فقير ڇتو سانگي [ 1822ع – 1892ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ”محبوب جي بنگلي“ ۾
فقير محمد ڇتل ولد محمد بچل سانگي، غالباً 21 شوال 1238هه مطابق 14 سيپٽمبر 1822ع
تي ڄائو هو. ابتدائي تعليم ”پيٽهڙي جي مدرسي“ مان ورتي هئائين. ڳوٺ دودائي (تعلقو
لاڙڪاڻو) جي صوفي سيد عبدالرسول شاه رحه جو معتقد هو. مجازي عشق جي لپيٽ ۾ ايندي
به ثابت قديم رهيو. سنڌي ۽ سرائڪي شاعريءَ ۾ ڪوُنتل ڪڏايو اٿس. باالخصوص ”ڪافي“ ۽
”مناظري“ جي فن ۾ ڪمال درجي تي پهتو هو. ”حقي ۽ چلم جو جهيڙو“ خاصي شهرت رکي ٿو.
سندس شاعري حسن و عشق ۽ مجازي رنگ ۾ ”تصوف“ تي مبني آهي. سنڌي 52 اکرن تي ”غزلن جو
ديوان“ به ترتيب ڏنو هئائين، جيڪو اڄ بالڪل ناپيد آهي. ڳوٺ دڙي، تعلقي ميرو خان ۾،
4 ذوالقعد 1311هه مطابق 12 آگسٽ 1892ع تي راه رباني ورتائين. هيٺ سندس هڪ ڪافي
نموني طور ڏجي ٿي :-
ڏاڍي مام ڪيا مستانا، ڪنهن غرض گداءُ ڪرن.
توڏا توڪل شاه جي ميان، ٿيڙا رند روانا.
سالڪ هئڙا سمجهه جا ميان، درد ڪيا ديوانا.
جوان ٻڍا توڙي ريش سفيدي، يا ڪي ڦرن يگانا.
هادي بخشين حال حقيقت، منجهه خلق خزانا.
”ڇتا“ شائق شوق مون ميان، ملهائن مئخانا.
فقير ڇتو، واقعي ئي هڪ عديم المثال شاعر آهي. هو عوامي
شاعرن جيان پنهنجي جذبات ۽ احساسات جي اظهار لاءِ پاڻ کي اکرن ۽ لفظن جو پابند نٿو
بڻائي، بلڪ اُنهن کي پنهنجي منشا جي تابع رکي ٿو. سچ پچ اها ڏاتر طرفان ڏنل ڏات
آهي، جا استاد شاعرن کي به نصيب نه ٿيندي آهي. ”ڇتي“ جهڙا شاعر صدين کان پوءِ پيدا
ٿيندا آهن. سندس ڪلام جهجهو آهي، البته هت آيل ڪجهه سنڌي ۽ سرائڪي شعر کي ”ڪليات
ڇتو فقير سانگي“ جي نالي سان، صوفي مولا بخش سانگيءَ 1973ع ۾ عام ڪيو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا