لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
[۱۸۸۵ع – ۱۹۵۴ع]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
سنڌي
زبان جو سچو پارکو، خدمتگار، صاف دل صوفي منشي لالچند پٽ امر ڏنل مل جڳتياڻي
حيدرآباد سنڌ ۾ ۲۵ جنوري ۱۸۸۵ع تي جنم ورتو هو. سندس پتا سرڪاري ملازم هو؛ جنهن کيس شروعات کان وٺي
سنڀالي تعليم ڏياري. ڪنهن ٿي ڀانيو ته هي ڇوڪرو وڏو ٿي سنڌي زبان ۽ ادب جو رکوالو
بڻبو! سچ پچ ڌڻيءَ کيس وڏي ڏات ڏني هئي – ۱۹۰۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ گهريو، جتان ۱۹۱۸ع تائين فارغ التحصيل ٿي، سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ ۾ ماستر مقرر ٿيو.
آخر ترقي وٺي پروفيسر جي عهدي تي وڃي رسيو. سنڌ جا ڪافي پڙهيل مسلمان سندس شاگرد
بڻيا – ۱۹۴۰ع ۾ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي
صلاحڪار بورڊ“ قائم ٿيڻ سان اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ ”سنڌي لغت“ جي تياريءَ ۾ پڻ ڀاڱي
ڀائيوار ٿي ڪم ڪيائين – ۱۹۲۰ع ۾ خلافت دؤر ۾ ”قطع
تعلقات تحريڪ“، ۱۹۲۲ع ۾ ”ڪانگريس واري هلچل“ ۽ ۱۹۴۷ع ۾ آزاديءَ جي جدوجهد“ ۾ پاڻ چڱو موکيائين؛ انهيءَ سلسلي ۾ قيد جا ڪڙا
چاڙهائڻ به، عيب نه ڄاتائين.
ديوان
لالچند ماٺيڻي طبيعت ۽ ذهانت جو ڀندار هو. مختلف موضوعات تي ۲۳ ڪتاب سندس قلم مان نڪتا هئا، جن مان: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم (”سيرت طبيه“ تي لکيل سندس هيءَ تصنيف عقيدت جو واضح ثبوت
آهي. سندس ڪي دوست مذاق وچان کيس لعلچند مان ”لعل محمد“ به ڪري سڏيندا هئا.)، سونهارو سچل، سيڻ ڪي ويڻ، سدا گلاب، سون ورنيون دليون،
ڏکن ڏڌي زندگي، سر ڏهر ۽ ان جي شرح، ڦلن مٺ، حر مکيءَ جا، سر ڪيڏارو، ماڻڪ موتي
لال، بيرنگي باغ جو گل سنڌي، شاهاڻو شاه، ميران ناٽڪ، ساميءَ جا سلوڪ، نقد ڌرم،
ڪشتي جا ڪشٽ، لڳ ننڍو جيءُ گهڻو، چوٿ جو چند ۽ سنڌي ٻوليءَ جو نچوڙ وغيره خاص
اهميت رکن ٿا – ۱۹۴۶ع کان ڪجهه وقت ”مهراڻ“ رسالي
جو ايڊيٽر به ٿي ڪم ڪيائين. ورهاڱي وقت روئي مجبوراً پاڪستان ڇڏي ويو، جتي بمبئي
پهچي ڪجهه وقت هٿ جي تنگي ڏٺائين. پر صبر کان ڪم وٺي، ٿوري تي به اڪتفا ڪندو رهيو؛
تان ته سندس داڻي پاڻي پوري ٿيڻ سان، ۱۸ اپريل
۱۹۵۴ع تي پرلوڪ پڌاريائين. سنڌ سان
کيس وڏو پيار هو. سندس وصيت موجب سنک ۱۲ ڊسمبر
۱۹۵۵ع تي سنڌ ۾ آڻي، مهراڻ جي حوالي
ڪيو ويو.
جڳتياڻي
صاحب کي سنڌ ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن سان وڏي محبت هئي. کيس صوفي شاعرن جو ڪافي ڪلام
برزبان ياد هوندو هو. دروازي درگاه سان کيس خاص عقيدت هئي. پروفيسر منگهارا
اُڌارام ملڪاڻي، سندس پيارن شاگردن مان هو؛ ۽ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي سندس گهاٽو
دوست هو.
لالچند امر ڏنو مل
”مُيائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي“
شوڪت
حسين شورو
لالچند امر ڏنو مل
جڳتياڻي سنڌي ٻولي جي انهن وڏن اديبن مان آهي، جن اٽڪل اڌ صديءَ تائين سنڌي نثر کي
اوج ڏنو ۽ ان کي سجائي سنواري شاهوڪار بڻايو. اهو سنڌي نثر جو ڪلاسيڪل دور هو، جيڪو
ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. لالچند جو جنم ۲۵
جنوري ۱۸۸۵ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو، سندس ڏاڏو منشي
سکرامداس جڳتياڻي انگريزن جي راڄ ۾ تپيدار هو. هن جو لاڙو ڌرم ڏانهن گهڻو هو،
لالچند جي پيءُ امر ڏنو مل مختيارڪار جي عهدي تي گهڻو عرصو ٿرپارڪر ۽ کپري ۾
گذاريو. اسڪول ۾ لالچند جي شروعاتي تعليم ڏاڍي خراب نموني سان ٿي، جنهن جو مزيدار
چٽ هن پنهنجي ساروڻي ”ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهرئين ڏينهن“ ۾ چِٽيو آهي. لالچند اڃان چئن
سالن جو هو ته هڪ ڏينهن پنهنجي سئوٽ ٺاڪوءَ کي اسڪول ويندو ڏٺائين، هن به اسڪول وڃڻ
جو ضد ڪيو، ٺاڪوءَ جو پيءُ ٽهلرام ان اسڪول جو هيڊ ماستر هو. ماستر ٽهلرام لالچند
کي پنهنجي ڪلاس ۾ پيار سان پهرئين بينچ تي ويهاريو، پر پوءِ کيس شرارتون ڪندو ڏسي
پٽيوالي جي هٿان هن کي ماستر تارا چند جي ڪلاس ۾ موڪليو. اتي جو نظارو ڏسي لالچند
هراسجي ويو. هڪ ته سڀ ٻار پٽ تي ويٺل هئا، وري ڪلاس جي وچ ۾ ٿنڀي سان هڪڙو ٻار
چوکنڀو ٻڌو پيو هو. ماستر تارا چند ان ٻار جا پٺا پٽيءَ سان پئي ڪُٽيا. لالچند اهو
ڏسي ڊپ وچان روئڻ لڳو، اصل بس ئي نه ڪري، ڪجهه دير بعد ماستر تارا چند ٻين ٻارن کي
موڪل ڏئي، لالچند کي ڪلاس ۾ روئندو ڇڏي، در کي ٻاهران ڪڙو ڏئي هليو ويو. ڪجهه دير
بعد هيڊ ماستر ٽهلرام اسڪول بند ڪري گهر وڃڻ جي ارادي سان ڪلاس جي در وٽان اچي
لنگهيو ته هن ٻار جي سڏڪن جو آواز ٻڌو. در کولي ڏٺائين ته اندر سندس ڀائيٽو لالچند
هو. ان واقعي جو لالچند جي من تي ايترو اثر پيو جو هي اسڪول جي نالي کان ونءُ وڃڻ
لڳو. هن ٻن سالن تائين وري ڪنهن اسڪول جو منهن نه ڏٺو. سندس ڏاڏي کيس پاڻ وٽ ئي پڙهڻ
لکڻ سيکاريو. اهڙي طرح لالچند جي تعليم جي شروعات اسڪول ۾ نه پر سندس ڏاڏي جي
نگرانيءَ ۾ ٿي. پهرئين ۽ ٻئين درجي جو علم هن پنهنجي ڏاڏي وٽان پرايو. هو ستن سالن
جو هو ته سندس ڏاڏو گذاري ويو. تڏهن ڏاڏينهس کيس اسڪول ۾ ويهارڻ جو پڪو پهه ڪيو.
وري به ساڳئي اسڪول ۾ پهرئين ڏينهن ساڻس هڪ اڻ وڻندڙ واقعو ٿيو. هڪ شاگرد ڪنهن ٻئي
جو ڪتاب شرارت وچان لالچند جي ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ مٿس چوريءَ جو الزام لڳو.
لالچند وري به ڇهه مهينا گهر ۾ ويهي رهيو. ان بعد زور مس ڪري کيس ڪرسچن مشن اسڪول
۾ داخل ڪرايو ويو. هو ڇهون سنڌي (ٻيون درجو انگريزي) کپري ۾ وڃي پڙهيو، جتي سندس
پيءُ مختيارڪار هو. ان بعد ساڌو هيرانند جي برپا ڪيل ”يونين ائڪيڊمي“ ۾ داخل ٿيو.
جنهن تي پوءِ ”نولراءِ هيرانند ائڪيڊمي“ نالو رکيو ويو. لالچند پنجين درجي انگريزي
۾ هو ته سندس پيءُ ديوان امر ڏنو مل لاڏاڻو ڪري ويو. لالچند ارڙهن سالن جي عمر ۾
ائڪيڊمي مان سال ۱۹۰۳ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جو مئٽرڪ امتحان
پاس ڪيو. گهر ۾ مالي مشڪلات سبب هو وڌيڪ پڙهڻ بدران ائڪيڊمي ۾ وڃي ماستر ٿيو. هن ڪجهه
وقت ديوان پرڀداس شوقيرام آڏواڻي جي برپا ڪيل نوودياليه (هاڻوڪو سنڌ يونيورسٽي ماڊل
اسڪول) ۾ به پڙهايو. ان بعد ڪراچي هليو ويو ۽ ۱۹۱۰ع
کان ٻن سالن تائين سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ماستري ڪيائين. انهن سالن ۾ سندس دوست ڄيٺمل
پرسرام گلراجاڻي به مدرسي ۾ ماستر هو. لالچند بعد ۾ تارا چند شهاڻي جي برپا ڪيل اسڪول
۾ ماستري ڪندي ڊي-جي-سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. سڄي سنڌ ۾ اهو پهريون ڪاليج
هو، جنهن جو پايو ڏيارام ڄيٺمل وڌو هو. لالچند ۱۹۱۸ع
۾ فلاسافي ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو. لالچند جا ڪجهه شاگرد جيڪي وٽس اسڪول ۾ پڙهي
چڪا هئا، سي اعليٰ تعليم پرائي انهن ڏينهن ۾ ان ڪاليج ۾ وڃي استاد بڻيا هئا.
لالچند سندن شاگرد بڻجي ڪلاس ۾ ويهندو هو، پر اهي کيس پنهنجي استاد جيان مان ڏيندا
هئا.
ماستري ڪندي
لالچند جي شادي ٿي، سندس چار ٻار ننڍي عمر ۾ گذاري ويا. فقط هڪ ڌيءَ سلامت رهي،
جنهن جو نالو ديوي رکيائين. انهيءَ سڪيلڌي ڌيءَ ۾ لالچند جو ساهه هو. لالچند جي ڌيءَ
ديوي ۽ ڄيٺمل پرسرام جي پٽ رام جي پاڻ ۾ شادي ٿي ته لالچند ۽ ڄيٺمل گهرن دوستن هجڻ
سان گڏ سيڻ به ٿيا. هونءَ به سماجي توڙي سياسي زندگيءَ ۾ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ گهرا ساٿي
هئا. ۱۹۲۰ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي انگريز سرڪار سان
سهڪار نه ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي ته سنڌ واسين به ان ۾ حصو ورتو. لالچند ان هلچل ۾
اڳرو هو. جنوري ۱۹۲۲ع ۾ هن کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ
سال جي سزا مليس. هن اٺ مهينا ٿاڻا (بمبئي) جي جيل ۾ ۽ سزا جا باقي چار مهينا ڪراچيءَ
جي جيل ۾ ڪاٽيا. قومي هلچل ۾ سرگرم رهڻ سبب ڪجهه عرصو ڪراچي ضلعي ڪانگريس جو سيڪريٽري
به هو. بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ کي جدا ڪرڻ جي هلچل ۾ به هن زوردار نموني ۾ حصو
ورتو.
لالچند کي لکڻ پڙهڻ
جو شوق ننڍي هوندي کان هو. هن هڪ ناول ”چوٿ جو چنڊ“ لکيو، جيڪو شروع شروع ۾
”سرسوتي“ نالي ماهوار ادبي رسالي ۾ قسطوار شايع ٿيو.هن ڪتاب ۾ نهايت سليس ٻوليءَ ۾
دلچسپ نموني ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي. ميرزا قليچ بيگ ان ڪتاب کي ساراهه جوڳو ڪري
سڏيو. لالچند، ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪجهه ساٿين گڏجي ۱۹۱۴ع
۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ قائم ڪئي. سوسائٽي طرفان ماهوار ادبي رسالي جي نالي ۾ هر
مهيني هڪ ڪتاب شايع ڪيو ويندو هو. لالچند سوسائٽي جي وسيلي سنڌي عوام ۾ ادب سان جيڪو
چاهه پيدا ڪيو، سو اڳي نه هو. سوسائٽي تيرهن سالن تائين ڪتاب ڇپائيندي رهي. لالچند
جو ٻيو ناول ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ شايع ٿيو. ٻنهي ناولن ۾ حيدرآباد جي هندن جي سماجي
زندگيءَ جو عڪس پيش ڪيو ويو آهي. ”حُر مُکيءَ جا“ لالچند جي امر تخليق آهي. ان کي ڪن
نقادن ڪهاڻي ته ڪن، رپورٽاز ڪري ليکيو آهي. لعل پشپ جي ويچار ۾ اها سنڌيءَ جي
پهرئين اصلوڪي ڪهاڻي آهي. حُر تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ان ڪهاڻيءَ ۾ حرن جي ڪارنامن
کي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌي نثر جو اهو هڪ مثالي نمونو آهي. لالچند جون ٻيون مکيه ڪهاڻيون
آهن: ”نو ورنيءَ جو خون“، ”ڏکڻ ڏڌي زندگي“، ”ننڍڙي نئنا“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
شاعري بابت سندس ڪتاب ”شاهاڻو شاهه“ ۾ شاهه جي ڪلام جون خوبيون ۽ خاصيتون بيان ڪيل
آهن. سر ڪيڏارو، سر سارنگ، سر يمن ڪلياڻ، جيون ماٿر يا سر ڏهر کانسواءِ ٻين ڪتابن
۾ ”سونهارو سچل“ ۽ ”بي رنگي باغ جو گل سنڌي“ شامل آهن. جدا جدا موضوعن تي لکيل
سندس مضمونن جو مجموعو ”ڦلن مٺ“ جي نالي سان ڇپيو. ناٽڪن جي مختلف ڪتابن کان سواءِ
سندس يادگيرين ۽ خاڪن تي مشتمل ليک پڻ ڇپيل آهن. جي ايم سيد ۱۹۴۰ع
۾ سنڌ جو وزير ٿيو ته هن ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ڪراچي ۾ قائم ڪرايو.
لالچند امر ڏنو مل بورڊ جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. اڳتي هلي بورڊ طرفان ”مهراڻ“
رسالو شروع ڪيو ويو. لالچند امر ڏنو مل ”مهراڻ“ رسالي جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. رسالي
لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جو ڪم لالچند جي حوالي هو.
