; سنڌي شخصيتون: ڪي اين واسواڻي عرف ساڌو واسواڻي - رکيل مورائي

30 September, 2011

ڪي اين واسواڻي عرف ساڌو واسواڻي - رکيل مورائي

ڪي اين واسواڻي
سنڌيت جو پرچارڪ
رکيل مورائي
پروفيسر خوشي رام نيڀراج واسواڻي 19 مئي 1911ع تي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندن والد ناليوارو وڪيل هو. ممبئي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود ڪي اين واسواڻي ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿيو ۽ شاگردن کي تعليم ڏنائين. سندن عوامي خدمت جي جذبي، بهترين ليکڪ، مقرر ۽ آرگنائيزر وارين خوبين، ناليواري تعليم دان ٽي ايل واسواڻي کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ڪي اين واسواڻي انتهائي ذهين شاگرد هو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم اي هسٽري ۾ فرسٽ نمبر حاصل ڪيائين. هو آءِ سي ايس لاءِ اهل هو پر پنهنجي اسٽوڊنٽ ليڊر طور سرگرم ڪردار سبب،، هندستان جي حڪومت مٿس آءِ سي ايس امتحان ۾ ويهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

پروفيسر ڪي اين واسواڻي مهاتما گانڌيءَ جو ڪم سهيڙيو، جيڪو هندستان جي حڪومت شايع ڪيو. هو وويڪ آنند لاڪ ميموريل ۽ وويڪ آنند ڪيندر جو نائب صدر (1971ع کان 2002ع تائين) رهيو ۽ 1976ع کان 1978ع تائين صدر رهيو. هو انگريزي رسالي يووا ڀارتي جو ايڊيٽر (1973ع کان 1975ع تائين)، لالا لجپت راءِ جي سرونٽس آف پيپل سوسائٽي دهلي جو وائيس چيئرمين ۽ ان جي لجپت ڀون جرنل جو ايڊيٽر رهيو.
پروفيسر واسواڻي ٽيگور آرٽس سرڪل جو باني، آل انڊيا اڪيڊمي آف آرٽس اينڊ ليٽرز جو سنڌ جو نمائندو، فرينڊز آف انڊيا ليگ جو صدر ۽ 1944ع ۾ نيو انڊيا پلاننگ گروپ جو سنڌ ۾ سيڪريٽري رهيو هو، 1946ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيل ستين آل انڊيا ايگريڪلچرل اڪنامڪ ڪانفرنس جو سيڪريٽري، 1949ع ۾ ورڌا ۾ ٿيل پيسفسٽس ڪانفرنس ۽ انٽرنيشنل گانڌي سيمينار جو مبصر ۽ 1951ع جي انٽرنيشنل اسٽيٽسٽيڪل ڪانفرنس ۾ هندستان جي نمائندي طور شريڪ ٿيو. پروفيسر واسواڻي پهرين ايشيائي ادبي ڪانفرنس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر، سنڌي کي هندستاني آئين ۾ 15 هين ٻولي طور شامل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيم سنڌو سماج جو باني صدر هو.
ڪي اين واسواڻي پي اي اين جو ميمبر، آل انڊيا نيوز پيپر ايڊيٽرز ڪانفرنس، انڊين ڪائونسل آف ورلڊ افيئرز، انڊين ڪانفرنس آف سوشل ورڪ سروودايا سماج، گانڌي سمارڪ نڌي، منصوبابندي جي سب ڪميٽي جو ميمبر رهيو ۽ کيس ساڌو واسواڻي جي سينٽ ميرا گرلز ڪاليج پونا جو پرنسپل بڻايو ويو. جتي هن سنڌي ليکڪن جي همت افزائي لاءِ ساڌو واسواڻي انعام 1959ع کان شروع ڪيو. پروفيسر واسواڻي سنڌي ادب، زندگي ۽ ثقافت لاءِ ڪيل خدمتن تي دستاويزي فلم به ٺاهي. هو گانڌي سوسائٽي دهلي جو ڊائريڪٽر به رهيو. هو 29 نومبر 2002ع تي هيءَ دنيا ڇڏي سرڳواسي بڻيو.

No comments:

راءِ ڏيندا