان کان پوءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ ڀوتارن ۾
وڏي ڪاوڙ پيدا ٿي. انهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي گرفتار ڪرائي جيل اماڻي ڇڏيو.
باباءِ
سنڌ جي ڪوشش سان سنڌ ۾ هاري ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون جيڪي هارين ۾ شعور ۽ اتحاد
پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون. ۱۹۴۸ع
عيسويءَ ۾ ۳۰ ۽ ۳۱ مئي تي رتيديري ۾ سنڌ هاري ڪانفرنس ٿي. جنهن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي
صدر چونڊيو ويو.
۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع ۾ تجر باغ (هاڻوڪي جناح باغ
لاڙڪاڻي) ۾ هڪ تاريخي ڪانفرنس ٿي. جنهن جي صدارت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڪئي. اها
سنڌ سطح جي هڪ يادگار ڪانفرنس هئي. جنهن ۾ سائين جي. ايم. سيد، ميان افتخار الدين،
پير الاهي بخش، ڪامريڊ برڪت آزاد، قاضي فيض محمد، عبدالڪريم گدائي، غلام محمد لغاري،
رسول بخش پليجو، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ون يونٽ خلاف مارچ ۱۹۵۷ عيسويءَ ۾ لالو رائنڪ تعلقي وارهه ۾ هاري ڪانفرنس ٿي. جنهن جي صدارت
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پاڻ ڪئي. ڪامريڊ قانوني ۽ آئيني ويڙهه وڙهڻ ۾ پڻ يقين رکندو
هئو. هن سنڌ مٿان ٿيندڙ رياستي ڏاڍ ۽ حڪومت جي غير آئيني فيصلن خلاف عدالتن ۾ تمام
گھڻا ڪيس پڻ داخل ڪيا ۽ آئيني فيصلا حاصل ڪيا.
۱۵ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع عيسوي ۾ پاڪستان جي حڪمرانن بنگالين کي منهن ڏيڻ لاءِ “ون يونٽ” قائم ڪيو
جنهن جي سنڌ جي ويڪائو وڏيرن ۽ سنڌ دشمن قوتن سنڌ ڌرتيءَ سان وڏي ويساهه گهاتي ۽ ظلم
ڪيو. انهن مسلمان ڀائرن جي نالي ۾ پنهنجي سياسي مايوسي ۽ ناڪامين جو بدلو سنڌ ڌرتي
۽ قوم کان ورتو. انهن ملڪ ۾ ون يونٽ قائم ڪرڻ جي حمايت ڪري سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي
آزادي، ثقافتي ۽ تهذيبي سڃاڻپ ختم ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي حمايت ڪئي. نه صرف ايترو
پر ان وقت صوبائي سرڪار وٽ موجود خزاني ۾ ڪروڙين روپيا پڻ مرڪز جي حوالي ڪيا ويا.
سنڌ مٿان ايڏو وڏو ظلم پنهنجي ئي مسٽر خان بهادر محمد ايوب کهڙي وڏي وزير جي قيادت
۾ ڪيو ويو. منڍ ۾ ته ڪجهه سياستدان کهڙي جي خلاف مهم هلائي رهيا هئا. پر پوءِ
خاموش ٿي ويهي رهيا. باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي چپ ڪري ويهڻ وارن منجهان نه هئو.
اهو پهريون سنڌي سياستدان هئو جنهن ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي. ڪامريڊ ان قهري
ڪارروائيءَ خلاف سنڌ جو دورو ڪيو. پريس ڪانفرنسن کي خطاب ڪيائين. پمفليٽ جاري
ڪيائين ۽ پاڻ ورهايائين. ريل ۽ بسن ۾ سفر ڪري تقريرون ڪيائين ۽ “ون يونٽ”سبب سنڌ
کي پهچندڙ نقصان بابت عام ماڻهن کي ڄاڻ ڏيندو رهيو. سندس پاران انگريزيءَ ۾ جاري
ڪيل هڪ پمفليٽ “ون يونٽ ۽ ڊيموڪريسي” تحريڪ کي تمام گھڻو منظم ۽ سگهارو ڪيو. ڇاڪاڻ
ته انگريزي ٻوليءَ ۾ حقيقتون جڏهن ٻين صوبن خاص ڪري سرحد ۽ بلوچستان جي اڳواڻن خان
غفار خان، اجمل خٽڪ، عبدالولي خان، نواب اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءَ الله خان
مينگل، سردار خير بخش مري ۽ مير غوث بخش خان بزنجي جهڙن سياستدانن تائين پهتيون ته
انهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي هلايل تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪئي. سنڌ دوستي ۽
پورهيت راڄ جي حمايت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ حڪومت جي تڏهوڪي سربراهه خان بهادر محمد
ايوب کهڙي ڪامريڊ جتوئيءَ کي سال ۱۹۵۶ ع ۾
گرفتار ڪرايو. کيس شاهي قلعي لاهور جي اونداهي قيد ۾ رکيو ويو. جيل ۾ مٿس وڏو تشدد
ڪيو ويو ۽ تمام گھڻيون اذيتون ڏنيون ويون. پر هن بهادر شخص حوصلو نه هاريو. آخرڪار
کيس آزاد ڪيو ويو. ۱۹۵۸ع ۾،
جنرل محمد ايوب خان پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي
گرفتار ڪري ۳ سال قيد جي سزا ڏني وئي. هڪ
دفعو وري پنهنجي حڪومتي ۽ ذاتي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ مٿان هڪ وڏي ظلم کي برپا
ڪيو ويو جنهن سان سنڌ جي معيشت تباهه ٿي وئي. ۱۹۵۸ع ۾ سرڪار سنڌ مٿان ناجائز ڍلون مڙهيون. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ان ظلم ۽
ناانصافيءَ خلاف هڪ وڏي جنگ جوٽي هن چاليهه صفحن تي مشتمل انگريزي پمفليٽ Unfair Land Taxation in Sindh جاري ڪيو. جنهن ۾ دليلن سان
ثابت ڪيائين ته سنڌ اڳ ۾ ئي ملڪ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري رهي آهي. ان
وقت جي آمر ڪامريڊ کي گرفتار ڪري بلوچستان جي مچ جيل جي سخت ترين گرميءَ ۾ رکيو ان
کان پوءِ به پنجاب جي مختلف جيلن ۾ ۱۹۶۲ع
تائين باندي رهيو ۽ اذيتون برداشت ڪندو رهيو. آزاد ٿيڻ بعد ساڳي سال ۾ جنرل ايوب
خان جي ڏنل آئين خلاف انگريزيءَ ۾ پمفليٽ ڪڍيائين ۽ سگهاري عملي جدوجهد ڪيائين.
جنهن جي ڪري جنرل ايوب خان کيس ڊسمبر ۱۹۶۷ع کان
اپريل ۱۹۶۸ع تائين قيد ۾ رکيو. ڪيس هلندي
ڪورٽ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجو مشهور نظم “جيئي سنڌ جيئي سنڌ جامِ محبت پيئي
سنڌ” پڙهيو. جنهن تي اٽارني جنرل اعتراض ڪندي چيو ته هيءُ ڀارتي ايجنٽ آهي پر جج
صاحبن چيو ته جيئي سنڌ چوڻ ڪو ڏوهه ناهي. اهو قومي ۽ ثقافتي نعرو آهي.
سنڌ
هاري ڪميٽي باباءِ سنڌ جي قيادت ۾ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون تحريڪون هلايون ۽
ڪاميابيون حاصل ڪيون. پاڻ ۱۹۴۸ ع ۾
پهريان پنج سمي يا اڌواڌ بٽائي تحريڪ هلائي. جنهن لاءِ ان وقت سنڌ ۾ سڀ کان وڏي
اناج منڊي شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪئي وئي. ان تحريڪ ۾ باباءِ سنڌ سان گڏ
مولوي نذير جتوئي، مولوي عزيزالله جروار، ڪامريڊ عبدالواحد سومرو، نبي بخش تنيو ۽
الاهي بخش قريشي وغيره شامل هئا. ان تحريڪ دوران شهدادڪوٽ مان سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي
عهديدارن ۽ هارين کي گرفتار ڪيو ويو پر سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن ۾ ڄڻ ته ٿرٿلو
مچي ويو. هن حق سچ واري جنگ ۾ آخر هارين پورهيتن سوڀ ماڻي ۽ زميندار شاهيءَ کي
شڪست برداشت ڪرڻي پئي. سنڌ ۾ اڌواڌ بٽائيءَ جو رواج شروع ٿيو. ۱۹۶۹ ع ۾ ٻِي هاري ايڪٽ تحريڪ شروع ٿي. جنهن لاءِ سرڪار پاران ڪميٽي جوڙي هر
ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ هارين ۽ زميندارن جون گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون. باباءِ سنڌ ۳ اپريل ۱۹۵۰ ع ۾ سڄي سنڌ جي هارين کي سنڌ
اسيمبلي بلڊنگ ڪراچيءَ ٻاهران گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ۱۵ هزار کان وڌيڪ تعداد ۾ هارين اتي پهچي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو. انهيءَ
مظاهري سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي سياسي قوت ۽ اتحاد جو شاندار مثال پيش ڪيو. باباءِ سنڌ
حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪوشش سان ۱۹۵۰ع۾ سنڌ
ٽيننسي ايڪٽ پاس ٿيو. ڪامريڊ جتوئي سنڌ جي هارين جو ڪيس قلم ۽ ادب، صحافت ۽ قانون،
عقل ۽ ڏاهپ سان ڳايو. سنڌ جو هيءُ بهادر فرزند ۽ هارين جو مسيحا لڳاتار جيلن ۾ قيد
رهڻ ۽ سخت تڪليفون ۽ اذيتون برداشت ڪرڻ، خراب کاڌ خوراڪ ۽ مناسب صحت ۽ علاج نه ٿيڻ
ڪري مسلسل بيمار ۽ ڪمزور رهڻ لڳو. اڌ رنگ جي حملي سبب آخرڪار اسپتال ۾ ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي ۶۹
سالن جي ڄمار ۾ اسان کان وڇڙي ويو. سندس آخري وصيت مطابق
کيس حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار جي احاطي ۾ جڳهه ڏني
وئي.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي
باباءِ
سنڌ جي جنم ڏينهن جي حوالي سان
ڪامريڊ اظهر جتوئي
هن وقت
ملڪ جون مظلوم ۽ معصوم قومون وڌيڪ قومي جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. ملڪ جا هاري ۽
پورهيت، طبقاتي ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل آهن. هونئن ته پورو ملڪ پر خاص ڪري
سنڌ انيڪ مسئلن ۽ مونجهارن ۾ گهريل آهي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون ٻيهر ٿي
چڪيون آهن، جاگيردار، ڀوتار ۽ وڏيرا وري چونڊجي آيا آهن. پر ملڪ جي هارين، نارين ۽
پورهيت عوام توڙي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي قسمت ۾ ڪو به ڦيرو ايندي نظر نه ٿو اچي.
اسين اوتري جا اوترا بلڪه اڃان به مظلوم عوام ٽيڪسن جي ور چڙهي ويو آهي. ڇو ته ڏاڍ
پرست حڪمران هاڻي هن ملڪ تي سڌيءَ ريت حڪمراني ڪندا، جيڪي اڳ بظاهر لڪيل حاڪم هئا.
سنڌ جي هاري تحريڪ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي جيڪا لڳ ڀڳ ۳ سئو سالن جي عرصي تي محيط آهي. اڄ کان ۳ صديون اڳ جڏهن سنڌ جي انقلابي سورهيه ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد چيو ته هيءَ
ڌرتي الله جي، جيڪو هن تي هر هلائي ٿو سوئي ان جو حقيقي مالڪ آهي؛ يعني جيڪو کيڙي
سو کائي. سندس انقلابي پروگرام سنڌ ۾ زبردست مقبوليت ماڻي. طبقاتي ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جو
شڪار هزارين هارين ان صدا تي لبيڪ چئي سندس چوگرد جمع ٿي ويا. ان وقت ڏاڍ پرست
حاڪمن، پيرن، ملن ۽ جاگيردارن امن، انصاف ۽ سماجي برابري جي لاءِ هلندڙ هارين جي
ان انقلابي تحريڪ کي انتهائي بيدردي ۽ سفاڪيءَ سان ڪچلي ڇڏيو. تحريڪ جي سرواڻ شاهه
عنايت شهيد ۽ هزارين هارين ۽ هارياڻين کي سندس معصوم بيگناهه ٻارڙن سميت شهيد ڪيو
۽ تحريڪ جي مرڪز واري شهر جهوڪ شريف کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پر ان نعري جي گونج
سنڌ اندر هر دور ۾ هاري تحريڪ جي روپ ۾ گونجندي رهي آهي. انهيءَ تحريڪ جي هڪ روپ
سنڌ هاري ڪاميٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ سنڌ جي هارين ۾ تمام گهڻي
مقبوليت ماڻي ورتي ۽ زوردار نموني سان اڀري. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ کي
زور وٺرائي آسمان تي چمڪندڙ ستاري واري حيثيت ڏياري ڇڏي. پاڪستان ٺهيو پر ڪا به
سماجي تبديلي نه آئي، حالتون اڳي کان به وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳيون ۽ حڪمرانن سنڌ جي سياست ۽ حڪومت ۾ انڌير
نگري وارو راڄ قائم ڪري ڇڏيو. طبقاتي ڦرلٽ زورن تي هئي. سنڌ جي هيٺين طبقي کي مٿين
طبقي جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو. قومي اڻ برابري پڻ وڌڻ لڳي. مذهب جي نالي تي ماڻهن
کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي نه صرف هاري مسئلن تي
اڳواڻي ڪندو هيو پر جمهوريت ۽ قومي حقن جي جدوجهد ۾ پڻ سرواڻ وارو ڪردار ادا ڪيو.
فوجي آمريت خلاف جڏهن هن ويڙهه ڪئي ته کيس جبل اماڻيو ويو. هن ۱۹۶۸ع ۾ سينٽرل جيل مچ ”بلوچستان“ ۾ تنقيدي بيت چيو جنهن ۾ هن چيو ته،
ڀريو
ڀل قيد خانن کي
ڪريو
قابو جوانن کي.
جڏهن
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس منير فوجي آمريت کي نظريي ضرورت تحت جائز قرار ڏنو ته
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انگريزيءَ ۾ هڪ پمفليٽ جسٽس آف چيف جسٽس لکيو ۽ انهيءَ
ناانصافي جا پول پڌرا ڪيا ته کيس انهي ڏوهه ۾ پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قيد ۽ بند جي تڪليف هوندي به سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾
اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۳۵ع ۾ ون
يونٽ ٺهيو ته ان خلاف ڪتاب لکيا ۽ احتجاجن آواز بلند ڪيو، ٺهراءَ پاس ڪرايائين. ان
عيوض کيس جيل ياترائون ڪرڻيون پيون هر هڪ پل لا به مادري وطن سنڌ ۽ ان کان پري نه
رهيو. هن عوامي سجاڳي لاءِ زبردست محنت ڪئي، ڪجهه وقتن تي هي ٽرين ۾ سفر دوران هڪ
بوگي کان ٻي بوگي ۾ چڙهي ويندو هو، دوائن وڪڻندڙن وانگر بيهي تقرير ڪندو هو. ماڻهن
سان ڌرتيءَ جي سورن جو ذڪر ڪندو هو. ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي يا وري سنڌي ٻولي خلاف
سازش، الاٽي تحريڪ هجي يا فوجي آمريت خلاف جدوجهد يا وري جمهوريت جي بحالي واري
تحريڪ هجي، جيئي سنڌ جو نعرو چئي حڪمرانن کي للڪاريو. سندس چيل ان نعري ايڏي
مقبوليت ماڻي ورتي جو سنڌ اندر اهو نعرو سنڌين وٽ سلام بڻجي ويو. ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي ۱۹۵۰ع ۾ سنڌ ٽينس ايڪٽ منظور ڪرائي
وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اڌ بٽئي تحريڪ ۾ شهيد مائي بختاور ۽ ٻين پنهنجي جانين جو
نذرانو ڏنو. هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي هاري تحريڪ کي منظم ۽ متحرڪ ڪري هارين جي حقن
لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻو پوندو، اهو ئي اڄ جي ڏينهن باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد
صالح
بلو
اولاد
هر ڪنهن کي پيارو هوندو آهي، جنهن جي تمنا هر ڪو ڪندو آهي ته شل اولاد صالح ۽ نيڪ
ٿئي جيڪي والدين جي مٿي جو سور نه بڻبا آهن پر جيڪي خراب صحبت ۾ اچي وڃن ٿا اهي
وڏا مسئلا پيدا ڪندا آهن، اسان چوندا آهن ته ٻار جيڪو وڏو ٿي، نوجوان بنجي ٿو،
جنهن کي قومي سرمايو چئون ٿا ته اهو وڏو ٿي قوم ملڪ جي خدمت ڪندو والدين جو نالو
روشن ڪندو سچ ته اهو آهي ٻار والدين جي اکين جا تارا هوندا آهن، جن جي لاءِ هو
والدين کي اهڙي آس رکيل هوندا آهن جن جي لاءِ هو والدين کي اهڙي آس رکيل هوندي
ڪامريد حيدر بخش جتوئي ۷
آڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ بکوديرو ضلعو لاڙڪاڻو ۾ جنم
ورتو، جنهن جي ننڍي هوندي کان ٿيندڙ پروش کيس خوش اخلاق ۽ هوشيار بنائي ڇڏيو، جيڪو
والدين سان گڏ استادن لاءِ پيارو هو، هوشيار خوش طبعيت ڄڻ قدرتي ڏات مليل هئي،
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ننڍي هوندي کان حق سچ چوڻ وارو با اخلاق هو، جنهن پنهنجي
تعليم دوران ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪي محنت ڪن ٿا، اهي زندگي کي ڪاميابي سان
هلائين ٿا، ڪامريڊ ڄڻ ڄمندي ڄام هو، مختياري دوران هن جا ڪيل فيصلا به تاريخي هئا،
ڪامريڊ جيڪو انگريزن جي دور حڪومت ۾ ڊپٽي ڪلڪيٽر جي پوسٽ تي هو ۽ هن جو واسطو
وڏيرن توڙي هارين سان رهندو هو، هن جي اڳيان اهي نا انصافي سامهون اينديون رهيون،
وڏيرن جا ظلم انگريزن جي حاڪميت قوم کي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو، ڪامريڊ جو
واسطو ڪامريڊن ۽ ڪميونسٽن سان ٿيو، جنهن ان وقت جي ڊپٽي ڪلڪيٽر واري عهدي کي ٿڏي
سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو، جيڪو ۱۹۳۰ع ۾
سائين جي ايم سيد جمشيد مهتا ۽ ٻين گڏجي ميرپورخاص ۾ ٺاهي هئي، ڪامريڊ ان جو صدر
بنيو ۽ مظلومن جو ساٿي بنجي جهر جهر جهنگ جلسه جلوس ڪڍندو رهيو، جنهن ٽالهي ۾ ٿيل
واقعي مائي بختاور جنهن کي ٽئي جي معاملي ۾ چوڌري وڏيرن شهيد ڪري ڇڏيو، ڪامريڊ ان
وقت ڪنهن ڀرسان ڳوٺ ۾ جلسو ڪري رهيو هو، جيڪو هڪدم اتي پهتو ۽ چوڌري وڏيري ۽ ساٿين
خلاف ڪيس داخل ڪري سزائون ڏياريون ڪامريڊ حق سچ جو سپاهي هڪ شاعر اديب دانشور هو،
جنهن ڪيترائي ڪتاب پمفليٽ لکيا ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، جيڪو
بنگلاديش جي شيخ مجيب رحمان مائوزي ٽنگ ٻين ڪيترن ئي ملڪي عالمي ليڊرن سان ملندو
رهندو هو، جنهن کي انهي ڳالهه جي سزا ڏني وئي ته هن جيئي سنڌ جيئي سنڌ ڄام محبت
پئي سنڌ جو گيت لکيو، جيڪا جيئي سنڌ سنڌ جو قومي نعرو بنجي ويو، ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي جيڪو ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندو رهيو ۽ ان کي ٽٽڻ واري خواهش سندس دل ۾ هئي،
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي نوابشاهه ۾ آخري دفعو گرفتار ڪري فوجي ڪورٽ ۾ آڻي مچ جيل
بلوچستان موڪليو ويو، جتي جي سردي به کيس ڪجهه نه ڪري سگهي، جيڪو عزم جو پڪو انڌ
جو سچار مهڀي پٽ هو، جنهن ڪنهن به آمر اڳيان جهڪڻ نه سکيو، هو ڪامريڊ هون ته ڪيترا
دفعا جيل وڃي چڪو هو، ليڪن مچ جيل بلوچستان واري کيس لوڏي وڌو جيڪو ڪجهه ڏينهن
بيمار رهڻ بعد ون يونٽ جي ٽٽڻ واري اعلان ٻڌي اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو،
ليڪن سندس ڪيل جدوجهد ۽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن لاءِ وڙهندڙ ڪيس ۽ اهي پمفليٽ جيڪي
اڄ به سندس بهادري ۽ سچائي کي ظاهر ڪري رهيا اهن، ڪامريڊ هڪ ادارو هو، جنهن جي
فراخدلي اها به هئي جو هن پنهنجي گهر لاءِ به گيت لکيا، جنهن زندگي کي مقصد بنائي
ڇڏيو، هو، اهڙي محب وطن هوندا آهن جيڪي قومي سرمايو ٿين ٿا، اهڙن ئي قومي سرمائي
لاءِ چيو ويندو آهي ته ملڪ ۽ قوم جا سرمايو آهن، ڪامريڊ حيدر بخش جون يادون وسرڻ
جهڙيون نه آهن، جيڪو تاريخ جو اهو باب آهي، جنهن سنڌ کي جيئي سنڌ جو نعرو ڏنو،
انسانيت سچائي ملڪ ۽ قوم سان وفاداري جو سبق ڏنو ۽ پنهنجي ڌرتي کي غلامي مان نجات
حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي کان وڏو عهدو ڇڏي، مسڪينن جو ساٿي بنجي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
جهڙا سنڌ ۾ ڄمندا رهن ته سنڌ کي ڪير غلام بنائي نه ٿو سگهي، ڪامريڊ جو جنم به انهي
تاريخ تي ٿيو آهي، جيڪا ۷
آڪٽوبر ۱۹۰۵ع انقلاب روس آيو، جيڪو دنيا جي
مظلومن ۽ محقومن جو انقلاب هو، اهو ڪونهي ته روس ٽٽي ويو آهي، لڪين نظريو اڄ به
موجود آهي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي به موجود آهي، سندس سوچ به موجود آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
باباءِ سنڌ جو خواب
پورهيت انقلاب
گل مورو
هي
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ئي هيو جنهن پورهيتن جي پگهر کي پاڪ پويتر سمجهندي پنهنجي
نوڪري ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان ۱۹۳۵ ۾
استعيفا ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي باقي بچيل حياتيءَ کي پنهنجي ڌرتي ۽ قومي خدمتن وارن
ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. سندس شخصيت قرب، وفا، سچائي، محبت، نيڪي، همدردي، قول ۽
فعل جي پابنديءَ جهڙن اعليٰ ڳڻن سان سنواريل هئي. حيدر بخش جتوئي جيڪو ڪجهه چيو
اها خالي لفاظي هرگز نه هئي، پر عملي طور هن اهو سڀ ڪري ڏيکاريو. نوجوانن جا ذهن
آدرش سان سنوارڻ خاطر هن نوجوانن سان ملاقاتون ڪيون. فڪر انگيز ليڪچر ڏنا ۽ جهر جهنگ
وڃي ڌرتي جي پورهيتن کي اهو سمجهايو ته هن بورجوازي سسٽم ۾ ڪنهن به غريب جي جڳهي
نه ٿي بچي سگهي نه وري ڪنهن غريب جي اڃ ۽ بک اجهامي سگهندي ان لاءِ ڌرتي جي
پورهيتن کي ئي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ انقلاب ئي آڻڻو پوندو پورهيت انقلاب کان سواءِ
سنڌي ماڻهن وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي ۽ سنڌ جو ماڻهو تڏهن ئي غلامانه سوچ مان آزاد
ٿي سگهي ٿو جڏهن هي سموري سنڌ ڌرتي پورهيتن جي راڄ سان سرشار هوندي ۽ پورهيتن جو
ئي راڄ هوندو. ان حوالي سان هن اٻوجهه ۽ اياڻن هارين ۽ عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا
ڪئي. هن جي نرالي سڀاءَ واري شخصيت ۾ شاعراڻو مزاج منڍ کان فطري طور شامل رهيو. هو
هڪ ’انقلابي‘ ۽ ’ترقي پسند‘ شاعر هو ۽ هڪ قومي، انقلابي ۽ سماجي تبديليءَ واري
راهه جو پانڌيئڙو هو. هن جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ته اهو دؤر سنڌي شعر ۽ ادب
جي دنيا ۾ گل ۽ خار، جام ساقي، ناز ۽ انداز، حسن ۽ عشق، وفا ۽ بيوفائيءَ جهڙن
موضوعن سان ڀريل هو. هن ان دؤر ۾ نواڻ ۽ جدت پسنديءَ جي چونڊ ڪئي. سندس شاعريءَ کي
ٽن حصن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو هن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي شاعري، قومي ۽ انقلابي شاعري،
اصلاحي ۽ طنزيه شاعري ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي محب وطن،
جفاڪش ۽ محنتي هارين جي خوب ساراهه ڪري ٿو. هو هڪ مرد مجاهد ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو.
هن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾ سلام سنڌ ، حيوان انسان، جيئي سنڌ! جيئي سنڌ! جام
محبت پيئي سنڌ، بلوچستان زنده باد، اي! مٺـي جيـجـل اي! سـنـڌ سـونهـاري، ائٽم بم،
سنڌ پياري، اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي ۽ درياهه شاهه جهڙا لافاني نظم شامل آهن.
هن جا طويل نظم ’آزاديءِ سنڌ‘ ۽ ’تحفهء سنڌ‘ برصغير جي ورهاڱي کان اڳ ڪتابي صورت ۾
شايع ٿيا هئا ۽ مٿس ڪفر ۽ ملڪ دشمنيءَ جي پرچارڪرڻ جو الزام هڻي سندس ٻئي ڪتاب
انگريز حڪومت ضبط ڪيا هئا. سندس اهي طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم جي تاريخ جو
پهريون ۽ انوکو تجربو مڃيا وڃن ٿا، کيس ان ڳالهه ۾ پختو ايمان هو ته جڏهن به سنڌ ۾
تبديلي رونما ٿيندي ته ان جي واڳ سنڌ جي پورهيتن ۽ نوجوانن جي هٿن ۾ هوندي. ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئيءَ جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري علائقي سان هو. جتي هن پنهنجي هوش
سنڀالڻ واري عمر کان وٺي اٻوجهه، مسڪين هارين، غريبن کي بيڪسي واري حالت ۾ جيئندي
ڏٺو. هو شروع کان وٺي هارين مزدورن جو هڏ ڏوکي ٿي رهيو ۽ اهڙي وقت جي انتظار ۾ رهڻ
لڳو، جنهن ۾ هو عملي طور تي انهن خاطر ڪجهه ڪري سگهي.
سنڌ ۾
هاري ڪاميٽي جو پايو وجهندڙ مثالي ۽ جاکوڙي انسانن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، جمشيد مهتا ۽ سائين جي ايم سيد شامل هئا، جن هاري ڪاميٽيءَ جو
بنياد ۱۹۳۰ع ۾ وڌو هو، جنهن جو بنيادي
مقصد غريب هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو، جيڪي جاگيرداري ظلم جي جنڊ ۾ پيسجي رهيا
هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڊپٽي ڪليڪٽري تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد ٿوري ئي عرصي
دوران سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو باضابطه پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو، پوءِ ستت ئي ۱۹۴۷ع ۾ رتيديري واري اجلاس ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. جنهن
عهدي تي آخري وقت تائين رهيو. حيدر بخش جتوئيءَ جو ذڪر ڪندي، مشهور اديب شورش
ڪاشميريءَ لکيو آهي ته: ”جيل جي زندگيءَ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جهڙو بهادر ۽ شريف انسان
مون تمام گهٽ ڏٺو آهي.“ شورش جي ملاقات، ڪامريڊ سان ڪراچي جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن ٻئي
اُتي، ايوبي آمريت جي آخري دور ۾ گڏ هئا. ڪامريڊ لاءِ اِهو ڊگهو قيد، گهڻو ڪري
آخري ڊگهو قيد ثابت ٿيو ۽ هو جڏهن ڪراچي جيل مان آزاد ٿي حيدرآباد پهتو، تڏهن
حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي هزارين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو نه رڳي اهو پر
جڏهن سنڌ ۾ ون يونٽ واري دور ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي عظيم پورهيت جدوجهد هلي
رهي هئي ته ان دور ۾ انقلابي شاعر حبيب جالب کيس خراج تحسين پيش ڪندي نظم لکيو هو
ته “غريب هاري ڪا جتوئي زندهه آباد، باباءِ سنڌ جتوئي زندهه آباد”.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي واري استقبال بابت سنڌ جو ڏاهو عبدالواحد آريسر لکي ٿو ته انهيءَ
استقبالي هجوم ۾ آئون (عبدالواحد آريسر) به هوس. رڳو ايترو چيائين ته سڀ کان پهرين
سنڌ جي آزاديءَ جي شهيد هوشوءَ جي قبر تي هلبو. هزارين ماڻهن جو هجوم ڪامريڊ جي
اڳواڻيءَ ۾ هوشوءَ جي قبر ڏانهن راهي ٿيو. قبر تي هن رڳو ايترو چيو ته: ”هوشو! ڏس
تنهنجا وارث جاڳيا آهن. [۱] جيئي
سنڌ جو نالو جيئي سنڌ قومي تحريڪ تي اصل ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جي گيت جيئي
سنڌ، جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ تان پيو. جيڪو جيجي زرينا بلوچ به گهڻو ڳايو آهي
پر اڄ اهي گيت جيئي سنڌ جيئي پورهيت ڄڻ ته خواب بڻجندا پيا وڃن ۽ پورهيت تحريڪ
جيڪا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي دور ۾ سنڌ جي پورهيتن، نوجوانن، قومي ورڪرن لاءِ
اتساهه جو سبب بڻي هئي اها ماٺي ڇو ٿي وئي ڇو ته اڄ به سنڌ جو پورهيت وي يونٽ واري
دور کان وڌيڪ عذاب ڀوڳي پيو اڄ به سنڌ جون حالتون سوال ڪن پيون ته جيڪا سنڌ ڪامريڊ
حيدربخش جتوئي ڏسڻ پئي چاهي ڇا اهو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو خواب ساڀيان
ٿي سگهندو يا نه؟؟.. ..
