; سنڌي شخصيتون: مورج منگهناڻي! - شوڪت حسين شورو

18 September, 2011

مورج منگهناڻي! - شوڪت حسين شورو


مورج منگهناڻي!
شوڪت حسين شورو
پنج سال اڳ سنڌ جي اٽڪل 30 ليکڪن ۽ فنڪارن جو هڪ وفد انڊيا جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل هو، جنهن وفد ۾ آئون به شامل هئس. انڊيا ۾ چوٽيءَ جي وڪيل، سياستدان ۽ راجيه سڀا (سينيٽ) جي ميمبر رام ڄيٺملاڻي وفد جي مان ۾ هڪ عاليشان دعوت نئين دهلي ۾ پنهنجي بنگلي جي وڏي لان ۾ رکي هئي. دعوت ۾ هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون اهم شخصيتون شريڪ هيون، جن ۾ لالو پرساد يادو به شامل هو. هن جي مخصوص انداز جي گفتگو ماڻهن کي مزو ڏيندي آهي، ان ئي دعوت ۾ مورج منگهناڻي سان مکا ميلو ٿيو. انڊيا مان شايع ٿيندڙ نامور سنڌي رسالي ”ڪونج“ ۾ ڪيترن سالن کان چيف پئٽرنس ۾ سڀ کان پهرين نالو مورج منگهناڻي جو هوندو آهي. اتفاق اهڙو ٿيو، جو نند جويري ۽ آئون مورج مل سان گڏ هڪ ئي ٽيبل تي ويٺاسين. مورج جڏهن ڳالهايو ته آئون حيرت ۾ پئجي ويس. هن جي ڳالهائڻ جو انداز ۽ لهجو ايترو ٺيٺ سنڌي هو ڄڻ سنڌ جو ڪو ڳوٺاڻو ماڻهو ڳالهائي رهيو هجي، جنهن تي ٻي ڪنهن ٻوليءَ جو اثر ٿيل نه هجي. سچي ڳالهه اها آهي ته مون سنڌ ۾ سنڌيءَ جي عالمن کي به اهڙي نج سنڌي ڳالهائيندي نه ٻڌو آهي. ڳالهائڻ سان گڏ هن جي سادي ۽ سٻاجهي طبيعت ايتري ته موهيندڙ هئي، جو ماڻهو هن وٽان اٿڻ جي نه ڪري. اسين ٽئي ڄڻا جيتري دير ويٺا هئاسين، مورج ڪا به ڪاروباري ڳالهه نه ڪئي، ڏوڪڙن جي ڳالهه نه ڪئي. هو انڊيا ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادارن  جي صورتحال بابت ڳالهيون ڪندو رهيو.

 مورج منگهناڻي 1927ع ۾ ٽنڊو آدم ۾ ڄائو هو، جتي سندن وڏن جون ڪاٽن جننگ فيڪٽريون هيون، سندن زمين هئي. مورج ويهن سالن جو هو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، مورج پنهنجن وڏن سان گڏ انڊيا ۾ لڏي ويو. ستن سالن کانپوءِ هو روزگار سانگي دبئي هليو ويو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هڪ معمولي بندرگاهه هو. مورج کي اتي  ITL (انٽرنيشنل ٽريڊرس لميٽيڊ ڪمپني) ۾ نوڪري ملي. هيءَ ڪمپني دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سنڌ ورڪين جي ٺاهيل انٽرا گروپ جو حصو آهي. 56 سالن کان دبئي ۾ رهندڙ مورج منگهناڻي اڳتي هلي انٽرا گروپ ۽ آءِ ٽي ايل ڪمپنيءَ جو ايگزيڪيوٽو چيئرمين ٿيو ۽ اڃا تائين ان حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هو ٻين به ڪيترين ڪمپنين جو ڊائريڪٽر آهي، دبئي ۾ الرزوقي انٽرنيشنل ايڪسچينج ڪمپني لميٽيڊ جو وائيس چيئرمين آهي، جنهن تحت انڊيا ۾ ڪنڙا بئنڪ قائم ڪيل آهي.

