عثمان علي ”اَنصاري“ [ 1901ع – 1962ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
عثمان علي ولد هدايت علي انصاري، 14 محرم الحرام 1318هه
مطابق 21 آڪٽوبر 1901ع تي شڪارپور ۾ ڄائو هو. سندس والد (ولادت 1870ع) سهارنپور
ضلعي جي جنت آباد (آنبهٽه) ڳوٺ جي رهاڪو هو؛ ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم هو، جتان سيوهڻ
شريف ۾ رهندي، انسپيڪٽر جي ڪرسيءَ تان، 1901ع ۾ رٽاير ڪيائين. سندس والده ميرپور
ماٿيلي جي رند خاندان مان هئي.
عثمان عليءَ، ابتدائي تعليم شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل
ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ جهونا ڳڙهه به ويو – 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي – اي
جي پهرين ڊگري ورتائين. پوءِ 1925ع ۾ انگلنڊ مان ايم – اي ۽ جرنلز ۾ ڊپلوما وٺي،
واپس وطن وريو، ۽ تعليم کاتي ۾ هيڊ ماستر جي عهدي کان ڊائريڪٽر جي عهدي تان 1957ع
۾ رٽاير ڪيائين. پوءِ پاڻ علم جي شغل کي لڳي ويو؛ جنهن ڪري نوڪريءَ جي زماني جا
اَڌورا پيل ڪتاب لکي راس ڪيائين، جيڪي ”درس عمل“ (اَخلاقيات – 1936ع)، ”گمراه
دوست“ (ناول ترجمو – 1939ع)، ”اَدبي انتخاب“ (مضمون ۽ ڪهاڻيون – 1944ع)، ”رسالو
سچل سرمست“ (1948ع)، ”يوناني فلسفو“ (ترجمو – 1951ع)، ”رسالو سچل سرمست“ (1958ع)،
”جرم وفا“ (ترجمو ناٽڪ)، ”پنج ڪهاڻيون“ ۽ ”سنڌي نثر“ آهن. نثر سان سندس خاص دلچسپي
رهي آهي. پاڻ نهايت ئي با اَخلاق ۽ سنجيده شخص هو.
متذڪره ڪتابن کان علاوه سندن ڪافي معلوما تي مقالا به
سنڌي رسالن، اَخبارن ۽ مختلف مئگزين ۾ پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن.
انصاري صاحب جن جون علمي ۽ ادبي خدمتون نهايت ئي وسيع
آهن. کيس ٻين زبانن مان ترجمن ڪرڻ جو زياده شوق هو. سندس لکڻي نهايت پراثر، عام
فهم، دلچسپ، وڻندڙ، سليس ۽ شائسته رهي آهي – 9 ربيع الـآخر 1382هه مطابق 2 سيپٽمبر
1962ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات سنڌي زبان لاءِ ناقابل - تلافي نقصان
آهي. آخري وقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ۽ سه- ماهي ”مهراڻ“ جو مئنيجنگ
ايڊيٽر به ٿي رهيو.
No comments:
راءِ ڏيندا