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي
هڪ سوچ
جو نالو
صالح بلو
اها
حقيقت آهي ته زندگي جدوجهد جو نالو آهي، ڪنهن به شيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه
وڃائڻو پوندو آهي، قابل احترام اهي شخص آهن جن زندگي کي مقصد بنايو، پنهنجي لاءِ
هر ڪو ڪري ٿو پر جڏهن ٻين لاءِ جيئندو آهي ته کيس ڪجهه ڏکيائون پيش اينديون آهن،
جتي جوڙ توڙ جو زمانو هجي لالچ ۽ لوڀ ڪر کنيو بيٺي هجي اتي ان کان بچڻ ڏاڍو ڏکيو
ٿي پوي ٿو، اهڙي ماحول ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ڪمال آهي، جيڪو سينو سپر ڪري
پنهنجي ڪلڪيٽري واري نوڪري ڇڏي جهر جهنگ جهاڳيندو رهيو، سچ ته اهو آهي ته ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جڏهن نوڪري ۾ هو ته اتي هن وڏيرن جا ظلم حاڪمن جا عوام تي ٿيندڙ
ڏاڍ ۽ ملڪ کي غلام بنائڻ واري چالاڪي کي پرکيندو رهيو، مٿان لڳل ڪامريڊ واري هوا
جا رخ نيٺ کيس جنجهوڙيندا رهيا آخر عوامي صفن ۾ آڻي بيهاريو، اهو ڪو نه هو ته
ڪامريڊ ڪنهن هاري، مزدور جي گهر جنم ورتو، بلڪ وچولي خاندان جي هجڻ سان گڏ کيس ڄڻ
قدرتي ڏات مليل هئي، جنهن رنگي لالا ڪري ڇڏيو، هوشياري سندس جسم جو حصو بنيل هئي
ته قوت ارادو حوصلو، سندس جستجو عزم هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان هارين ٿيندڙ
ڦرلٽ ۽ غلامي واري زندگي برداشت نه ٿي جيڪا هاري جي اولاد کي به ڄڻ ورثي ۾ ملندي
رهي، جن جو رهڻ ڪرڻ به غربت سان گڏ غلامي وارو هو، جنهن پنهنجي علم عقل جي تجربي
سان انهن جي حقن لاءِ نه صرف سنڌ هاري ڪامريڊ ۾ شامل ٿي اهڙي پروگرام رٿيا بلڪ سنڌ
ڌرتي کي غلامي مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي، جنهن نه صرف ڪيترائي پمفليٽ،
ڪتاب لکيا بلڪ شاعر ذريعي به سنڌ جي عوام کي سجاڳ ڪندو رهيو، پاران هلائي وئي،
جنهن ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ميرپورخاص ڀرسان ٺالهي ۾ جلسو هلي رهيو هو ته
ڀرسان ڳوٺ ۾ چوڌري وڏيري جو مائي بختاور ان جي بٺي تي جهيڙو ٿيو ۽ مائي بختاور
اناج کڻڻ نه ڏنو ته وڏيري مائي بختاور کي گولي جو بک بنائي ڇڏيو، جيڪا خبر جڏهن
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي جلسي دوران پئي ته هو هڪدم اوڏانهن آيو ۽ وڏيري چوڌري
خلاف خون جو ڪيس داخل ڪرايو جنهن کي بعد سزا پڻ آهي ۽ شهيد بختاور لاشارڻ جو اڄ
تائين ورسيون ملهائي سندس ياد تازا ڪئي ويندي آهي، اهڙي نموني ٽٽي تحريڪ جنهن کي
دين واري تحريڪ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ هاري هڪ زميندار کي ورهائي ڏنو ويندو هو،
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن جي ڪيل محنت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي، ضعيف جسم
باوجود هو هر تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار رهندو هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن کي محسوس
ٿيڻ نه ڏنو نه وري ڪا شڪايت ڪئي، جيڪي ماڻهو زندگي کي مقصد سمجهندا آهن اهي ٻئي جي
غم کي به پنهنجو سمجهندا آهن، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، اهو ڪونهي ته سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ اچي پنهنجي ضمير سان هر
فيصلو ڪيو جتي پڻ گڏجاڻي ۾ هو اختلاف رکندو هو ڪامريڊ نوڪري دوران به ڪيس هلائڻ
وقت انصاف ڀريا فيصلا ڪندو رهيو، جنهن عوام جي ٻولي سنڌ جي ثقافت کي سدائين قائم
دائم رکيو، وقت هر ڪنهن کي سيکاري ٿو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي محبتي انسان ڪنهن سان
منهن منجهائي ڪو نه ڳالهايو، جنهن جي پيار جي حد اها به رهي آهي ته هن پنهنجي گهر
واري جي نالي پڻ شآعري ڪئي ۽ ان سان پيار جو اظهار ڪيو جيڪو بنت هال حيدرآباد ۾ پڻ
واضح ڪيو جتي سندس گهر واري پڻ موجود هئي، جتي هن اهڙو گيت پڻ ٻڌايو هو، ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي اڪثر شهر هجي يا ٻهراڙي هر تقريب ۾ شرڪت ڪندو هو، جيڪو ڀائي جو
ليڊر هو، جنهن جو ۶ ملاقاتون شيخ مجيب الرحمان
بنگلاديش جي صدر توڙي مائوزي سنگ سان پڻ ٿيو، جنهن پنهنجي قول ۽ ڪردار سان نه صرف
پاڻ ملهايو، بلڪ سنڌ هاري ڪامريڊ کي پڻ مڃرايو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي جڏهن
گرفتار ڪري جنرل يححيٰ جي دور حڪومت ۾ نوابشاهه ضلعي ڪائونسل ۾ قائم ڪيل فوجي ڪورٽ
۾ آندو ۽ کيس سزا ڏئي بلوچستان جي مچ جيل ۾ موڪليو ويو، ضعيف شخص کي ڄڻ هٿ سان
اوڏانهن موڪليو ويو، جو ان وقت جي گورنر پڻ چيو هو ته ڀلي کيس خبر پوي، جيڪو ڄڻ
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو آخر جيل هو، جنهن کيس جهوري وڌو جيڪو جيل کان آزاد ٿيڻ
بعد ڪامريڊ جتوئي جيئن کٽ تي پيو ۽ بيماري جي حالت ۾ جڏهن ون يونٽ ٽٽڻ جي خبر ٻڌي
ته جسماني طور اسان کان جدا ٿي ليڪن سندس سوچ کي حاڪم ختم ڪري نه سگهيا، جيڪو اڄ
به زندهه آهي، جنهن جي ڪيل محنت ۽ جدوجهد نيٺ رنگ لائيندو ۽ سندس سوچ کي هر مظلوم
جي سيني ۾ آڻي سچائي وارا ڏيئا روشن ڪندي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان واقفيت
عيسيٰ ميمڻ
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي، ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ’بکو ديري‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو فقير
الهداد جتوئي هو.
تعليم
:
حيدر
بخش جتوئي ابتدائي تعليم پنهنجي ويجهي ڳوٺ پٺاڻ تعلقي ڏوڪريءَ مان ۱۹۱۱ع ڌاري ورتي. جتان هن سنڌي ست درجا پڙهي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرئين
نمبر سان ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۱۸ع تي پاس ڪيو. لاڙڪاڻي جي مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۲۷ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) جو امتحان سٺن نمبرن ۾
پاس ڪيائين. ان کان پوءِ عملي دنيا ۾ پير رکيائين.
ملازمت:
۱۹۳۱ع ۾ هيءُ بدين جو مختيارڪار ٿيو. نوڪريءَ دوران هي ڊگهڙي، ڏوڪري، گهوٽڪي، بدين،
ميهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ رهيو.
سن ۱۹۴۳ع کان ۱۹۴۴ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسر ڪو
آپريٽو سوسائيٽيز هو. جتان کيس ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو.
۱۹۴۴ع ۾ حرن خلاف قائم ٿيل اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو ۽ پنهنجي مقرريءَ
واري عرصي دوران فقيري مزاج هئڻ ڪري، هن هڪ ٻن حر مجاهد کي ڦاسيءَ جي سزا ڪا نه
ڏني. آخرڪار عام ماڻهن سان ظلم ڏسي هن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان ۱۹۳۵ ۾ استعيفا ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي باقي بچيل حياتيءَ کي ملڪي ۽ قومي خدمت وارن
ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. سندس شخصيت قرب، وفا، سچائي، محبت، نيڪي، خداترسي،
همدردي، قول ۽ فعل جي پابنديءَ جهڙن اعليٰ گڻن سان سنواريل هئي. حيدر بخش جتوئي
جيڪو ڪجهه چيو اها خالي لفاظي هرگز نه هئي، پر عملي طور هن اهو سڀ ڪري ڏيکاريو.
نوجوانن جا ذهن آدرش سان سنوارڻ خاطر هن نوجوانن سان ملاقاتون ڪيون. فڪر انگيز
ليڪچر ڏنا. هن اٻوجهه ۽ اياڻن هارين ۽ عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. هن جي نرالي
سڀاءَ واري شخصيت ۾ شاعراڻو مزاج منڍ کان فطري طور شامل رهيو. هو هڪ ’انقلابي‘ ۽
’ترقي پسند‘ شاعر هو ۽ هڪ قومي، انقلابي ۽ سماجي تبديليءَ واري راهه جو پانڌيئڙو
هو.
ادبي
دنيا :
هن
جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ته اهو دؤر سنڌي شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ گل ۽ خار، جام ۽
ساقي، ناز ۽ انداز، حسن ۽ عشق، وفا ۽ بيوفائيءَ جهڙن موضوعن سان ڀريل هو. هن ان
دؤر ۾ نواڻ ۽ جدت پسنديءَ جي چونڊ ڪئي. سندس شاعريءَ کي ٽن حصن: (۱) ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي شاعري، (۲) قومي ۽ انقلابي شاعري، (۳)
اصلاحي ۽ طنزيه شاعري ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي محب وطن،
جفاڪش ۽ محنتي هارين جي خوب ساراهه ڪري ٿو. هو هڪ مرد مجاهد هو، سنڌ جو سچو عاشق
هو. هن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾: (۱) سلام سنڌ (۱۹۴۷ع)، (۲) حيوان انسان (۱۹۴۷ع)، (۳) جيئي سنڌ! جيئي سنڌ! جام محبت پيئي سنڌ (۱۹۴۷ع)، (۴) بلوچستان زنده باد (طنزيه) (۱۹۴۷ع)، (۵). اي! مٺـي جيـجـل اي! سـنـڌ
سـونهـاري (۱۹۴۷ع)، (۶) پاڪستان زنده باد (۱۹۴۷ع)، (۷) ائٽم بم (طنزيه) (۱۹۵۳ع)، (۸) سنڌ پياري (۱۹۵۴ع)، (۹) اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي (۱۹۵۴ع) ۽ درياهه شاهه جهڙا لافاني نظم شامل آهن. هن جا طويل مخمس نظم ’آزاديءِ
سنڌ‘ ۽ ’تحفهء سنڌ‘ برصغير جي ورهاڱي کان اڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا هئا ۽ مٿس ڪفر
۽ ملڪ دشمنيءَ جي پرچارڪرڻ جو الزام هڻي سندس ٻئي ڪتاب انگريز حڪومت ضبط ڪيا. سندس
اهي طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم جي تاريخ جو پهريون ۽ انوکو تجربو مڃيا وڃن
ٿا، کيس ان ڳالهه ۾ پختو ايمان هو ته جڏهن به سنڌ ۾ تبديلي رونما ٿيندي ته ان جي
واڳ نوجوانن جي هٿن ۾ هوندي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙيءَ
واري علائقي سان هو. جتي هن پنهنجي هوش سنڀالڻ واري عمر کان وٺي اٻوجهه، مسڪين
هارين، غريبن کي بيڪسي واري حالت ۾ جيئندي ڏٺو.
سياسي
جدوجهد:
هو
شروع کان وٺي هارين مزدورن جو هڏ ڏوکي ٿي رهيو ۽ اهڙي وقت جي انتظار ۾ رهڻ لڳو،
جنهن ۾ هو عملي طور تي انهن خاطر ڪجهه ڪري سگهي. سنڌ ۾ هاري ڪاميٽي جو پايو وجهندڙ
مثالي ۽ جاکوڙي انسانن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جمشيد مهتا ۽
سائين جي. ايم. سيد شامل هئا، جن هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد ۱۹۳۰ع ۾ وڌو هو، جنهن جو بنيادي مقصد غريب هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو، جيڪي
جاگيرداري ظلم جي جنڊ ۾ پيسجي رهيا هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڊپٽي ڪليڪٽري تان
استعيفيٰ ڏيڻ بعد ٿوري ئي عرصي دوران سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو باضابطه پهريون جنرل
سيڪريٽري بڻيو، پوءِ ستت ئي ۱۹۴۷ع ۾
رتيديري واري اجلاس ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي آخري
وقت تائين رهيو.
خدمتون
:
هن
هارين جي حقن لاءِ جيڪي قابل تحسين خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، تن جو وچور ڪجهه هن
ريت آهي:
۱. هن هفتيوار اخبار ’هاري حقدار‘ شروع ڪئي ۽ ان ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان
هارين جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريائين.
۲. سنڌ جي هر هڪ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جون آفيسون قائم
ڪيائين.
۳. ننڍن وڏن شهرن ۾ هاري ڪانفرنسون ۽ جلسا جلوس منعقد ڪرائي هارين ۾ جاڳرتا
آندائين.
۴. سنڌ جا دورا ڪري هارين کي پنهنجن بنيادي حقن کان آگاهي ڏنائين.
۵. ۱۹۴۵ع کان ۱۹۴۷ع تائين اڌ بٽئيءَ جي تحريڪ شروع ڪري، ان کي ڪامياب ڪيائين.
۶. ۱۹۵۱ع ڌاري صوبائي اسيمبليءَ اڳيان
هزارين هارين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هڻي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايائين.
۷. ۱۹۴۷ع ۾ حيدرآباد ۾ هارين جي حقن
بابت اديبن، شاعرن ۽ محققن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، هارين لاءِ آواز اٿاريائين ۽
انهن جا مطالبا مڃرايائين.
۸. ۱۹۵۸ع ۾ هارين جو هڪ وفد تيار ڪري
ان وقت جي صدر اسڪندر مرزا سان ملاقات ڪري، هارين جي بنيادي مسئلن بابت آگاهي
ڏنائين.
۹. هارين جي حقن خاطر ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا لکيائين، اشتهار ۽ پمفليٽ شايع
ڪرايائين.
ذڪر
ڪيل خاص ڪارنامن جي ڪري هن مختصر عرصي دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هارين کانسواءِ عام
ماڻهن ۾ به مقبوليت ماڻي ورتي. ان حد تائين جو کيس عزت احترام طور ’باباءِ سنڌ‘ جي
لقب سان سڏيو ويو. هن هاري تحريڪ کان سواءِ عملي طرح سياست ۾ حصو ورتو. سن ۱۹۴۵ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي مان بيٺو. ۱۹۵۱ع ۾ قمبر- شهدادڪوٽ مان اليڪشن ۾ بيٺو، پر وڏيرڪي نظام مضبوط هئڻ سبب
ڪامياب نه ٿي سگهيو. ننڍين ضمني چونڊن لاءِ دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ ۾ چونڊن ۾
بيٺو، پر مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا ۽ سرڪار مٿس پابندي مڙهي ڇڏي. سنڌ ڌرتيءَ جي هن
عظيم فرزند پنهنجي زندگي سماجي قومي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ ايمانداري ۽ آدرش سان
گذاري، ۳ مارچ ۱۹۷۰ع ۾ کيس جگر ۽ ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو، پر پوءِ به اديبن، عالمن، شاعرن، نثر
نويسن سان رهاڻيون ۽ ملاقاتون ڪري کين ڌرتيءَ جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهڻ جي
تاڪيد ڪندو رهيو.
وفات :
سنڌ
ڌرتيءَ جي هن عظيم اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي لاڏاڻو ڪيو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
هارين جي حقن جو حامي
مختيار احمد سمائر
سنڌ جو
سپوت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي نيڪ مرد الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ ڪار ماٿري موئن جي
دڙي جي لڳ هڪ خوشنصيب ڳوٺ بکو ديرو، اڳوڻي تعلقي لب دريا هاڻوڪي ڏوڪري ضلعي
لاڙڪاڻي ۾ ۷ آڪٽوبر سال ۱۹۰۱ تي ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ بکو ديرو لڳ پٺاڻ خان باقراڻي ۾
سال ۱۹۱۱ ۾ حاصل ڪئي. پوءِ سال ۱۹۱۸ع ۾ سڄي سنڌ اندر فائنل سنڌي امتحان پهريون نمبر پوزيشن ساڻ پاس ڪيو. کيس
سرڪار اسڪالر ڏني ۽ هو سنڌ مدرسي لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. هتي حيدر بخش هر سال جو ڪورس
ڇهن مهينن ۾ پاس ڪري اڍائي سالن ۾ پنج درجا مڪمل ڪيا ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول
لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين، جتي کيس هاسٽل فري بورڊ، اسڪول في فري ۽ ۱۲ روپيه اسڪالر پڻ هوشياريءَ ڪري ڏني وئي. سال ۱۹۲۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري سال ۱۹۲۴ع ۾ ڊي
جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي، جتي پڻ سندس ڪاليج في معاف ۽ ۳۰ روپيه اسڪالر هئي. مسلمانن ۾ پهريون نمبر هئڻ ڪري ۱۵ روپيا مهينو مسلم اسڪالر شپ ۽ ڪيترا انعام ماڻيا. بمبئي يونيورسٽي مان بي
اي فارسي ۾ سال ۱۹۲۷ع ۾ پاس ڪري سال ۱۹۲۸ع ۾ سرڪاري ملازمت جي شروعات ”هيڊ منشيءَ“ جي حيثيت ۾ ڪئي. جتي پگهار
مختيارڪار جي ملندي هيس. روينيو جي امتحان ۾ سڀني سنڌ جي اميدوارن ۾ پهريون نمبر
آيو ۽ مختيارڪار ٿيو ۽ استعيفا ڏيڻ وقت سال ۱۹۴۳ع ۾ پاڻ ڊپٽي ڪليڪٽر هيو. کيس اشتراڪي سوچن ڏانهن لاڙي سبب نوڪري راس نه
آئي ۽ ڪجهه ڪرڻ خاطر سال ۱۹۴۵ع ۾
”هاري ڪميٽي“ ۾ شامل ٿيو، جتي کيس سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ لڳاتار صدر منتخب
ڪيو ويو.
سڀ کان
اول سال ۱۹۳۱ع ۾ پنهنجو پهريون ڪتاب ”تحفهءِ
سنڌ“ بحيثيت مختيارڪار بدين جاري ڪيو. هن ڪتاب مذهبي ۽ تنگ نظريءَ واري حلقي ۾
هلچل مچائي ۽ ڪيترو عرصو مٿس تمام گهڻي تنقيد ٿيندي رهي پر ٻئي طرف ترقي پسندن
طرفان کيس وڏي واکاڻ، آڌر ڀاءُ مليو. نوڪري ڇڏي سياست ڪرڻ ۾ ٻه عنصر شامل هيا، جن
کان حيدر بخش گهڻو متاثر هيو. هڪ ته سنڌ ۾ وڏيرن جو ظالماڻو عمل، کين مليل آسائشون
۽ سندن عياشيون ۽ قوم دشمن زندگي گذارڻ، ڪامورا شاهي جا ظلم ۽ رشوت، هارين جي
مفلسي ۽ لاوارثي، آزاديءَ جي جنگ جوٽيندڙ جوانن مٿان انگريز راڄ جو ڏاڍ ۽ جبر ۽
ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر جهڙن قائدن جي اڳواڻي ۾ سنڌ اندر جاگيردارن خلاف
”هاري ڪميٽي“ جي شاندار هاري تحريڪ ۽ ڪانفرنسون، ٻيو ڪارڻ ته پاڻ سائنس ۽ فلاسافي
سان دلچسپي رکندو هو ۽ هن ڏس ۾ ڪاليج جي دور ۾ لڳاتار ”اينگر سال“ جا مضمون پڙهڻ،
ٿياسافيڪل سوسائٽي جا سونا اصول ته ”سڀ انسان ڀائر آهن، سچ کان مٿي ڪو مذهب
ڪونهي،“ جرمن فلاسافر ”وليم هيگل“ جي ٿيوري ”جدلياتي ماديت“، ”اسٽالن“ ”ڪارل
مارڪس“ ”لينن“ ۽ ”اينگلس“ جي انقلاب جو طريقو ۽ زندگي، برطانيه جو جڳ مشهور
سائنٽُسٽ ”چارلس ڊارون“ پڻ آهن. ڄيٺل رام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر،
شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن ساڻ سال ۱۹۳۰ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري تحريڪ“ جيڪا ڪجهه وقت کان غير مؤثر ٿي وئي هئي. حيدر بخش
ان ۾ شامل ٿي نئون روح ڦوڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين کي عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ
هفتيوار اخبار ”هاري حقدار“ جاري ڪري سنڌ ۾ هاري انقلاب جي راهه آسان بڻائڻ ۽
جاگيردارن وڏيرن پاران هارين تي ڏاڍ ظلم ڪرڻ خلاف آواز اٿارڻ ۽ هارين جا مسئلا کڻڻ
لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. حيدر بخش جتوئيءَ جي قيادت ۾ سنڌ اندر هاري ڪميٽي يا ”هاري
پارٽي“ هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو هارين پنهنجا نمائندا صدين کان قابض
وڏيرن، سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾ بيهاريا. مسلم ليگ کانپوءِ ٻئي نمبر تي هاري
ڪميٽيءَ جي حامين کي ووٽ ملڻ لڳا ۽ وڏيرن کي گهران آرام وارن بنگلن مان نڪري ووٽرن
جي درن تائين پنڌ به ڪرڻو پيو. جيڪو سنڌ جي جاگيرداراڻي ۽ وڏيرڪي سياست ۾ پهريون
عوامي انقلاب هيو. حيدر بخش وڏيرن جو مقابلو ڀرپور نموني سان ڪيو پر جاگيرداري
ماحول، گهڻو ناڻو نه هئڻ ۽ غريب طبقي ۾ شعور جي کوٽ کيس ڪنهن به اليڪشن ۾ ڪامياب
ٿيڻ ڪونه ڏنو.
سال ۱۹۵۰ع ۾ دادو اندر پير الاهي بخش جي خالي ٿيل سيٽ تي تڏهوڪي وزيراعليٰ محمد
ايوب کهڙي جي سالي سان مقابلي ۾ بيٺو. پر حڪومت کيس اغوا ڪرائي مخالف کي بنا
مقابلي ڪامياب ڪرايو. ساڳي سال قمبر لاڙڪاڻي ۾ سردار سلطان احمد خان چانڊئي جي
مقابلي ۾ بيٺو پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. هتي حيدر بخش جتوئي مٿان هارين نواب سلطان
احمد جي اشاري تي پٿر وسايا ۽ جيپن جا ٽائر ساڙيا. حيدر بخش هڪ قانوني ۽ آئيني
شخصيت جو مالڪ اڳواڻ هيو، اهو ئي سبب هيو جو حاڪم، وزير ۽ ڪورٽن جا هڙئي جج سڳورا
سندس مقدمي ۾ پاڻ دفاع ڪرڻ مهل پنجاهه کان وٺي ٻه سئو صفحن تي پيش ٿيندڙ دليلن ۽
حقيقتن خاص ڪري سنڌ جا ڏک ۽ سور بابت مواد متعلق تمام گهڻو پريشان ٿيندا هئا. حيدر
بخش جتوئي هر ڪيس ۾ عدالتن اندر آئيني بحرانن تي ڪورٽن کان فيصلا ورتا. خاص طرح
سندس لکيل ٻن حصن ۾ انگريزي ڪتاب ”انجسٽس اِن سنڌ“ يا ليٽ اَس سيو پاڪستان“ ۾ پوري
پاڪستان جي سرڪار کي لوڏي ڇڏيو. سنڌ جي حاڪمن کيس هڪدم گرفتار ڪيو پر عدالت آزادي
ڏني. هارين لاءِ پڻ حيدر بخش جتوئي پارٽيءَ کي منشور ڏنو ۽ هارين کي بٽئي ڏيڻ، بي
دخلي ۽ ٻين حقن لاءِ قانوني آئيني طريقي سان لڙيو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کين ”اسٽيٽس
ڪو“ ڏنو، هتي پڻ تڏهوڪي وزيراعليٰ گهڻي مخالفت ڪئي. پر ڪامياب نه ٿيو. سندس ڪوشش
سان سال ۱۹۵۰ع ۾ هارين لاءِ سنڌ ٽيننسي
ائڪٽ“ پاس ٿيو.
سندس
پهرين شاعري جي مجموعي ”تحفهءِ سنڌ“ مهل به وڏي ڪانٽروورسي ٿي ۽ فتوائون جاري
ٿيون. ان وقت به سندس مخالفت ۾ سنڌ جا نالي وارا ماڻهو اڳيان اڳيان رهيا. ميران
محمد شاهه سندس خلاف سنڌي ميمبرن جو وفد وٺي بمبئي گورنر تائين ويو. پير حسام
الدين مخالفت تي پوءِ معافي ورتي. ٻن ايڊيٽرن مولانا دين محمد وفائي ۽ محمد هاشم
سندس مخالفت نه ڪئي ۽ سر شاهنواز ڀٽو ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر گورنر بمبئي جي سفارش
تي سندس نوڪري بچي هئي.
پاڪستان
۾ سال ۱۹۵۴ع ۾ هڪ وڏو آئيني بحران پيدا
ٿيو ۽ ان بحران پاڪستان جي سياست کي هڪ وڏي غير جمهوري غير آئيني مصيبت ۾ مبتلا
ڪري ڇڏيو. ان وقت جي آمر گورنر جنرل غلام محمد ملڪ جي آئين ساز اسيمبلي کي ٽوڙي
ڇڏيو هيو. سمورا سياستدان ۽ ايوان جا ميمبر هڪ ٻوساٽ ۽ ڊپ واري ماحول ۾ خاموشي سان
لاڙو ڪندا ويا پر سنڌ جي هن مرد مجاهد ان آمراڻي حڪم کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ۽ ڪيس ۾
پاڻ دليل ڏنا. اهڙيءَ طرح وڏي قانوني ويڙهه کانپوءِ ڪورٽ سڳوري پنهنجي فيصلي ۾
گورنر جنرل کي ٻي آئين ساز اسيمبلي لاءِ اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ آخر حيدر بخش
هيءَ آئيني جنگ کٽي ورتي. آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾
سنڌ جي ويڪو سياستدانن هڪ بل پاس ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ۽ سنڌ جي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ
۽ پوءِ واري آزاد صوبائي حيثيت ختم ڪري مغربي پاڪستان جو حصو بڻايو ۽ سنڌ صوبي وٽ
موجود ۳۳ ڪروڙ روپين جو ناڻو پڻ مرڪز
حوالي ڪيو ويو. سنڌ مٿان هن قهري وار خلاف حيدر بخش جتوئي پهريون سياستدان هيو،
جنهن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي. هن شروع ۾ پريس ڪانفرنسون ڪيون پوءِ پمفليٽ جاري ڪيا،
پوءِ ريلن ۽ بسن ۾ سفر ڪري ماڻهن کي ون يونٽ جي ظلم خلاف ڄاڻ ڏني، تقريرون ڪيون.
اهڙيءَ
طرح سنڌ ۾ هڪ منظم تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ عوامي راءِ کي سنڌ جي ٻيهر صوبائي حيثيت
جي بحالي لاءِ تيار ڪيو. هڪ دفعو وري سال ۱۹۵۷ع ۾ سنڌ مٿان وڏو عذاب نازل ٿيو. مرڪزي حڪومت پنهنجن خرچن کي پوري ڪرڻ لاءِ
سنڌ جي اقتصادي ماحول کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو. هن ڏس ۾ سنڌ مٿان وڏيون ڍلون مڙهيون
ويون، جنهن خلاف حيدر بخش جتوئي وڏي قانوني ۽ جمهوري مزاحمت ڪئي. سندس ۴۴ صفحن واري انگريزي پمفليٽ ”روينيو هائر ٽيڪسيشن اِن سنڌ“ ڪڍيو ۽ هن انگ
اکرن ساڻ ثابت ڪيو ته سنڌ اڳئي ملڪ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندي هئي ۽
گورنر مغربي پاڪستان نواب ڪالاباغ هي وڏو ڌاڙو پيو هڻي. هن پمفليٽ کي اپيل جي شڪل
۾ گورنر مغربي پاڪستان کي موڪليو. جنهن ڪالا باغ جي مضبوط حڪومت کي پهريون چئلينج
ڏنو ۽ نتيجي ۾ سال ۱۹۶۰ع ۾
کيس گرفتار ڪري پهرين بلوچستان جي مچ جيل ۽ پوءِ پنجاب جي جيلن ۾ سال ۱۹۶۲ع تائين قيد رکيو. آزاد ٿيڻ بعد وري سال ۱۹۶۲ع ۾ جنرل ايوب خان جي آئين خلاف انگريزي ۾ پمفليٽ ڪڍيو ۽ جدوجهد ڪئي. ڊسمبر
۱۹۶۷ع کان اپريل ۱۹۶۸ع تائين صدر ايوب خان کيس قيد ۾ رکيو. ڪيس هلندي حيدر بخش جتوئي ڪورٽ اڳيان
پنهنجو شعر ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جامِ محبت، پيئي سنڌ“ پڙهيو، جنهن تي اٽارني جنرل
اعتراض ڪندي چيو ته هي اکنڊ ڀارتي آهي پر سپريم ڪورٽ جي ججن فيصلو ڏنو ته ”جيئي
سنڌ“ چوڻ ڏوهه ناهي. جتوئي صاحب هڪ وطن ۽ قوم سان محبت ڪندڙ انقلابي شاعر پڻ هيو.
هو اٽڪل ۱۸ سنڌي انگريزي ڪتابن جو ليکڪ
هيو. جيون جا ۶۹ سال گذاري ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي جدوجهد ڪندي حوصلي ساڻ
لاڏاڻو ڪيو. هميشه هاري حقدار جي پيغام پهچائيندڙ هن ڌرتي ڌڻيءَ کي سندس وصيت
مطابق ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي احاطي ۾ جڳهه ڏني وئي آهي.