 سنڌي ثقافت، ٻولي ۽ ادب جي ڏس ۾ هن جو وڏو ڪارنامو آديپور ڪڇ ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي قائم ڪرڻ آهي. هو ان جي ٽرسٽ جو چيئرمين آهي. مورج نه رڳو دبئي ۾، پر ممبئي، الهاس نگر ۽ آديپور ۾ پڻ سنڌي ڪلچرل سرگرمين ۾ اڳيان اڳيان هوندو آهي. هو اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو چيف پئٽرن پڻ آهي. مورج منگهناڻي هر سال بهترين سنڌي ليکڪ کي پنجويهه هزار رپين جو ايوارڊ  ڏيندو رهيو آهي. مورج مل دبئي ۾ رهندڙ سنڌي ڪٽنبن جي ٻارن جي تعليم جي لاءِ انڊين هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو، جنهن جو پهريون پرنسپل سنڌيءَ جو مشهور شاعر موتي پرڪاش هو. مورج دبئي ۾ انڊين اسپورٽس ڪلب جو بنياد وجهندڙ چيئرمين هو. ان کانسواءِ دبئي ۾ طاقتور تنظيم انڊين ايسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ آهي. هن هيٺين سطح کان ترقي ڪري دبئي ۾ بزنيس ايمپائر قائم ڪيو آهي ۽ هو سنڌي ڪميونٽي جو گاڊ فادر آهي.

 هري موٽواڻي کي آخري وقت ۾ جڏهن دل جو دورو پيو هو ۽ هو ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هو، تڏهن مون سنڌ مان فون ڪري ساڻس ڳالهايو هو. ان وقت هو مورج منگهناڻي جي ڏنل آٿت سببان بيحد پراميد لڳي رهيو هو. مون کي ٻڌايائين ته ”ڊاڪٽر چون ٿا ته وڏي عمر هجڻ سبب باءِ پاس سرجري ٿوري مشڪل آهي، پر ناممڪن ناهي ۽ ان تي خرچ ڪجهه وڌيڪ ايندو، پر مورج مل مون کي چيو آهي ته خرچ جو الڪو نه ڪر، جيترو به خرچ ٿيندو آئون ڀريندس.“ هري موٽواڻي کي موت ايتري مهلت نه ڏني جو هو باءِ پاس سرجري ڪرائي سگهي ها. هن جي سندس حياتيءَ ۾ خواهش هئي ته ”ڪونج“ طرفان منهنجو خاص نمبر شايع ڪري. منهنجي سستيءَ جي ڪري مواد گڏ ڪرڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ سندس خواهش سندس حياتيءَ ۾ پوري نه ٿي سگهي. هري موٽواڻي جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڪونج جي ايڊيٽر جو بار نند ڇڳاڻي کنيو. هن منهنجي دوست نند جويري سان گڏجي زور ڀريو ته هري موٽواڻي جي خواهش کي پورو ڪرڻو آهي. هند ۽ سنڌ جي ليکڪ دوستن کي مضمونن لکڻ جي لاءِ چيو ويو. نند جويري جي ڪوششن سان مضمون ايترا ٿي ويا، جو مون سوچيو ته ڪونج جا صفحا محدود آهن، ايترا مضمون ڪيئن ڇپجندا. مون نند ڇڳاڻيءَ کي فون ڪري اها ڳڻتي ٻڌائي. هن چيو، ”دادا مورج مل جو چوڻ آهي ته شوڪت شوري جي خاص نمبر تي ڪيترو به خرچ ٿئي ان جو فڪر نه ڪجو.“ نند کلندي چيو ته سائين اوهان به فڪر نه ڪريو، جيتر ابه مضمون آهن سڀ ڇپينداسين.

 مورج مل جو پٽ چندر منگهناڻي به نهايت لائق ۽ سنڌيت سان پيار ڪندڙ آهي. سنڌ جي ليکڪن جو وفد جڏهن ممبئي ويو هو ته هوٽل روز ووڊ ۾ ترسيو هو، جيڪا سندن آهي. وري ٻيو وفد جڏهن هوٽل روز ووڊ ۾ ترسيو هو ته آئون نند جويري جي گهر ۾ ٽڪيو هئس. مورج مل ۽ چندر منگهناڻي جي طرفان هوٽل ۾ ليکڪن کي ڏنل دعوت ۾ جڏهن آئون ويس ته چندر چيو، ”اوهان منهنجو نقصان ڪرائي ڇڏيو.“ مون حيرت مان پڇيو ته اهو ڪيئن؟ ته کلندي چيائين، ”نند وٽ وڃي رهڻ جي ڪري هوٽل ۾ اوهان جو ڪمرو خالي رهجي ويو نه.“ سنڌ مان جڏهن به ڪي ليکڪ ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي يا ٻين ادارن طرفان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ممبئي ويندا آهن ته کين هوٽل روز ووڊ ۾ رهايو ويندو آهي.

 مورج مل منگهناڻي 83 ورهين جي ڄمار ۾ به کڙو تڙو ۽ صحتمند آهي. هن جي اها وڏي خواهش هئي ته ڪونج رسالي جي گولڊن جوبلي نمبر جي مهورت ڪراچيءَ ۾ ڪري، پر پوءِ حالتن سبب اها ڳالهه نه ٿي سگهي ۽ سنڌ پنهنجي لائق سپوت جي آجيان ڪرڻ کان محروم رهجي وئي.

No comments:

راءِ ڏيندا