; سنڌي شخصيتون: رئيس غلام محمد ڀرڳڙي - شوڪت حسين شورو

18 September, 2011

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي - شوڪت حسين شورو


رئيس غلام محمد ڀرڳڙي
سنڌ جو پهريون سياستدان!
شوڪت حسين شورو
سنڌ ۾ جتي سياست کي پنهنجين ذاتي غرضن ۽ مفادن حاصل ڪرڻ، ڏوڪڙ ڪمائي دولت ٺاهڻ ۽ پنهنجي مان مرتبي کي وڌائڻ ۾ جو وسيلو بنائي رکيو ويو هجي، اتي اڄ کان سوا سئو سال اڳ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ابتر حالتن کي سڌارڻ جي لاءِ سياست ۾ پير رکيو. هو نه رڳو سنڌ جو پهريون سياستدان هو، پر هن بنا ڪنهن ذاتي غرض ۽ مفاد جي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سياست ڪئي جڏهن دنيا ۾ ۽ خاص طور هندستان ۾ انگريز بهادر جي عروج جو زمانو هو. سنڌ جي وڏن وڏن زميندارن جي حالتن اها هئي، ته اهي انگريز سرڪار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ جي پيرن ۾ پيا هئا. پير علي محمد راشديءَ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سندس ويجهي دوست هرچند راءِ وشنداس بابت لکيو آهي ته ”هئا ٻئي پيدائشي وڏيرا، وڏيرا به نه، بلڪه وڏ- وڏيرا، پر سنڌ جي وڏيرن کي رستو ڏيکاري ويا ته وڏيرپ هوندي به ماڻهو ڪيئن عزت ۽ آزاديءَ، شرافت ۽ انسانيت جي زندگي گذاري ۽ خلق جي خدمت ڪندي، سنڌ جا حق نڀائي سگهي ٿو. سندن زمانو اهو زمانو هو، جڏهن وڏيرا ”صاحبلوڪن“ جي سلام لاءِ حاضر ٿيندا هئا ته صاحب جا پٽيوالا گهر جي ٻاهران کانئن جتيون لهرائي، پرين اگهاڙي، اندر وٺي ويندا هئا. ليوڪس، ڪمشنر سنڌ، کين فجائڻ جي لاءِ پڇندو هو ته ”اوهان بدمعاش آهيو يا نه؟“ ته وڏيرا ورندي ڏيندا هئس ته، ”جيئندا قبلا، ابي ڏاڏي کان سرڪار جا بدمعاش آهيون.“ انديشو هئن ته انڪار ڪريون ۽ مبادا صاحب ڪاوڙجي سچ پچ ڪا ڪارروائي ڪري وجهي.“