(نوٽ: ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئيءَ جي ۱۱۵هين
سالگرهه ۷ آڪٽوبر تي آهي، جيڪا محرم
الحرام جي احترام سبب پهرين آڪٽوبر يعني اڄ ملهائي پئي وڃي)
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي
هڪ مهان شخصيت جي ۴۶-هين ورسي جي حوالي سان
ڪامريڊ اظهر جتوئي
هن
سموري حسين ڪائنات جي پڌر تي چند اهڙين عظيم ۽ مهان شخصيتن جنم ورتو آهي، جن بغير
ڪنهن غرض، لالچ ۽ مفاد جي، سچائيءَ سان انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجو جانيون قربان
ڪري ڇڏيون. انهن عظيم ۽ مهان شخصتين ۾ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي به هڪ هو.
حيدر
بخش جتوئي ۷ آڪٽومبر ۱۹۰۱ع تي موهن جي دڙو جي سرزمين تعلقه ”لب درياهه“ جيڪو بعد ۾ ڏوڪري جي نالي
سان مشهور ٿيو، سان گڏ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”بکو ديرو“ جي معزز ۽ معتبر شخصيت فقير الله
داد خان جتوئي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد درويش صفت انسان هو ۽ ان جو تعلق
فقيراڻي گهراڻي سان هو. حيدر بخش جتوئي پيدائشي خوبصورت، دلڪش پُرڪشش ۽ سٺي ٻار جي
صفت رکندڙ هو. پر بدقسمتيءَ سان سندس پيدائش کان پوءِ جلد ئي سندس والده الله کي
پياري ٿي وئي. ماءُ جي وفات کان پوءِ ننڍڙي حيدر جي پرورش ۽ سار سنڀال سندس پُڦي ۽
درويش صفت سندس والد صاحب ڪئي. حيدر بخش جتوئي ننڍي هوندي کان وٺي ذهين ۽ هوشيار
هوندو هو. اڪثر ڪري هو مير انيس ۽ غالب جا شعر جهونگاريندو رهندو هو. انهن ڏينهن ۾
بکو ديرو ۾ اسڪول ۽ تعليم جو وجود به نه هو. ۱۹۱۱ع ۾ ۱۱ سالن جي عمر ۾ حيدر بخش جتوئي
کي سندس والد، ڳوٺ جي ڀرواري پٺاڻ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پرائمري
اسڪول کان وٺي سيڪنڊري ڪلاس تائين پهريون نمبر ايندو رهيو. پٺاڻ ڳوٺ اسڪول جي
ڪاميابي کان پوءِ سنڌ مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين، جتي هن پنهنجي ذهانت ۽
هوشياريءَ جي ڪري ڊبل پروموشن وٺي ميٽرڪ جو ۷ سالن جو ڪورس ۴ سالن
۾ پاس ڪيائين ۽ سنڌي ورنيڪيولر فائنل امتحان سٺي پوزيشن ۾ حاصل ڪري ۱۹۱۸ ۾ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو.
۱۹۲۳ع ۾ ميٽرڪ جي امتحان دوران ممبئي يونيورسٽي جي طرفان لاڙڪاڻي سينٽر ۾
پهريون نمبر آيو. ان کان پوءِ حيدر بخش جتوئي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڏيا رام
جيٺيمل ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي ۽ ميٺا رام هاسٽل ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڪاليجي دؤر
دوران حيدر بخش جتوئي ادب ۽ شعر و شاعري ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي استادن جو Favourite شاگرد هو. ان دوران ۱۹۲۷ ۾ (Hons) B.A مڪمل ڪيائون
۽ فارسي ادب ۾ به سٺي پوزيشن حاصل ڪيائون.
تعليم
پوري ڪرڻ کان پوءِ حيدر بخش جتوئي پنهنجي والد صاحب جي خواهش تي، نه چاهڻ باوجود
به ريونيو ڊپارٽمينٽ ۾ سرڪاري نوڪري بحيثيت هيڊ منشي ۱ آڪٽومبر ۱۹۲۷ تي تعلقه قمبر مقرر ٿيو. ان
ملازمت دوران قمبر، رتو ديرو، جوهي ۾ پنهنجي نوڪري جا فرائض سرانجام ڏنائين ۽ ان
ئي دوران حيدر بخش جتوئي ۲۷ سالن
جي عمر ۾ پنهنجي سوٽ سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
حيدر
بخش جتوئي کي ننڍپڻ کان وٺي خدمت خلق جو جذبو سرشار هو، ان جذبي تحت هن پنهنجي
نوڪري هيڊ منشي تان استعيفيٰ ڏني. پر انگريز سرڪار حيدر بخش جتوئي جي بهادري،
ايمانداري، جفاڪشي، محنت ۽ سندس ڪم کان متاثر ٿي سندس استعيفا منظور نه ڪئي ۽ کيس ۲مئي ۱۹۳۱ تي هيڊ منشي مان ترقي ڏئي
مختيارڪار جو عهدو ڏنو ويو. مختيارڪار جي عرصي دوران حيدر بخش جتوئي جيمس آباد،
ڊگري، ڏوڪري ۽ گهوٽڪي ۾ غريبن جي خدمت ڪئي.
ڳالهه
ٿا ڪن ته ۱۹۳۶ ۾ قادرپور شهر تعلقي گهوٽڪي ۾
وڏي ٻوڏ آئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڏينهن رات هڪ ڪري سڄي شهر کي بچاءَ بند ڏياري
سيلاب کان بچايو. ان کان پوءِ ڪامريڊ حيدر بخش کي انڪمبرڊ اسٽيٽ ۾ ڊپٽي مينيجر طور
حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ۱۵ جولائي ۱۹۳۷ ۾ Personal
Assistant to the manager انڪمبرڊ اسٽيٽ ۽ ڪورٽ آف وارڊس
۾ مقرر ٿيو. ۱۹۴۳ کان ۱۹۴۴ جي عرصي تائينSpecially Recovery officer
cooperative Societies سنڌ مقرر ٿيو، جنهن دوران غريب
هارين، مزدورن جا قرض پنهنجي طاقت ۽ فراخدلي اختيارن سان معاف ڪيا ۽ ان عرصي دوران
ئي حيدر بخش جتوئي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو. ڊپٽي ڪليٽر جي عهدي جي سينئر گريڊ
۾ اسسٽنٽ مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽ ۽ ڪورٽ آف وارڊ مقرر ٿيو.۱۹۴۳ کان ۱۹۴۴ جي عرصي دوران حرن جي خلاف
اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو. اهو حيدر بخش جتوئي جو اعليٰ بهادرانه صلاحيتن
جو ئي مثال هو جو سندس ملازمت واري عرصي دوران ڪنهن به هڪ حر کي سزا نه ملي ۽ ان
جي قانوني ۽ جرئتمندانه فيصلن کي ڏسندي انگريز جج به حيران ۽ پريشان هئا.
ڪورٽ
آف وارڊس ڊپارٽمينٽ ۾ رهندي حيدر بخش جتوئي سنڌ جي ڪيترين ئي بيواهه عورتن ۽ يتيم
ٻارن ۽ خاندانن جي خدمت ۽ سار سنڀال ڪئي. مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي هر وقت مدد ڪندو
رهندو هو. غريب ۽ مسڪين ٻارن کي پنهنجي خرچ تي تعليم ڏياري ڪورٽ آف وارڊس ۾ آيل
ڪافي ننڍن آبادگارن ۽ زميندارن جي ملڪيتن کي تباهيءَ کان بچايو. ايتري قدر جو
انگريزن پنهنجي گزيٽ بڪ ۾ به اقرار ڪيو هو ته حيدر بخش جتوئي جهڙو ايماندار آفيسر
سنڌ ۾ ٻيو ڪوبه نه آهي.
حيدر
بخش جتوئي کي سنڌ جي غريب مسڪين هارين ۽ مزدورن سان بي انتها محبت هوندي هئي. سنڌ
ڌرتي سان عشق هوندو هوس، ان محبت ۽ عشق جي عيوض حيدر بخش جتوئي ۱۹۴۵ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جهڙي عهدي کي ٿڏي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ غريب هارين، مزدورن جي
حقن جي حاصلات لاءِ باقائدا سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿي ويو. ان وقت کيس جنرل
سيڪريٽري چونڊيو ويو. ۱۹۴۷ع ۾
رتوديرو جي اجلاس دوران حيدر بخش جتوئي کي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر منتخب ڪيو ويو.
پاڻ زندگي جي آخري گهڙي تائين ان عهدي تي مقرر رهيو.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي کي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان پيار محبت ڪرڻ جي عيوض سنڌي قوم کيس مختلف
پيارن لفظن سان نوازيو پر غلام محمد گرامي جي طرفان پيار سان چيل لقب باباءِ سنڌ
کيس پسند آيو، ان کان پوءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي باباءِ سنڌ جي لقب سان مشهور
ٿيو.
باباءِ
سنڌ حيدر بخش جتوئي غريب مسڪين هارين ۽ مزدورن کي پنهنجا حق وٺرائي ڏنا. بي زمين
هارين کي لکين ايڪڙ زمينون ڏياريون، ظالم جاگيردارن ۽ وڏيرن جي خلاف تحريڪون
هلايون ۽ انهن کي ماري مڃرايو. ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي نئين جوش جذبي ۽ ولولي سان
آرگنائيز ڪيو. سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ، واهڻ وستي، تعلقي ۽ ضلعي ليول تي سنڌ هاري ڪاميٽي
کي منظم طريقي سان آرگنائيز ڪيو. باباءِ سنڌ جي شعر و شاعري ۾ به پريت ۽ پيار جو
پيغام آهي. مختيارڪار جي سروس دوران باباءِ سنڌ پنهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو
(تحفه سنڌ) شايع ڪيو. سندس شاعري جو ٻيو مجموعو ۱۹۴۶ع ۾ (آزادي قوم) جي نالي سان شايع ٿيو.
پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ باباءِ سنڌ دارالعشاط قائم ڪيو جنهن دوران هاري گيت، هاري اسٽوري
(زميندار شاهي عرف ڪمدارن جا ڪارناما) هاري انقلاب، سنڌ هاري ڪاميٽي جو آئين ۽
ٻيون کوڙ ساريون ڪاوشون شامل آهن. باباءِ سنڌ پنهنجي شعر و شاعري ۾ ڌرتي سان محبت،
غريب هارين مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين جي تصوير جي عڪاسي ڪئي آهي. سندس
انقلابي شعر سنڌ پياري، سلام سنڌ، اي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي، جيئي سنڌ جيئي سنڌ،
بلوچستان زنده آباد، اي مٺي جيجل اي سونهاري سنڌ، پيام امن ۽ ڪجهه نامڪمل نظم رشوت
کائو (اجها عيد آئي) قابل ذڪر ۽ تعريف لائق آهن. ان کان علاوه باباءِ سنڌ وقت بوقت
انگريزي ۾ به ۲۸- ڪتابچه تحرير ڪيا.
ڌرتيءَ
جا گيت ڳائيندڙ ۽ سرجيندڙ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪري
سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ منظور ڪرايو ۽ اڌو اڌ بٽئي تحريڪ ڪامياب ڪئي. ان
کان پوءِ ئي سنڌ ۾ اڌو اڌ بٽئي وارو تصور ظهور پذير ٿيو. ان کان علاوه باباءِ سنڌ
ون يونٽ کي ختم ڪري سنڌ جي خودمختياري ۽ ٻولي ۽ ثقافتي وجود جي بقا جي جنگ جو غازي
بنيو ۽ ٻيون به کوڙ ساريون ڪاوشون سرانجام ڏنيون، جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ سنهري
الفاظن ۾لکيل آهن.
باباءِ
سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي زندگي جو مقصد غريب هاري مزدورن جي حقن جي حاصلات
لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ هو، جنهن ڪري هن کي ان سچائي جي
پاداش ۾ ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ بند ڪيو ويو، پر هن اڏول انسان ظالمن اڳيان جهڪڻ
بدران اڃان به وڌيڪ مضبوط ارادي سان پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو، جنهن کي سنڌ جي
جيلن کان علاوه بلوچستان جي مچ جيل جو به منهن ڏسڻ پيو، جتي جون گرميون ۽ تپندڙ
پهاڙ به ڪامريڊ کي جهڪائي نه سگهيا.
پاڻ اڄ
جسماني طور اسان وٽ موجود ناهي، پر نظرياتي ۽ عملي طور زنده آهي ۽ زنده رهندو،
جنهن جي ڏنل سبق ۽ ڪيل قربانين کي نوجوان طبقو پنهنجي من ۾ آڻي پنهنجي ڌرتيءَ تي
ٿيندڙ هر ظلم جي خلاف عملي ۽ علمي جدوجهد ڪري ثابت ڪندو ته هيءَ ڌرتي سنڌ جي غريب
هارين/ مزدورن جي آهي، سنڌ سان پيار ڪندڙن جي آهي. ڌرتي کي خوشحال بنائڻ ۽ محبت
سان سنوارڻ، نوجوان نسل جو فرض آهي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني تي حق آهي ۽ اهو ئي باباءِ
سنڌ حيدر بخش جتوئي جو پيغام آهي.
حيدر بخش جتوئي
عظيم وطن دوست باباءِ سنڌ،
ڪيرت ٻاٻاڻي
حيدر بخش جتوئي پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ سنڌ جي صوبائي حقن لاءِ وڙهندو رهيو ۽ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ ون يونٽ جي
سختيءَ سان مخالفت ڪيائين، سنڌ جي حقن لاءِ ڪيتريون چونپڙيون لکيائين ۽ ڪيترائي
سال جيل ۾ رهيو. سنڌ جي عوام کيس محبت وچان ”باباءِ سنڌ“ جو خطاب ڏنو. آخر ون يونٽ
ٽٽڻ جي خوشخبري ٻڌي ۽ ان خوشيءَ ۾ هڪ شعر به لکيائين، ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي زندگي ڪامريڊ
جو ساٿ ڇڏيو، جنهن ڪري اهو شعر اڌورو رهجي ويو.
اجها عيد آئي، اجها عيد آئي!
ٿي سنڌين جي پنهنجي رهائي!
جڏهن سنڌ جي عظمت، بهادري ۽
آزادي لاءِ ويڙهه جو قصو لکيو ويندو، تڏهن حيدر بخش جتوئي جو ذڪر سونهري اکرن ۾
لکيو ويندو، سنڌ جي اعليٰ بي داغ ۽ روشن دماغ سپوت پيدا ڪيا آهن، تن جي قطار ۾
حيدر بخش جتوئي روشن ستاري وانگر چمڪي رهيو آهي.
هڪ انقلابي شاعر، بي ڊپي، وطن
پرست ۽ غريبن جي همراهه رهبر حيدر بخش جتوئي جو سمورو جيون هڪ مثالي ڪارنامو ۽ سنڌ
اندر قربانيءَ جو هڪ بي مثال تاريخي باب آهي، سنڌ ۾ عام خلق وٽان ايترو ته ڀرپور
پيار ۽ عزت ملي آهي، جو کيس پيار وچان باباءِ سنڌ سڏيو ويندو آهي.
هن هڪ پوري ساري ڳوٺاڻي ڪٽنب ۾
جنم ورتو ۽ هڪ لاثاني ذهن عطا ٿيس، اسڪولي جيون ۾ ئي ايترو هوشيار هو جو اسڪالر
شپون حاصل ڪري پنهنجي تعليم کي پورو ڪيائين ۽ اڪثر امتحانن ۾ اول نمبر حاصل
ڪيائين، ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مختيارڪار جي عهدي تان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي
پهتو، سندس لاءِ ترقي جي شاهراهه کليل رهي.
پر تاريخ کي ائين منظور نه هو،
حيدر بخش جتوئي پنهنجي لاءِ نئين راهه جي چونڊ ڪئي، نوڪريءَ جي ايام ڪاريءَ ۾ هن
سنڌي هارين (ڪسانن) سان اتياچار ۽ عقوبتون وهنديون ڏٺيون، هن بيحد حساس شخص جي دل
ڇيهون ڇيهون ٿي وئي. هارين جا ڏک هو برداشت نه ڪري سگهيو، ان وچ ۾ هن سماجواد ۽
مارڪسواد جو چڱو اڀياس ڪري ورتو هو. سرمائيداري سماج ۽ سرشتي جي لعنت هو برداشت نه
ڪري سگهيو، ان ڪري پنهنجي وڏي عهدي کي ٺوڪر هڻي هن پنهنجي قسمت سنڌي عوام سان ڳنڍي
ڇڏي.پوءِ ته هيون سختيون ۽ سزائون، ڏک ۽ ڏاکڙا، جيل، ڪورٽون، مشڪلاتن جو هڪ سفر.
حيدر بخش جتوئي عوامي تحريڪ سان
گڏ هڪ بي ڊپو وطن دوست ۽ انقلابي شاعر هو. هن جا شعر جڏهن به سنڌ ۾ ڇپبا هئا ته
زوردار غلغلو مچي ويندو هو. سندس شعرن جا ڪافي ڪتاب به ڇپيا، پر جن شعرن ولولو
پيدا ڪيو، تن مان ڪي هيٺيان هئا. شڪوه، درياهه شاهه، آزاديءَ قوم، سنڌ پياري، سلام
سنڌ، پاڪستان زنده آباد!، سنڌي وڏيرا، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، ون يونٽ پنجابي مرده
باد وغيره، سندس ڪيترا ئي شعر ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا.
۱۹۴۹ع ۾ يارهن مهينن جي
پاڪستان جيل ڪاٽڻ کان پوءِ جڏهن مون کي آزاد ڪري ڪراچي مان نيڪالي ڏنائون ته مان
حيدرآباد ۾ وڃي حيدر بخش جتوئي وٽ حيدر منزل ۾ رهيو هوس، جتي هيٺين حصي ۾ ”هاري
حقدار“ پريس هئي، ڪيترائي مهينا هن محبوب شخص سان گڏ رهيس ۽ گڏجي پريس ۾ ڪم ڪيم،
هڪ عاليشان شخصيت ۽ اٽل آزادي جو مالڪ هو.
ڪامريڊ حيدر بخش
جهڙا قول ۽ ڪردار جا اڳواڻ گهرجن
صالح بلو
تاريخ ۾ اهي انسان زندهه هوندا
آهن جيڪي قول، فعل ۽ ڪردار جا مالڪ ٿين ٿا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي باباءِ سنڌ جي
زندگي عملي روپ جو هڪ نمونو هئي. هو ننڍي هوندي کان هوشيار باڪردار سچائي جو پتلو
هو. انگريزن جي دور اقتدار ۾ مختيارڪاري کان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهچي حاڪمن
جي ڪرتوتن ۽ وڏيرن جي ظلمن کي اکين سان ڏسندو رهيو ۽پنهنجي ضمير سان ڪيترائي اهڙا
فيصلا ڪيائين جيڪي يادگار رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو عملي ڪردار هو، جنهن
ٿيندڙ ظلمن جي پيش نظر ڊپٽي ڪليڪٽري واري نوڪري کي ڇڏي سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل
ٿيو، جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽي ۱۹۳۰ع ۾ سائين جي ايم سيد، جمشيد
مهتا ۽ ٻين ميرپور خاص ۾ ٺاهي هُئي ته جئين سنڌ جو ڌڻي، پورهيت ان جو مالڪ ٿئي ۽
مٿس ظلمن جو خاتمو ٿئي، جنهن سنڌ هاري
ڪاميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۱۹۴۵ع ۾ شامل ٿي سنڌ جي جھر جھنگ کي
پنهنجو گهر بڻايو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي نه صرف
جلسن جلوسن ۾ قيادت ڪندو هو بلڪه پمفليٽ لکي توڙي قانوني ويڙهه ڪري به سنڌ جي حقن
۽ پورهيتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز بلند ڪندو رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ”جيئي
سنڌ نعري جو خالق هو“. جنهن ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ “ نظم پڻ لکيو. جيڪو هر ڪنهن جي زبان تي رهيو. ان نعري
ڪري به ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تي ڪيس داخل ڪيا ويا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪيترائي
ڪتاب لکيا ۽ لفظن ذريعي سنڌ جو آواز دنيا تائين پهچايو، جنهن پمفليٽن ذريعي سنڌ جي
عوام ۾سجاڳي آندي جيڪو ٽئين تحريڪ ۾ به پيش پيش هو، جڏهن مائي بختاور لاشاري ميرپور
خاص جي شهر ٽالهي ۾ اڌ بٽئي لاءِ چوڌري وڏيري سان جهيڙو جوٽيو ۽ ان جي کري تي ويهي
رهي ته ظالم وڏيري گولي جو نشانو بڻائي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. جيڪا قرباني به تاريخ
جو حصو بڻيل آهي، جنهن علائقي ۾ حڪمرانن ڪافي زمينون پنجابين کي الاٽ ڪيون، ان وقت
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ جلسو ڪري رهيو هو، خبر ملڻ تي هڪدم پهچي ويو
۽ وڏيري خلاف ڪيس داخل ڪرايو ۽ انهن کي سزائون ڏياريائين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي
آخري دفعو ڪراچي مان ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن سائين ايم سيد هڪ هوٽل ۾ عوامي
ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن
ان آجياڻي مان ٻاهر نڪتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.
جڏهن کيس فوجي عدالت ۾ آندو ويو
۽ ڪامريڊ سميت سڀني کي سزائون ۽ ڏنڊو وڌا ويا غلام نبي شيخ وڪيل تي به ۲۰ هزار ڏنڊ وڌو ويو،
جنهن تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي چيو ته اسان کي سزائون ڪيتريون به ڏيو، پر ڏنڊ نه
وڌا وڃن. جنهن بعد ڪامريڊ کي مچ جيل بلوچستان موڪليو ويو. جيڪو گرمين ۾ سخت گرم
سردين ۾ سخت سرد هوندو آهي. ان وقت پ پ جي مشهور بهادر اڳواڻ قاضي محمد بخش
ڌامراهه وڪيل ان وقت جي گورنر جنرل مو سيٰ خان کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سزا
ختم ڪرڻ لاءِ چيو ته جنرل موسيٰ خان اردو ۾ چيو ته”مون ان پوڙهي کي مچ جيل موڪلڻ
لاءِ چيو آهي ته جيئن مچ ۾ کيس خبر پوي ۽
اهو به چيو آهي ته ٻين قيدين کان هڪ ڪنمبل گهٽ ڏنو وڃيس جيڪا ڳالهه ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي جي پوٽي پڻ ٻڌائي هئي. جڏهن هو اڪبر بگٽيءَ سان مليا هئا ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بابت پڇيو ته هن ڪامريڊ
جي يادگيرين بابت چيو ته اسان جيل سپريڊٽنٽ مچ جيل کي درخواست لکي ته اسان کي سخت
سيءُ ٿئي ٿو، ان لاءِ ۲ ڪنمبل گهٽ آهن اسان کي وڌيڪ ڪنبمل ڏنا وڃن ان
وقت ڪامريڊ حيدر بخش کي جيل اچڻ بعد کيس دعوت ڏيئي پنهنجي کولي ۾ گهرايو هو.جنهن
اها درخواست پڙهي خاموشي اختيار ڪئي ۽ اسان کي پنهنجي کولي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني.جڏهن
اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڏنل دعوت تي سندس کولي ۾ وياسين ته ڪامريڊ کي هڪ
ڪنمبل ڏنو ويو هو، جڏهن ته اسان کي ۲ ڪنمبل ڏنل هئا، هڪ ڪنمبل
ڪامريڊ کي مليل ڏسي اسان کي ڏاڍي شرمساري ٿي ۽ ڪامريڊ کي چيوسين ته توهان کي هڪ ڪنمبل مان سيءُ نٿو لڳي، ڪامريڊ جواب ڏنو
ته سرڪار جيڪڏهن اهو به ڦري ورتو تڏهن به مان انهن کان ڪا شيءِ ڪو نه گهرندس. جنهن
تي اسان ڪامريڊ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اها خواهش
رهندي هئي ته هو ون يونٽ کي حياتي ۾ ٽٽنڊو ڏسي، جڏهن ته ون يونٽ خلاف تحريڪون عروج
تي پهتل هيون ته ڪامريڊ مچ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد مسلسل بيمار رهيو، جنهن جيل کيس
جھوري وڌو هو، پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي جنرل يحيٰ خان پاران ون
يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جيڪو ڪامريڊ جي خواهش جو پورائو هو جڏهن ته ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جنهن پڻ شيخ مجيب الرحمان سان جدوجهد ڪئي هئي جيڪي عوام جا هڏ ڏوکي
هر ظلم خلاف مقابلو ڪندا رهيا، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سنڌ ٽيننسي ايڪٽ لاءِ
پڻ پاڻ پتوڙيو ته جيئن هارين جي تحفط لاءِ ڪو قانون هجي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
جيڪو سنڌ جي جي قومي ٻولي سنڌي ۾ لسٽو ڇپائي جي جدوجهد ۽ ٻين تحريڪن ۾ عملي طور
شامل رهيو.
سنڌ کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
جهڙن غيرتمندن اڳواڻن جي ضرورت آهي، جيڪي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي سنڌ ڌرتي کي سياسي
معاشي غلامي مان نجات ڏياري حاصل ڪيل حقن جو تحفظ ڪرائي سگهن. سنڌ ڌرتيءَ کي بچائڻ
۽ سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا قول جا سچا ۽ اعليٰ ڪردار جا مالڪ
بڻجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.
جام محبت پيئي سنڌ
عاجز جمالي
پرائمري جي ڪتاب ۾ پڙهيو هيوسين
ته هو هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر هو، پر غريب هارين جي حقن لاءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي هاري تحريڪ
شروع ڪيائين. ان وقت ته اها ڳالهه مغز ۾ ڪانه ويٺي هئي ته ڊپٽي ڪليڪٽر ڪير هوندو
آهي يا هارين جا حق ڪهڙا هوندا آهن، پر ان سبق ۾ هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ آئي هئي ته
هارين کي فصل ۾ جيڪو اڌ ملي ٿو، جنهن کي بٽئي چئون ٿا، اهو ان هاري تحريڪ جو ڪمال
هو، مون کي اها خبر تڏهن کان هئي ته هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئي باباءِ سنڌ آهي، پر
پرائمري ڪتاب ۾ پڙهيل ڳوٺ بکو يرو جو نالو مون کي اڄ به ياد آهي ۽ مون کي ۲۱ مئي اڄ به ياد آهي.
ها اڄ ۲۱ مئي آهي، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جو
ڏهاڙو آهي.
مون کي خبر ناهي ته اڄ باباءِ
سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ۴۵هين ورسي ڪٿي ملهائجي پئي يا
نه، منهنجي ذهن ۾ اهو سوال به گهمي رهيو آهي ته اها سنڌ هاري ڪاميٽي اڄ ڪٿي آهي،
جيڪا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ٺاهي هئي، جنهن بٽئي تحريڪ کان وٺي مائي بختاور تائين،
جنهن ڪامريڊ ڄام ساقي کان وٺي ڪامريڊ غلام رسول سهتي تائين، جنهن ڦوٽي رستماڻي کان
وٺي دادا علي بخش تائين، پورهيت طبقي جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هزارين هاري ڪارڪن
پيدا ڪيا هئا، جيڪا اڄ صرف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پوٽن تائين محدود ٿي وئي آهي
نه رڳو هاري تحريڪ بلڪه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به هاڻي بس پنهنجي خاندان تائين
محدود رهجي ويو هو.
گذريل سال اها دل ڏاريندڙ خبر
به نظرن منجهان گذري هئي ته ان تاريخي گهر جي ڊاهڻ، وڪري ۽ ڪامريڊ جتوئي جي خاندان
جي اختلافن جي ڳالهه به هلي، پر سنڌ جي هڪ عظيم اڳواڻ جو هن وقت سنڌ ۾ ڪو سياسي
وارث نظر ڪونه ٿو اچي، پڪي قلعي اندر موجود ان مزار مان اتساهه وٺڻ وارو ڪونهي،
جنهن ۾ انگريز دور جو اهو سرڪاري آفيسر دفن آهي، جنهن هارين لاءِ بٽئي تحريڪ هلائي
۽ سرڪاري آفيسري کي ٿڏو هنيو هو.
۲۰هين صدي جي پهرين
سال ۱۹۰۱ع ۾ موهن جو دڙو جي ڀرسان جنم وٺندڙ باباءِ سنڌ هڪ عظيم
قوم پرست شاعر ۽ اڳواڻ هو. هي جيئي سنڌ جيئي سنڌ جو نعرو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي جي ان طويل نظم جو تسلسل آهي. ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ- جام محبت
پيئي سنڌ“ هن عظيم نظم ۾ سنڌ جي عوامي ۽ طبقاتي سماج جي پوري عڪاسي آهي.
پرائمري ۾ پڙهيل سبق مون تي
شايد اثر ڇڏيو يا هڪ غريب جي ٻار لاءِ هاري حقن جي ايڏي اهميت ٿي جو اڳتي هلي مان
ان هاري جدوجهد جو حصو بڻجي ويس، مان پاڻ لاءِ وڏي اعزاز کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهان
ته پنهنجي جواني جا خواب مون سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪارڪن جي صورت ۾ ڏٺا ۽ مان سنڌ
هاري ڪاميٽي جو صوبائي پريس سيڪريٽري به رهيس. هڪ دفعي ته هاري ڪاميٽي جي اجلاس ۾
ويندي ڪرم خان نظاماڻي ڀرسان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچي ويس.
سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ ۾ هڪ
انقلابي تحريڪ جي صورت ۾ جدوجهد ڪئي، هارين جي هڪ منظم جدوجهد هئي، جڏهن هارين
جاگيردارن وڏيرن ۽ پوليس خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، هارين بغاوتون ڪيون
هيون، هارين چمبڙ جي علائقي ۾ پنهنجون عدالتون ۽ جيل قائم ڪيا هئا، هارين جي
مظاهرن ۾ هزارين هاري شامل ٿيندا هئا.
مون سنڌ هاري ڪاميٽي جي جلسن ۾
لالا شاهه محمد دراني، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، صالح بلو، احمد خان لغاري، ڦوٽو
رستماڻي، غلام رسول سهتو جهڙا عوامي مقرر ٻڌا جيڪي نج عوام جي نفسيات مطابق عوام
جي حقن جي ڳالهه ڪندا هئا، سندن ڳالهه عوام کي سمجهه ۾ به ايندي هئي، عوامي ليڊر
اهو ئي هوندو آهي، جنهن جي ڳالهه عوام کي سمجهه ۾ اچي، سو هي نج عوامي ليڊر هئا.