ورهاڱي کانپوءِ
لالچند جو ساٿي ۽ سيڻ ڄيٺمل پرسرام جڏهن ۱۹۴۸ع
۾ بمبئي ۾ گذاريو ويو، تڏهن هن جون هاٺيون بمبئي جي ويجهو ناسڪ تيرٿ وٽ گوداوري
نديءَ ۾ پرواهه ڪيون ويون. لالچند کي ان ڳالهه جو وڏو صدمو رسيو. چيائين، ”پياري
سنڌڙيءَ کان ڇڄي هند ۾ اچي رسياسين، پر مُئي پڄاڻان ته مٺڙي ملڪ جي مٽي نصيب ٿئي!
اسان ٻيو نه، ته به پياري سنڌڙي جي مٽي ته لهڻي“. ان ڪري هن وصيعت ڪئي ته ”منهنجون
هاٺيون سنڌوءَ کي سونپجو، مُيائي جياس جي وڃي مڙهه لمير ڏي.“ لالچند امر ڏنو مل ۱۸
اپريل ۱۹۵۴ع ۾ گذاري ويو. گهر وارن ۽ گهڻگهرن سندس
آخري خواهش جو خاص خيال رکيو. لالچند جون هاٺيون ڪراچيءَ موڪليون ويون، ۱۷
اپريل ۱۹۵۶ع ۾ ڪراچيءَ جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ هڪ
ميڙ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سندس ساٿين، اديبن ۽ شاگردن کيس عقيدت جا گل ارپڻ ڪيا.
پنجن سنڌي روزانه اخبارن خاص پرچا شايع ڪيا. ٻئي ڏينهن شام جو سنڌوءَ ڪناري، گدو
پارڪ حيدرآباد ۾ هڪ عاليشان ميڙ ڪٺو ٿيو. سئو کن ماڻهن لالچند جي هاٺين تي گل چاڙهيا،
پوءِ پنجن ٻيڙين ۾ جيترا ماڻهو سوار ٿي سگهيا، درياءُ جي وچ سير ۾ پهچي، عثمان علي
انصاريءَ پنهنجن هٿن سان لالچند جون هاٺيون سنڌو جي حوالي ڪيون. سنڌ جي تاريخ ۾
هندو-مسلم ايڪتا ۽ ساڻيهه جي سڪ جو اهو پهريون مثال آهي. ان کان پوءِ ساڌو واسواڻي
۽ هري موٽواڻي سنڌيءَ جون هاٺيون پڻ سندن وصيعتن موجب شان مان سان سنڌوءَ جي حوالي
ڪيون ويون.
لعلچند امرڏنومل جڳتياڻي
مثالي سنڌي نثر نگار
ممتاز
مهر
ويهين صديءَ جي پهرين مها ڀاري جنگ ۱۹۱۸-۱۹۱۴ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي مشهور نثر نويس ۽ ساهتڪار سنڌي ادب ۾ مشهور ٿيا تن ۾ لعلچند امرڏنومل جڳتياڻي جو نالو سر فهرست آهي، خاص ڪري ناول ۽ ڪهاڻي ڪلا جي حوالي سان سندس ناول ”چوٿ جو چنڊ“ ۽ ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ مختلف سنڌي رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿينديون رهيون پر ڀايان ٿو ته ورهاڱي کان گهڻو پوءِ پهريون دفعو سندس ڪهاڻين جو مجموعو ۽ ناوليٽ ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ انڊيا ۾ سنڌي ٽائيمس پبليڪشن، الهاس نگر طرفان ۱۹۸۵ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو، لعلچند جڳتياڻي ۲۵ جنوري ۱۸۸۵ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو ۽ ۱۸ اپريل ۱۹۵۴ع ۾ بمبيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس وصيعت موجب سندس هاٺيون ۱۸ اپريل ۱۹۵۶۾، سندس جنم واري شهر حيدرآباد سنڌ ويجهو، سنڌو نديءَ ۾ پرواهه ڪيون ويون. ياد رهي ته سنڌ سان شديد محبت ڪندڙ پر حساس دل سنڌي ليکڪ جهڙوڪ؛ ڄيٺمل پرسرام، پرسرام ضيا، امر لعل هنڱوراڻي ۽ لعلچند جڳتياڻي ورهاڱي ڪارڻ سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ هندستان جي ڪيمپن ۾ شرنارٿي ٿي رهڻ جو صدمو برداشت ڪري نه سگهيا ۽ هڪ ٻئي پٺيان جلد لاڏاڻو ڪري ويا. اها به ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته لعلچند امرڏنومل ورهاڱي کان اڳ، ڪراچيءَ مان سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ طرفان نڪرندڙ رسالي جو ايڊيٽر پڻ هو.
لالچند جڳتياڻي،
نج ڪهاڻين ۽ ناوليٽ کان سواءِ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب ترجمون پڻ ڪيا.
مثلًا هڪ انگريزي ناول جو ناول ترجمو ”سون ورنيون دليون“ جي نالي سان ڪيو. اهو ڪتاب
اڳ ۾ ترتيبوار ۱۹۲۵ع کان ۱۹۲۸ع
۾ شايع ٿيو هو. ورهاڱي کان پوءِ ان ناياب ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۵۶ع
۾ ٻيهر ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جا هن وقت تائين چار پنج ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. ان
ڪتاب بابت سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن پهرئين ايڊيشن ۾ لکن ٿا؛ ”ڪتاب جي آکاڻي،
گفتگوءَ جو انداز، جذبات نگاري وغيره سڀ ڪامياب ۽ موهيندڙ آهن. وري لائق سنڌيڪار
سندس ترجمي کي اهڙيءَ ته سلوڻيءَ سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جو ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو
ته اصل کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ
۾ اهڙي سليس، سلوڻيءَ ۽ موهيندڙ زبان ۾ تمام ٿورا ڪتاب پيش ٿيل آهن“. ساڳيءَ
ريت ان ڪتاب جي چوٿين ايڊيشن، سال ۱۹۹۳ع ۾ امداد حسينيءَ
جا تاثر هي آهن؛ ”موجوده دور ۾ ’سون ورنيون دليون‘ جي اهميت ۽ افاديت انڪري به آهي
ته ان مان سنڌي ٻوليءَ جو هڳاءُ ٿو اچي. اڄ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي نج-پڻي کي قائم رکڻ
جا جتن ڪيا پيا وڃن، تڏهن هن ڪتاب جي اهميت تهائين وڌي ٿي وڃي.“
نند ڇڳاڻي (ڪتاب ”ڪشنيءَ
جو ڪشٽ“ جو مرتب) لعلچند جڳتياڻيءَ جي رچنائن تي پنهنجي راءِ لکي ٿو ته؛ ”ڇندن،
بندن ۽ علم عروض کان مڪت نئين ڪوتا جو جڏهن اڃا آغاز به ڪو نه ٿيو هو، تڏهن ٽئگور
کان متاثر ٿي نثري نظم ۾ (لعلچند) جو لکيل ”سدا گلاب“ ان قسم جو پهريون ڪتاب آهي.
”سدا گلاب“ ورهاڱي کان گهڻو اڳ، شايع ٿيو هو ۽ اڃا تائين ناياب آهي. جڏهن ته ايم
يو ملڪاڻيءَ بعد ۾ ٽئگور جي ”گيتان جلي“ ۽ ٻين شعرن جو سنڌيءَ ۾ الٿو ڪيو هو. ملڪاڻي
صاحب جي ترجمن، توڙي اصل لکڻين جي پنهنجي انفراديت ۽ اهميت آهي. سندس ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
اهو ڪتاب ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ جي، سنڌي ادب جي اوسر جو سربستو رڪارڊ آهي.
