; سنڌي شخصيتون: شهيد الله بخش سومرو- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 September, 2011

شهيد الله بخش سومرو- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


شهيد الله بخش سومرو [ 1900ع – 1943ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شڪارپور جي مشهور سياسي شخصيت، الله بخش ولد حاجي محمد عمر سومرو، 19 صفرالمظفر 1318 هه مطابق 31 آگسٽ 1900ع تي تولد ٿيو. ابتدائي تعليم کان سيڪنڊري تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. آخر 1919ع ۾ ”هو پفل ائڪيڊمي هاءِ اسڪول“ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، پنهنجي پيءُ سان گڏ جاين، سرڪاري رستن ۽ زمينن وغيره جي ٺيڪن ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. اهوئي سبب هو، جو هي خاندان ”مستريءَ“ جي لقب سان سڏبو هو.
 
الله بخش، اسڪول جي زماني کان وٺي ڦڙت ۽ راندين جو شوقين هو. ازانسواءِ تقريرن ڪرڻ ۾ به سندس مٽ ڪو ڇڊو لڳندو هو. مئٽرڪ بعد پڙهائي ڇڏي ڏنائين. سندس طبيعت خوش اَخلاقي ۽ فراخدليءَ طرف زياده مائل هئي، ان ڪري قومي ڪمن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳو. پوءِ ته عام و خاص جا ڪم ڪرڻ سندس مشغلو بڻجي پيو. انهيءَ سببان ماڻهن ۾ سندس مقبوليت وڌڻ لڳي؛ جنهن ڪري ”سياست“ ۾ بهرو وٺڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو، جو 23 ورهين جي عمر ۾ ئي، هي صاحب، جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪلبورڊ سکر جو ميمبر چونڊجي ويو.
هينئر ته سومري صاحب جي سياسي زندگي چمڪي اُٿي؛ جنهن ڪري 1923ع ۾ ضلعي سکر جي لوڪلبورڊ جو پرنزيڊنٽ ؛ ۽ 1926ع کان 1936ع تائين ”بمبئي ڪائونسل“ جو ميمبر به ٿي ڪم ڪيائين 1930ع ۾ سخت ٻوڏ کان شڪارپور کي بچائڻ لاءِ، پاڻ جنهن جانفشانيءَ ۽ قومي جذبي تحت ڪم ڪيو، تنهن کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امير بڻائي ڇڏيو، جو خود انگريزن به کيس انهيءَ صله ۾ ”خانبهادر“ جو خطاب ڏنو. 1936ع ۾ سنڌ جي علحدگيءَ واري تحريڪ ۾ ”متحد پارٽيءَ“ جو صدر ٿيو. آخر 1938ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله (1878ع- 1948ع) جي وزارت جو خاتمو آڻي، پاڻ سنڌ جو وزيراعليٰ بڻيو – 1939ع ۾ سکر جي مسجد منزل گاه تان هندو – مسلم فساد سندس تختا ڪڍي ڇڏيا؛ جنهن ڪري سنڌ ۾ ”مسلم ليگ“ قائم ٿي.
جيئن ته الله بخش سومرو؛ قومي جذبو رکندڙ انسان هو. کيس عهدي جي ڪا به ڪاڻ نه هئي، تاهم به غريبن ۽ مسڪينن جا هڙ هيلا هلائي ڪم ڪندو پئي آيو. آخر سندس قسمت جي ستاري ٻيهر چمڪو ڏنو، ۽ ڪانگريس ۽ هندو ميمبرن جي ڀرپور تعاون سان سنڌ وزارت ٺاهيائين – 1942ع ۾ ”آل انڊيا ڪانگريس“ پاران، انگريزن خلاف آواز اُٿيو، ته ”انگريزو! هندوستان ڇڏي وڃو!!“، جنهن ۾ پاڻ نهايت ئي تندهيءَ سان بهرو ورتائين. ايتري قدر جو 26 سيپٽمبر 1942ع تي انگريز سرڪار کي هڪ عريضو لکي، اُن سان گڏ ”خانبهادر“ ۽ ”او – بي – اِي“ (O.B.E) جا لقب به واپس ڪيائين. پوءِ ته تڏوهڪي انگريز گورنر خار وچان سندس وزارت کي ختم ڪري ڇڏيو.
سومرو صاحب، وزارتي عهدو ڇڏي، هميشہ هميشہ لاءِ ڪراچيءَ مان اچي شڪارپور ۾ رهيو، جتي زندگيءَ جا دمڙا کڻندي، 22 شعبان 1262هه مطابق 14 مئي 1943ع تي، صبح جي وقت، جيئن ئي بگيءَ تي چڙهي، نيو فوجداري روڊ سان بيگاريءَ طرف پئي ويو، ته فوجداريءَ جي سامهون، ڪن نامعلوم شاهينگن کيس ريوالور جو نشانو بڻائي، سندس اَنت آڻي ڇڏيو. هن اوچتي شهادت دوستن کي ته ٺهيو، پر دشمنن کي به غم آلوده بڻائي ڇڏيو.
شهيد الله بخش، سنڌ جو عظيم فرزند هو؛ جنهن سنڌ ۽ سنڌين لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيو. سندس ڏنل قربانيون اسان ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون.

No comments:

راءِ ڏيندا