مون کي اهي ڊگهيون راتيون به
ياد ٿيون اچن جو سڄي سڄي رات انقلابي گيتن ترانن ۾ گذري ويندي هئي. مسرور چانڊيو
جا انقلابي گيت اڄ به ياد اٿم، مون کي خبر ناهي ته مسرور ڪٿي آهي.
ڪاري ڪاري رات اجها هي کٽي
لوچي لوچي هارين ڌرتي کٽي
مسرور ماڻهو پنهنجا سڃاڻون
لونت هڻي ٿا ويري ڀڄايون
لعنت هڻي ٿا ويري ڀڄايون
آزاد پنهنجو وطن ٿا چاهيون
سهڻي سهڻي سنڌ ۽ مٺڙي مٺي
لوچي لوچي هارين هي ڌرتي کٽي
هي اها عوامي شاعري هئي، جنهن
جو رواج شيخ اياز، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ پوءِ آڪاش انصاري جهڙن شاعرن
وڌو ۽ سنڌ جي باغي روح کي گرمايو پر نوجوان شاعرن به وڏي شاعري سرجي،
جهنڊا کڻو نعرا هڻو
وڙهندا هلو رڙهندا هلو
منصور ميراڻي، جي جنڊ جڙي مال
ڇڙي باک ڦٽي ته او ساٿي رات کٽي ٿي
اهڙي شاعري هئي، جنهن واقعي به
سنڌ ۾ انقلابي ماحول تيار ڪيو هو، نواب سلطان چانڊيو جنهن حيدر بخش جتوئي تي ڪتا
بڇيا هئا، پر بعد ۾ هاري ڪارڪن نواب سلطان چانڊيي جي سامهون اليڪشن وڙهڻ لڳا، وڏي
تبديلي آهي.
هاري هليا هر کڻي کيٽ کيڙيندا
ايٽ جوڙيندا
سو جگري ۾ سانوري ڪا سنگ کڻي ٿي
رات کٽي ٿي
ظلمتن جي اها رات اڃا ڪانه کٽي
آ، سچ اهو آهي ته بربريت جو نظام جاري آهي، پر طبقاتي سماج وڏيرا شاهي، جاگيرداري،
ڪامورا شاهي خلاف هلندڙ اها ڊگهي جنگ ختم ٿي وئي، خوابن کي ساڀيان نه ملي، انقلابي
نعرن جي جڳهه اين جي اوز جي پراجيڪٽن ورتي، طبقاتي حقن جي جدوجهد ۽ عوامي سياست
ڀتا ڪلچر جي ور چڙهي وئي، لفظ ڪامريڊ هاڻي چٿر جي طور استعمال ٿئي پيو، ون يونٽ
خلاف هلندڙ جدوجهد جاري رکڻ جي اڄ به ضرورت آهي، ڇا اڄ ون يونٽ ناهي؟ سنڌ فيصلن ۾
ڪيتري آزاد آهي؟
هڪ صحافي دوست لکيو ته ڇا سنڌ
جا ڪميونسٽ کوڙ هئا يا ڀارت مان آيل هئا يا انهن سنڌ جي عوام کي صحيح رستو ڇو نه
ڏيکاريو جو سنڌ ۾ جدوجهد نه هلي سگهي.
ڪميونسٽ تحريڪ هڪ الڳ بحث آهي،
ان تي ٻئي ڀيري ڳالهائبو، پر سنڌ ۾ ڪميونسٽ رڳو ڀارت مان ڪونه آيا هئا، هڪڙو
ڪميونسٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به هو، جنهن ۱۹۴۳ع ۾ هارين جي حقن جي
ڳالهه ڪئي، جاگيردارن خلاف جدوجهد ڪو ڪميونسٽ ئي ڪري سگهي پيو، تڏهن سنڌ ۾ انهن جي
ناڪامي هڪ ٻيو بحث آهي. سنڌ ۾ ته اڄ ڪو آڪاش انصاري جهڙو شاعر به پيدا ڪونه پيو
ٿئي، جيڪو دمادم مست قلندر لکي سگهي. سنڌ جو مڊل ڪلاس اڄ هڪ وڏي خود فريبي ۾ ورتل
آهي. سنڌ ۾ انقلاب ۽ آزادي جون تحريڪون به مري رهيون آهن نه اڄ حيدرآباد ۾ ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار ڀرسان دفن حيدر بخش جتوئي جي قبر تي ڪامريڊن ۽ انقلابين
جو ميلو هجڻ گهرجي ها، حيدر بخش جتوئي جي ورسي ايڏي خاموشي سان نه گذري وڃي ها.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
مظلوم هارين جو آواز - ورسيءَ جي مناسبت سان
ذوالفقار ڀٽي
جيئي سنڌ، ٻن لفظن جو ڪيڏو نه
حسين ميلاپ آهي، ڪيڏو نه سندر سلام آهي! اهي لفظ اچارڻ سان روح جي رڻ ۾ ڄڻ ته گل
ٽڙيو پون ۽ دل جي دنيا ۾ بهار اچيو وڃي. جيئي سنڌ ۽ ڇونه جيئي، ڇونه جيئي اها ڌرتي
جنهن جي ماڻهن جي سيني ۾ سڄي انسانيت لاءِ درد سمايل آهي، جنهن ڌرتيءَ جا بزرگ،
پنهنجي ديس لاءِ دعا گهرڻ وقت ساري عالم جي سک، امن ۽ آجپي جي دعا نٿا وسارين،
جنهن ڌرتي جي تهذيب دنيا جي تهذيبن جي سرموڙ تهذيب آهي، جنهن ڌرتيءَ تي شاهه لطيف
۽ شاهه عنايت جهڙا بزرگ سچل ۽ سامي جهڙا الله لوڪ انسان، دودي ۽ دولهه جهڙا دلير مرد،
هوشو ۽ هيمون جهڙا نوجوان، بختاور ۽ ڀاڳيءَ جهڙيون عورتون، ننگر جهڙا ننگر ۽ علامه
آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جهڙا داناءَ ۽ عظيم انسان جنم وٺن ٿا. بقول استاد
بخاريءَ جي ته:
جنهن جا ڄايا دريا دودا،
هوشوءَ هيمون جهڙا جوڌا،
سا ماءُ ڇو نه ڀلا جيئي،
جيئي سنڌ سدا جيئي.
توڻي جو لفظ جيئي سنڌ، سائين جي
ايم سيد جي سڃاڻپ ۽ سائين جي ايم سيد، جيئي سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي ۽ اها به
حقيقت آهي ته انهيءَ لفظ کي جهر جهنگ، وستي واهڻ ۽ هر سنڌيءَ جي چپن جو گيت بلاشڪ
سائين جي ايم سيد ئي بڻايو، پر اهو لفظ هڪ سهڻي ۽ سٻاجهڙي انسان باباءِ سنڌ حيدر
بخش جتوئي پنهنجي لازوال نظم، ”جامِ محبت پيئي سنڌ، جيئي سنڌ جيئي“ ۾ متعارف
ڪرايو.
حيدر بخش جتوئي نالو آهي هڪ
تحريڪ جو جيڪا هر قسم جي ظلم ۽ جبر جي خلاف هئي. حيدر بخش جتوئي نالو آهي هڪ
جدوجهد جو جيڪا هر مظلوم جي حق لاءِ هلي، حيدر بخش نالو آهي هڪ اداري جو جنهن مان
اسان کي سنڌ دوستي ۽ مظلوم دوستيءَ جو درس ملي ٿو، جنهن دنيا جي هر خوشي ۽ راحت
پنهنجي قوم جي مسڪين ۽ لاچار هارين جي ڏک تان قربان ڪري ڇڏي. هن سنڌ جي سٻاجهڙي،
سادي ۽ ظلم جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هارين کي ظالم جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جو حوصلو
ڏنو. پنهنجي ڦٻايل حقن جي حاصلات لاءِ ويڙهاند جو طريقو ڏسيو، نه صرف طريقو ڏسيو
پر حق به ڏياريا. هونءَ ته سنڌ ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا مڻيادار ماڻهو ملي ويندا، جن جي
قرباني ۽ حب الوطنيءَ جا قصا هر زبان تي آهن پر حيدر بخش جتوئي وانگر هڪ اعليٰ
سرڪاري عهدو، اسٽيٽس، سک، آرام ۽ آسائش ٿڏي غريب ۽ مسڪين هارين ۾ وڃي ڪم ڪرڻ جو
مثال شايد ئي ملي سگهي. سندس حياتي مسلسل جدوجهد جي علامت بڻجي اسان آڏو آهي.
مسلسل جدوجهد، مقصد سان سچائي ۽ منزل تي پهچڻ جي تڙپ سندس حياتيءَ جو مکيه اصول
هو، هو شاهه ڀٽائيءَ جو اهو کاهوڙي هو، جنهن لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
کرڪڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ
جو.
حيدر بخش جتوئي پنهنجي علم، عقل
۽ ڏاهپ وسيلي سنڌ جي هيسيل ۽ مظلوم هارين جي جذبن کي اها جلا بخشي، جيڪا هن کان اڳ
ڪنهن به نه بخشي هئي. اها يقينن حيدر بخش جتوئيءَ جي انقلابي سوچ جي ئي پهچ هئي،
جنهن هڪ ڪمزور ۽ ضعيف عورت ”مائي بختاور“ کي ظالم وڏيري آڏو جبل جيان آڻي بيهاريو
۽ سندس هٿياربند ڇاڙتن جي موجودگيءَ ۾ وڏيري جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس للڪاري چوي
ٿي ته ”اَنَ جو هڪ داڻو به نه کڻڻ ڏينديسانءِ“ ۽ بندوقن اڳيان ڏانداري هٿ ۾ جهلي
هڪل ڪري ٿي ”خبردار! متان اڳيان وڌيا آهيو“ ۽ اهو حيدر بخش جتوئي جي ڏنل شعور جي
نتيجي ۾ هليل جدوجهد جو ئي نتيجو هو، جنهن تحت هارين زمين جي اپت مان اڌ جو حقدار
ٺهرايو ويو، جنهن کي ”ٽيننسي ايڪٽ“ جو نالو ڏنو ويو.
ڀٽ ڌڻيءَ جي ديس جو هي سهڻو
ماڻهو، هيءُ هنج ۽ هيءُ بهار جي بوءِ ڏيندڙ اڏول انسان ۶ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ
ڳوٺ بکوديري ۾ الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ ڄائو. حيدر بخش جتوئي ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو
ذهين ۽ عام ٻارن کان الڳ شخصيت جو مالڪ هو. پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل
ڪيائين ۽ پوءِ لاڙڪاڻي مان ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ بي اي ڪري روينيو کاتي
۾ هيڊ منشي ٿيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ايمانداري، سچائي، همدردي
بردباري، اهي خصلتون هيون جيڪي کيس قدرت پاران عطا ڪيون ويون هيون، هو هڪ سچو
قومپرست، وطن دوست، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ آزاديءَ جو پروانو هو، اهو ئي سبب هو جو هن
کان سنڌ جي هارين جي پست حالي، وڏيرن جي ظلم ۾ پيڙهجڻ، ڏٺو نه ٿيو ۽ هن هارين جي
سڌاري، تعليم ۽ حقن لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيو؛ پر پوءِ جلد ئي هن پنهنجي سرڪاري
نوڪري کي انهيءَ راهه ۾ رڪاوٽ محسوس ڪيو ۽ نيٺ ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽري
جهڙي اعليٰ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي هارين جي حقن لاءِ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع
ڪيائين. جنهن وقت حيدر بخش جتوئي مظلوم هارين جي سکن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو، انهن
ئي ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ ڄيٺمل پرسرام سنڌ هاري ڪاميٽي جو بنياد وجهي سنڌ جي
ظالم زميندارن ۽ جاگيردارن خلاف تحريڪ جو آغاز ڪري چڪا هئا. حيدر بخش جتوئي به
انهيءَ تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، جتي سندس هارين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيل بي مثال
خدمتن کي ڏسندي کيس سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي
کيس سندس اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي ڪري، سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. سنڌ جي
هارين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ باقاعده اخبار ”هاري حقدار“ پڻ
جاري ڪيائين، انهيءَ وقت ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ کي ون يونٽ جي پنجوڙ ۾
ڦاسايو ويو ۽ سنڌ جي آمدنيءَ جا ۳۳ ڪروڙ رپيا زوري مرڪز جي حوالي
ڪيا ويا. حيدر بخش جتوئي سنڌ سان ٿيندڙ ايڏي وڏي ناانصافي برداشت نه ڪري سگهيو ۽
ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف
ٿيندڙ سازشن خلاف قلم کنيائين ۽ انهيءَ ڏوهه ۾ کيس نظربند ڪيو ويو ۽ بعد ۾ سندس
مٿان پنهنجي ئي وطن ”سنڌ“ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي، ته به هو
پنهنجي اصولن تان نه ڦريو ۽ مظلوم سنڌي هارين جي حمايت ڪندو رهيو.
نتيجي طور حيدر بخش جتوئيءَ کي
جيل ۾ بند ڪري مٿس انسانيت سوز تشدد ڪيو ويو، جنهن ڪري هو سخت بيمار ٿي پيو. پر
اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمرانن انهي بيماري جي حالت ۾ به مٿس عتاب جاري رکيا ۽ مسلسل
تشدد، قيد ۽ علاج نه هئڻ سبب سندس حالت ويتر خراب ٿي وئي، پر هن حق ۽ سچ جي حمايت
تان هٿ کڻڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ هي نيٺ عظيم انسان ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي هن فاني دنيا
مان لاڏاڻو ڪري ويو.
حيدر بخش جتوئي نه صرف هڪ
قومپرست سياستدان هو پر هڪ بيباڪ صحافي ۽ عمدو شاعر پڻ هو. هن ”هاري گيت“، ”هاري
ڪهاڻيون“، ”تحفئه سنڌ“ ۽ ”آزادي قوم“ جهڙا انقلابي ڪتاب لکيا، جن سنڌ جي ڪمزور
هارين کي سگهه ۽ شعور عطا ڪيو ۽ پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ ڏنو.
سندس هيءُ نظم سنڌ ۾ تمام گهڻو
مقبول ٿيو، جيڪو پڻ جيستائين هيءَ ڌرتيءَ قائم آهي! سنڌي ڳائيندا رهندا.
جام محبت پيئي سنڌ،
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ.
حيدر بخش جتوئي
باباءِ قوم
ڪامريڊ اظهر جتوئي
دنيا جي قديم ترين
دراوڙي تهذيب موهن جو دڙو جي لاڙڪاڻي واري ڌرتي ڏاڍي زرخيز رهي آهي. انهي جي تعلقي
ڏوڪري جي ننڍڙي ڳوٺ بکو ديرو ۾ ۲۰هين صدي
جي پهرين سال ۾ غريب گھراڻي الهداد جتوئي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ شخص جنهن کي بابا ءِ
سنڌ جو خوبصورت لقب مليل آهي جو ورلي ماڻهن کي ملندو آهي.
انگريز سرڪار جي
دور ۾ موهن جو دڙو جي مٽي مان جنم وٺندڙ حيدر بخش جتوئي ۲۷ سالن جي جوڀن واري جواني ۾ سرڪاري ملازم ٿيو ته سرڪار سڳوري جو گھٽ
پر ڌرتي جي مظلوم ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين جا پيو فائل ٺاهيندو هو ۽ اهي فائل اڄ
هڪ تاريخ بڻجي ويا آهن. انگريزي راڄ ۾ سڀ کان بهترين، سڻڀي سرڪاري نوڪري کي ضمير
جي آواز تي لت هڻي سڄي ڄمار هارين جي حقن ۽ جدوجهد ۾ گھاري ڇڏي ۽ موٽ ۾ جيڪا تاريخ
قائم ڪئي اها ڌرتي ڌڻين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جيڪو هڪ مفڪر،
انقلابي، آدرشي، سنڌ جي قومي وجود ۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ عظيم
سرواڻ هو. جڏهن انگريز سلطنت جو سج هن ڌرتي تان لهندو ئي نه هو ته انهي سلطنت ۾
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري جھڙي سڻڀي عهدي تي پهچي چڪو هو،
جيڪو عهدو اڄ جي گورنر کان گھٽ نه هو، پر هن ۱۹۴۵ع ۾ هن سڻڀي عهدي جي پرواهه نه ڪندي اڇي ڪاڳر تي ٻه چار اکر نوڪري
آهي ٽوڪري وارا لکي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ لهي پيو. ڪليڪٽر مان ڦري
ڪامريڊ بڻجي ويو.
لفظ ڪامريڊ هڪ
رومانس، خوبصورت ۽ آدرشي لفظ جيڪو ساٿي ۽ هڏ ڏوکي کي چيو ويندو آهي. پر اڄ ڪن
ماڻهن ان خوبصورت نانءَ کي اهڙي نموني سان مشهور ڪيو آهي جو اهو تذليل ۾ تبديل
ٿيندو پيو وڃي پر پوءِ به ڪامريڊ لفظ وارن ماڻهن جو جيون ڪيڏو نه المناڪ هوندو
آهي. انقلابي ۽ آدرشي انسان جو جيون هڪ سنگھرش هوندو آهي پر پوءِ به اهي ڌرتي سان
پنهنجو نينهن وارو ناتو نه ٽوڙيندا آهن. ناتو ٽوڙجي به ڇو؟ اهي ناتا ڪنهن سنهي
سُئي سان ته نه سبيا ويا آهن. انهن ناتن ۾ ڪامريڊن جو ڌرتيءَ سان عشق، انقلاب، رت
۽ ست سمايل هوندو آهي. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي به اهڙو ئي انقلابي ۽ آدرشي انسان
هو، جيڪو پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين پساهن تائين ڪامريڊ رهيو.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ
حيدربخش جتوئي هارين جي زندگي، مفلسي، ڏک ۽ پيڙائن جو درد پاڻ تي محسوس ڪندي ۱۹۳۰ع کان وجود ۾ آيل سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ سموري حياتي هارين جي
حقن لاءِ ارپي ڇڏي. ون يونٽ جي خلاف طويل جدوجهدن، ۱۸ لک ايڪڙ زمين، بي زمين هارين ۾ ورهائڻ کان وٺي مچ جيل جون سختيون به
هن کي هارائي نه سگھيون ۽ نه هن مسافر ڪٿي ٿڪ ڀڃيو ۽ نه وري سرڪاريِ نامدار اڳيان
پنهنجو ڪنڌ جھڪايو. مرڳوئي هن مظلوم ماڻهن کي ظلم سان اکيون اکين ۾ اٽڪائي جيئڻ جو
ڏس ۽ ڏانءُ ڏنو.
صوفين جي سرزمين جي
عظيم ڪردار صوفي شاهه عنايت شهيد جنهن سنڌ ڌرتي تي سڀ کان پهرين ”جو کيڙي سو کائي“ جو هڪ نئون فلسفو ڏنو ۽ ان
فلسفي تي جدوجهد ڪندي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سنڌ جي هارين کي گڏ ڪرڻ
شروع ڪيو. انسان جي سڄي تاريخ طبقاتي جدوجھد جي تاريخ آهي. هميشه کان وٺي ڏاڍو ۽
ڪمزور، آقا ۽ غلام، ڪارو ۽ گورو، اوچ ۽ نيچ، جاگيردار ۽ هاري، سرمائيدار ۽ مزدور
هڪ ٻئي جي خلاف ميدان جنگ ۾ منهن مقابل رهيا آهن، وقت به وقت انهي جنگ ۾ غريب طبقن
جون تحريڪون پروان چڙهيون ۽ هڪ نئين ۽ الڳ تاريخ قائم ڪيائون. ويٽنام، ڪيويا جا
انقلاب هجن يا وينيزولا، ميڪسيڪو سميت
پوري لاطيني آمريڪا ۾ هلچل هجي يا موجوده دور ۾ عرب هلچل هجي. اها هلچل هن اڻ
برابري تي مشتمل جاگيراڻي ۽ سرمائداراڻي نظام جي موجود رهڻ تائين جاري رهندي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پڻ هن انسان ذات جي عظيم هلچل جي تاريخ جو هڪ نه
وسرندڙ عظيم ڪردار هو. سنڌ جي تاريخ ته ڪئين املهه شخصيتن کي جنم ڏنو جن جي پنهنجي
پنهنجي حوالن سان هڪ الڳ سڃاڻپ رهي آهي، پر سچ هي آهي ته دنيا جي قديم ترين تهذيب
سنڌو ماٿريءَ جو ابو صرف ۽ صرف باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ئي آهي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ
حيدربخش جتوئي جي تحريرن ۾ توهان کي انقلاب ۽ سوشلسٽ ادب نمايان نطر ايندو، جنهن
پنهنجي وقت ۾ وڏي هلچل، ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو. جنهن جوش چين جي صدر ”چُو ان لائي“
کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو ڪامريڊ سان حيدرآباد ۾ مليو ته ڀاڪرين پئجي ويو. باباءِ
سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي شاعري به ڪئي ۽ ”جيئي سنڌ“ وارو نعرو جيڪو اڄڪلهه هر
ڪنهن جي زبان تي آهي. اهو پڻ سندس مشهور ڪلام؟ ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جامِ محبت
پيئي سنڌ“ تان ورتل آهي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي اسان سڀني کان وڇڙي ويو سندس آخري آرام گاهه ڪلهوڙا ڪالوني
حيدرآباد ۾ آهي. اڄ سندس سالگرهه جو ڏينهن آهي ۽ اسان سڀ سنڌ واسي، سنڌ جي عام
ماڻهن لاءِ ڪيل جدوجهد تي کيس ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
سنڌ جي اتهاس جو هڪ سچو
پچو وڏو ماڻهو!
جامي چانڊيو
دنيا ۾ وڏن ماڻهن جي ڪابه هڪ
وصف، صورت، معيار ۽ ماڻ يا ماپو نه آهي. وڏا ماڻهو هر شعبي ۾، هر صورت ۾، هر سطح
تي ۽ هر رنگ ۾ ٿي سگهن ٿا ۽ انساني اِتهاس جي رِليءَ ۾ وڏن ماڻهن جي هَستين،
ڪارنامن، خيالن، ڪردارن، سورهيائين، فلسفن، فڪري واٽُن، قربانين، تخليقن ۽ فني
شاهڪارن جا انيڪ گوناگون رنگ ڀريل آهن. ڪنهن چيو هو ته، ”عظيم فن اُهو، جيڪو حيرت
کي جنم ڏئي.“ ان حوالي سان مان چوندس ته: ”وڏو ماڻهو اُهو جنهن جي هَستي ۽ حياتي
ڏسي ماڻهو اَچرج ۾ پئجيو وڃي- ته وَڃُ! ماڻهو ايئن به ٿي سگهي ٿو! يا حياتي ايئن
به گذاري سگهي ٿو!“ ويهين صديءَ جي سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به اهڙن ماڻهن
منجهان هڪ هو، جنهن کي اسان ڪنهن به عالمي انساني معيار مطابق حقيقي طور هڪ وڏو
ماڻهو چئي سگهون ٿا. جيئن ڪنهن عظيم فن پاري کي ڏسي ماڻهوءَ کي ڏندين آڱريون اچيو
وڃن، تيئن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي حياتي، ڪمٽمينٽ، ڪارنامن، قلمي ۽ تخليقي
پورهيو، قربانيون ۽ انقلابيت ڏسي ماڻهو حيرت ۾پئجيو وڃي. مان جڏهن به اهڙن ماڻهن
جي حياتين جو مطالعو ڪندو آهيان ته، ڄڻ سَچ پَچ به اُتساهه جي سرچشمن مان سيراب
ٿيندو آهيان.
مونکي اهو ارمان هميشه رهندو، جو مون زندگيءَ ۾ان عظيم هستيءَ کي
ڪونه ڏٺو، جيتوڻيڪ هو منهنجي والد پروفيسر عبدالحئي چانڊيي جو تمام دل گهريو دوست
۽ ترقي پسند سوچ ڏانهن مائل ڪندڙ هڪ فڪري استاد هو. بابا، مولانا عبدالڪريم ٻير
وارو ۽ پير بديع الدين راشدي پير جهنڊي وارو دارالهُديٰ ٺيڙهيءَ مان گڏ فارغ
التحصيل ٿي،”مولوي عالم فاضل“ جا صاحبِ سَندَ ٿيا. مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ کان
ٽي سال سينيئر هو. بابا جي هڪ مذهبي عالم مان هڪ ترقي پسند اسڪالر ٿيڻ ۾ ابتدائي
ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو هو، ان ڪري مون پنهنجيءَ سانڀر ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ
بابت اُتساهيندڙ ڳالهيون پنهنجي والد ۽ پليجي صاحب کان ٻُڌيون ۽ ٻئي سنڌ جي هن
يگاني ماڻهوءَ جون ساراهون ڪندي، سندس عظمت جا ڳُڻ ڳائيندي ڪڏهن ڪونه ٿَڪا. پليجو
صاحب لطيف کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ڪنهن ماڻهوءَ جو سڀ کان وڌيڪ احترام ۽ بار بار
ذڪر ڪندو آهي ته، اُهو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي.
موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ بکو ديرو ۾ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي فقير الهداد خان
جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هيءُ سڀاڳو ٻار، اڳتي هلي پنهنجي سوچ، ڪردار ۽ قربانين
توڙي جدوجهد سبب ”باباءِ سنڌ“ جي لقب جو ڌڻي ٿيو. هو پرائمري پنهنجي ڳوٺ بکو ديري
۽ باقراڻيءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۱۸ع ۾ سنڌي فائنل ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو،
جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو کيس اسڪالرشپ ملي، پر هو سنڌ مدرسته الاسلام لاڙڪاڻي ۾
داخل ٿيو. ۱۹۲۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم هن ڊي جي ڪاليج
ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. هو هميشه هڪ مثالي شاگرد رهيو ۽ اُهو ئي سبب هو، جو هو
سدائين اسڪالرشپس تي پڙهيو. ۱۹۲۷ع
۾ هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان فارسي ٻوليءَ ۾ بي .اي پاس ڪئي. جيتوڻيڪ هو عربيءَ،
انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جو به وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو. سرڪاري ملازمت جي شروعات هن ۱۹۲۸ع ۾ وڏي منشيءَ يعني اسسٽنٽ مختيارڪار جي حيثيت
سان ڪئي، پر سُتت ئي مختيارڪار جي امتحان ۾ سنڌ ۾ اول نمبر آيو ۽ هن مختيارڪار جي
حيثيت ۾ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو تڏهن آيو،
جڏهن هن سرڪاري ملازمت جا ۱۵
سال پورا ڪري، ۱۹۴۵ع ۾ پنهنجي اعليٰ منصب يعني ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي
عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سموري تعليمي ۽ پيشه وراڻي سفر دوران ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي ڄڻ ته هڪ اصلي سفر پنهنجي اندر ۾ به ڪيو هو ۽ جڏهن هو هن مختصر زندگيءَ کي
ڪو عظيم مقصد ۽ ڪارج ڏيڻ جي پَدَ
تي پهتو ته پوءِ شايد هن لاءِ طبقو، منصب، حيثيت، مراعتون ۽ عارضي زندگيءَ جو سُک
اهم نه رهيا. اِهو ئي اُهو مرحلو هوندو آهي، جتي عام ماڻهو، وَڏَ-ماڻُهائپ جي منزل
تي پُڄي ڄڻ ته نئون جنم وٺي وڏا ماڻهو ٿي ويندا آهن. اهو ئي اندر جو پنڌُ هو، جنهن
هڪ خوشحال ۽ زميندار گهراڻي سان واسطو رکندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر کي سنڌي هارين توڙي سنڌ
جي هڪ قومي اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان
اڳ اُن زماني ۾ هڪ سنڌي مسلمان گهراڻي سان واسطو رکندڙ فرد لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽر جي
منصب تي پُڄڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي، پر اِهو ته زماني جو معيار هو، حيدر بخش
جتوئيءَ لاءِ ته اعليٰ ڪاموري ٿيڻ جي ڀيٽَ ۾ اعليٰ ڪامريڊ ٿيڻ وڏو ۽ حقيقي منصب
هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ اسرائيل جو قيام عمل ۾ آيو ته عالمي طور هڪ ڄاتل
سڃاتل يهوديءَ جي حيثيت ۾ نئين ٺهيل ملڪ جي پهرين سربراهه ٿيڻ جي آڇ آئين اسٽائن
کي ڪئي وئي هئي، پر سندس جواب ڪمال هو. هڪ سِٽ ۾ جواب ڏنو هئائين ته، ”مان سائنسدان آهيان، پنهنجو وقت ضايع ناهيان ڪندو.“
ڪامريڊ جتوئيءَ جو اِهو فيصلو به اهڙو ئي هو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي منصب تان استعيفيٰ ڏئي ۱۹۴۵ع ۾ ”سنڌ هاري ڪميٽيءَ“ ۾ شامل ٿيو، جيڪا جمشيد
مهتا، ڄيٺمل پرسرام، عبدالقادر ميوا خان کوکر، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ ۽ حاتم علويءَ جي گڏيل ڪوششن سان ۱۹۳۰ع ۾ قائم ٿي هئي، پر اها هڪ ڪميٽي هئي ۽ ڪا وڏي سياسي تحريڪ نه بڻجي
سگهي. سبب شايد اهو به هو ته، کيس ڪامريڊ جتوئيءَ جي سطح جو ڪُل وقتي اڳواڻ نه ملي
سگهيو هو. وقت سان گڏ ۽ ان وقت جي ننڍي کنڊ جي سياسي حالتن سبب اُها ڪميٽي ماٺي ٿي
چڪي هئي. ۱۹۴۵ع ۾جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سنڌ هاري ڪميٽيءَ
۾شموليت اختيار ڪئي ته، هاري ڪميٽيءَ جو ڄڻ ته نئون جنم ٿيو. هونئن به سنڌ هاري
ڪميٽيءَ جو پهريون دور سنڌ ۾ هاري سياست يا طبقاتي جدوجهد بابت ڪو وڏو تحرڪ پيدا
نه ڪري سگهيو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جي شموليت کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ هاري سياست يا طبقاتي جدوجهد سگهاري انداز
سان سامهون آئي. هاري ڪميٽيءَ طرفان “هاري حقدار” نالي اخبار شايع ٿيڻ شروع ٿي،
جنهن سنڌ ۾ هارين جي مسئلن تي لکڻ شروع ڪيو، سندن مفادن جي تحفظ لاءِ مطالبا
سامهون اچڻ شروع ٿيا. ڪامريڊ جتوئيءَ شروعات ڪئي ۽ پوءِ هاري انقلاب بابت شاعري،
مضمون ۽ ليک شايع ٿيڻ شروع ٿيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ عوامي سطح تي هاري
ڪانفرنسن جي روايت کي سگهارو ڪيو ۽ رتيديري (۱۹۴۸-۱۹۵۱ع)، لاڙڪاڻي (۱۹۵۵-۵۴ع)،
لالورائنڪ (۱۹۵۷ع) ۽ ٻين شهرن ۾ ڪوٺايل انهن تاريخي ڪانفرنسن ۾
ڪامريڊ حيدر بخش جي سَڏَ تي سائين جي ايم سيد، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، قاضي
فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، جمال الدين بخاري ۽ قادر بخش
نظاماڻيءَ، سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ قاضي عبدالغفار سميت سنڌ جا ڏاها ۽ اڳواڻ شريڪ
ٿيندا هئا. هاري حقدار ڪانفرنس ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جي سنڌ اسيمبليءَ آڏو هزارين
هارين جي مزاحمتي احتجاج جو ئي نتيجو هو، جو تڏهوڪي وڏي وزير يوسف هارون نيٺ
ڪامريڊ حيدر بخش ۽ سندس ساٿين کي ڳالهين لاءِ گهرايو ۽ نيٺ ۱۳ اپريل ۱۹۵۰ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ
ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايو. صوفي عنايت شهيد جي هن فڪري وارث سنڌ ۾ هارين ۾ نه رڳو
سجاڳي آندي، سندن آواز بڻيو، پر سندن حقن لاءِ انيڪ جدوجهدون پڻ هلايون. مولوي
نذير حسين جتوئي، مولوي عزيز الله جروار، ڪامريڊ عبدالواحد سومرو، نبي بخش تونيو،
مولوي الاهي بخش قريشي، ڪامريڊ قاضي غفار (وارهه وارو) ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
سندس ساٿي هوندا هئا. اُن زماني ۾ هاري زميندار جو لاڳاپو قانوني طور واضح نه هو ۽
اڌو اڌ بٽئيءَ جو عملي طور ڪو تصور به نه هوندو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جي انهن
جدوجهدن سنڌ ۾ اڌو اڌ بٽئيءَ جو سوال
اُڀاريو ۽ نيٺ ۱۹۵۰ع ۾ سنڌ
ٽيننسي ايڪٽ جي صورت ۾ ان کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بنيادي طور هڪ وڏو دانشور، اديب ۽ ڪميٽيڊ شاعر
پڻ هو. هن جي تعليمي رڪارڊ، پيشه وراڻي اهليت ۽ سياسي ڪارنامن سان گڏوگڏ سندس
علمي، ادبي ۽ فڪري پورهيو به سنڌ جو اُملهه خزانو آهي. هو سنڌ مان اُنهن چند ماڻهن
(جهڙوڪ قادر بخش نظاماڻي ۽ محمد ابراهيم جويي) مان هو، جيڪو ويهين صديءَ جي ٽئين
ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ئي ننڍي کنڊ جي ترقي پسند ادبي ۽ فڪري تحريڪ سان واڳجي چڪو هو.