لعلچند امرڏنومل جڳتياڻيءَ
جي هڪ ناوليٽ ۽ ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ ۾ هڪ مختصر ڪهاڻي ”ننڍڻي نينا“
ناوليٽ ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“، ڊگهي ڪهاڻي ”لڄاوتي“ ۽ آخري ڊگهي ڪهاڻي ”جانب لاءِ جل“
شامل آهن. اهي سڀ ڪهاڻيون ۽ ناوليٽ، ورهاڱي کان گهڻو اڳ جي سنڌ جي مڊل ڪلاس هندو
سماج جي گهر گرهستيءَ جو عڪس آهن. ٻولي اها ئي ڪتب آندل آهي، جيڪا ان دور ۾ هندو
سنڌي گهرن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. لعلچند جيئن ته سنڌ جي ٻن وڏن شهرن حيدرآباد سنڌ ۽
ڪراچيءَ ۾ رهيو، تنهن ڪري سندس رچنائن ۾ پڻ شهري وايومنڊل ۽ ڪردار پيش ڪيل آهن.
سندس رچنائن ۾ جيڪي نج محاورا ۽ چوڻيون استعمال ڪيل آهن، سي سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ،
مٺاس ۽ انساني نفسيات کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ انهن رچنائن جي مجموعي بيهڪ ۽ ماحول سان ٺهڪن
ٿيون. ياد رهي ته حالتن جي اثر هيٺ، ٻولي يا ته لفظن جي خزاني سان اڳتي وڌندي آهي،
يا اصل لفظن بجاءِ ڌارين لفظن جي يلغار سبب، گهڻو ڪجهه وڃائيندي به آهي. تنهن ڪري
اها سنڌي جيڪا لعلچند پنهنجي دور ۾ ٻڌي يا پڙهي ۽ پنهنجين لکڻين ۾ آندائين، سا اڄوڪي سنڌ جي شهرن ۾ ڪٿي ٿي
ٻڌڻ ۾ اچي يا لکڻ ۾ ٿي اچي؟ لعلچند جي ٻوليءَ ۾ نه ڪي سنسڪرت جي ڀرتي آهي، نه ڪي
عربي، فارسيءَ جي. نج پج سنڌي ۽ هر قسم جي ڌرمي يا سياسي تعصب کان بچيل. جنهن تعصب
اڳتي هلي سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ کي گهڻو نقصان پهچايو، جنهن جي تلافي اڄ تائين ناهي ٿي
سگهي. لعلچند جڳتياڻيءَ کي هاڻي پڙهڻ ائين آهي، ڄڻ تقريبًا اسي سال اڳ جي وڃائجي
ويل سنڌي سماج کي ٻيهر اسڪرين تي فلم وانگر ڏسڻ ۽ هڪ ناسٽيلجيا واري ڪيفيت ۾ اچڻ.
مٿي ڄاڻايل ناوليٽ ۽ ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل ماحول ۽ منظرنگاري گهڻو تڻو سنجيده ۽
اداسيءَ واري آهي. پر مون کي لعلچند جڳتياڻيءَ جي هڪ نئين هٿ آيل پر ناياب ڪهاڻي
”تلوڪ ٽِمي“ (اٽڪل هڪ صدي اڳ هڪ مخزن ۾ ڇپيل) سنڌي مزاحيه ادب جي هڪ شاهڪار اوائلي
ڪهاڻي لڳي. ان دور جي حيدرآباد شهر، ان جي ماڳن، هنڌن، امن ۽ شانتيءَ واري ماحول ۾
رهواسين ۽ ڪردارن کي ڪهاڻيڪار خوب چٽيو آهي. سلوڻي ۽ چسڪيدار ٻولي ۽ تلوڪ ٽيميءَ
جو کلي کلي کيرو ڪندڙ ڪردار، سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ڪردار ليکيو ويندو.
لالچند امر ڏنو مل
سندس لطيف شناسي
ڊاڪٽر
پروين موسيٰ ميمڻ
لالچند امر ڏنو مل
۲۵ جنوري ۱۸۸۵ع
تي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو، ۱۹۰۳ع ۾ هيرانند اڪيڊميءَ
مان مئٽرڪ ڪيائين. پوءِ پڙهندو رهيو، پهريائين سنڌ مدرسي ۾ ماستر ۽ بعد ۾ پروفيسر
جي عهدي تي پهتو، سنڌي ادبي بورڊ جي لغت ڪميٽيءَ جو ميمبر هو ته مهراڻ رسالي جو
مئنيجنگ ايڊيٽر هو. لالچند امر ڏني مل، ڪاڪي ڀيرو ۽ ڄيٺمل پرسرام کي مولانا
گراميءَ سنڌي ادب جا ابو ۽ امان سڏيو آهي، جن سنڌي ٻوليءَ کي پاليو ۽ پختو ڪيو.
لالچند کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان وڏي محبت هئي. هتان هند وڏي مجبوري ۾ ويو، جتي ۱۸
اپريل ۱۹۵۴ع تي وفات ڪيائين. وصيت مطابق سندس هاٺيون
سنڌو دريا ۾ ۱۸ ڊسمبر ۱۹۵۶ع
تي پروان ڪيون ويون.
لالچند صوفي منش،
بي تعصب ۽ صاف دل شخص هو. ڌرم ۽ ذات پات جي ويڇن کي اهميت نه ڏيندڙ هن ودوان جي
علمي مايي مان سندس شخصي عڪس پڌرو آهي. هو ٿياسافيڪل سوسائٽي ۽ ادبي سوسائيٽين جو
ميمبر ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندڙ سرگرم اديب هو. ناول، ناٽڪ، مضمون خاص سڃاڻپ
هئس. بنيادي طور نثر نويس هو پر کيس ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام زباني ياد
هوندو هو. تصوف ۽ ويدانيت جي گهري مطالعي سان سندس خيال صوفياڻا هئا. آخري عمر ۾
سخت بيمار ٿي پيو ته به لطيفي مطالعو جاري هئس. سندس ڪتابن ۾ ‘نقد ڌرم’، ‘سيڻ ڪي
ويڻ’، ‘سدا گلاب’، ‘گلن مٺ’، ‘ماڻڪ موتي لعل’، ‘مسافريءَ جو مزو’، ‘سون ورنيون
دليون’، ‘چوٿ جو چنڊ’، ‘حضرت محمد رسول ﷺ’ (هن ڪتاب کي تمام دلي عزت ۽ احترام سان
لکيائين، جنهن ڪري کيس دوست لال محمد چوندا هئا) ۽ ٻيا ڪتاب آهن، لالچند جي نثر جي
اهم خوبي تحرير ۾ سهڻن لفظن جو هنڌائتو استعمال آهي.
لطيف شناسيءَ ۾
مضمون ۽ مقالا لکيائين، جيئن ‘شاهه محبِ وطن’، ‘شاهه سائين ۽ سچل سرمست’ ۽ ٻيا
آهن. لال چند سچل سائينءَ تي ڪتاب ‘سچل سونهارو’ لکيو آهي. لطيفيات جي ڇپيل ڪتابن
۾ ‘سر ڪيڏارو’ ۽ ‘شينهن ڪيڏارو’ پريميئر پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ۱۹۱۰ع
۾ ڇپيو، جنهن ۾ متن ۽ معنيٰ شامل آهن. سر سارنگ پڻ ۱۹۱۰ع
۾ پهريون دفعو شايع ٿيو. سر يمن ڪلياڻ دي ايجوڪيشنل پبلشنگ ڪميٽي ڪراچي ۱۹۲۴ع
۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ سر جو متن ۽ معنيٰ شامل آهي. عمر مارئي ناٽڪ جو پهريون ڇاپو
رابندر ناٿ لٽريري ۽ ڊراميٽڪ ڪلب حيدرآباد ۱۹۲۵ع
۾ شايع ڪيو. پاڻ هن ڪلب ۾ اسٽيج تي ڊراما پيش ڪندڙ وڏن ناٽڪ نويسن مان هو ۽ هيءُ
ناٽڪ پڻ اسٽيج تي پيش ڪرايائين. سهڻي ميهار ناٽڪ ۱۹۳۹ع
۾ ڇپيو، سر مومل راڻو ناٽڪ جو پهريون ڇاپو دي ايجوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني ڪراچي ۱۹۴۱ع
۾ شايع ڪيو (ورهاڱي کان اڳ جا لکيل ناٽڪ اڪثر اسٽيج تي پيش ٿيڻ کان اڳ ڇپيل صورت ۾
ايندا هئا، اهو لاڙو اڄڪلهه موجود ناهي، ان ڪري هلندڙ وقت ۾ ڇپيل ناٽڪن جي اڻاٺ ڏسڻ
۾ اچي ٿي). سر ڏهر ۽ ان جي تشريح هندستان ساهت مالا بمبئي ۱۹۵۶ع
۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ هن سر جو متن ۽ سمجهاڻي آهي، لطيف شناسيءَ تي لالچند جو ڪم ناٽڪ
نويسيءَ ۾ مڃڻ جوڳو آهي، ته سندس مختصر ڪتاب شاهاڻو شاهه پڻ مقبوليت حاصل ڪئي.
شاهاڻو شاهه:
۱۹۱۴ع
۾ سنڌي ساهت سوسائٽي حيدرآباد ۱۹۱۴ع ۾ ۹۸
صفحن تي شايع ڪيو. شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد جي طرفان ‘شاهاڻو
شاهه’ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شاهه صاحب جي ٽي سئو سالا جشن جي موقعي تي ۱۹۸۹ع
۾ شايع ٿيو، ماهتاب اڪبر راشدي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري جي حيثيت سان هن ڪتاب
جي ڇپائيءَ لاءِ ڪوششون عمل ۾ آنديون. پاڻ، ‘ٻه اکر’ جي حوالي سان لکي ٿي ته،
“ورهاڱي کان اڳ شاهه سائينءَ تي جن محققن ڪم ڪيو ۽ لطيفي باغ ۾ سندر ٻوٽا پوکيا. اڄ
اسين انهن جو ڦل کائي رهيا آهيون. هر ڦل جو سواد ۽ سڳنڌ پنهنجو آهي. پر لالچند امر
ڏني مل جي ميوَن جو ساءُ ۽ سواد ئي نرالو آهي. “
هن مختصر ڪتاب ۾
لالچند صاحب شاهه جي ڪلام کي مختلف رخن کان پرکيو آهي. منڍ ۾ شاهه صاحب جي ڇاپي
رسالن جي باري ۾ چوي ٿو ته، “هينئر جيڪو شاهه جو رسالو هالو چالو آهي، تنهن ۾
نجوئي شاهه صاحب جو شعر نه آهي، خصوصاً سر بيراڳ، سر بسنت بهار، سر هير رانجهو، سر
شينهن ڪيڏارو، سر مارئي ۽ سر ڍول مارئي، سر پورب ۽ سر ڌناسري ۽ سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل،
اهي ڏهه سر سارا ئي سندس نه آهن. ان ۾ ڳچ جيترا بيت آهن، جي شايد ڳائڻا ۽ فقير جي
وٽس ڳائيندا وڄائيندا هئا، تن جا چيل آهن ۽ شاهه جي رسالي ۾ درج ٿي ويا آهن، جو ڪاتبن
سنڌو سيڙهو ڪيو ئي ڪونهي”. (۱۶، ۳)
هيءُ ڪتاب خاص ٻن عنوانن تي آڌاريل آهي، جيڪي هن ريت
آهن؛ “شعر جي خوبين تي ڪٺو ويچار”، هو به هو “خوبين ۽ خاصيتن جي جاچ”. پهرين باب ۾
شاهه جي ڪلام جون جيڪي خوبيون ليکڪ خاص طور بيان ڪيون آهن، انهن ۾ لکي ٿو ته:
* هو پنهنجي ڪلام
۾ گهڻو تڻو سنڌي لفظ ڪتب ٿو آڻي. فارسي ۽ عربي لفظ تصوف جي نرواريءَ لاءِ درج ٿو ڪري
ته اهي سنڌي اصطلاحن سان ايئن ٿو ڦهڪائي بيهاري جو ڄڻ جڙت ٿو جڙي ۽ موتي ٿو پوئي.
* اکرن جو ته
اکٽ ڀنڊار آهي. اٺ ئي اٺ تنهن لاءِ ڪرهو، چانگو، ليڙو، توڏو، گونرو، ميو، ٻور،
بوتو سڀ آڻي ٿو شعر ۾ سوڙها ڪري.
* لنبي چوڙي ڳالهه
کي ٿوري ۾ ڇٽائڻ جو به استاد آهي. سسئيءَ تي يا ته سڄا سارا ۵
سُر ڏيئي ويو آهي يا ته ساري ڳالهه جو مطلب ٻن تڪن ۾ ڇٽائي ٿو ڇڏي. چئي؛
سرجي
تان سور، سامائي تان سک ويا،
اهي
ٻيئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
* شاهه جو
شعر سنجيدو ۽ سوادي، سڪ ڀريو ۽ سريلو حد گهڻو آهي، جنهن جو اندروني مطلب ڏاڍو ڳوڙهو
رکيل آهي.
* سندس ارٿ
اونهو ۽ لفظن ۾ پروليون آهن. شاهاڻو شاهه جاچ جو جبرو ۽ ڪمانگر به هڪڙو ئي آهي.
لفظن جا ويس اهي ڪري ٿو ڍڪائي جو پڙهندڙ ايئن پيو ڀانئي ته جنسي اها شيءِ منهنجي
اکين اڳيان چٽي ڏکي بيٺي آهي.
* وڏي خوبي
سندس اها آهي جو جدا جدا نمونن ۾، جدا جدا ماڻهن جي واتان، عشق الاهيءَ جي بابت، ڏاڍا
ٿو غضب جا ڏوهيڙا ۽ لوڙائو ڏئي. مطلب ته نوان نوان ويس ۽ ورن ڍڪي ويهي اندر جو حال
ٿو اوري ۽ روح رهاڻ ڪري ۽ پلٽون پلٽيندي لاهوت به لنگهي وڃي هاهوت کي حد ٿو ڪري ۽
نيٺ پاڻ سڃاڻي پرم پدپائي ايئن ٿو ڄاڻي ته:
پڙاڏو
سو ئي سڏ، ور ورائيءَ جو جي لهين،
هئا
اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
* ميٺاج ۽ رس
سندس شعر ۾ وري اهڙو آهي ۽ عبارت ان جي اهڙي سٺي گهري آهي، جو ننڍو وڏو اتس اڪن ڇڪن
آهي. خيال سندس ڳوڙهو ۽ زور ڀريو آهي.
اهڙيءَ ريت هن باب
۾ شاهه صاحب جي شاعريءَ جي خوبين کي مثالن سان سمجهائي کيس حافط، جامي، ارسطو،
سقراط کان فن ۽ فڪر ۾ مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ٻين شاعرن، سامي، دلپت، سچل،
روحل، بيڪس، بيدل، عنايت ۽ گل کان ممتاز ڪري بيان ڪيو ويو آهي. هيءُ مختصر ڪتاب
شاهه جي ڪلام جي چند خاص خوبين کي خاص طور نمايان ٿو ڪري. ليکڪ جهڙو ڪتاب جو نالو
رکيو آهي ‘شاهاڻو شاهه’، اهڙو ئي شاهه کي شاهاڻين خوبين سان شانائتو پيش ڪيو اٿس.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۴ مئي ۲۰۲۴ع
تي ڇپيل)
لالچند امرڏنو مل
جديد سنڌي ادب جو روشن تارو
نياز
مسرُور بَدوي (ناز سرور)
سنڌي ادب جي تاريخ
جي ويجهي ماضيءَ تي نظر وجهڻ سان پتو پئي ٿو ته، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا، انگريزن جي
دور يعني ۱۸۴۳ع کان پوءِ آيا آهن ۽ سنڌي الف-ب ٺھڻ کان
پوءِ انگريزن، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون، ان جي نتيجي
۾ ئي سنڌي ادب وڌيڪ اُسري سگهيو ۽ ان دور جي عالمن، اديبن جي کيپ ادب جي اُفق تي اڄ
به روشن نظر اچي ٿي، انهن ۾ لالچند امر ڏني مل جو نالو نمايان آهي.
