ڪنور رام ڀڳت [ 1885ع – 1939ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مشهور صوفي سنت ۽ پريمي ڀڳت، ڪنور رام پٽ تارا چند
گدواڻي، 22 آڪٽوبر 1885ع تي وسپت (خميس) جي ڏينهن، سکر ضلعي ۾، تعلقي ميرپور
ماٿيلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”جروار“ ۾ اک کولي. سندس پتا هڪ مسڪين واڻيو هو. سندس مانا
(ماءُ) جو نالو شريمتي تيرٿ پائي هو، جيڪا پڻ حليم سڀاءَ ۽ ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ
هئي. ڪاڪو تاراچند گدواڻي مدت کان اولاد لاءِ آسائتو هو، ڌڻيءَ سندس راه کولي؛
جنهن ڪري اُن وقت جي ساڌو صوفي ڀڳت، ڀائي سترامداس ”سڪايل“ (1831ع – 1899ع) جي دعا
سان کيس پٽ ڄائو؛ جنهن جو نالو به سندس ئي منشا موجب ”ڪنور رام“ رکيو ويو.
صوفي سترامداس، اصل روهڙيءَ لڳ هڪ ننڍڙي واهڻ (ڳوٺ) جو
رهواسي هو. عقيدي جي لحاظ کان هندو ڌرم رکندڙ هو، مگر تصوف ۽ ويدانيت جي رنگ ۾
سنڌي شاعري به ڪئي اٿس. خاص ڪري سندس ڪافيون، وائي جي ٽيڪنڪ (يعني هر بند هڪ مصرع
جو) تي تربيت ڏنل آهن. سندس خيالن جي وسعت ايتري تائين وڌيل هئي جو مسلمان صوفي
فقيرن جي صحبت ۾ رهندي، ڪافي ڌرمي درس ورتو هئائين. اِهوئي سبب هو، جو عام و خاص
وٽ سندس لاءِ وڏي مڃتا هئي. هو گرمکي زبان چڱي لکي پڙهي ويندو هو. ازانسواءِ سٺو
ڀڳتي پڻ هو.
ننڍڙي نينگر، ڪنور رام به پهريائين ديوان هاسارام آهوجا
(1847ع – 1902ع) لاڙڪاڻي واري وتان ڪجهه ڌرمي ڪتاب پرهي، سڌو اچي ڀائي سترامداس وٽ
شيوا لاءِ چرنن ۾ گوڏا ڀڃي پاڻ ارپيائين، بس، پوءِ ته ساڌوءَ جي سنگت ۾ رهي ”ڀڳت“ (1) به سکيو. تان ته ساڌوءَ جي سرڳواس
بعد پاڻ اڪيلي سر ڀڳت وجهندو هو.
ڪنور رام، ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾، ديوان اوٽو مل
منگهرياڻي جي ڌيءُ سان شادي ڪئي، جتان کيس هڪ پٽ پيدا ٿيو؛ جنهن جو نالو ”گوبند
رام“ رکيائين. ڀڳت صاحب جي آواز ۾ ايترو ته تاثير هو، جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا
هئا. سندس رعب دار چهري مان ڪڙڪيدار آواز لاءِ، ٻڌندڙ پري پري کان ڪهي اچي، محفل
مچائيندا هئا. پاڻ خاص ڪري رات جي پوئين حصي ۾ ڳائيندو هو؛ ايتري تائين جو باک
ڦٽيءَ تائين سندس آواز جو جادو جٽادار هوندو هو. ٻڌندڙ سندس آواز مان ايترو ته لطف
اندوز ٿيندا هئا، جو هڪ پل به پري ٿيڻ، سعادت کان محرومي سمجهندا هئا. سندس واسطو
”نانڪ پنٿي“ سلسلي سان هيو. غالباً 53 ورهين جي عمر ۾، مانجهند جي ميلي تان
موٽندي، جيئن ئي سکر واري سواري (ريلي گاڏيءَ) ۾ سوار ٿي رڪ اسٽيشن تي پهتو، ته
حافظ محمد صديق پنهور رح (1827ع – 1890ع) جي هڪ جان نثار مريد، جان محمد جلباڻيءَ
آرتوار (آچر)، 2 نومبر 1939ع تي انتقامي ڪارروائيءَ دوران، بندوق جو نشانو بڻائي،
هميشہ هميشہ لاءِ سندس انت آندو. (1)
سندس اَگني سنسڪار، جروار ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس جيون چتر، شري تيرٿ بسنت صاحب 1941ع ۾
ڪتابي صورت ۾ عام ڪيو هو.
شاه، سچل ۽ ساميءَ جي هن سر زمين تي اِنهيءَ ڪلور،
مسلمانن ۽ هندن ۾ تعصب جي ويتر باه ڀڙڪائي ڇڏي؛ جنهن ڪري ڪيترائي بي گناه جيو جهان
ڇڏي ويا.
(1) – هندو ڳائڻا ڪن خاص موقعن تي
”ڀڳت“ وجهندا آهن؛ جنهن ڳائڻ سان گڏ نچندا به آهن. اُنهن جو نچڻ مخصوص قسم جو
هوندو آهي؛ ۽ ”هندو ميٿالاجيءَ“ (ديو مالا) سان سندن خاص تعلق هوندو آهي. ڀڳت ڪرڻ
(وجهڻ) وارو ”ڀڳتي مرد“ هوندا آهن، جيڪي عورتن جو ويس ويڙهي، ساڙهي پاڻي ۽ پيرن
گهنگهرو وجهي (پائي) متل محفلين ۾ اچي ڀڳت وجهندا آهن؛ حاضرين کي خوب خوش ڪندا
آهن. ڀڳت (مسخرا)، پنهنجي ڀڳت وجهڻ کان اڳ ”سرڪلياڻ“ مان هڪ ”پرار ٿنا“ (گيت) ڳائي
پوءِ ڀڳت وجهندا آهن. ”ناچ“، ڀڳت جو روح آهي. [ ”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“ – ميمڻ
عبدالغفور سنڌي، (قلمي)، 1980ع صفحو 291].
(1) – ڀڳت ڪنور جي موت کان 21 ڏينهن
اڳ، سکر ۾ پير صاحب ڀرچنڊي شريف جي ڀائٽي، ميان عبدالله پنهور عرف ”هادي سائينءَ“
کي ڪن ڪٽر هندن سخت تنبيهه ڪئي هئي، آخر وڳوڙ وڌي ويو؛ جنهن ڪري مشهور مهاسڀائي
ليڊر، ڊاڪٽر مونجي تلوار ڪڍي، مسلمان ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو.
No comments:
راءِ ڏيندا