هن جو مطالعو تمام وسيع ۽ گهرو هو. فلسفو، تاريخ ۽ سائنسيت ڪامريڊ جتوئيءَ جا
بنيادي موضوع هئا. هو بنيادي طور هڪ مارڪسوادي هو ۽ افسوس جو اُن زماني ۾تنگ نظر
پناهگير لابيءَ جي اثر هيٺ پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي هن
اُملهه ماڻڪ، حقيقي دانشور ۽ انقلابيءَ کي به پارٽيءَ جي پڪي رُڪنيت نه ڏني.
ڪامريڊ حيدر بخش ون يونٽ جي خلاف جيڪي انگريزيءَ ۾ مزاحمتي پمفليٽ لکيا، اُهي سنڌ
۽ پاڪستان جي سياسي ۽ فڪري ادب جا شاهڪار
آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سائين محمد ابراهيم جويي کيس روسو ۽ والٽيئر سان ڀيٽيو
آهي، جن جا پمفليٽ فرينچ انقلاب جي دور ۾ وڏا اثر انگيز ثابت ٿيا هئا، پر سنڌ جو
هيءُ ڪامريڊ ته فڪري طور روسو ۽ والٽيئر کان اڳتي وڌيل فڪري روايت يعني پورهيت
انقلابيت سان واڳيل هو. پاڪستان ۾ ان دور بابت لکيل شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ هجي.
”جيئي سنڌ“ جو اِهو نعرو، جيڪو اڄ سموري سنڌ جو هڪ متفقه قومي نعرو آهي، ان جو
تخليقڪار به جتوئي صاحب هو، ڇاڪاڻ ته اهو سندس جڳ مشهور گيت ”جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ،
جامِ محبت پيئي سنڌ“ مان کنيل آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي رڳو سنڌ ۽ ملڪ ۾ ئي نه
پر عالمي طور به مڃتا ماڻي. پاڪستان جا چوٽيءَ جا سياستدان خان غفار خان، عبدالصمد
خان اچڪزئي، شيخ مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي
کيس وڏو مرتبو ڏيندا هئا. چين جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي آيو ته، هن ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئيءَ سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ سندن اِها ملاقات ٿي. ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جي زندگيءَ جا آخري پندرهن سال گهڻي ڀاڱي جيلن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾گذريا
۽ مَڇَ جيل ۾ سندس صحت گهڻو خراب ٿي ۽ نيٺ سنڌ جو هيءُ عظيم فرزند ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي ۶۹ سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جي تاريخ تي اَڻ مِٽ نشان ڇڏي، هن جهان مان
موڪلائي ويو.
اڄوڪي دور ۾ سنڌ کي حيدر بخش جتوئيءَ جهڙن عظيم ۽ بي لوث دانشورن،
اديبن، شاعرن، مفڪرن، سياسي ڪارڪنن ۽ انقلابين جي ضرورت آهي. سنڌ جي سياست ۾ اهو
ڪردار، فضيلت، علميت ۽ اٿاهه ڪمٽمينٽ گهرجي، جنهن جو مجموعو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
هو ۽ سنڌي ادب ۽ ڏاهپ جي دنيا ۾ اُهو وَڙُ، قلم جو ڪارج ۽ فڪري گهرائي گهرجي، جيڪا
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڏات ۽ ڏاهپ جو ڪمال هئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ کي اڄ
اُها حقيقي هاري تحريڪ ۽ طبقاتي جدوجهد گهرجي، جيڪا نمائشي نه هجي، پر سچ پچ به
هارين تي مشتمل ۽ سندن انقلابي فڪر ۽ جدوجهد جي ترجمان هجي. سنڌ پنهنجي هن عظيم
ڏاهي ۽ اڳواڻ کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي نِوڙي سئو سئو سلام پيش ڪري ٿي، جنهن ۾
هِڪُ هَٿُ منهنجو به آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
باباءِ سنڌ ۽ هڪ آدرشي
اڳواڻ
احمد خان جمالي
ڪامريڊ حيدر بخش جڏهن سرڪاري عملداري واري ملازمت تان استعيفى ڏيئي
سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان سرگرم حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ته کيس ان وقت به
اهو احساس هو ته ”هارين جهڙي مظلوم، اٻوجهه، اڻ پڙهيل ۽ پيڙهيل طبقي ۾ سياسي سجاڳي
آڻڻ ۽ کين منظم ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو، صبر آزما ۽ خطرن سان ڀريل ڪم آهي پر جيئن ته کيس
شعوري طور تي اهو احساس هو ته آخر ان اهم انقلابي طبقي کي ڪيستائين ٻين جي رحم و
ڪرم تي ڇڏي ڏجي، يا ان اهم محاذ تي ڪنهن ٻئي اڳواڻ يا قومي ڪارڪن کي سياسي ڪم جو
ٽاسڪ ڏيڻ لاءِ آخر ڪيستائين انتظار ڪجي؟ اهو درست آهي ته ان وقت به ٻيا ڪيترائي
مخلص، محنتي، ايماندار ۽ باشعور هاري اڳواڻ ۽ ڪارڪن، سنڌ هاري ڪميٽي ۾ سرگرم ڪردار
ادا ڪري رهيا هئا پر جيئن ته ان اهم محاذ تي جيترا به اڳواڻ ۽ سياسي ڪارڪن ڪم ڪن
اهو گهٽ آهي. ان ڪري جتوئي صاحب پنهنجو پاڻ کي روايتي سياست جي حوالي ڪرڻ جي بدران
شعوري ۽ نظرياتي طور تي سنڌ هاري ڪميٽي کي پنهنجي سرگرمين ۽ جدوجهد لاءِ اوليت ا۽
اهميت ڏني.
ايوبي آپيشا هيءَجي دور کان اڳ جڏهين پاڪستان جي هن حصي جي سڀني صوبن
۽ قوميتين جي سڃاڻپ کي ختم ڪري ون يونٽ مڙهيو ويو يا سنڌي زبان جي خلاف مختلف
طريقن، حرفتن ۽ حرڪتن سان سازشون ڪيون ويون يا سنڌ جي مختلف حصن مان لکين ايڪڙ
زمين نوڪر شاهي، رٽائرڊ فوجي عملدارن ۽ اهلڪارن يا ٻين صوبن جي چوڌرين جي حوالي
ڪرڻ جا جواز ۽ بهانا بنايا ويا ته سچ پچ اهو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو جيڪو بروقت
انهن سڀني ناانصافين، ويساھ گهاتين ۽ ڦرلٽ جي خلاف جاندار احتجاجي آواز بڻجي
حڪمرانن کي للڪارڻ ۽ کين بي نقاب ڪرڻ لاءِ سنڌ جو آواز بڻجي اڳيان آيو. ان ۾ ڪو به
شڪ نه آهي ته ان دور ۾ٻيا به ڪيترائي اڳواڻ هاري ڪارڪن ۽ قومي سياسي ڪارڪن هئا
جيڪي پڻ باباءِ سنڌ جا ٻانهن ٻيلي بڻجندا رهيا ۽ سختيون سهندا رهيا پر ”سرڪار“
جنهن ”سرواڻ“ کي پنهنجي راھ ۾ رڪاوٽ سمجهندي هئي اهو حيدر بخش جتوئي هو.
جيتوڻيڪ ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ مير محمد
ٽالپر، عبدالقادر انڍڙ، عبدالخالق آزاد، عزيز الله جروار، شاھ محمد دراني، غلام
حسين سومرو، علي احمد قريشي، شمس الدين شاھ، مولوي نذير احمد جتوئي، حڪيم محمد
معاذ، تاج محمد صحرائي، غلام محمد، نور الله، الله جوڙيو، رئيس بروهي، سميت ٻيا به
ڪيترائي هارين جا هڏڏوکي ۽ همدرد ان سلسلي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيندا رهيا پر جيئن ته
حيدر بخش جتوئي ان سلسلي ۾ رهنمائي وارو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، ان ڪري کيس برداشت
ڪرڻ حڪومتِ وقت جي لاءِ هڪ چئلينج هو، ڇاڪاڻ جو محترم سائين جي ايم سيد، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، عبدالحميد جتوئي ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ ان سلسلي ۾ اول ئي سياسي محاذ
تي پنهنجو پاڻ ملهائي حڪمرانن خلاف احتجاج ڪرڻ ۾ مصروف هئا.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ون يونٽ جي خلاف زمينن جي الاٽمينٽ جي خلاف ۽
سنڌي زبان جي حق ۾ توڙي هارين جي حقن جي حمايت ۽ وڪالت ۾ جتي عدالتن جا در کڙڪايا
جتي دليلن سان رياستي جابر حڪمرانن کي للڪاريو اتي نظم لکي نوجوانن، سنڌ دوست ۽
انصاف پسند قوتن جي ضمير کي جهنجهوڙيو، سنڌ جي قومي جدوجهد کي اڀارڻ ”قومي غيرت“
کي جيئارڻ جي لاءِ ”جيئي سنڌ“ جهڙو نرالو ۽ جذباتي نعرو ڏنو ته ”هاري حقدار“ جي
نالي پڻ نظم لکي جيڪو ماحول پيدا ڪيو، ان وقت جي حڪمرانن کي پريشان، وائڙو ۽ وائکو
ڪري ڇڏيو.
۶۸-۱۹۶۷ع ۾ ان وقت جي مغربي پاڪستان جو گورنر جنرل موسى
خان جڏهين نوابشاھ جي دوري تي آيل هو ته مرحوم قاضي محمد، بخش ڌامراھ جلسي ۾ کانئس
حيدر بخش جتوئي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته جنرل صاحب ڪاوڙ مان جيڪو جواب ڏنو
هو، اهو اڄ به سنڌ واسين کان نه وسري سگهيو آهي. موسى خان اردو ۾ جواب ڏنو هو ته
”مون چئي ڇڏيو آهي ته ان ٻُڍي کي مچ جيل جهڙي سردي ۾ ٻين کان هڪ ڪمبل گهٽ ڏنو وڃي“
ياد رهي ته ڪامريڊ جتوئي ان دور ۾ به بلوچستان جي مچ جيل مان مسلسل
مزاحمت ڪري رهيو هو. مختلف ڪيسن جا جواب جيڪي جتوئي صاحب پاڻ لکيا هئا يا پاڻ جن
ناانصافين جي خلاف جيڪي ڪيس داخل ڪيا هئا يا انگن اکرن جي مدد سان حڪمرانن کي جيڪي
دليل ڏنا هئا يا جيڪي پمفليٽ يا ڪتاب جتوئي صاحب ان دور ۾ لکيا هئا يا ”جيئي سنڌ“
جي نعري جي جائز هجڻ جي لاءِ جيڪي دليل ۽ جواز ڏنا هئا، سچ پچ ته اهي ان وقت جا
”لکيل شاهڪار“ دستاويز هئا. جتوئي صاحب، جيڪڏهن جيل کان ٻاهر هيا ته مسلسل
سرگرميءَ سان سراپا احتجاج بڻيل هئا ۽ جيڪڏهن جيل ۾ هئا ته به سندن لکڻين حڪمرانن
جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون. ۱۹۷۰ع
۾ ٿيندڙ چونڊن جي سلسلي ۾ جڏهن ووٽرن جون لسٽون سنڌي زبان ۾ به شايع ڪرڻ، ون يونٽ
ٽوڙڻ ۽ سنڌي زبان کي قومي زبان تسليم ڪرڻ جي مطالبن مڃائڻ لاءِ سنڌ جي مشهور شاگرد
جماعتن جڏهن ڀرپور ۽ ڪامياب جدوجهد هلائڻ جو اعلان ڪيو ان وقت سخت بيمار هجڻ جي
باوجود باباءِ سنڌ پاڻ اچي شاگردن جي موجودگي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ سندن حمايت جو
اعلان ڪيو ته سندس، ساٿين قاضي فيض محمد ۽ غلام محمد لغاريءَ ته باقاعدي شاگردن
سان گڏجي احتجاج ڪيو ۽ لٺيون کاڌيون.
مئي مهيني جي پهرين هفتي ۾ ۱۹۷۰ ۾ جڏهن حيدربخش جتوئي حيدر منزل حيدرآباد ۾ ويجهن ساٿين سان آخري
گڏجاڻي ڪئي ته ان وقت به سندس ”عزم“ ۽ ارادو جوان هو پر افسوس جو مختلف تڪليفن
کانئس جيئڻ جو حق کسي ورتو ۽ ڪامريد جتوئي ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي سنڌ واسين کي سوڳوار
ڪري ويو.
پنهنجي سياسي سفر جي دوران نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جي دوستن جي
گڏجاڻي هجي يا هاري ڪانفنرس هجي يا ٻين هم خيالن ۽ ويجهن نظرياتي جماعتن ۾ کيس
دعوت مليل هجي. سچ پڇ ته هر جاءِ تي حيدربخش جتوئي جي زبان مان ”سنڌ“، ”مظلوم
قومن“ ۽ محڪوم طبقن جي لاءِ هر وقت جيڪو آواز نڪرندو هو، ان کي ڪير به نظرانداز نه
ڪري سگهندو هو. مسلسل مزاحمت ڪرڻ ۽ لاڳيتو جيلن ۾ رهڻ ۽ صحت جي مجبوري جي ڪري آخر
۾ ڪامريڊ جتوئي تنظيمي طور تي سنڌ هاري ڪميٽي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گهڻو وقت نه
ڏيئي سگهيو، جڏهن ته سندس وفات جي نتيجي ۾ ”سنڌ واسي“ هڪ اهڙي هر دلعزيز آواز کان
محروم ٿي ويا جيڪو کين متحد ۽ متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل هو،
سچ پچ ته ڪامريڊ جتوئي مسلسل جدوجهد جو هڪ سگهارو ۽ غير تڪراري ڪردار هو جيڪو
واقعي باباءِ سنڌ سڏائڻ جو حقدار آهي.
باباءِ سنڌ کي صحيح معنى ۾ خراج تحسين پيش ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته
اسان به سندس جدوجهد ۽ منزل کي پنهنجو مقصد ۽ پنهنجي منزل سمجهون ۽ جنهن آدرش لاءِ
ڪامريڊ جتوئي مسلسل هلچل هلائيندو رهيو، ان آدرش کي اسان به اتم ۽ اعلى سمجهون ۽
شعور توڙي نظرياتي طور پنهنجن اتحادي قوتن سان ٻانهن ٻيلي بڻجي، ”ٻارڻ ٻاريون“ نه
ته سچ پچ ڇڙوڇڙ رهڻ سان ۽ زباني ڪلامي حيدر بخش جتوئي جي تعريف جا ڍُڪ ڀرڻ سان ڪو
به نتيجو نه نڪرندو.
اميد ڪجي ٿي ته وطن دوست قوتون، عوام دوست تنظيمون، ۽ انسان دوست
اڳواڻ گڏجي قومي جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف به آواز بلند ڪندا ته هارين، مزدورن، شاگردن، ملازمن، عورتن، ٻارڙن، استادن،
بي روزگارن ۽ پيڙهيل طبقن جي طبقياتي حقن جي لاءِ پڻ گڏجي ڪردار ادا ڪندا ته جيئن
”مدي خارج“ معاشري ۽ سياست کي شڪست ڏيئي پنهنجي حقيقي فتح لاءِ راھ هموار ڪري
سگهجي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
هڪ انقلابي جي جيون
ڪهاڻي
ڪامريڊ ثمر حيدر
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي،
تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ جنم ورتو. سندس امڙ، سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وئي.
جنهن کانپوءِ کيس سندس بابا ۽ پُڦين نپايو. هو ڏاڍو خوش اخلاق ۽ خوبصورت ٻار هو.
جنهن ڪري خاندان جا سڀ ڀاتي ساڻس تمام گهڻي محبت ڪندا هئا.
پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، هو لاڙڪاڻي جي سنڌ مدرسته اسڪول ۾
داخل ٿيو. اتي هر سال نمايان ڪاميابي حاصل ڪيائين. ۱۹۱۸ع ۾ هن سنڌ ورنيڪيولر امتحان ۾ سڄيءَ سنڌ مان ٽاپ ڪيو. جڏهن ته ۱۹۲۳ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مان
پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. بعد ۾ هن ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي ۽
ميٺا رام هاسٽل ۾ رهيو. هن ۱۹۲۷ع
۾ گريجوئيشن ڪئي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سرڪاري نوڪريءَ دوران سنڌ جي عوام
خاص طور تي هارين جي خراب حالت کي ڏسي، ان سڌاري لاءِ سياسي ۽ سماجي سطح تي ڪوششون
شروع ڪيون. بعد ۾ هن سنڌ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏئي، سنڌ هاري
ڪميٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان پليٽ فارم تان هن سنڌ جي روايتي جاگيردارن،
وڏيرن ۽ سردارن کي لَلڪاريندي، هارين کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ منظم ڪيو.
هن نه صرف پاڻ کي عوام سان جوڙي رکيو، پر ان سان گڏ هن سنڌ جي حقن
لاءِ پڻ لکڻين جي ذريعي آواز اُٿاريو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي ڪيترائي ڀيرا جيل موڪليو ويو. هن شاعري
به ڪئي ۽ جيئي سنڌ وارو نعرو، جيڪو اڄڪلهه هر ڪنهن جي زبان تي آهي، اهو پڻ سندس
مشهور ڪلام ”جيئي سنڌ جيئي، سنڌ جامِ محبت پيئي“ تان ورتل آهي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي اسان سڀني کان وڇڙي
ويو.
سندس آخري آرامگاهه، ڪلهوڙا ڪالوني حيدرآباد ۾ آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
اڙانگي راهه جو راهي
مير نادر علي ابڙو
اڄ سنڌ
جي هڪ اهڙي مهان انسان جي ورسيءَ جو ڏهاڙو آهي، جنهن کي ڌار ٿئي اڄ ۳۸ سال مڪمل ٿي چڪا آهن مگر هن جو نظريو اڄ به ڪالهه وانگي سنڌ جي نوجوانن جي
سرير ۾ پلجي ٿو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصيت تي لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي ۽ نه ڪي
وري ئي مون وٽ ايڏا سارا لفظ آهن، جنهن سان سندن کي ڀيٽا ڏيان. هو هڪ وڏو ادارو
هو، جنهن پنهنجو رت جو آخري ڦڙو به مظلوم طبقي جي حقن جي حاصلات لاءِ وهائي ڇڏيو.
ڪڏهن ڪنهن موڙ تي همت نه هاري ۽ سدائين وڙهندو رهيو. جيستائين سندس سيني ۾ دل
ڌڙڪندي رهي. ڪامريڊ لفظ جي هونئن ته معنيٰ تمام وڏي آهي. جنهن کي ڪي سمجهو ئي
سمجهي سگهن ٿا پر ڪامريڊن جو به هڪ دؤر هو. جڏهن حيدر بخش جتوئي جهڙا جوڌا جوان
انساني بهبود ۽ ترقي لاءِ زندگي جي اڙانگي راهن تي پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي دنيا کان بي
خبر بڻجي نڪتا هئا. اهي ئي حقيقي غريبن جا همدرد هئا.
حيدر
بخش جتوئي وڏيراشاهي خلاف جنگ جوٽي اهڙو ته انقلاب مظلوم طبقي ۾ آندو، جنهن جو
ڪنهن تصور به نه ڪيو هو. سنڌ ۾ مزدورن ۽ هارين جي جياپي لاءِ هلايل تحريڪ سنڌ جي
تحريڪ جو اڻ کٽ باب بڻيل آهي. ڪڏهن به پاڻ سک ساڻ نه ستو ۽ هر لمحي ٻين جي ڀلائي
لاءِ ئي سوچيندو رهيو. هن هر وقت پيڙهيل طبقي لاءِ آواز بلند رکيو. سندس جي هن ڪاڄ
۾ ايڏي ته وسيع محنت ۽ سچائي هئي، جنهن جو مثال شايد ئي مشڪل سان ملي سگهي. نه ته
هاڻوڪي دؤر ۾ ٻاهرين ملڪن مان غربت جي
نالي تي ڊالر ميڙيندڙ اين جي اوز به اهو ڪم ناهن ڪري سگهيون، جيڪو هن ڪيو. حيدر
بخش جتوئي ۽ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وچ ۾ انتهائي ويجهڙائي وارا تعلقات هئا. هر
مسئلي تي پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪندا هئا. ڪامريڊ بابا جي ڏاهپ تي ناز ڪندو هو ته اتي
وري بابا، چاچا ڪامريڊ جي حوالي سان اڪثر اها ڳالهه چوندو هو ته هو سنڌ جي مظلوم
طبقي جو ساٿاري آهي.
خير
انهن ڳالهين کي زمانا گذري چڪا، اهي ماضي
جون يادون بڻجي رهجي ويون آهن پر اها به حقيقت آهي، ته اسان جي ماڻهن ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي جي شخصيت کي هيل تائين اها موٽ ناهي ڏني، جيڪا کين ڏيڻ گهرجي ها. جيڪا
اسان جي سڀ کان وڏي خامي آهي، ته اسان پنهنجي هيروز کي وساريندا پيا وڃون. اڄ هن
شخص کي وڇڙي ۳۸ سال گذري چڪا آهن پر اسان سندس
پورهئي کي ڪهڙي موٽ ڏني؟ سندس نالي پويان نه ڪو ادارو قائم ڪيوسين ۽ نه ئي ڪا ٽرسٽ
جوڙي سگهيا آهيون. اڄ به حيدرآباد جي شهر جو مک چوسول “حيدر چوڪ” اسان جي ذهن کي
جهنجهوڙي هر ايندڙ ويندڙ کان ڪئي سوال ڪندو ٿو وتي. هن چوڪ تي هن جون ڪئي يادون
دفن ٿيل آهن. هن شهر ۾ هن شخص پويان ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي ها. جنهن شهر ۾ گهٽين ۽
چوراهن تي ويهي ڪري هن مظلوم طبقي جي نمائندگي لاءِ پلان جوڙيا. هن شهر ۾ ئي هن کي
نظرانداز ڪيو ويو آهي. آخر ڇو..........؟!! جيڪا ڳالهه انتهائي حيران ڪندڙ ٿي لڳي.
ايڏي سچي انسان جي نالي سان ٿيل ويڌن تي ڪير هجي، جيڪو ڪجهه چوڻ جي جرئت ته ڪري.
اڄ هن جي ۳۸هين ورسي آهي پر ڪنهن به اداري
وڏي پيماني تي سندس جي ورسي ملهائڻ جو اهتمام ناهي ڪيو. سواءِ چند تنظيمن ۽ دوستن
جي. اهي ڳالهيون ايندڙ وقت ۾ اسان لاءِ چئلينج بڻبيون.
ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي مست فقير، ملنگ صفت انسان دوست ۽ انسانيت جو جهر جهنگ تبليغ ڪندڙ
سنڌ جو مهان انسان هو. اڄ ورسيءَ جي موقعي تي آئون سموري سنڌ جي وس وارن کي اهو
عرض ڪندس ته هو باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جي ڏهاڙي تي سندن ياد ۾ ڏهاڙا
ملهائين ته جيئن ان جي شخصيت کي ۽ سندن ڇڏيل نياپي کي عام ماڻهو تائين پهچائي
سگهجي. ان سان گڏ خاص طور تي سنڌ جي مظلوم ۽ هاري طبقي کي اڄوڪي ڏينهن جي مناسبت
سان پراڻين يادن کي تازو ڪندي امن، پريت ۽ محبتن جو سنديسو کڻي، امن ريليون ڪڍڻ
کپن غريب ۽ مظلوم، ڏکويل انسانن سان همدردي جتائڻ کپي. اها ئي اڄوڪي دؤر جي ضرورت
آهي ۽ اهو ئي ماڻهو جو نظريو هجڻ گهرجي. اهي ئي ماڻهو امر ٿي ويندا آهن. جيڪي ٻين
لاءِ جيئڻ جو فن ڄاڻن ٿا.
(سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، خبرون، مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سڪار، عبرت،
تعمير سنڌ، فيصلو، سنڌو، شام)
حيدر بخش جتوئي
سنڌ جو روشن ڏيئو
ابو رافع
ممڪن
آهي ته هيءَ ڪا ڳوٺاڻي چوڻي هجي پر آهي لاجواب. اها هيئن ته هڪ شخص ٻئي کان پڇيو
ته ”وڏو ماڻهو ڪنهن کي چئبو آهي؟“ ٻئي جواب ڏنو ته؛ ”وڏو ماڻهو ان کي چئبو آهي
جيڪو وڏي عهدي تي هجي.“ پهرئين ماڻهوءَ سخت ترديد ڪندي چيو ته؛ ”نه! وڏو ماڻهو ان
کي چئبو آهي، جيڪو ڪنهن به وڏي عهدي کي ٿڏي ڇڏي.“
سچ
پچ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ جي وڏي ماڻهو هجڻ جي پهرين نشاني اها هئي ته هن
وڏي عهدي کي ٿڏي ڇڏيو. جڏهن سنڌ جا جيتامڙا ماڻهو، وڏي ٿيڻ لاءِ اقتداري آڳندن جو
ٻهارريدار ٿيڻ به پسند ڪندا هئا، ان دور ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجو وڏو عهدو
ڇڏي ننڍڙن ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيم هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو هو. ان کان اڳ ۾
شايد اهڙا مثال هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مشڪل ملندا هجن.
اسان
جا اڄ جي تاريخ تائين وڏن عهدن تي ويٺل سنڌي ۽ حڪمرانيءَ جا مزا ماڻيندڙ سنڌي،
جڏهن ڪنهن به سبب ڪري اقتدار يا نوڪرين مان لوڌيا ويندا آهن، تڏهن کين مظلوم سنڌ ۽
مظلوم سنڌي ياد ايندا آهن، ان ڪري سنڌي ماڻهو انهن جي اعمالن کي ڏسي ندامت محسوس
نه ڪري، هنن کي فخر به ڪرڻ گهرجي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جهڙا پٽ به سنڌ ڄڻيا،
جيڪي اڄ سنڌي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻيل آهن.
ڪامريڊ
جتوئي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڏوڪري تعلقي منجهه هڪ ننڍڙي ڳوٺ بکي ديري ۾ جنم ورتو ۽ هو
ڳوٺاڻو ٻارڙو وڏو ٿي دنيا ۾، سنڌ جي هڪ اهڙي جدوجهد جي علامت بڻجي ويو جهڙي ۱۹۱۷ع
۾ روس اندر پهرين ئي شروع ٿي چڪي هئي ۽ هڪ عظيم سوڀ ماڻي چڪي هئي. جتوڻيڪ سنڌ ۾
کان صنعتي نظام کان ڪوهين ڏور هئو ۽ هت مڪمل زرعي سماج هئو ۽ هتي زميندار جي هڪ
هٽي مظبوط هئي ۽ اڄ تائين آهي، ان سماج ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ هتان جي هارين لاءِ ۽
انهن جي بنيادي حقن ”اڌ بٽيءَ“ لاءِ ۽ ٻيون قانوني مددون کين ڏيارڻ لاءِ جيڪا اڌ
عمر جدوجهد ڪئي، ان جتوڻيڪ سنڌي هارين کي ڪي قانوني حق وٺي ڏنا پر ان تحريڪ جيڪو سنڌي
ماڻهوءَ کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ وڙهن ۽ تحريڪ هلائڻ جو شعور ڏنو ان جو مثال
ٻيو نٿو ملي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ، ڪراچي جي وفاق ۾ وڃڻ
خلاف تحريڪ ۽ ٻيون ڪيتريون تحريڪون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ويڙهه جون تاريخون
ٻڌائين ٿيون ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ سندس گيت، مختلف انقلابي راڳين جي آوازن ۾ سنڌ کي
اهڙو شعور ڏئي ويا، جنهن سنڌ کي اڄ تائين بچائي رکيو آهي، جتوڻيڪ ان شعور کي ڪن
موقعن تي وڪيو به ويو آهي، جنهن سبب اڄ سنڌ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن ۽ اڄ جڏهن
سياسي ايمانداري، سياسي همدردي، سنڌ دوستي، پورهيت دوستي، اڻ لڀ ٿيندي پئي وڃي،
تڏهن سنڌ کي شهيد الهه بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ
جتوئي، شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀو، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترائي وطن دوست
سياستدان، اديب، دانشور شاعر سياسي ڪارڪن ۽ همدرد ياد اچي رهيا آهن، جن جي ڪردار
کي ڏسي فخر ٿيڻ لڳي ٿو ۽ وري پاڻ ڏي ۽ ڪن ٻين ڏي ڏسي ندامت محسوس ٿئي ٿي. ڪامريڊ
جتوئي، سنڌ جو هڪ پڙهيل ڳڙهيل سياسي دانشور، شاعر ۽ ليکڪ هو، هن جا ڪيترا شعر هڪ
پاسي آهن ته سندس عملي جدوجهد ٻئي پاسي آهي، چون ٿا ته ”جيئي سنڌ“ لفظ خود ڪامريڊ
جتوئيءَ جي ايجاد آهي، ٻيءَ طرح سندس مشهور نظم ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت
پيئي سنڌ.“ سنڌ جي هر سياسي توڙي ادبي جلسي ۾ اهڙو روح ڦوڪيندو هئو، جو سنڌي ماڻهو
ڪا به ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هئو ۽ وڙهيو به جنهن لاءِ خود تاريخ شاهد
آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جو جيترو به ۽ جيڪو به حصو آهي اهو خود تاريخ
۾ محفوظ رهندو، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ جتوئيءَ جي عملي ويڙهه جو علمي روپ سندس شاعري ۽
ٻين ڪتابن ۾ آهي ۽ اهي ٻئي روپ سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين اتساهه جو سبب بڻجندا رهندا،
ائين سندس هلايل جدوجهد جاري رهندي.
سنڌ
۾ جڏهن به ڪا سنڌي ماڻهن جي گڏيل حاصلات لاءِ جدوجهد هلندي، ويڙهه ٿيندي ته ان جي
پٺ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جي علم ۽ عمل جو ڏنل اتساهه ضرور شامل هوندو، ڇاڪاڻ جو ڪامريڊ
جتوئيءَ علم ۽ عمل ۾ هڪ جهڙو شخص هئو، هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه ڏٺو ويو، يا
ائين چئجي ته ان نسل ۾ اهڙي قسم جو ڪو به فرق نه هئو. سچ پچ ته اهي شخص ئي هئا، جن
جي ڪري اڄ به ڪنهن ڪارڪن وٽ علم ۽ عمل موجود آهي. سنڌ کي ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي
زندگي ارپيندڙ ڪامريڊ جتوئي لاءِ اها ڀيٽا اهم آهي ته اڄ جي هاري تحريڪ کي هڪ ڀيرو
وري سرگرم ڪيو وڃي ۽ سنڌي هاريءَ جي هر ٻئي ڏينهن خراب ٿيندڙ صورتحال کي سڌارڻ
لاءِ ڪا زوردار تحريڪ هلائجي، جيڪا سنڌي ماڻهن ۾ وري ڪا نئين سگهه پيدا ٿئي ۽ اهي
ماڻهو پنهنجو آجپو ماڻين ۽ عزت ۽ آبروءَ واري زندگي گذارڻ جهڙا ٿين ۽ جڏهن ائين
ٿيو ته پڪ ئي پڪ ڪامريڊ پنهنجي جهان ۾ مرڪندو نظر ايندو ۽ سنڌين تي فخر ڪندو ته
هيءُ منهنجي عمل ۽ علم مان پرائيندڙ ماڻهو آهن، جن پنهنجي غلاميءَ جون زنجيرون آخر
ٽوڙي پري اڇلايون آهن ۽ هو دنيا جي آزاد ۽ باوقار قومن ۾ ڪنڌ کڻي ڳالهائڻ جهڙا ٿيا
آهن. ايڪويهه مئي ڪامريڊ جتوئيءَ جي وفات جو ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن سنڌي
ماڻهن لاءِ سوڳ جو ڏينهن آهي، جنهن ۾ اسين سڀ شامل آهيون، پر سنڌ جي مٽيءَ مان اها
اميد رکون ٿا ته ان مان وري ڪو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پيدا ٿيندو ۽ وري هڪ وڏي
ويڙهه وڙهندو.
حيدر بخش جتوئي
هارين جي حقن
لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ باباءِ سنڌ!
بشير ڪالاڻي/
ڄامشورو
حيدر بخش جتوئي، جنهن کي پيار
مان ”باباءِ سنڌ“ سڏجي ٿو، سو سنڌ جو عظيم ترقي پسند، قومي اڳواڻ، شاعر ۽ ڪل وقتي
متحرڪ شاندار ڪردار رهيو آهي. هن پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي انفرادي مفادن جي حاصلات
بجاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ارپي ڇڏي. حيدر بخش جتوئي جو جنم ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۷ع ۾ ڳوٺ بکي ديرو،
ضلعي لاڙڪاڻي جي جتوئي خاندان ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڀرواري ڳوٺ پٺاڻ اسڪول ۾
ورتائين ۽ سنڌي فائينل سڄي سنڌ ۾ پهرئين نمبر سان پاس ڪيائين. انگريزي تعليم سنڌ
مدرسه لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. ۱۹۲۷ع ۾ بي اي مبمئي يونيورسٽي مان
فارسي ۾ پهرين نمبر سان پاس ڪيائين. ۱۹۲۸ع ۾ روينيو ۾ ملازمت اختيار
ڪيائين، ۽ بعد ۾ هائير جو امتحان اول نمبر ۾ پاس ڪرڻ بعد مختيارڪار ٿيو، ۽ پوءِ
جلد ئي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. هارين سان محبت ۽ سندن بدحالي ڏسي باباءِ سنڌ ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي
عهدي تان استعيفيٰ ڏئي، سڌيءَ طرح سنڌ هاري ڪاميٽي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي ۽
آئين پڻ تيار ڪيو. باباءِ سنڌ جي زندگي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿي، هڪ ۱۹۴۵ع کان ۱۹۵۳ع تائين هاري تحريڪ
کي منظم ڪرڻ، ان کي هڪ انقلابي نظريو ڏيڻ ۽ ان لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڌو اڌ زمين
هارين کي ڏيارڻ وارو دور، ۽ ٻيو دور ۱۹۵۴ع کان وٺي ۱۹۷۰ع تائين، جنهن دور ۾
حيدر بخش جتوئي ۽ سندس ساٿين جي جاکوڙ، جنهن حيدر بخش جتوئيءَ کي هڪ اڳواڻ طور
تيار ڪيو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ”باباءِ سنڌ“ لاءِ لکي ٿو ته: ”هو سنڌ جو هڪ
اعليٰ درجي جو مفڪر ۽ انقلابي جذبن ۽ قوتن کي اڀاريندڙ، تحريڪن کي منظم ڪندڙ ۽
”سنڌ جي قومي وجود“ ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جو سراوڻ ۽ انهن ٻنهي تحريڪن کي
ڳنڍيندڙ پل جو ڪم ڏيندڙ اڳواڻ هو“. باباءِ سنڌ هڪ باشعور وڪيل جي حيثيت سان به
حڪمرانن خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. جلسا جلوس ڪڍيا، پمفليٽ ۽ ڪتاب لکيا، ان
کان علاوه ”سنڌ جي زمينن جو حقدار ڪير“ سميت ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ذريعي حڪمرانن
جي پت وائکي ٿيندي رهي، جنهن ڪري هن تي ملٽري ۽ سول ڪورٽن ۾ بغاوت جا ڪيس هليا ۽
کيس سزائون مليون. باباءِ سنڌ جڏهن اهو محسوس ڪيو ته قومي، عوامي اڳواڻ کان علاوه ليکڪ ۽ شاعر به پنهنجي فن ذريعي، پنهنجي
قلم جي آڌار تي اهو ڪجهه چئي ۽ لکي سگهي ٿو، جنهن جو ٻئي ڪنهن نموني اظهار نه صرف
مشڪل، پر ناممڪن ٿيو پوي، تڏهن هن ان دور ۾ قومي شاعر ڪري سنڌ واسين کي سجاڳ ڪيو.
”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ جهڙن نظمن ذريعي هن سنڌ جي باشعور ماڻهن تائين پنهنجو پيغام
پهچائي هڪ هلچل ۽ تحريڪ برپا ڪري ڇڏي. ڪامريڊ اظهر جتوئي، باباءِ سنڌ جي شاعري جي
ڪتاب ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”باباءِ سنڌ جي شاعري وقت جي قيد و بند
کان آزاد آهي. اها سنڌ لاءِ اڄ پڻ ايتري ضروري آهي، جيڪا ان وقت هئي. سندس شاعري ۽
تحريرون سنڌي ادب جو هڪ وڏو سرمايو آهن ۽ گڏوگڏ سنڌ جي مستقبل بابت رهنمائي ۽ نجات
جو پيغام پڻ آهن.“ بهرحال باباءِ سنڌ جي نظر مان جيڪو ڪجهه گذريو، ان کي شاعري ۾
سمائي ڇڏيندو هو. سنڌو درياهه تي نظم ”دريا بادشاهه“ ۽ هيروشما ۽ ناگا ساڪي تي
آمريڪا پاران اڇلايل ائٽم بم خلاف به هن نظم لکيا. سندس شاعريءَ ۾ جيڪو عوامي رنگ
سمايل هو، اهو قابل تحسين ۽ فخر جهڙي ڳالهه آهي. باباءِ سنڌ جڏهن بيماري جي حالت ۾
مارچ ۱۹۷۰ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ جو اعلان ٻڌو ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪ نظم
”اجها عيد آئي، اجها عيد آئي“ جي عنوان سان تخليق ڪيائين. باباءِ سنڌ ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي منجهند جو ۳ وڳي اسان کان هميشه
هميشه لاءِ موڪلائي ويو، کيس غلام شاهه ڪلهوڙو جي مقبري ڀرسان دفنايو ويو.
حيدر بخش جتوئي
سنڌ جي ترقي پسند ادبي
تحريڪ جو سرواڻ
پروفيسر سرور سيف
ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي ۱۹۰۱ع ۾ ڄائو، ۱۹۱۵ع ۾ سنڌي فائنل، ۱۹۲۳ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۲۷ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي ڪئي. ۱۹۲۸ع ۾ هيڊ منشي طور روينيو کاتي ۾ ملازمت جي
شروعات ڪئي، ۱۹۴۳ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفا ڏئي عملي سياست ۾ آيو. سنڌ جي پيڙهيل
طبقي خاص طور تي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾
شامل به ٿيو. حياتيءَ جي آخري پل ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تائين هارين ۽ ٻين پيڙهيل طبقن جي حقن ۽ سنڌ جي آجپي
لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. جيل لاڪپ ڏٺائين، وڏيرن، پيرن، جاگيردارن عوام دشمن قوتن
سان سينه سپر ٿي انهن کي للڪاريندو رهيو. ۽ هر ان مسئلي تي آواز اٿاريائين، وڙهيو
جنهن ۾ سنڌي، سنڌ جي عوام ۽ غريب هارين ۽ پورهيتن لاءِ جوکو هو، پريشاني ۽ جنجال
هو.
ڪامريڊ حيدر بخش جي
زندگيءَ جا شروعاتي سال جيڪي تعليم ۽ ملازمت ۾ گذريا يعني ۱۹۰۱ع کان ۱۹۴۳ع تائين، اهي سنڌ، هند توڙي دنيا ۾ هيجاني
سال هئا. پهرين جنگِ عظيم، ٻي جنگِ عظيم، هزارها ماڻهن جو خونِ ناحق، رت سان رنگيل
دنيا، غلاميءَ خلاف مختلف ملڪن ۾ هلندڙ
آزادي جون تحريڪون، وک وک تي سامراجين جا کتل خوني چنبا، اذيت ناڪ تشدد، عقوبت
خانا، اسپين ۾ گهٽي گهٽي رت جي راند، اٽلي ۾ رت پياڪن جون کيڏيل هوليون، اوڀر يورپ
تي فاشسٽ جا حملا، بمباري اتحادين ۽ محورين جا بلاڪ، جاپان جي شهرن تي ايٽم بم جي
تباهي، مطلب ته سڄي دنيا ۾ شامِ غريبان جو منظر هو. ۽ هتي ڏکڻ ايشيا ۾ ۽ خاص طور
سنڌ ۾ انگريز سامراج خلاف پرامن ۽ پرتشدد تحريڪون، بنگال جو ورهاڱو، رولٽ ايڪٽ،
جليانوالا باغ جو ڪوس، خلافت تحريڪ، آزادي جي تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ، حر تحريڪ،
مکي جي جنگ، سنڌ ۾ قهري مارشل لا، هندو مسلم فساد، ڀڳت ڪنور جو قتل، هيمون ڪالاڻي
کي ڦاسي، سورهيه بادشاھ جي شهادت، سياسي عدم استحڪام، مطلب ته هي سڄو عرصو هند ۽
سنڌ ۾ ٻائيتال متل هو. ۽ ان جو اثر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ معاشي ۽ سماجي ابتري جي
صورت ۾ ٿي رهيو هو. جنهن حساس ماڻهن، خاص طور تي اديبن فنڪارن کي گهرو صدمو رسايو
هو، ٻئي پاسي خطرو هو ته دنيا ۾ فاشسٽ قوتون وڌندڙ اثر ۽ ٻل تي حاوي نه ٿي وڃن، جن
اديبن شاعرن کي جيڪي امن جا پيغامبر ۽ ترقيءَ جا خواهشمند هئا للڪاريو پئي. گوئبلز
جيڪو هٽلر جي شر جو محرڪ هو تنهن چتايو پئي ته اديب، شاعر ۽ فنڪار فاشزم جو ساٿ ڏين
يا سخت نتيجن لاءِ تيار رهن ۽ وڏي واڪ چيو پئي ته ليکڪ جيڪو فسطائيت جو ساٿ نه ڏيندو
ان کي دشمن قرار ڏئي ڀيانڪ سزا ڏني ويندي. جيولس فيوچڪ، ايني فرينڪ، موسيّ جليل
عتاب جو شڪار به ٿيا. انڌوناڪ مايوسي، انارڪي، خوف ۽ دهشت جي هن ماحول ۾ دنيا جي ڪجھ
بي خوف امن جي پانڌيئڙن ۱۹۳۵ع ۾ پئرس ۾ گڏجاڻي ڪئي ته جيئن دنيا مان خوف جي خاتمي، امن ڀريي ماحول لاءِ
تحرڪ وٺجي، فسطائي قوتن جي وحشت خلاف عوام جو ساٿ ڏجي، هن گڏجاڻي ۾ جڳ مشهور اديب
رومين رولان، گورڪي، طامس مان، هينري باربوس، آندري مارلو شريڪ ٿيا، جڏهن ته لنڊن
۾ پڙهندڙ برصغير جا نوجوان شاگرد ۽ ليکڪ ڊاڪٽر
راج آنند ۽ سجاد ظهير به ان ۾ شامل ٿيا. هن بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ دنيا ۾ امن جو
قيام، فاشزم خلاف سينو سپر ڪرڻ، عوام سان عملي طور گڏ بيهڻ ۽ اهڙي ادب تخليق ڪرڻ
جو عزم ڪيو ويو جنهن سان عام ماڻهن جي دلين جي ترجماني به ٿئي ته رهنمائي به. انهي
گڏجاڻي کان ڪجھ مهينا اڳ لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ برصغير جي نوجوان شاگردن، ليکڪن جو
اجلاس ٿيو هو جنهن جا ميزبان آنند ۽ سجاد ظهير هئا، انهن کي ڪوي ٽئگور جي حمايت
حاصل هئي. ٽئگور پئرس گڏجاڻي ۾ به شريڪ ٿيڻ جي حامي ڀري هئي پر شريڪ نه ٿي سگهيو
هو. لنڊن جي ان هوٽل ۾ برصغير جي عوام جي رهنمائي، عوامي حلقن ۾ سياسي سماجي سجاڳيءَ
لاءِ انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد وڌو ويو ۽ ان ۾ جيڪو پڌرنامو طئه ڪيو ويو ان
تي هندستان جي ڪئي نامور اديبن بعد ۾ صحيحون ڪيون. اپريل ۱۹۳۶ع ۾ انجمن جي پهرين ڪانفرنس لکنئو ۾ ٿي جنهن
جي صدارت منشي پريم چند ڪئي ۽ ائين برصغير ۾ ادب ۾ عوام جو آواز، ادب زندگي جي
شروعات ٿي. جنهن جو نامور اردو، هندي اديبن ۽ هندستان جي بنگالي سميت علاقائي
زبانن جي نمائنده اديبن خيرمقدم ڪيو. انهن ۾ مولانا عبد الحق، حسرت موهاني، قاضي
عبدالغفار، فراق، مجنون گورکپوري ۽ جوش مليح آبادي شامل هئا. ۽ ايئن هي قافلي روان
دوان ٿيو جنهن ۾ مخدوم محي الدين، احتشام حسين، حيات انصاري، رشين جهان، فيض احمد
فيض، ڊاڪٽر تاثير، احمد علي ۽ ٻيا شامل هئا جن انجمن جو پيغام ڏکڻ ايشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ
۾ پهچائڻ جا جتن ڪيا. انهن مان اڳتي هلي محمدالدين تاثير ۽ احمد علي رجعت پسندن
سان وڃي بيٺا، ممتاز مفتي، حسن عسڪري ۽ انتظار حسين جي ڪئمپ ۾ شامل ٿيا. ممتاز
شيرين به ائين ئي ڪيو. ۱۹۳۶ع جي هن پهرين ڪانفرنس ۾ جيڪو پڌرنامو منظور ڪيو ويو ان ۾ چيو ويو هو ته ڏکڻ
ايشيا جي اديبن جو فرض آهي ته خطي ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين جو ڀرپور اظهار ڪن، ادب ۾
سائنسي عقليت پسندي کي فروغ ڏيندي ترقي پسند تحريڪن جي حمايت ڪن ۽ اهڙو تنقيدي
انداز اختيار ڪن جنهن سان نسل، مذهب، جنس، جنگ ۽ سماج جي باري ۾ رجعتي ۽ ماضي
پرستيءَ جي خيالن جو سدباب ٿي سگهي ۽ اهڙن ادبي لاڙن کي روڪين ۽ رد ڪن جنهن سان
فرقه پرستي، نسلي تعصب ۽ انساني استحصال جي بوءِ اچي.
هن پڌرنامي ۾ چيو
ويو ته انجمن جو مقصد ادب ۽ آرٽ کي انهن رجعت پسند قوتن جي چنبي مان آجو ڪرائڻ
آهي، جيڪي پاڻ سان گڏ ادب ۽ فن کي به ڪنهن وڏي کڏ ۾ اڇلائڻ چاهن ٿا. اسان کي ادب ۾
زندگيءَ جي بنيادي مسئلن کي موصوع بڻائي بک، غربت، سماجي پستي ۽ غلاميءَ خلاف
جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
انجمن جو بنيادي
متو هڪ اهڙي بين الاقوامي رشتي جو بنياد وجهڻ هو، جنهن ۾ قومي ۽ جاگرافيائي حدن جو
نه پر انسانيت جو احترام هو، جنهن ۾ قومي برتري نه پر انصاف محبت ۽ آزادي جا جذبا مقدم هجن.
ٽئگور، اديبن کي
لکيل هڪ خط ۾ چيو هو ته ”اديبن شاعرن کي عوام سان رلي ملي وڃڻ کپي ۽ سمجهڻ کپي ته
جيئن بيگانگي ۽ دوري نه رهي. انسانيت ۽ سماج سان محبت ڪرڻ کپي، اهو ادب جيڪو
انسانيت ۽ سماج سان هم آهنگ نه آهي ناڪام ۽ نامراد آهي“
ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي انجمن سان وابسته نه هو پر هو ان جي قيام کان اڳ ئي ترقي پسند سوچ جوحامل ۽
ادب زندگي، ادب عوام جي آواز جو نقيب هو. هن جي دنيا جي اٿل پٿل ۽ هر سرگرمي تي
نظر هئي. سندس لکڻيون، پئرس، لنڊن ۽ لکنئو پڌرنامن جي عين مطابق هيون. هن ۱۷ سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. سندس
پهريون شعر اخبارِتعليم ۾ ۱۹۱۸ع ۾ ڇپيو. ”آ صبر تي راضي ڏاڍو ذوالجلال“. ۱۹۲۷ع ۾ ڊي جي ڪاليج جي مخزن ”سرسوتي“ جو ايڊيٽر
هو، جنهن ۾ سندس مرثيا، رباعيون ۽ غزل ڇپيا. ۱۹۳۱ع ۾ جڳ مشهور ”تحفهءِ سنڌ“ لکيائين جنهن ۾
ترقي پسند خيال پيش ڪيائين. ان ۾ هڪ طويل نظم ”شڪوه“ هو. جنهن ڀونچال آڻي ڇڏيو،
جنهن تي فتوائون آيون. ياد رهي ته علامه اقبال به اڳ ۾ ”شڪوه“ لکيو هو ۽ پوءِ
معافي وٺي ”جوابِ شڪوه“ لکيو هئائين. علامه اقبال جي ” شڪوه“ مسلمان جي ”شڪوه“
هئي، حيدر بخش جي ”شڪوه“ انسان جي ”شڪوه“ هئي. حيدر بخش اڏول بيٺو رهيو، پير، وڏيرا،
مير سندس مخالف ٿي بيٺا، نوڪري وڃائڻ ۽ سرڪاري طور قدم کڻڻ لاءِ سرهندي پيرن سميت ڀنڊي
ٻاري وئي. ميران محمد شاھ، ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي
ته سندرو ٻڌي بمبئي گورنر وٽ وڃي پهتا، سر شاهنواز ڀٽي، جتوئي صاحب لاءِ گورنر کي
قائل ڪيو. ۽ جتوئي صاحب اڏول ٿي بيٺو رهيو.
حيدر بخش عالمي ادب
جو پاڙهو هو ۽ سندس نظر شروع کان ئي دنيا ۾ ايندڙ سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل تي هئي.
مارڪسزم کان شروع کان ئي متاثر رهيو. داس ڪيپيٽال جو سنڌي ۾ ترجمو شروع ڪيائين. پيڙهيل
طبقن خاص طور هارين جي اهنجن، سورن، سندن ابتر ڏکي جيوت مٿس وڏو اثر ڪيو، ان ڪري ،
انهن جي سجاڳي، انصاف ۽ انهن جي حقن لاءِ بااثر نوڪريءَ کي لت هڻي، عملي جدوجهد جي
ميدان ۾ آيو ۽ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سندس شعر و سخن جو موضُوع هاري، پيڙهيل
طبقا ۽ سنڌ بڻيا.
انجمن ترقي پسند
مصنفين سڄي ملڪ ۾ سرگرم رهي پر سنڌ ۾ انهن جي پاران ڪو به ڪم نه ٿيو، پر پنهن جي
ليکي هتي ترقي پسند ادب سرجيو ويو جنهن جو مهندار ڪامريڊ حيدر بخش هو. ڪشنچند
بيوس، امر لال هنڱوراڻي، شيخ اياز، گوبند پنجابي، گوبند مالهي، جيڪو به لکيو اهو ۱۹۳۵ع ۽ ۱۹۳۶ ع جي انجمن جي پڌرنامن جي عين مطابق هو. انجمن جي قيام
جي سال گوبند مالهي ”نئين دنيا” رسالو ڪڍيو جنهن ۾ ڪامريڊ جتوئي جون تحريرون ڇپيون.
ڪشنچند جو ”شيرين شعر“ ۱۹۳۷ع ۾ آيو، بعد ۾ ”ڦولداني“ ۽ ”سامونڊي سپون“ آيا. گوبند پنجابي جو ”سرد
آهون“ نثر ۾ ترقي پسند ادب جو ترجمان ڪتاب آهي.
سجاد ظهير روشنائي
۾ انجمن يا ترقي پسند ادب جي حوالي سان حيدر بخش سميت ڪنهن به سنڌي اديب جو ذڪر نه
ڪيو آهي ۽ نه سنڌ ۾ انجمن جي سرگرمين بابت ڪجھ لکيو آهي. ورهاڱي کان گهڻو پوءِ انجمن جو سرگرميون ڪراچي ۾ شروع ٿيون.
جڏهن ته ”سنڌي ادبي سرڪل“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جي فروغ لاءِ
پنهن جون سرگرميون جاري رکيون. حالانڪه سجاد ظهير علاقائي زبانن کي قومي زبانن جو
درجو ڏيڻ جي ڳالھ ڪندو رهيو، آل سرور ۽ سردار جعفري به پنهنجي تذڪرن ۾ جتوئي صاحب
سميت سنڌي روشن خيال اديبن جي ذڪر کان گريزان رهيا.
ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي جي شاعري ۽ نثر جو محور ”هاري“ هئا. هاري ڪهاڻيون، ڪمدار جا ڪارناما (ڊرامو)،
هاري حقدار ۽ ڪسان، هفتيوار اخبارون، نظم ان جا ساکي آهن. جڏهن ته انجمن سان
واسطيدار مزدور ۽ ان جي مسئلن تي لکندا رهيا.
سردار جعفري صاحب
”ترقي پسند ادب“ ۾ لکيو آهي ته انجمن سان وابسته اديبن جو الميو اهو هو ته اهي
پنهنجو پيغام هارين تائين نه پهچائي سگهيا. اهي مزدورن ۽ ٻين طبقن تائين ته پهتا
پر هارين جي مسئلن، ڏکن سورن جي انهن کي ڀڻڪ به نصيب نه ٿي.
ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جو سرواڻ هو. جنهن ۱۳ نظم جا ڪتاب، چار نثر ۽ ڪيئي انگريزيءَ ۾ ڪتابچا
لکيا. ڪيئي انگريزي ۽ سنڌي ۾ پمفليٽ لکيا. سندس انقلابي، ترقي پسند، وطن دوست نظمن
۾ تحفه سنڌ ، شڪوه آزاديء قوم مخمس، سنڌ پياري، حيوان انسان، جيئي سنڌ، سنڌ جو
دلبر هوش محمد، اي مٺي جيجل اي سونهاري سنڌ، بلوچستان زنده باد، پاڪستان زنده باد،
سلامِ سنڌ وغيره شامل آهن.
ڀاءُ آ پنهنجي هر
انسان
پنهنجو آهي هي
ايمان
پنهن جو آهي هي
اسلام
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
ڪينو فتنو ٿئي
برباد
قرب محبت زنده باد
پنهنجو هي آهي
پيغام
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ
(ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي بابت لاڙڪاڻي ۾ ٿيل سيمينار ۾ پڙهيل)
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
رڪ سنڌي
ساڻيهه اشاعت گهر
طرفان اسان سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت سان گڏ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياست ۽ عالمي
نظرين تي وڌ کان وڌ جامع ۽ ترقي پسند سوچ جي ترجماني ڪندڙ مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا
رهنداسين. ان مواد ۾ نئين تخليقن سان گڏ اهي پراڻيون شايع ٿيل لکڻيون به شامل
هونديون، جيڪي وقتي حالتن مطابق هجڻ سان گڏ، مارڪسي لينني سائنسي سوچ جي ترجماني
ڪندڙ پڻ هونديون. جيئن سنڌي قوم پنهنجي صحيح ۽ سچي تاريخ، ادب ۽ ثقافت سميت انهن
اهم سياسي مسئلن ۽ نظرين کان پڻ واقف ٿيندي رهي، جيڪي نه صرف پوري دنيا تي اثر
انداز ٿي رهيا آهن، پر اسان جي پنهنجين اندروني حالتن سان پڻ لاڳاپيل آهن.
اسان پنهنجي عمل جي
شروعات سنڌ جي هڪ عظيم انسان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگيءَ تي هڪ
ڪتاب ڇپائڻ سان ڪري رهيا آهيون.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي، پهريون ماڻهو هو، جنهن سنڌ اندر صحيح معنى ۾ سماجوادي فڪر جو
ڦهلاءُ ڪيو ۽ پورهيت راڄ قائم ڪرڻ لاءِ انقلابي تحريڪ جو بنياد وڌو. هن سنڌ جي
هارين، مزدورن ۽ شاگردن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڦورن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ هڪ پليٽ
فارم تي گڏ ڪيو. ڪامريڊ، سنڌ جي مظلوم پورهيت عوام جي جان مدي خارج سياست مان آجي
ڪرائي، کيس صحيح سياسي لائين تي آندو. هن دور ۾ سنڌ جي پورهيت عوام ڪامريڊ جي ڏسيل
مارڪسي-لينني انقلابي نظرئي جي سرواڻي هيٺ وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي رهيو آهي. هو
ڏيهي ۽ پرڏيهي ڦورن خلاف ويڙهه جي شروعات ڪري چڪو آهي.
ڪامريڊ جتوئي نه
صرف سنڌ جي مدي خارج سياست ۾ انقلابي تبديلي آندي، پر هن ماڻهوءَ ئي سنڌي ادب ۾
پهريون ڀيرو رجعت پرست ادبي رجحانن کي شڪست ڏئي، ترقي پسند ادبي قدرن جو بنياد وڌو
۽ سنڌي ادب کي دنيا جي سماجوادي فڪر جي ترجماني ڪندڙ ادب سان ٻٽ ڪري بيهاريو.
ڪامريڊ هتان جي اديبن کي پهريون ڀيرو دنيا جي انقلابي ادبي ڌارا کان واقف ڪري، کين
ان سان سلهاڙي ڇڏيو.
سنڌ جو هيڏو وڏو
انقلابي رهنماءُ اڄ اسان جي بي حسيءَ جو شڪار بنجي چڪو آهي. اسان کيس نظرانداز ڪري
چڪا آهيون، وساري چڪا آهيون. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي جو اڄ ڪامريڊ جي وفات ڪئي ۱۴ سال ٿي چڪا آهن، پر اسان اڄ تائين نه ته
ڪامريڊ جي سوانح عمري لکي سگهيا آهيون ۽ نه وري سندس نهايت املهه ڪتاب، لکڻيون،
سياسي ۽ نظرياتي مقالا ۽ مضمون ڇپائڻ جي ڪا ضرورت محسوس ڪئي آهي. اسان کي پنهنجو
ايندڙ نسل ان بي حسيءَ، سستيءَ ۽ ڪاهليءَ تي ڪڏهن ڪو نه بخشيندو.