سنڌي ادب کي جيڪڏهن
ترقي پسنديءَ جي تناظر ۾ ڏسبو، ته اسان کي اها بخوبي ڄاڻ ملندي ته جڏهن مارڪسي
روسي انقلاب اڃا پنھنجي مڪمل منطقي انجام تائين پهتو ئي نه هو ۽ برصغير جي اندر
ترقي پسنديءَ جو اصطلاح ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جو پايو ئي نه پيو هو، ته ان وقت
به سنڌي ادب ۾ انسان دوستيءَ وارو لاڙو موجود هو. انهيءَ قديميت ۽ جديديت واري
سنگم ۾ سنڌي ناول، ڊرامي ۽ ڪھاڻيءَ جي صنفن ۾ جيڪي جديد عوام دوست ۽ ترقي پسند لاڙا
پيدا ٿيا، تن ۾ لال چند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ جو به وڏو حصو شامل آهي.
لال چند امر ڏنو
مل جڳتياڻي ۲۵ جنوري ۱۸۸۵ع
تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. هن ابتدائي سنڌي تعليم گهر ۾ خواندن کان حاصل ڪئي. مئٽرڪ
جو امتحان ۱۹۰۳ع ۾ هيرانند اڪيڊميءَ مان پاس ڪرڻ کان
پوءِ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ۱۹۰۴ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
۱۹۰۸ع ۾ ايس ٽي سي جي ڊگري ورتائين. ۱۹۱۸ع
۾ بي اي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ نائب معلم ٿيو. ان
کان علاوه نيو هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ استاد ۽ بعد ۾ هيڊ ماستر به ٿي رهيو.
”سنڌ جو
نامور عالم ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو به سندس شاگردن مان هو.“ (سنڌيانا: ۲۰۱۱ع،
ص ۴۹۱)
هُو نه فقط تعليمي
ماهر بلڪه سماج جو نبض شناس قلمڪار هو، هن پنھنجي حساس دل جي آرسيءَ ۾ سماج کي
جيئن پرکيو، تنھن کي بنا ڪنھن مصلحت ۽ ڊپ ڊاءَ جي اظھاريو. هن پنھنجي تخليقي ذهن
کي ڪنھن هڪ صنف جو محتاج نه ٿيڻ ڏنو، پر هن سنڌي ادب جي هر صنف تي پنھنجي تخيل سان
قلم کي ڪُڏايو ۽ ادب جي ڦلواڙيءَ ۾ اهڙا ته ٻج ڇٽيا آهن، جن جي گلڪاريءَ ۽ هُڳاءَ
سان ادب جو چمن مھڪاريو پيو آهي ۽ انهن گُلن جي سدا بھاري اڄ به قائم آهي. هن ادبي
دنيا ۾ تڏهن پير پاتو، جڏهن وِيھن ورهين جو نوخيز ڳڀرو جوان هو. سندس شعوري سگهه ۽
نوجوانيءَ وارن جذبن، کيس الڳ ۽ نياري واٽ اختيار ڪرڻ تي اُڪسايو هو ۽ هن ان وقت هڪ
اهڙو ناول لکيو، جنھن کي تنقيد جا تير به سَهڻا پيا، اُن ناول جو نالو آهي ’چوٿ جو
چنڊ‘ جنھن ۾ هُو پنھنجي تخليقي واٽ لاءِ پاڻ ئي لکي ٿو ته:
”منھنجي واٽ
ئي پنھنجي آهي، لتاڙيل سڙڪ تان آءٌ هلان ئي ڪونه ٿو.“ (جڳتياڻي، ۱۹۲۷ع،
ص ۸)
لالچند امر ڏني مل
کي پھريون جديد سنڌي ڪھاڻيڪار لکيو وڃي ٿو. ۱۹۱۴ع
ڌاري سندس ڇپيل ڪھاڻي ’حر مکيءَ جا‘ جيڪا سنڌ ڪاليج مسيلني ۾ شايع ٿي، ان کي پھرين
سنڌي اصلوڪي ڪھاڻي سڏيو وڃي ٿو.
هُر
(حر) مَکي جا: ان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته جديد سنڌي ڪھاڻيءَ
جو باني لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي آهي، جنھن ’حُر مکي جا‘ لکي ڪري، ڌاڙيلن جي
ظلمن ۽ انگريزن جي غاصباڻي ۽ ظالماڻي ڪردار کي وائکو ڪيو. ان ڪھاڻيءَ بابت شوڪت
حسين شوري صاحب لکيو آهي ته:
”لال چند امر
ڏني مل جي ڪھاڻي ’حُر مکيءَ جا‘ انگريز سامراج جي خلاف ۱۸۹۸ع
ڌاري، جيڪا پھرين حُر تحريڪ هلي هئي، ان جي پسمنظر ۾ لکيل ڪھاڻي آهي، جنھن کي سنڌي
مزاحمتي ادب جي پھرين ڪھاڻي پڻ چئي سگهجي ٿو.“ (شورو، ۲۰۱۷ع،
ص ۱۷)
ڏاهي لال چند امر ڏني
مل جڳتياڻي، ان ڪھاڻيءَ ۾ مَکي ڍنڍ جي پسگردائي ٻڌائڻ سان گڏ ڪھاڻيءَ جي ڪردارن،
انهن جي چورين چڪارين، ۽ عاشقيءَ معشوقيءَ جي داستانن کي بيان ڪيو آهي. هيءَ ڪھاڻي
ارڙهن صفحن تي ٻڌل آهي. ڪھاڻيءَ جا ڪردار بچو خاصخيلي، پيرو وساڻ، تڳيو چانگ، عيسو
ڏاهري ۽ خميسو وساڻ، عثمان ۽ سندس زال داديءَ، رضا محمد دفعدار ۽ ڪجهه ٻيا به آهن.
انهن ڪردارن سان به انصاف ڪيو اٿائين.
”عاشق معشوق
پاڻ ۾ ڏاڍيءَ اڪير مان ڀاڪر پائي گڏيا، ڪو وقت ته هڪ ٻئي جي جيءَ سان جڙيا پيا هئا
۽ ڪُڇا بلڪل ڪين ٿي.“ (جڳتياڻي، ص ۲۷)
انگريز سرڪار
عيسُو ۽ بچوءَ کي ڦاهيءَ جي سزا ڏيئي سندن لاشن کي دفنائي، مٿن روڊ ٺھرائي، سندن
نشان کي ئي مٽائي ڇڏيو آهي، پر لال چند امر ڏني مل سندن وِيرتا بيان ڪري سنڌي ادب
جي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي.
هن ڪھاڻيءَ ۾ وڏيرن
۽ پوليس جي عملدارن جي هٿ رکڻ جا اشارا به ڏنا آهن، مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته سنڌ
جي اهائي حالت آهي، جيڪا ۱۹۱۴ع ۾ هئي. اها هڪ
سياسي، تاريخي، سماجي، جاگرافيائي پسمنظر پيش ڪندڙ هڪ رومانوي ڪھاڻي آهي. پر اها ڪھاڻي
مان سمجهان ٿو ته ڪنھن به ريت اها حقيقت ظاهر نه ٿي ڪري ته ڪو اها ’قومي مزاحمت‘
جي باري ۾ لکيل آهي. فقط هڪ جملي جي آڌار تي فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. جملو ڪجهه هن
ريت آهي.