اهڙي ماحول ۾ جڏهن سنڌ جا زميندار ان حد تائين ڪري چڪا هئا، ۽ عام خلق جهالت جي اونداهه ۾ غرق هئي، تڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ سنڌ جي حقن لاءِ انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو. غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو والد رئيس ولي محمد ڀرڳڙي ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڳوٺ ڊينگاڻ تعلقو جيمس آباد جو وڏو زميندار هو. سندس پٽ غلام محمد 15 جولاءِ 1880ع ۾ ڄائو. ان وقت جي دستور موجب شروعاتي تعليم فارسي ۽ عربيءَ ۾ حاصل ڪئي. ولي محمد خان ڀرڳڙيءَ پنهنجي پٽ جي سکيا جي لاءِ ميهڙ جو هڪ مولوي پگهار تي رکيو هو. تڏهن استاد شاگردن کي سڌارڻ لاءِ لڪڻ سان مار ڪڍندا هئا. غلام محمد کي به سندس استاد مولويءَ وڻ سان ٻڌي مار ڏني، ۽ ان جي نراڙ تي زخم ٿي پيو. رئيس ولي محمد جڏهن مولوي کان پڇا ڪئي ته ان وراڻيو، ”انهيءَ مار ڏيڻ سان مون اوهان جي فرزند جو بخت کوليو آهي.“ اها چوڻي عام هوندي هئي ته ”مار سنوار آهي.“ رئيس ولي محمد مولويءَ کي ڪجهه به نه چيو، بلڪه پٽ کي هدايت ڪري وري به ساڳي مولويءَ وٽ پڙهڻ جي تاڪيد ڪيائين. اتان فارغ ٿي کيس حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن جي ويجهو مشن اسڪول ۾ انگريزي پڙهائڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان کان پوءِ هن اي اين ايڇ اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي. رئيس ولي محمد 1890ع ۾ وفات ڪئي. غلام محمد اڃا صغير هو، ان ڪري ملڪيت سنڀالي لاءِ ڪورٽ حوالي ڪري غلام محمد کي وڌيڪ پڙهائڻ جي لاءِ سنڌ مدرسي ۾ موڪليو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هو علي ڳڙهه ويو، جتان ميٽرڪ پاس ڪيائين. علي ڳڙهه ۾ پڙهائيءَ دوران هن ۾ روشن خيالي ۽ سياست ۾ دلچسپي پيدا ٿي چڪي هئي. اتان موٽي آيو ته سندس زمين ڪورٽ مان آجي ٿي، ۽ هو 19 سالن جي عمر ۾ پنهنجيون زمينون سنڀالڻ لڳو. زمينداريءَ جي انهيءَ زندگيءَ ۾ ساڻس اهڙو واقعو ٿيو، جنهن منجهس وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو. هڪ ڀيري ڳوٺ وڃڻ لاءِ پاڻ شادي پلي اسٽيشن تي لٿو ته رات ٿي چڪي هئي ۽ مينهن پئي پيو. رات گذارڻ لاءِ ڊاڪ بنگلي ۾ رهي پيو. ريوينيو کاتي جي هڪ عملدار اچي کيس چيو ته، ”اسسٽنٽ ڪليٽر صاحب بهادر اچڻ وارو آهي، ان ڪري بنگلو خالي ڪريو.“ رئيس غلام محمد کيس چيو ته ”رات جو وقت آهي، مينهن پيو وسي، هن وقت ڪيڏانهن وڃي سگهندس! بنگلو وڏو آهي، صاحب هڪڙي پاسي رهي سگهي ٿو.“ پر هو ضد ڪري بيهي رهيو. رئيس کي لاچار نڪرڻو پيو. پر ڳالهه اتي ختم ڪا نه ٿي. صاحب بهادر کي اها خبر پئي ته هو ڪاوڙ ۾ اچي رئيس غلام محمد کي سيکت ڏيڻ لاءِ گهاٽ گهڙڻ لڳو. رئيس وٽ قانوني ويڙهه کان سواءِ ٻيو ڪو وسيلو ڪو نه هو. هو پنهنجن سڄڻ دوستن جي صلاح سان قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگليڊ هليو ويو. اتي ”لنڪولن ان“ مان مارچ 1908ع ۾ بار ايٽ لا ڪري موٽي سنڌ آيو. انگلينڊ ۾ رهڻ دوران هو سياسي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو هو. مٿس گوڪلي جي سياسي ۽ قومي خيالن جا اثر پيا هئا، ۽ سندس ذهن ۾ آزاديءَ بابت خيال پيدا ٿيا هئا. رئيس غلام محمد حيدرآباد شهر ۾ وڪالت جي فرم کولي. عبدالقادر حافظ بئريسٽر ۽ عبدالجبار بئريسٽر به سندس فرم ۾ شامل ٿي وڪالت سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳا. ان وقت جون اهم شخصيتون سيٺ هرچند راءِ وشنداس، سنتو داس منگهاداس، جيٺمل پرسرام ۽ جيرام داس دولت رام سندس ساٿي بنجي چڪا هئا. نامياري سياستدان جيرام داس دولت رام پنهنجي هڪ تعزيتي ليک ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ بابت لکيو ته، ”منهنجي ساڻس واقفيت 1913ع ڌاري ٿي، جڏهن آئون بمبئيءَ ۾ ڪاليج ۾ پڙهندو هئس. تڏهن ڀرڳڙي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر هو. ان کان پوءِ منهنجي ان سان سندس جيل روڊ واري بنگلي تي ملاقات ٿي. ان ڏينهن کان اسان جا هڪٻئي سان واسطا وڌندا رهيا، ۽ اهي هميشه قائم رهيا. ڀرڳڙيءَ وڪالت پئسن ڪمائڻ جي لاءِ نه، پر ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ عوامي معاملن ۾ محصو وٺڻ لاءِ شروع ڪئي هئي.“

 منٽو مارلي رفارمس هيٺ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي لاءِ چونڊن ۾ سنڌ کي پنهنجن چئن عيوضين چونڊڻ جو حق مليو هو. اهي چونڊون 1909ع ۾ ٿيون، جن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس ۽ سيد الهندو شاهه چونڊجي آيا. ان عرصي ۾ رئيس غلام جيڪي ڪم ڪيا، تن ۾ مکيه هي هئا.