اڄ ڪامريڊ جتوئيءَ
کي سڀ ادارا، پارٽيون ۽ تنظيمون وساري چڪيون آهن. هتان جي نئشنلسٽن ان ڪري ڪامريڊ
کي پنهنجو نه ڪيو آهي، جو ڪامريڊ قومي مسئلو سماجوادي نقطي نظر سان حل ڪرڻ پئي
گهريو ۽ پاڻ سنڌ وطن جي پورهيتن کي ڌارين توڙي پنهنجن ڦورن، ٻنهي کان نجات وٺرائي
ڏيڻ لاءِ ڪوشان هيو. جيڪا ڳالهه هتان جي مٿئين طبقي جي مفادن جي رکوالي ڪندڙ
نيشنلسٽن کي ڪا نه وڻي. ان ڪري هنن ڪامريڊ جو ”جيئي سنڌ“ جو نعرو ۽ قومي
خودمختياريءَ جو پروگرام ته پنهنجو ڪيو، پر هو ڪامريڊ جي ”پورهيت راڄ“ قائم ڪرڻ
واري پروگرام کان پاسيرا ٿي ويا.
ڪامريڊ جتوئيءَ کي
پاڪستان جا نقلي ترقي پسند ان ڪري وساري چڪا آهن، جو ڪامريڊ، پاڪستان کي هڪ وفاقي
گهڻ قومي ملڪ مڃيندي، هتان جي مظلوم قومن جي قومي خودمختياريءَ جو حامي هيو. سندن
نظريو هو ته، هتي تيستائين پورهيت راڄ قائم ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين هتي قومي جبر
جو خاتمو نه ٿو ٿئي ۽ قومون پنهنجي حقيقي آزادي ۽ خودمختياري نه ٿيون ماڻين. ان
ڪري نقلي ترقي پسندن، ڪامريڊ جو ”پورهيت راڄ“ قائم ڪرڻ وارو نظريو ته پنهنجو ڪيو
پر، هتان جي مظلوم قومن لاءِ ڪامريڊ طرفان پيش ڪيل پروگرام کي پٺتي اڇلائي ڇڏيو.
ٻنهي ڌرين ڪامريڊ
کي ٻن الڳ الڳ حصن ۾ ورهائي سندس نظرئي جي اصل روح جي نفي ڪئي آهي. هنن ڪامريڊ جي
هڪ مڪمل سياسي ماڻهوءَ کي ترار سان ٻه ٽڪر ڪري ختم ڪيو آهي. هاڻ ڪامريڊ جي صحيح
پيروڪارن ۽ همت وارن ڪارڪنن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو عوام آڏو سندس صحيح ۽ سچو رخ
پيش ڪن ۽ سندس نظرئي تحت ڪم ڪري هتان جي مظلوم عوام کي دکن ۽ دردن مان ڇوٽڪارو
ڏيارين.
سچ ته ڪامريڊ
جتوئي، هتان جي مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي جيڪا واٽ ڏسي
آهي، سا مارڪسزم -ليننزم جي عين اصولن موجب آهي. ڪامريڊ هتان جي حالتن ۽ ضرورتن کي
نظر ۾ رکي جيڪو پروگرام اسان کي ڏئي ويو آهي، سو سنڌ جي ماڻهن جي گهرجن موجب آهي.
ان ڪري اسان کي گهرجي ته سندس ڏسيل واٽ تي هلي، پنهنجو مستقبل روشن ڪيون. جيئن ملڪ
۾ حقيقي امن قائم ٿئي ۽ خوشحالي اچي.
(رڪ سنڌي جي
مرتب ڪيل ڪتاب ”باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“ جا ٻه اکر، ڇپيل، جون ۱۹۸۴ع)
حيدر بخش جتوئي
سنڌ جو انقلابي ۽ عوامي شاعر - ورسيءَ جي مناسبت سان
صدام جوکيو
جديد سنڌي شاعريءَ
جي سرجڻهارن ۾ ڪجهه اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن، جن شاعريءَ ذريعي ظلم، ڏاڍ ۽
ناانصافين خلاف باقائده جنگ جوٽي ۽ هارين، مزدورن ۽ مسڪينن کي سجاڳ ڪيو، منجهن حق
طلبيءَ جي جرئت پيدا ڪئي، خوداعتماديءَ جو جذبو جاڳايو ۽ شعوري جاڳرتا جي لاءِ
قلمي توڙي عملي طرح سان بي انت ڪوششون ڪيون، هونئن ته جديد سنڌي شاعريءَ جي بنيادي
شاعرن مان اڪثر شاعرن وٽ اهڙي قسم جو فڪر ڀرپور ملي ٿو، پر چند نالا اهڙا آهن، جن
زندگيءَ جو هر هڪ پل مسڪينن کي حق ڏيارڻ ۾ گذاريو ۽ مسلسل ظلمتن خلاف وڙهندا رهيا.
سنڌ جي سڳنڌن ڀريءَ مٽيءَ منجهان جنم وٺندڙ اهڙن انسان دوست شاعرن، سياسي اڳواڻن ۽
روشن خيال ڏاهن منجهان هڪ حيدر بخش جتوئي به هو، جنهن قومي شعور، سماجي سڌاري،
هارين جي حقن، مزدورن جي محنتن ۽ حقوق العباد جهڙن موضوعن کي تقريرن، تحريڪن، شعرن
۽ ٻين لکڻين ذريعي روشناس ڪرايو. حيدر بخش جتوئي هونئن ته حق پسند سياستدان، سچو
صحافي، نثر نويس ۽ گهڻ ڄاڻو انسان هو، پر بحثيت هڪ شاعر جي حيدر بخش جتوئي تمام
وڏي پايي جو ترقي پسند، مزاحمتي، قومي، انقلابي ۽ عوامي شاعر هو، جنهن حياتيءَ جي
هَڙَ مان وڏو حصو سنڌ ڌرتيءَ جي سينڌ سنوارڻ ۽ سنڌ جي حقيقي وارثن هارين ۽ مزدورن
جي قدر ۽ قيمت کي پڌرو ڪرڻ ۾ وقف ڪيو. هُو سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ بي انت محبت جا پر
خلوص جذبات رکندڙ نهايت بيباڪ ۽ برجستي شخصيت جو مالڪ ۽ ديو مالائي ڪردار رکندڙ
هو. هن ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪيون، جيل جون سختيون سَٺيون پر هارين جي نعري
جو عَلمُ اُڀو رکندو آيو.
حيدر بخش جتوئي
جيڪا ون يونٽ جي خلاف جنگ وڙهيو، اُها سنڌ جو عوام ڪڏهن به ڪونه وساريندو. سندس
لاءِ عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي ته “ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هڪ ترقي پسند انسان ۽
شاعر به هو.” حيدر بخش جتوئي هارين جي مدد ۽ حقن لاءِ وڙهندي پنهنجي نوڪري ڇڏي
ڏني، جنهن سبب کيس سختين کي منهن ڏيڻو پيو، پر هن ڪنهن به طرح جي پرواهه نه ڪئي،
ان ڳالهه کي بيان ڪندي سنڌ جي رهبر سائين جي. ايم. سيد لکيو ته “هي غريب گهر جو
ماڻهو هو، سندس نوڪري جي زماني ۾ ايماندار رهڻ ڪري پئسو گڏ ڪري نه سگهيو. هو نوڪري
کان ٻاهر نڪرڻ بعد، جي مشڪلاتن سامهون اچڻ واريون هيون، اُنهن جي پرواهه نه
ڪيائين.” هاري تحريڪ واري دور ۾ حيدر بخش جتوئيءَ جا جيڪي سچا ساٿي هئا، انهن جي
ڪردار ۽ ساٿ کي ساراهيندي علي احمد بروهي لکيو آهي ته “حيدربخش جتوئي جو وڏو
ڪارنامو هي هو جو هن، هارين جا سچا هڏڏوکي ورڪر پيدا ڪيا. اها سندس خوشنصيبي پڻ
هئي جو سندس پاڻ جهڙا جوشيلا ۽ سرويچ ساٿي همراهي ٿيا. جن آخري دم تائين تحريڪ سان
توڙ نڀايو، اُنهن ۾ مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، قاضي فيض محمد، عبدالجبار ۽ غلام
محمد لغاري جا نالا قابل ذڪر آهن.” ون يونٽ خلاف حيدر بخش جتوئيءَ جي خدمتن کي
بيان ڪندي سنڌ جي نالي واري شخصيت سوڀو گيانچنداڻيءَ لکيو آهي ته “۱۹۵۴ع کان ۱۹۶۹ع جي ٻوساٽ واري ماحول ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ
کان وٺي ان جي خاتمي تائين حيدر بخش جتوئي سنڌ جو هاري ليڊر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو
قومي اڳواڻ، سنڌ جي قومي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد جو علمبردار رهبر ٿي رهيو،
انهن پندرهن سالن ۾ حيدر بخش جتوئي ايوب شاهي ۽ ڊڪٽيٽرشپ ۽ پنجاب جي جاگيرداري
نوڪر شاهي سازش کي بي نقاب ڪندو رهيو.”
جديد سنڌي شاعريءَ
جي قداور شاعرن جي صف اول ۾ شمار ٿيندڙ حيدر بخش جتوئي سال ۱۹۰۱ع ۾ دنيا ۾ قدم رکيو هو، سندس پيدائش الهداد
خان جتوئي جي گهر ۾ ٿي. حيدر بخش جتوئيءَ جو تعلق ڳوٺ “بکو ديري” تعلقي ڏوڪري،
ضلعي لاڙڪاڻي سان هو، لاڙڪاڻو سنڌ جو اُهو شهر آهي، جنهن سان ڪيترين ئي تاريخ ساز
شخصيتن جو تعلق رهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ادبي تاريخ ۾ حيدر بخش جتوئيءَ
جي زندگيءَ جو مختصر احوال هن طرح لکيو آهي ته “هن ۱۹۱۸ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ پهريون
نمبر آيو، ۱۹۲۳ع ۾ لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ ۱۹۲۷ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس) ڪيائين،
امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي ٿيو، مختيارڪار ۽
ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي به رهيو. هن کي زميندار جي ظلم ۽ انگريزي سرڪار جي روش
لاءِ ڌڪار پيدا ٿي. ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي، هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو، ۱۹۴۷ع ۾ هاري ڪميٽيءَ جو صدر مقرر ٿيو، جنهن
عهدي تي وفات تائين رهيو.” حيدر بخش جتوئي ننڍپڻ کان ئي مشاعرن ۾ ويندو هو ۽ اتان
ئي کيس لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سندس نالو بحثيت هڪ شاعر جي مشهور
ٿيڻ لڳو هو. شاعريءَ ۾ هن پاڻ لاءِ “حيدر” جو تخلص چونڊ ڪيو. شاعريءَ سان گڏ هن
صحافت ۾ به خوب خدمتون سرانجام ڏنيون، سال ۱۹۴۵ع ۾ “هاري حقدار” اخبار جاري ڪيائين ۽ ان جو ايڊيٽر پڻ
ٿي رهيو، سال ۱۹۴۶ع ۾ “ڪسان” اخبار جاري ڪيائين. هنن اخبارن جو مقصد پڻ هارين ۽ مزدورن کي حق
رسائي هو. سندس جدوجهد حق ۽ سچ جي جدوجهد هئي، کيس باباءِ سنڌ جو لقب عطا ٿيو. هن
سنڌ جي پوئتي پيل پيڙيل طبقي لاءِ جاکوڙيندي هر طرح جون خدمتون سرانجام ڏنيون.
باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئيءَ ڪيترائي ڪتاب، پمفليٽ ۽ ٻيون تحريرون لکيون، جيڪي تمام
گهڻيون اهم ۽ ڪارائتيون آهن، سندس تصنيفن ۾”تحفة سنڌ” (شاعري، ۱۹۳۰ع)، “آزاديءِ قوم” (شاعري، ۱۹۴۳ع)، “سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن” (انگريزي ۾،
۱۹۵۰ع)، “هاري ڪهاڻيون” (۱۹۵۰ع)، “بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ائڪٽ” (انگريزيءَ ۾، ۱۹۵۰ع)، “اپيل ٽُو سٽيزنس آف پاڪستان” (انگريزيءَ
۾، ۱۹۵۱ع)، “هاري انقلاب” (۱۹۵۳ع)، “هاري گيت” (۱۹۵۱ع)، “ڪمدار جا ڪارناما” (ڊراما، ۱۹۵۳ع)، “ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان”
(انگريزيءَ ۾، ۱۹۵۵ع)، “ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس” (انگريزيءَ ، ۱۹۵۶ع)، “ان جسٽ لئنڊ اسيسمينٽ ريٽس” (انگريزيءَ
۾، ۱۹۵۷ع)، “سنڌي لئنگئيج اسٽي ان ڪراچي آرناٽ” (انگريزي، ۱۹۵۷ع)، “لئنڊس ان سنڌ هو شُڊ اون ديم؟”
(انگريزي، ۱۹۵۷ع)، “ون يونٽ ۽ ڊيموڪريسي” (انگريزي، ۱۹۶۲ع)، “ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي” (انگريزي، ۱۹۵۷ع) وغيره شامل آهن. سنڌي عوام، سنڌ، سنڌي
ٻولي ۽ ادب لاءِ يادگار خدمتون سرانجام ڏيندڙ، سنڌ جي سرويچ ۽ سڄاڻ، باباءِ سنڌ
حيدر بخش جتوئي ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي وفات ڪئي. کيس غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي احاطي ۾ دفنايو ويو. حيدر
بخش جتوئي هڪ اهڙو شاعر هو جنهن لفظ به فضول خرچ نه ڪيو، سندس سموري شاعري هڪ
انقلاب آهي، هڪ جنگ آهي، هڪ جستجو ۽ هڪ جدوجهد آهي، هر شعر ۾ اتساهه ۽ سجاڳيءَ جا
پيغام سمويل آهن، هر سٽ سنڌ ڌرتيءَ جي محبت ۾ محو آهي. سندس شعرن جو اسلوب، انداز
۽ ٻولي منفرد آهي، هر شعر فني خوبين سان سرشار آهي. پر سڀ کان مٿانهين ڳالهه ته
سندس شعرن ۾ ڀريل فڪر آهي، جنهن ۾ انسانيت جا سوين سبق، حق شناسيءَ ۽ حق پسنديءَ
جا پوتر پيغام، سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ واسين جي ترقيءَ ۽ انقلاب جا بي بها ڏس ڀريل
آهن.
توتي سنڌ هزار
سلام،
خوش رهه باغ بهار
مدام،
خوش رهه خندان با
آرام،
جيئي سنڌ جيئي سنڌ،
ڀاءُ آ پنهنهجو هر
انسان،
پنهنجو آهي هي
ايمان،
پنهنجو آهي هي اسلام.
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي
انقلابي جدوجھد
رام اوڏ
برطانوي سامراج نه
رڳو جاگيردارن جو طبقو پيدا ڪيو، پر انهن کي سياسي طاقت طور اڀار ڏنو. ۱۷۹۳ع ۾ بنگال اندر پرمننٽ ريسيٽلمينٽ ايڪٽ تحت
زمين جاگيردارن جي ذاتي ملڪيت قرار ڏني وئي. انگريزن پنهنجي فرمانبردارن ۽ وفادارن
کي تحفي طور زمينون ڏنيون. سنڌ ۾ جيڪو به بغاوت جي بجاءِ سلامي ڀري سرخرو ٿيو،
انهن کي جاگيرون الاٽ ٿيون. ايئن ٽالپر، سيد، سوڍا ۽ بلوچ قبيلائي سردار انگريزن
جا نظرياتي حامي هجڻ ڪري جاگيرن جا مالڪ ٿيا. حيدر بخش جتوئي انگريز بيٺڪيتي نظام
خلاف ٿي بيٺو هو.
سنڌ ۱۹۲۰ع کان ۱۹۳۶ع تائين بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رهي. سنڌ ۾
بئراجن جي تعمير جي نتيجي ۾ ڌاري آبادڪاري ڪئي وئي. ۱۹۳۲ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ سان ويھه لک ايڪڙ زمين
ڌارين حوالي ٿي. جڏهن ته ۱۸۹۹ع ۾ جمڙائو واھ ٺهيو. ٻين صوبن مان ماڻهو لڏائي ڏيڍ لک
ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪئي وئي هئي.
هاري ايسوسي ايشين
جو بنياد ۱۹۳۰ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ پيو. جمشيد نسروانجي، قادر
بخش نظاماڻي، سائين جي ايم سيد، مسٽر گوڪلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيٺمل پرسرام ۽
ڪامريڊ عبدالقادر ان تنظيم جو بنياد رکيو. ان جا بنيادي مطالبا هي هئا: ۱. اڌ بٽئي وارو نظام رائج ڪرڻ ۲. هارين جي زمين تان بي دخلي روڪڻ، ۳. سکر بئراج جون زمينون هارين کي ڏيارڻ.
۱۹۳۶ع ۾ هاري ڪميٽي جو مرڪز حيدرآباد ٿيو. اڳتي هلي مختلف تنظيمن کي ضم ڪري ان
جو نالو سنڌ هاري ڪميٽي رکيو ويو.
حيدر بخش ڊپٽي
ڪليڪٽر هو. نوڪري ڪندي هن ڏٺو ته وڏيرا هارين جي پگهر تي پلجي مٿن ظلم ڪري رهيا
آهن. حيدر بخش جي زماني ۾ وڏيرا هارين تي ڪتا بڇيندا هئا. ڳوڻين ۾ بند ڪري ماري
ڇڏيندا هئا. ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب تان سبڪدوش ٿي، حيدر بخش جتوئي هاري پورهيت ڪلاس
لاءِ طبقاتي جنگ شروع ڪئي. هي هارين لاءِ مخلصاڻي جدوجهد شروع ڪرڻ لاءِ هاري
ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ منظم ڪئي. ڪامريڊ ڪميٽي جي منشور ۽
تنطيم سازي ۾ ترميم ۽ اضافو ڪيو. سنڌ هاري ڪميٽي جي بيهڪ هن ريت هئي: ۱. ڪائونسل ( اسيمبلي) ۲. ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ڪابينا) ۳. ديھه ڪاميٽيون ۴. ڳوٺ ڪاميٽيون. هن تنظيمي اسٽرڪچر مان پتو
پوي ٿو ته ڪامريڊ سامهون هيٺين ڳوٺاڻي سطح تائين ڪم ڪرڻ جي ڪيتري نه اهميت هئي.
اهو هاري ڪميٽي جي ڪامياب جدوجهد جو راز هو.
۲۲ جون ۱۹۴۶ع ۾ جهڏي شهر ۾ آل سنڌ هاري ڪانفرنس ٿي. ان وقت اڌو اڌ بٽئي جي تحريڪ وڌڻ
لڳي هئي. هاري ڪميٽي جا ورڪر جهنڊا کڻي کري تي پهچي ويندا هئا. مائي بختاور ٽالهي
اسٽيشن ( ديھه هيدو) ۾ هارياڻي هئي. بختاور هاري ولي محمد لاشاري جي زال هئي. ڪڻڪ جي لاباري کانپوءِ بٽئي جو
مرحلو هو. چوڌرين ڍڳا گاڏي تي اچي زبردستي ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي بختاور ۽
ٻين هارين مزاحمت ڪئي. نتيجي ۾ چوڌرين گولين جا برسٽ هلائي مائي بختاور ۽ ڪجھه ٻين
هارين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ
مير محمد ۽ ٻيا هاري اڳواڻ جاءِ واردات تي پهتا. شهيد جي ناحق خون تي اسماعيل خالد
۽ سعيد کي عمر قيد جي سزا آئي. هارين جي حقن لاءِ حيدر بخش اسيمبلي ۾ وڃڻ جو فيصلو
ڪيو. ۱۹۴۶ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اليڪشن
لاءِ شهداد ڪوٽ مان سلطان احمد چانڊيو سامهون بيٺو پر ڌانڌلي ذريعي کيس هارايو
ويو. ۱۹۵۰ع ۾ ڪوٽڙي بئراج تعمير ٿيو. چڪ ٺاهي، لاڙ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين حوالي
ڪيون ويون. هاري ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سنڌ جون زمينون سنڌي هارين کي ڏنيون وڃن.
هاري ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ چوويھه ايڪڙ في هاري جي حساب سان هڪ لک ايڪڙ زمين
هارين ۾ ورهائي وئي. ڪامريڊ جو هڪ ڪارنامو بئراجي علائقن گڊو بئراج، ڪوٽڙي بئراج،
سکر بئراج مکي ٻيلو جون زمينون هارين کي ڏيارڻ هو. پنجاھ لک جي لڳ ڀڳ زمين هارين
کي ڏيارڻ سندس وڏو ڪارنامو آهي.
هاري ڪميٽي جي
جدوجهد جي نتيجي ۾ ۱۱ مئي ۱۹۵۰ع ڌاري سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس
ٿيو. بل پاس ڪرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ پندرهن هزار هارين ڪراچي ۾ مارچ ڪري چوويھه ڪلاڪن
لاءِ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو هو. بعد ۾ ايڪٽ ۾ ترميمون به ڪيون ويون. ايوب خان
۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيل زرعي سڌارن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو اهم ڪردار آهي.
حيدر بخش جتوئي “هاري حقدار” جو نعرو هنيو ۽ ان نالي سان سنڌي ۽ انگريزي ۾ اخبار
جاري ڪيائين. هاري حقدار جو مطلب آهي هاري پيدوار جو حقدار آهي”جيڪو کيڙي سو
کائي.” ڪامريڊ هاري مزاحمتي سياست جو سگهارو ڪردار ٿي اڀريو. هاري ڪميٽي جي موجودگي سبب زميندار هارين سان
مناسب رويو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيا.
ڪامريڊ جو دور
سياسي جدوجهد جي حوالي سان ڏکيو هو. ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۵۵ کان ۲۸ نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جو دور آهي. ون يونٽ خلاف جدوجهد عيوض
ڪامريڊ مسلسل جيل ياترائون ڪندو رهيو.
ايوبي مارشلا ۾ ڪامريڊ ڪڏهن ريل ۾، ته ڪڏهن جيل ۾! ڪهڙي جيل جو درشن ڪامريڊ نه
ڪيو. سکر، ساهيوال، ڪئمبلپور، ڪراچي، مڇ، حيدرآباد. جيل مان ڇٽي اچي ته گڏجاڻيون
ڪندو هو ۽ جدوجهد جاري رهندي هئي! ڪامريڊ جلسا جلوس ڪرڻ، ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ ٻيون تحرير، تقرير ۽ عملي طور هاري دوست
سرگرميون جاري رکي ٿو. اخبار مواد نه ڇاپي ته پاڻ پيو پمفليٽ لکندو، ڇپائيندو ۽
ورهائيندو هو. سنڌ سان ناانصافي، سنڌ جي زمين جو حقدار ڪير، ون يونٽ ۽ جمهوريت،
ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي رهندي يا نه؟ ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس سميت چاليھه کن
پمفليٽ ڪامريڊ لکيا، جيڪي گهڻا تڻا انگريزي ۾ هئا. سرڪار پمفليٽن تي پابندي هڻي
ڇڏي هئي. حق لکڻ جي پاداش ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا. سلام سنڌ جيئي
سنڌ جي عنوان سان شعر لکڻ عيوض نظر بند ڪيو ويو. اهو اهو شعر اڳتي هلي نعري ۽ پوءِ
تحريڪ ۾ تبديل ٿيو. حيدربخش جي سنڌ ۾ هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان هارين لاءِ منظم
هاري دوست جدوجهد کي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. سندس خدمتن عيوض سنڌ جو عوام
پيار ۽ احترام مان “باباءِ سنڌ” جي خطاب سان مخاطب ٿئي ٿو.
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو
آخري سفر
محمد موسيٰ جوکيو
۲۱ مئي ۱۹۷۰ع ڏينهن جو ۴ وڳي سنڌ ڌرتي جو بي مثل خدمتگار “باباءِ سنڌ” ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
لاڏاڻو ڪري ويو. ريڊيو پاڪستان، آل انڊيا ريڊيو، ايران زاهدان، بي بي سي، وائس آف
آمريڪا، سوويت يونين، وائيس آف جرمني ۽ دنيا جي ٻين نشرياتي ادارن ۽ اخبارن سڄي
دنيا ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي وفات جي “ڄاڻ” پهچائي ڇڏي. پروگرام اهو طئي ٿيو
ته ۲۲ مئي صبح جو سوير ساڍي ڇهين وڳي ڪامريڊ جو مڙهه سندس گهر جي ڀرسان چؤراهي
تي عام ديدار لاءِ رکيو ويندو. ساڍي نوين وڳي جنازي نماز بعد سندس جسد خاڪي غلام
شاهه ڪلهوڙي واري قبرستان ۾ دفنايو ويندو. اهو چؤسول جتي ڪامريڊ جو مڙهه رکيو ويو
هو انهيءَ ڏينهن کان ان چوراهي تي “حيدر چوڪ” نالو پئجي ويو. جتي هاڻي هڪ چبوترو
به ٺهيل آهي جيڪو اڄ به حيدر چوڪ جي نالي سان مشهور آهي.
انهي دور ۾ منهنجي
رهائش حيدرآباد شهر جي پٺاڻ ڪالوني ۾ سنڌ جي نالي واري پورهيت اڳواڻ محمد فاضل
راهو جي گهر ۾ هئي. مون سان گڏ ساڳئي ڪمري ۾ فاضل صاحب جو ننڍو ڀاءُ مٺو راهو به
رهندو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي منهنجو آئيڊيل هو، فاضل صاحب به ڪامريڊ جي بيحد
عزت ڪندو هو انهي ڪري رات جو سمهڻ مهل فاضل صاحب مونکي ۽ مٺو راهو کي تاڪيد ڪئي ته
“سج اڀرڻ کان اڳي اوهان ٻئي محترم حفيظ قريشي (جيڪو مشهور وڪيل ۽ قومپرست عوامي
تحريڪ جو رهنما هو) جي گهر وڃي قريشي صاحب کي سهارو ڏيئي چئوراهي تي وٺي ايندا،
جتي ڪامريڊ جو مڙهه رکيل هوندو. خلق گڏ ٿيندي وڏو مجموعو هوندو اوهان قريشي صاحب
سان گڏ هوندا ڇاڪاڻ ته هو ڪمزور ۽ پيرسن آهي. آئون به اتي موجود هوندس.” فاضل صاحب
سج اڀري کان اڳ ۾ ناشتو به کڻي آيو، اسان کي هن قريشي صاحب ڏي موڪليو، اسان قريشي
صاحب جي در تي پهتاسين ته قريشي صاحب به تيار ٿي اسان کي در تي مليو. قريشي صاحب
جو گهر “ريشمي گلي” جي موڙ تي هو. جتان حيدر چوڪ صفا مختصر فاصلو هو. اسان جڏهن
چئوراهي جي ويجهو پهتاسون ته هشام ماڻهن جا گڏ ٿي چڪا هئا، جتوئي صاحب جي هاري
تحريڪ جا سوين ڪارڪن والنٽيئر واري ڊيوٽي تي الرٽ ٿيو بيٺا هئا، وچ تي جتوئي صاحب
جي مڙهه وارو تابوت پيل هو، اتان ميگافون تي ڪارڪن هدايتون ڏيئي رهيا هئا، شايد
ڪارڪنن کي اها تاڪيد ڪيل هئي ته جيئن قريشي صاحب چوڪ تي پهچي ته کيس خاص طور تي
پروٽوڪول ڏيئي مڙهه تائين پهچايو وڃي، سو ميگا فون تي ڪارڪنن کي هدايتون ڏنيون
ويون ته قريشي صاحب مجموعي ۾ پهچي چڪو آهي کيس تابوت تائين پهچائڻ جو با حفاظت
انتظام ڪيو وڃي. قريشي صاحب جا ٻئي هٿ منهنجي ۽ مٺو راهو جي ڪلهن تي هئا ته “متان
ڇورا ڀڄي نه وڃن” ۽ اسان وري قريشي صاحب کي انهي ڪري قابو جهليو پئي آياسون ته
“مڙهه تائين آساني سان پهچي آخري ديدار ڪريون... ..!!” والنٽيئر اسان جي چؤطرف هئا
۽ اسان آساني سان تابوت تائين پهچي وياسون. مٿان وري اهو حڪم صادر ٿيو ته هاڻي
ميگا فون قريشي صاحب جي حوالي ڪيو وڃي. قريشي صاحب ميگافون تي نظم ۽ ضبط قائم رکڻ
جون هدايتون به ڏيئي رهيو هو ته جتوئي صاحب جي زندگي جون جهلڪيون به بيان ڪري رهيو
هو ۽ گڏوگڏ زارو قطار روئي به رهيو هو ۽ مجموعي کي به روئاڙي رهيو هو. حفيظ قريشي
جو انداز بيان جن پنهنجي ڪنن سان روبرو ٻڌو هوندو ته انهن کي بخوبي اندازو هوندو
ته هن کي روئاڙڻ ۽ کلائڻ واري ڏات الهامي طور تي عطا ٿيل هئي. ايتري ۾ قريشي صاحب
کي اطلاع مليو ته نواب مظفر خان پنهنجي ساٿين سان گڏ مجموعي ۾ پهتو آهي ۽ چوي ٿو
ته عذر خواهي به ڪندس ۽ ميت جو ديدار به ڪندس (اسان سنڌين وٽ فاتح خواني تدفين کان
پوءِ ٿيندي آهي پر ولائتي ماڻهو اڳ ۾ عذر خواهيون ڪندا آهن.)