”پير صاحب جا
ٻري آئي، تنھن قول ڪيو ته، آءٌ ڌاڙيلن جون ٻانهون پيش ڪندس.“ (جڳتياڻي، ۱۹۱۴ع،
ص ۱۴)
ڏکن ڏڌي
زندگي: هيءَ پيار ڪھاڻي آهي، پر ان سان گڏوگڏ ان ۾ سماجي مسئلن
جي به ٿوري اپٽار ٿيل آهي. ڪھاڻيءَ جا مڪالما ۽ منظر ڪشي تمام سٺي آهي ۽ آءٌ
سمجهان ٿو ته ڪھاڻيءَ ۾ اهڙي ڪا به پيچيدگي نه آهي، ڪھاڻيءَ جو عنوان ته درد سان ڀريل
آهي، پر ان جي ابتدا ۽ انتھا ۾ اهڙي ڪابه شديد وارتا شامل نه آهي. هن ڪھاڻيءَ جي
مصنف طور آوتراءِ روپچند منچنديا جو نالو لکيل آهي. جنھن جي لاءِ منگهارام ملڪاڻي
لکي ٿو ته:
”ڇا ڪيائين
جو پنھنجو نالو ئي مٽائي نُک وارو نالو آوتراءِ روپچند منچنديا اختيار ڪيائين. ڪشنيءَ
جو ڪشٽ ۱۹۱۷ع، ڏکن ڏڌي زندگي ۱۹۲۵ع،
لکيائين.“ (ملڪاڻي، ۱۹۹۳ع، ص ۴۶)
هن ڪھاڻيءَ جي ٻولي
نج ۽ سھڻي آهي.
”منھنجي دل ٺري
ڳڱ ٿي ويئي. دل جو ڪنول ٽڙي پيو. مون ڀانيو ته رات رنجن جي اجها وهامي.“ (جڳتياڻي، سال ۱۹۲۵ع،
ص ۲۲)
عملدار،
ڪين رعيت آزار: هيءَ ناٽڪ ڪھاڻي ٻن حصن ۾ شايع ٿي هئي،
هن جو پھريون حصو سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي جي پنجين ڪڙيءَ ۾ شايع ٿيو،
هن ڪڙيءَ ۾ جملي ۱۸ صفحا آهن ۽ سندس قيمت چار آنا رکي وئي
هئي. ان ناٽڪ ڪھاڻيءَ جي ٻي ڪڙي، ۲۰ صفحي کان، ۳۷
صفحي تي ختم ٿي. هيءُ حصو رسالي جي ڇھين ڪڙيءَ ۾ شايع ٿيو. هن ڪڙي جي قيمت به ساڳي
چار آنا رکي وئي هئي. هن ناٽڪ جي ڪھاڻي به سماج جي اوڻاين کي ظاهر ڪري رهي هئي، سرڪاري
عملدار اٻوجهه ۽ مسڪين ماڻهن سان جيڪي ڪلور ڪندا هئا، انهن کي ليکڪ طنزيه انداز ۾
سھڻي نموني ناٽڪي صورت ڏني آهي.
لال چند نھايت
چترائي سان ٻولي ڪتب آندي آهي، جنھن ۾ طنز سان گڏ مزاح جو عنصر به شامل آهي. ان
سان گڏوگڏ ان دور جي بُراين جھڙوڪ؛ رشوت خوري، شراب نوشي، هيڻي تي مار وغيره کي پڻ
پنھنجي قلم سان نروار ڪيو آهي.
”اسان وٽ جيڪي
تپيدار رهندا هئا، سي ڪنھن ڏينھن ته اوير ڀرو ايندا هئا ته صبح جو کائيندا هئا ئي ڪين
هئا، پر رات پوندي هئي ته دوسي دوسي پيٽ ۾ ڦلڪا اڇلائيندا ويندا هئا.“ (جڳتياڻي، ۱۹۲۰ع،
ص ۳)
”اکبارن
(اخبارن) وارا وري ڪھڙا آهن! گورن عملدارن
کي ته پاڻ ڍڪيو پيا ڍڪين. البت ڪڏهن ڪڏهن ديسي هفيزرن (آفيسرن) تي اچي مٽبا آهن“
(جڳتياڻي، ۱۹۲۰ع، ص ۲۵)
سھڻي ۽
ميھار: هي ڪتاب لال چند امر ڏني مل جڳتياڻي ۽ ڊنگو ڪندن مل ٿڌاڻيءَ
جي گڏيل ڪاوش آهي.
ان بابت لالچند پاڻ
لکيو ته:
”ٿورن ڏينھن
کان پوءِ ڊنگو مون وٽ دستخط نسخو کڻي آيو. چي سائين، هي ته پڙهي ڏسو. سھڻي ميھار
لکيو هوائين.“ (جڳتياڻي، ۱۹۳۹ع، ص ۲
)
ڊنگو ڪندن مل لکي ٿو
ته:
”شاهه سائين
جيڪڏهن سر سھڻي نه لکي ها ته هيءُ ناٽڪ به نه لکجي ها ۽ ارپنا ڪئي آهي 'مٺڙي چتري
تنھنجي نمت.“ (ٿڌاڻي، ۱۹۳۹ع، ص ۲)
اندرا ۽
چندرا: هي ڪتاب لالچند امر ڏني مل ۽ لڻيدارام ليکراج (رهندڙ شڪارپور)
جو لکيل آهي. جنھن جو پھريون ڇاپو ۱۹۱۵ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب
بابت سنڌي ساهت سوسائٽي جو ڪارپرداز لکي ٿو ته:
”ڪتاب جي رٿا
نھايت وڻندڙ ۽ چھر واري هئي، پر اصل واري عبارت تي ذرا پورهيو کپندو هو.“ (جڳتياڻي،
۱۹۱۵ع، ص ۱)
هي ڪتاب ٻن ساهيڙين
اندرا، چندرا ۽ هڪ پريميءَ رگهوناٿ جي پريم تي آڌاريل آهي، ڪھاڻيءَ جو مول متو
قرباني آهي، جنھن کي نھايت قابليت سان نڀايو ويو آهي. ٻوليءَ جو گيان، سلوڻائي
اُتم درجي تي ڏسجڻ ۾ اچي ٿي. ان دور جي ماحول ۽ اخلاقي معيار کي نظر ۾ رکي، محبت
جي مقام کي فطري سادگيءَ، حيا ۽ حليمت سان پيش ڪيو آهي. لفظن جي ميٺاج جو جوهر ڪيڏو
نه واضح آهي.
”اندرا، تون
هن ويل هتي ڇو آئي آهين؟ ڇو ننڊ نه ٿي اچيئي ڪئن؟“
”اندرا: جن
جي دل کي چوٽ لڳي، تن جا نيڻ ننڊون ڪئن ڪن؟ آءٌ ته دل، من چت اوهان کي ارپي چڪي
آهيان.“ (جڳتياڻي، ۱۹۱۵ع، ص ۲)
”رگهوناٿ،
اندرا جو ههڙو اٽل پريم ڏسي ڏاڍو گدگد ٿيو، ۽ سندس اندر ۾ به پريم جون لھرون ڇوليون
مارڻ لڳيون.“ (جڳتياڻي، ۱۹۱۵ع، ص ۲)
اها ڪھاڻي چوڏهن
مختصر حصن ۾ ورهايل آهي.