 (1) سنڌي مسلمانن ۾ تعليم جي نه هئڻ سبب جهالت کي محسوس ڪندي ان ڪائونسل ۾ ”مسلم ايجوڪيشن فيس بل“ پيش ڪيو، جنهن موجب مسلمان زميندارن کان رپئي تي هڪ پئسو فنڊ ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪرڻو هو. سيٺ هرچند راءِ ۽ ٻين سندس ساٿين ان بل جي تائيد ڪئي. سرڪار عام راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ بل موٽايو ۽ راءِ وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي. سنڌ جي مسلمان زميندارن ان جي مخالفت ڪئي ۽ سرڪار بل کي ٿڏي ڇڏيو.

 (2) رئيس غلام محمد سنڌ ۾ رسائي، لاپي ۽ کيڙ جي دستور کي ختم ڪرائڻ لاءِ بمبئي ڪائونسل ۾ هڪ ٺهراءُ آندو ۽ زوردار تقرير ڪئي. نيٺ سرڪار مجبور ٿي هڪ انڪوائري ڪميشن مقرر ڪئي. رپورٽ ملڻ بعد سرڪار طرفان رسائيءَ خلاف سخت حڪم ڪڍيا ويا.

 (3) سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ کي بحال ڪرڻ لاءِ سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري جدوجهد رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ شروع ڪئي.

 سياسي طور هو اٽڪل 10 سالن تائين آل انڊيا ڪانگريس ۾ شامل رهيو، جنهن جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هندو-مسلم اتحاد جو وڏو حامي هو، ۽ ان لاءِ عملي طور جاکوڙيندڙ هو. سندس ڪوششن سان ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا گڏيل اجلاس ٿيا، جن ۾ هڪ سمجهوتو ڪرايو ويو، جنهن کي بعد ۾ ”لکنو پيڪٽ“ سڏيو ويو. رئيس غلام محمد بعد ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، ۽ کيس سنڌ مسلم ليگ جو صدر مقرر ڪيو ويو. مسلم ليگ ۾ اچڻ جي باوجود، هن جو ڪانگريس جي اڳواڻن سان تعلق قائم رهيو. هو 1923ع ۾ سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.

 رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سياسي مشغوليءَ سان گڏ پنهنجي زمينداريءَ کي به چڱو نڀايو. هن ڪپهه جون نيون جنسون پوکرايون، شادي پلي ۽ جيمس آباد ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانه لڳرايا. سندس گهڻو خرچ سياسي ڪمن تي ٿيندو هو. هن هفتيوار اخبار ”الامين“ جاري ڪئي. ”الامين“ جنهن جو پهريون ايڊيٽر محمد هاشم مخلص هو، ۽ پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ايڊيٽر ٿيو. اخبار جو سڄو خرچ رئيس غلام محمد ڀريندو هو. ان کان سواءِ هو جيٺمل پرسرام جي ايڊيٽريءَ هيٺ شايع ٿيندڙ اخبار ”هند-واسي“ ۽ پوءِ ”سنڌ-واسي“ جي پڻ مالي مدد ڪندو هو.

 مذهبي معاملن ۾ تصوف ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي اثر سبب رئيس آزاد خيال ۽ فرقي بنديءَ کان آجو هو. ڪٽرپڻو سندس ويجهو به نه هو. جي ايم سيد ان بابت لکيو آهي ته، ”اميراڻي ٺٺ سان رهندو هو، ليڪن دل فقيراڻي هئي. ريل جي فرسٽ ڪلاس ۾ سامان رکي، اڪثر ٿرڊ ڪلاس ۾ عام ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو. ڪولهين، ميگهواڙن ۽ هارين سان گڏ پٽ تي  ويهي رهندو هو. هڪ دفعي ڪنهن ميگهواڙ کي چيائين ته، ”آئون تنهنجو ڀاءُ آهيان، تنهن تي هن چيس ته، ”جي ايئن آهي ته منهنجي هٿ جو پاڻي پي.“ رئيس غلام محمد پاڻي وٺي پي ويو.“

 رئيس غلام محمد ڀرڳڙي 44 سالن جي ڄمار ۾ 9 مارچ 1924ع ۾ نمونيا وگهي گذاري ويو. سنڌ هڪ بي مثال ۽ مخلص انسان کان محروم ٿي وئي. هن بابت جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنم گذاريم جن سين“ ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تازو محمد هاشم لغاريءَ سندس حياتيءَ ۽ ڪارنامن بابت انگريزيءَ ۾ هڪ ضخيم ڪتاب ”بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي، لائيف اينڊ ورڪس“ مرتب ڪري ڇپرايو آهي. 

No comments:

راءِ ڏيندا