نواب مظفر خان جو
نالو اڄ جي دور ۾ اسان جي نوجوان نسل لاءِ ڀلي کڻي اوپرو هجي پر انهيءَ جو مثال
هيئن به ڏيئي سگهجي ٿو ته ڀائي لوڪن جو وڏو (الطاف حسين) خود ساخته جلاوطني اختيار
ڪري ۲۵ سالن کان جيڪو لنڊن ۾ ويٺو آهي پر نواب مظفر انهيءَ کان به وڌيڪ اتر
گهرندو هو ٻه رتيون اڳتي هو سنڌين سان هن جا جيڪي قرب هئا تن جو لفظن ۾ بيان ڪرڻ
ممڪن نه آهي... !! نواب مظفر خان کي هاري ڪارڪن مجموعي مان وٺي آيا. ساڻس گڏ حافظ
مبارڪ علي، نابينا فيض محمد صندل ۽ ٻيا به هئا. تعزيتي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته قريشي
صاحب ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو نهايت ويجهو ساٿي آهي، ان ڪري نواب مظفر عذر خواهي
به ان سان ڪري. قريشي صاحب نواب مظفر جي اڳيان اونڌا گوڏا ڪري ويهي رهيو ۽ اسان به
ساڻس گڏ ويٺاسون قريشي صاحب ميگا فون تي دعا جو اعلان ڪيو لکين سوڳوارن جا هٿ دعا
لاءِ اڀا هئا. چپ چرڻ لڳا ڪهڙي هنن دعا گهري سا نواب مظفر خان وارن کي ٻي خدا کي
خبر!!! پر محسوس ٿيو ته هاڻ دعا ختم ٿيڻ واري آهي! ايتري ۾ قريشي صاحب جي ميگا فون
تي آواز مجموعي ۾ لکين ماڻهن کي پاڻ ڏي متوجه ڪري ڇڏيو. مجموعي جا دعا لاءِ اڳ ۾
ئي هٿ اڀا هئا. قريشي صاحب دعا ۾ واڌارو ڪندي چيو ته “ڪڏهن ڪڏهن قومن تي اهڙا
ڏينهن به اچي ويندا آهن جو قوم جا ۽ ڌرتي جا جاني دشمن به قوم جي ابي جي مرتئي تي
لکين سوڳوارن جي موجودگي ۾ سوڳ واري پٿر تي ميت جي ڀر ۾ ويهي ڏک ونڊيندا آهن.”
قريشي صاحب ڏکويل آواز ۾ نواب ۽ سندس رفيقن کي مخاطب ٿيندي چيو ته “سنڌ ڌرتي جا
ماڻهو امن پسند ۽ وڏي دل گردي وارا آهن اهڙي المناڪ وقت جيڪڏهن اسان وٽ جان جو
ويري به هلي اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته آئون اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيان ته اسان هن کي سڀ
عداوتون معاف ڪري ڇڏيندا آهيون... .!!” مون ۽ مٺو راهو ميگا فون کي ويجهو ٿي وڏي
آواز ۾ چيو “آمين ثم آمين... .!!” اسان جو آواز لکين ماڻهن جي سماعتن تائين پهچي
ويو. انهن جي جواب ۾ لکين ماڻهن طرفان “آمين ثم آمين” فضا ۾ پڙاڏو ٿي گونجي رهيو
هو. دعا جي اختتام تي ڪلمي جي تنوار هئي نواب صاحب ۽ سندس رفيق قريشي صاحب سان
بغلگير ٿيا ۽ اتي ويٺل مک ماڻهن سان مصافحو ڪيائون سندن منهن ڏڌل ٻڪري جهڙا ٿي ويا
۽ اکيون فرش ۾ کتل هين... ..
انهي وقت ميت جي
ڀرسان جيڪي مکيه ماڻهو موجود هئا انهن مان چند نالا هن ريت آهن. مخدوم طالب
الموليٰ، سائين جي ايم سيد، عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، مير شير محمد مري،
(جنرل شيروف) قاضي فيض محمد، مير رسول بخش ٽالپر، آغا غلام نبي پٺاڻ، محمد فاضل
راهو، محمد عثمان ڏيپلائي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ
نذير حسين حيدري ۽ ٻيا انيڪ.
هن وقت سنڌ ڌرتي جو
سچو عاشق حفيظ قريشي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اسان وٽ جسماني طور تي موجود نه آهن
پر سندن عملي ڪم ۽ نظريو اسان جي رهنمائي لاءِ اڄ به موجود آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
جيئي سنڌ جي نعري جو خالق ۽ سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو بانيڪار
محمد سليمان وساڻ
هي آزاد ۽ روشن
خيال، اڏول ۽ ارڏو انسان هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ،
سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق، عملي انسان،
قومي شاعر، انقلابي اديب، ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان، وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ بيگاري نظام
جو دشمن، قومي تحريڪن ويلن ۽ مهلن جو مڙس، غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ،
انسانيت دوست، فلاسافر، ڏاهو، پيرن ۽ پٺي اگهاڙن، ڪوڏر، ٽوپي، پٽڪي، اجرڪ، بوڇڻ،
ڏاٽي، ڪهاڙي، هر ڪاهيندڙ يڪتارو ۽ چنگ وڄائيندڙ هاري لاءِ جيون حوالي ڪندڙ حيدر
بخش هڪ نيڪ مرد رئيس الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ شاهوڪار تهذيب ۽ ثقافت واري ماٿري
موهن جي دڙي لڳ خوش نصيب ڳوٺ بکو ديري اڳوڻي تعلقي لب دريا هاڻوڪو ڏوڪري ضلعو
لاڙڪاڻي ۾ تاريخ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ تي ڄائو. پاڻ اڃا ٻن سالن جي عمر جو هو سندس امڙ وفات ڪري وئي پوءِ والد،
ڏاڏي ۽ پڦيء کيس پاليو.
پاڻ ۱۹۱۸ ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سچي
سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو، مئٽرڪ سنڌ مدرسي مان ۱۹۲۳ع ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۲۷ ۾ بي اي بمبئي يونيورسٽيء مان پاس ڪيائون.
روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائون پر پنهنجي عروج ۽ جواني ۾ سال ۱۹۴۳ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ
ڏنائين. ان وقت سنڌ ۾ انهن عهدن تي انگريز نوڪريون ڪندا هئا ۽ سنڌي يا مسلمان
اعليٰ عملدار ڪو نه هوندو هو ۽ اڌ سنڌ نوڪرين لاءِ ڌڪا کائيندي هئي.
سنڌ جي هارين جي
ابتر ۽ مظلوميت واري زندگي ڏسي حيدر بخش جتوئي سال ۱۹۴۵ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. مسٽر ڄيٺل
رام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد
جي ڪوششن سان سال ۱۹۳۰ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري تحريڪ جيڪا گهڻي عرصي کان غير موثر ٿي وئي هئي سا هاڻي
وري سال ۱۹۴۵ع ۾ حيدر بخش جي شموليت سان نئين رنگ روپ جوش جذبي ۾ وري نروار ٿي اڀري،
جتوئي صاحب هن پليٽ فارم تان پنهنجن خيالن يا نظريي کي عملي شڪل ۾ پيش ڪرڻ لاءِ
هفتيوار اخبار هاري حقدار جاري ڪري سنڌ ۾ هاري انقلاب جي رستي ۽ منزل کي آسان
بڻائڻ، جاگيردارن ۽ وڏيرن پاران هارين تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز
اٿارڻ کان علاوه هارين جي مسئلن کي کڻڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. جتوئي صاحب جي
اڳواڻي ۾ هاري ڪميٽي يا هاري پارٽي هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو هاري پنهنجا
نمائندا صدين کان قابض وڏيرن سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾ بيهاريا. نتيجي ۾ پاڪستان
جي خالص جماعت مسلم ليگ کان پوءِ ٻئي نبر تي هاري پارٽي جي حامين کي اليڪشن ۾ ووٽ
ملڻ لڳا. پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيرن نوابن ۽ سردارن کي آرام وارن بنگلن مان
ٻاهر نڪري ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي دروازن تائين پنڌ ڪرڻو پيو نه ته اڳ هو ننڍن
وڏيرن ۽ ڪامورن معرفت ووٽ حاص ڪندا هئا. جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سياست ۾ حيدر بخش هي
پهريون انقلاب آندو. سال ۱۹۵۱ع ۾ قمبر ضلعو لاڙڪاڻو ۾ سردار سلطان احمد چانڊيي جي
مقابلي ۾ فارم ڀريو پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. هتي نواب سلطان احمد خان جي اشاري تي
سندس راڄ جي ماڻهن جتوئي صاحب تي پٿر وسايا ۽ ورڪ ڪندڙ سڀني جيپن جا ٽائر ڦاڙي
ڇڏيا. کيس اغوا ڪري زخمي ڪرڻ بعد سڃ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. سندس ساٿين سان پڻ ساڳيو سلوڪ
ڪيو ويو. ۱۰ مارچ ا۱۹۵۱ع واري اليڪشن خلاف هاري پارٽي اپيل ڪئي ۽ سلطان احمد خان چانڊيو صاحب جي
اليڪشن کي غلط قرا رڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته نواب چانڊيو صاحب جي عمر اليڪشن ۾ بيهڻ جي
نه هئي. ڪوڙو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ هيڊ ماستر کي به سزا نه ملي پر سنڌ جي جاگيردارن ۾
وڏو غصو پيدا ٿيو ۽ هنن ڪامريڊ جتوئي کي گرفتار ڪرائي جيل اماڻيو.
هڪ تاريخي ڪانفرنس ۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع تي تجرباغ هاڻوڪو هوشو پارڪ لاڙڪاڻي ۾ ٿي.
صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب ڪئي. هي سنڌ جي يادگار هاري ڪانفرنس هئي، جنهن کي محترم
جي ايم سيد، ميان افتخار احمد، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، جمال الدين بخاري،
غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. وري ساڳي باغ
۾ ۴ اپريل ۱۹۵۴ع تي ضلعي هاري ڪانفرنس زير صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب جي منعقد ٿي. ون
يونٽ خلاف پڻ هاري ڪانفرنس مارچ ۱۹۵۷ع ۾ لالو رانڪ وارهه تعلقي ۾ ٿي صدارت حيدر بخش جتوئي
ڪئي. ۱۵ مئي ۱۹۵۷ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي ڪوششن سان ڳوٺ وليد تعلقو لاڙڪاڻي ۾ هاري
ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ڪئي.
سنڌ حڪومت جي
سربراهه خان بهادر محمد ايوب کهڙي کيس سال ۱۹۵۴ع ۾ گرفتار ڪيو پر عدالت مان هن کي نيٺ آزادي حاصل ٿي.
حيدر بخش پهريون سنڌي سياستدان هو جنهن ون يونٽ جي کلي عام مخالفت ڪئي. هن ڏس ۾ هن
سنڌ جو دورو ڪيو، پريس ڪانفرنسون ڪيون، پمفليٽ جاري ڪيا، پاڻ ورهائيا، ريل ۽ بسن ۾
سفر ڪيو ۽ تقريرون ڪري عام ماڻهو تائين ون يونٽ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصانن بابت ڄاڻ
ڏيندو رهيو. سنڌ ۾ هي پهريون دفعو ڪنهن قومي مقصد لاءِ سڌو سنئون عوامي رابطا مهم
جو آغاز هو. سنڌ ۾ هاري ڪميٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ
وڏيون تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابيون ماڻيون، هن جي دور ۾ سنڌ جو وڏيرو، ڪامورو ۽
وزير هاري ورڪر کان ڪن هڻندو هو.
جديد سنڌ جي تاريخ
جا ٽي اهم ڪردار خاص طور تي اوهان نوجوانن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجن، هڪڙو شهيد الله بخش
سومرو ٻيو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٽيون سائين جي ايم سيد اسان جي موجوده جيڪا ذلت
واري صورتحال آهي، غلامي واري ذلت، وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي بالادستي، بي روزگاري
واري موجوده حالت، طبقاتي استحصال واري صورتحال انهن سمورين ذلتن مان جيڪڏهن توهان
پارٿيڻ چاهيون ٿا ان مان جيڪڏهن اوهان سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ٻاهر ڪڍڻ چاهيو ٿا ته مٿي
ڄاڻايل ٽنهي ڪردارن جي سوچن، ڪردار ۽ جدوجهد کي سامهون رکي اڄ جي حالتن مطابق
اوهان جدوجهد جي اڳواڻي ڪندئو ته مون کي يقين آهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جو اوهان
سنڌ کي هن غلامي مان آزادي ڏياري هڪ خودمختيار حيثيت سان ڏسندئو.
شهيد الله بخش
سومرو برصغير ۾ جديد قومپرستي جي تصور جي شروعات ڪئي ۽ سيڪيولر سوچ کي هٿي ڏني،
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هتان جي ماڻهن کي طبقاتي سوچ ڏني ۽ طبقاتي بيانن تي ٿيندڙ
استحصال کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو، اهي ظالم جاگيردار ۽ وڏيرا غريب ۽ پورهيت ماڻهوءَ
کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ به پسندن نه ڪندا هئا، حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته اهي
پورهيت انسان وڏيري ۽ جاگيردار کان انساني گڻن جي حساب سان اُتم هيا ۽ آهن ڇاڪاڻ
ته اهي ماڻهو محنت ڪري اناج، ڪپهه ۽ مختلف ميوا پاڻي انساني زندگي ۽ تهذيب جو
سامان ميسر ڪري رهيا هئا اهڙن عظيم انسانن کي ظالم جاگيردار ۽ وڏيرا هيٺ ويهاريندا
هئا ۽ پاڻ ڪجهه به نه ڪندي مٿي ڪرسي تي ويهي نام نهاد فخر ڪندا هئا. ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي هارين کي اها سوچ ڏني ته اهي وڏي عزت جي لائق آهن هن سماج ۾ هن معاشري ۾
انهن کي اها عزت ملڻ گهرجي.
هن صحافت به ڪئي ۽
ڪيترا مضمون لکيا، شاعري پڻ ڪئي جنهن جو محور سنڌ هئي. هن ۲۱ مئي ۱۹۷۰ ع تي وفات ڪئي. اڄ سموري سنڌ کيس سلام پيش
ڪري رهي آهي.
حواله:
ستار ڀٽيء جو لکيل
عوامي آواز ۾ ليک
هاشم کوسو جو لکيل
ليک
توتي سنڌ هزار
سلام!
خوش رهه باغ بهار
مدام!
خوش رهه خندان با
آرام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
“ڀاءُ آ
پنهنجو هر انسان!”
پنهنجو آهي هي
ايمان!
پنهنجو آهي هي
سلام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!
“ڪينو فتنو
ٿئي برباد!”
“قرب محبت
زندهه باد!”
خاص ۽ عام پئن هي
جام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي هنڌ ۽ جيئي
سنڌ!
جيئي جيءَ مٺو هر
هنڌ!
پيار بهار ٿئي عام
۽ جام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
سنڌي سهڻو سادو
صاف،
هن جي تلاش آ حق
انصاف!
هن وٽ آهه نقاق
حرام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي پنهنجي مٺڙي
زبان!
جيئي پنهنجو شعر
بيان!
جيئي پنهنجو غزل
سلام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي جمالو ڇلو ڏور!
جيئي دلو، سرندي
سور!
جيئي ڏوهو، ڪافي
ڪلام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي سنڌو جو
درياهه!
جيئي سنڌو! پنهنجو
ساهه!
آب حيات آ جنهن جو
جام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي سکر جي بئراج!
جيئي گدو هي گج
گاج!
جيئي ڪوٽڙي ڌم ڌام!
جيئي ٻيلو، نم،
ٻٻر!
جيئي ڪيلو، سنڌڙي،
سر!
جيئي باغ بهار
تمام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي ڪاڇو، جيئي
ٿر!
جيئي لاڙ، جيئي
ڪينجهر!
جيئي منڇر، انڇر
جام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي سنڌ زمين
دلشاد!
جيئي کيت کيت آباد!
جيئي سرسبزي هر
گام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي هاري ۽ مزدور!
جيئي هارياڻي پر
نور!
پورهئي اندر صبح ۽
شام!
جيئي سنڌ ! جيئي
سنڌ!!
جيئي سنڌي دلبر
جان!
مرد ۽ زال هر
انسان!
ٻچڙو ۽ ٻچڙي گلفام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
جيئي سنڌين سان هي
سنڌ!
سنڌين جي امان هي
سنڌ!
سنڌين جو ناموس
اڪرام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
سنڌ جو نام ٿو مٽجي
ڪيئن؟
سنڌ جو نام ٿو گهٽجي
ڪيئن!
هردم سنڌ جي زندهه
نام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
ٻوڙا! سنڌ جي ٻڌ
فرياد!
گم ٿي ويا ڪيئي
شداد!
ڪيئي نام ٿيا
گمنام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
بي انصافي جو بنياد
ٿئي نابود ۽ ٿئي
برباد!
آ تاريخ جو هي
انجام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
سنڌ جا دشمن! ڇڏ هي
جور!
دور! هي جور جو
بڇڙو دور!
سنڌ کي مار نه بي
الزام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
سنڌ کي مار نه
سمجهي هيچ!
سنڌ کي مار نه
سمجهي نيچ!
سنڌ کي سمجهي هڪ
گگدام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
سنڌ سٻاجهڙي رنج نه
ڪر!
رنج رسائي ۽ گنج نه
ڪر!
ڦرلٽ آهه تمام
حرام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
فوج ۽ جنگ تي باور
ڇڏ!
تير ۽ تفنگ تي باور
ڇڏ!
ڪٽجي ويا فوجن جا
امام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
حاڪم وارو ڪر نه
خمار!
ڀاءُ سان ڀاءُ مثال
گذار!
ڀاءُ جي کٽ جس ۽
انعام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
حاڪم وارو ڪم نه
غرور!
سور ڏيئي ٿو ٿيئن
مسرور!
گهر ۾ پوندءِ رڙ
ماتام!
جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
سنڌ، سمجهه! آ ستل
شير!
ڪينڪي رهندو تنهنجي
زير!
سنڌ ۾ سهسين سورهيه
ڄام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
سنڌي پيارا! صلح
پسند!
ظالم ڪيئن ٿو سمجهي
پند!
ظالم جا ظالم
احڪام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!
هيرا، موتي هيئن نه
هار!
بي قدرن وٽ ڇا
ويچار؟
ڪوڏين کان گهٽ
تنهنجو ڪلام:
“جيئي سنڌ!
جيئي سنڌ!!
سنڌي پيارا! همت
ڪر!
هار نه مڃ، ڪجهه
جرئت ڪر!
ظلم جي هر هام
تمام!
جيئي سنڌ! جيئي
سنڌ!!
همت سان آ سڀ آسان!
قرباني ڪر، ٿي
قربان!
جيئي سنڌي، خاص ۽
عام!
جيئي سنڌ، جيئي
سنڌ!!
سنڌ جو سڏ آ- چو
لبيڪ!
پنهنجو آهه “سلام
عليڪ!”
پنهنجو آهه “سلام
عليڪ!”
“جيئي سنڌ!
جيئي سنڌ!!”
سڻ جي حيدر جو
آواز!
آواز آهي ڇا انداز!
آواز آهي يا الهام!
“جيئي سنڌ!
جيئي سنڌ!!
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
سندس انقلابي جدوجھد
رام اوڏ
چونڊ: واسديو
صاحب
تاج برطانيا، مغل
نوآبادياتي نظام جي واڌ ويجھ لاءِ جاگيرداري کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا. نوابن،
رئيسن، جاگيردارن ۽ سرمائيدار سيٺين جي وفاداري خريد ڪري کين مختلف رياستن جا
'راجا ۽ مها راجا' ڪري تاج پارائي تخت ڏئي ڇڏيا. نوازيل ماڻهو هنن جي ويجھا هئا.
جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو انگريزن جي خوشامد ۽ چمچاگيري سبب ٻنيون ۽ دولت حاصل ڪري
مچي مواڙ ٿي چڪو هو. انگريزن جي 'مهرباني' سان برصغير جو هاري مزدور سوين سال پوئتي
ڌڪجي ويو. زميندارن هن عرصي ۾ موجون ڪيون. جيئن ته هي 'خانداني' ماڻهو انگريز
سامراج جي غلامي ڪرڻ جا ماهر هئا، موٽ ۾ لقب ۽ خطاب حاصل ڪري پنهنجين پنهنجين
جاگيرن کي مقامي ماڻهن جي محڪومي لاءِ مورچو بڻائي چڪا هئا.
برطانوي سامراج نه
صرف جاگيردارن جو طبقو پيدا ڪيو، پر انهن کي سياسي طاقت طور اُڀار ڏنو. ۱۷۹۳ع ۾ بنگال اندر پرمننٽ ري_سيٽلمينٽ ايڪٽ تحت
زمين جاگيردارن جي ذاتي ملڪيت ٺهرائي وئي، يعني مستقل رهائشي قانون زمين جي ذاتي
ملڪيت جو حق ڏنو. انگريزن پنهنجي فرمانبردارن ۽ وفادارن کي تحفي طور زمينون ڏنيون.
سنڌ ۾ جيڪو به بغاوت جي بجاءِ سلامي ڀري سرخرو ٿيو، انهن کي جاگيرون الاٽ ٿيون.
ايئن ٽالپر، سيد، سوڍا ۽ بلوچ قبيلائي سردار انگريزن جا نظرياتي حامي هجڻ ڪري
جاگيرن جا مالڪ ٿيا. حيدر بخش جتوئي انگريز بيٺڪيتي نظام خلاف به ٿي بيٺو هو.
سنڌ ۱۹۲۰ع کان ۱۹۳۶ع تائين بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رهي. سنڌ ۾
بئراجن جي تعمير جي نتيجي ۾ ڌاري آبادڪاري ڪئي وئي. ۱۹۳۲ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ سان ويھ لک ايڪڙ زمين ڌارين
حوالي ٿي. جڏهن ته ۱۸۹۹ع ۾ جمڙائو واھ ٺهيو. ٻين صوبن مان ماڻهو لڏائي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ڌارين
حوالي ڪئي وئي هئي.
هاري ايسوسي ايشين
جو بنياد ۱۹۳۰ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ پيو. جمشيد نسروانجي، قادر
بخش نظاماڻي, سائين جي ايم سيد، مسٽر گوڪلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ
عبدالقادر ان تنظيم جو بنياد رکيو. ان جا بنيادي مطالبا هي هئا: ۱. اڌ بٽئي وارو نظام رائج ڪرڻ ۲. هارين جي زمين تان بي دخلي روڪڻ، ۳. سکر بئراج جون زمينون هارين کي ڏيارڻ
۱۹۳۶ع ۾ هاري ڪميٽي جو مرڪز حيدرآباد ٿيو. اڳتي هلي مختلف تنظيمن کي ضم ڪري ان
جو نالو سنڌ هاري ڪميٽي رکيو ويو.
حيدر بخش (۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع کان ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع) ڊپٽي ڪليڪٽر هو. نوڪري ڪندي هن ڏٺو ته وڏيرا
هارين جي پگهر تي پلجي مٿس ظلم ڪري رهيا آهن. حيدر بخش جي زماني ۾ وڏيرا هارين تي ڪتا
بڇيندا هئا. ڳوڻين ۾ بند ڪري ماري ڇڏيندا هئا. هو هارين سان اتياچار تي خاموش ٿي
نه ويٺو.
۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب تان سبڪدوش ٿي، حيدر بخش جتوئي
هاري پورهيت ڪلاس لاءِ طبقاتي جنگ شروع ڪئي. هي هارين لاء مخلصانه جدوجهد شروع ڪرڻ
لاءِ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو.
حيدر بخش جتوئي
هاري تحريڪ کي منظم ڪئي. ڪامريڊ ڪميٽي جي منشور ۽ تنطيم سازي ۾ ترميم ۽ اضافو ڪيو.
سنڌ هاري ڪميٽي جي بيهڪ هن ريت هئي: ۱. ڪائونسل ( اسيمبلي) ۲. ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ڪابينا) ۳. ديھ ڪاميٽيون ۴. ڳوٺ ڪاميٽيون. هن تنظيمي اسٽڪچر مان پتو
پوي ٿو ته ڪامريڊ سامهون هيٺين ڳوٺاڻي سطح تائين ڪم ڪرڻ جي ڪيتري نه اهميت هئي.
اهو هاري ڪميٽي جي ڪامياب جدوجهد جو راز هو.
۲۲ جون ۱۹۴۶ع ۾ جهڏي شهر ۾ آل سنڌ هاري ڪانفرنس ٿي. ان وقت اڌو اڌ بٽئي جي تحريڪ وڌڻ لڳي
هئي. هاري ڪميٽي جا ورڪر جهنڊا کڻي کري تي پهچي ويندا هئا. مائي بختاور ٽالهي اسٽيشن
( ديھ هيدو) ۾ هارياڻي هئي. بختاور هاري ولي محمد لاشاري جي زال هئي. ڪڻڪ جي لاباري کانپوءِ بٽئي جو
مرحلو هو. چوڌرين ڍڳا گاڏي تي اچي زبردستي ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي بختاور ۽ ٻين
هارين مزاحمت ڪئي. نتيجي ۾ چوڌرين گولين جا برسٽ هلائي مائي بختاور ۽ ڪجھ ٻين
هارين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ
مير محمد ۽ ٻيا هاري اڳواڻ جاءِ واردات تي پهتا. شهيد جي ناحق خون تي اسماعيل خالد
۽ سعيد کي عمر قيد جي سزا آئي.
هارين جي حقن لاءِ
حيدر بخش اسيمبلي ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ۱۹۴۶ع جي عام چونڊن
۾ صوبائي اليڪشن لاءِ شهداد ڪوٽ مان سلطان احمد چانڊيو سامهون بيٺو، ۽ ڌانڌلين
ذريعي کين هارايو ويو.
ڪامريڊ قومي سوال
تي واضح سماجوادي هو. ڪامريڊ حيدر بخش گڏيل هندوستان جي دور کان ڪميونسٽ پارٽي جو
ميمبر رهيو. ڪانگريس ۽ ڪسان سڀا سان ڪن نقطن تي هاري ڪميٽي جو سياسي اتحاد هو.
حيدر بخش جتوئي هندستان جي ورهاڱي جو مخالف هو. ڇو ته ڪانگريس نه صرف انگريز مخالف
آزادي پسند پارٽي هئي، پر ساڳي وقت جاگيردار مخالف به هئي. جڏهن ته مسلم ليگ
زميندار طبقي جي نمائنده جماعت هئي. لياقت علي خان سنڌ کي پناھگيرن جي آماجگاھ بڻايو.
۱۹۴۸ع تائين ۵۵ لک پناھگير سنڌ ۾ آيا.
۱۹۵۰ع ۾ ڪوٽڙي بئراج تعمير ٿيو. چڪ ٺاهي، لاڙ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين حوالي
ڪيون ويون. هاري ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سنڌ جون زمينون سنڌ هارين کي ڏنيون وڃن. هاري
ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ چوويھ ايڪڙ في هاري جي حساب سان هڪ لک ايڪڙ زمين هارين
۾ ورهائي وئي. ڪامريڊ جو هڪ ڪارنامو بئراجي علائقن: گڊو بئراج، ڪوٽڙي بئراج، سکر
بئراج مکي ٻيلو جون زمينون هارين کي ڏيارڻ هو. پنجاھ لک جي لڳ ڀڳ زمين هارين کي ڏيارڻ
سندس وڏو ڪارنامو آهي.
هاري ڪميٽي جي
جدوجهد جي نتيجي ۾ ۱۱ مئي ۱۹۵۰ع ڌاري سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس
ٿيو. بل پاس ڪرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ پندرهن هزار هارين ڪراچي ۾ مارچ ڪري چوويھ ڪلاڪن
لاءِ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو هو. بعد ۾ ايڪٽ ۾ ترميمون به ڪيون ويون.
ايوب خان ۽
ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيل زرعي سڌارن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو اهم ڪردار آهي. ۱۹۵۸ع ۾ ايوب خان مارشل لا لاڳو ڪيو. ۱۹۵۹ع ۾ زرعي سڌارن لاءِ ڪميشن جوڙي وئي. ان
پويان ڪارفرما مقصد هيءَ هو ته زرعي سڌارن جي نالي اهڙو پريشر وجهجي جو جاگيردار
آمريت جي حمايت ڪن. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو جو اهم 'ڪارنامو' وڏيرن ۽ زميندارن
کي پيپلز پارٽي جو پليٽ فارم ڏيئي مچائي مواڙ ڪرڻ هو. سندس دورِ اقتدار ۾ بظاهر
جاگيرداري جي خاتمي لاءِ زرعي سڌارن جو اعلان ٿيو. وڏيرا سندن ڇاڙتن ۽ رشتيدارن جي
نالي کاتا ٺهرائي ٻنيون بچائي ويا. ايوب ۽ ڀٽي جي زميني سڌارن جو ڪو خاص اثر نه ٿيو.
حيدر بخش جتوئي
'هاري حقدار' جو نعرو هنيو ۽ ان نالي سان سنڌي ۽ انگريزي ۾ اخبار جاري ڪيائين.
هاري حقدار جو مطلب آهي هاري پيدوار جو حقدار آهي: جيڪو کيڙي سو کائي. ڪامريڊ هاري
مزاحمتي سياست جو سگهارو ڪردار ٿي اڀريو.
هاري ڪميٽي جي موجودگي سبب زميندار هارين سان مناسب رويو اختيار ڪرڻ تي
مجبور ٿيا.
ڪامريڊ جو دور
سياسي جدوجهد جي حوالي سان ڏکيو هو. ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۵۵ کان ۲۸ نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جو دور آهي. ون يونٽ خلاف جدوجهد عيوض ڪامريڊ مسلسل جيل ياترائون ڪندو رهيو. ايوبي مارشلا ۾ ڪامريڊ
ڪڏهن ريل ۾، ته ڪڏهن جيل ۾! ڪهڙي جيل جو درشن ڪامريڊ نه ڪيو. سکر، ساهيوال، ڪئمبلپور،
ڪراچي، مڇ، حيدرآباد. جيل مان ڇٽي اچي ته گڏجاڻيون ڪندو هو ۽ جدوجهد جاري رهندي
هئي! ڪامريڊ جلسا جلوس ڪرڻ، ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ
۽ ٻيون تحرير، تقرير ۽ عملي طور هاري دوست سرگرميون جاري رکي ٿو. اخبار
مواد نه ڇاپي ته پاڻ پيو پمفليٽ لکندو، ڇپائيندو ۽ ورهائيندو هو: سنڌ سان
ناانصافي، سنڌ جي زمين جو حقدار ڪير، ون يونٽ ۽ جمهوريت، ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي رهندي
يا نه؟ ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس سميت چاليھ کن پمفليٽ ڪامريڊ لکيا، جيڪي
گهڻا تڻا انگريزي ۾ هئا. سرڪار پمفليٽن تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. حق لکڻ جي پاداش ۾
سندس ڪيترائي شعر ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا. سلام سنڌ_ جيئي سنڌ جي عنوان سان شعر لکڻ
عيوض نظر بند ڪيو ويو. اهو اهو شعر اڳتي هلي نعري ۽ پوءِ تحريڪ ۾ تبديل ٿيو.
حيدربخش جي سنڌ ۾
هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان هارين لاءِ منظم هاري دوست جدوجهد کي تاريخ ۾ سدائين
ياد رکيو ويندو. سندن خدمتن عيوض سنڌ جو عوام پيار ۽ احترام مان 'باباءِ سنڌ' جي
خطاب سان مخاطب ٿئي ٿي.
No comments:
راءِ ڏيندا