چوٿ جو
چنڊ: هي ناول لالچند امر ڏني مل جي اها پھرين اصلوڪي ڪاوش
آهي، جنھن ۾ هن مروج سماجي اصولن کان بغاوت ڪئي آهي. سندس اهو ناول پھريائين
’سرسوتي‘ مخزن ۾ ۱۹۰۵ــ۱۹۰۶ع
ڌاري شايع ٿيو ۽ ان بعد ۱۹۲۱ع ڌاري ’سنڌي ساهت
سوسائٽيءَ‘ جي ماهوار ڇپجندڙ ’اَنڪ‘ (شماري) ۾ پڻ ڇپيو. انهيءَ ناول جو نئون ڇاپو ۱۹۴۷ع
۾ ’جئه هند‘ ماهوار رسالي ۾ ’ڀارت جيون ساهتيه منڊل‘ تلڪ روڊ، حيدرآباد، سنڌ وارن
پڻ ڇپايو ۽ ان تي لکيل آهي، ’جئه هند‘ جو آگسٽ، سپٽمبر ۽ آڪٽوبر جو رسالو. جنھن جي
ارپنا ۾ پاڻ لکي ٿو ته:
”ارپيان ٿو،
گهڻي سڪ ۽ پيار مان، هٿ ادب جا ٻڌي نولراءِ هيرانند ائڪڊمي ۽ ان جي لائقن ڀرين
برپا ڪندڙن ۽ اوائل وارن جانفشان ڪارپردازن کي.“ (جڳتياڻي، ۱۹۴۷ع
ص۳)
لال چند امر ڏني
مل جڳتياڻيءَ جي نظر سماج جي هر پھلوءَ تي هئي، هن انهيءَ اصلاحي، اخلاقي،
انقلابي، سياسي ڏکئي دور ۾، اهڙي موضوع کي تخليقي صورت ڏني، جنھن کي ’شجر ممنوع‘
سمجهيو ويندو هو. راقم جي خيال موجب اهو شايد پھريون سنڌي ناول آهي، جيڪو پريمي ۽
پريمڪا بدران ٻن مرد پريمين جو قصو آهي، جنھن کي سماجي طور تي نھايت ئي ڪِرڀ جوڳو
۽ غير اخلاقي سمجهيو ويندو آهي. ان سان گڏوگڏ هندو، مذهبي طور تي ’چوٿ جو چنڊ‘ ڏسڻ
کي سٺي سَنوڻ طور نه سمجهندا آهن، ان تي به راءِ زني ڪئي آهي. جيڪڏهن ٿورڙو غور ڪيو
وڃي ته، انهيءَ ناول ۾ مذهبي روين کان به بغاوت نظر اچي ٿي. سندس ناول، اهڙن ئي
روين تي آڌاريل آهي. پر ڪٿي به اهڙي ڳالهه لکيل نه آهي، جنھن کي پڙهي ڪري فحش
نگاريءَ جو احساس ٿئي. منگهارام موجب ’چوٿ جي چنڊ‘ بابت پاڻ لکي ٿو ته:
”تن ڏينھنِ جڏهن
زال ذات اڃا پردي مان نڪري مرد سان لھه وچڙ ۾ نه آئي هئي، تڏهن ويچارا نوجوان دلين
جي اُڀرندڙ محبت هم جنس دوستن سان ئي ونڊيندا هئا ۽ اهڙن ٻن نوجوان دوستن جي وچ ۾
بي طمع ۽ سليس سڪ جو ورنن هن ناول ۾ نفيس نموني ڪيل هو.“ (ملڪاڻي، ۱۹۹۳ع،
ص ۸۰-۸۱)
ان مان اهو انومان
ڪڍي سگهجي ٿو ته، اسان جو سنڌي اديب گذريل سوا صديءَ کان ئي پنھنجي اصلاحي، اخلاقي
فلسفي تي آڌاريل ڪھاڻين ۽ ناولن کان علاوه به، اهڙين حقيقتن ۽ روين جي عڪاسي ڪري
رهيو هو، جيڪي انساني جبلتن ۾ شمار ٿينديون آهن، ۽ لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي
انهن جي نفساني جذبن جون ريکائون چِٽي رهيو هو.
آسانند مامتورا به
سندس فڪر کان متاثر هو ۽ سندس ئي نوع ۾ لکيل ڪن موضوعن تي طبع آزمائي به ڪئي آهي.
ان کان علاوه ’چوٿ
جي چنڊ‘ ۾ دل پذير محاورا، اصطلاح ۽ شعر به ڏنل آهن. ٻوليءَ جي چاشني چٽيءَ طرح
نظر اچي ٿي.
”پاڻ هڪ ڳلپٽ
ڳڀروءَ کي ڀاڪر ۾ وجهيو هوا ۾ پيو اُڏامي. سونھن ۽ سرهائيءَ ۾ گلاب ۽ چنبيلي کانئس
شرمسار آهن. منھن هن جو چوڦلو ۽ ڳچي جھڙي هنس جي؛ پيشاني لسي نھايت موچاري؛ ڀِرون ڀالا
ڪارا؛ اکيون ٽنورن جِھُون (جھڙيون) ۽ آب ڪٽورا ــ منجهانئن پريم پيو ڇڻي... پاڻيءَ
تي وري ڏسبو ته خود چندرما اچي براجمان ٿيو آهي، ۽ موج ۾ اچي، وار ڇوڙي جُهولي
پيو. يا ته ائين پيو ڀانئبو ته، چانديءَ جي چاپ آهي، جا پيئي پاڻيءَ جي سطح تي
تري.“ (جڳتياڻي، ۱۹۴۷ع، ص: ۷-۸)
سڄي ناول ۾ اهڙي
ته منظر نگاري ٿيل آهي، جنھن کي پڙهڻ کان پوءِ ذهن، لفظن جي خوشبوءَ سان معطر ٿي وڃي
ٿو. جيتوڻيڪ مٿيون ناول پنھنجي موضوع جي انوکيت سبب انتهائي توجهه جي لائق هو، ۽
هي سنڌي ادب جو نھايت ئي اهم ناول آهي. سندس لکڻين مان لفظن جي سونھن، جڙاءُ،
انفراديت بخوبي نظر اچي رهي آهي. ناول جي ٻولي نھايت سُشيل، سلاست ۽ حُسناڪيءَ سان
معمور آهي، منظر ڪشيءَ سان گڏ حساس ۽
جذبات جي رنگينيءَ سان پڻ سرشار آهي.
”لالچند جي
قلم ۾ اهڙي طاقت آهي، جو عام رواجي گهٽنا کي به هو پنھنجي اندر جي سوجهيءَ سان ڏسي،
کيس انوکو رنگ عطا ڪري ٿو. هن جي ڪلڪ پارس سمان لوهه کي به سون بڻايو ڇڏي.“
(سبزوئي٬ ۲۰۲۰ع٬ ص ۲۶۲)
ڪشنيءَ
جو ڪشٽ: هن جو ٻيو ناول، ۱۹۱۷ع
۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ پڻ عام گهويلو زندگيءَ ۽ سماجي ڪردارن جي ڇڪتاڻ کي اظھاريو ويو
آهي.
”ڪشنيءَ جو ڪشٽ
رواجي ڍنگ جو سماجڪ ناول آهي. منجهس آدرش پاترن ۽ بدڪار ڪردارن جو قدم قدم تي ٽڪر ڏيکاريل آهي.“ جيٽلي،
سال ۲۰۰۸ع، ص ۸۳)
هن ناول ۾ عورت تي
آيل ڏکيائين سان گڏ عورت ذات جي مستقل مزاجي، صبر، تحمل، بردباري ۽ وديا کي پنھنجي
ناول جو موضوع بڻايو آهي.
”ڪشنيءَ کي
پيٽ ۾ وديا پيل هئي، تنھن جو ڏڍ هوس. دل نه لوڙهيائين، پر سمجهيائين ته هن کان
پوءِ ڪراچيءَ اسان جو رهيو نه ٿئي. (جيٽلي، سال ۲۰۰۸ع،
ص ۸۴)
ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ
نه ٿيندو ته قابل مصنف ناول جي موضوع کي نھايت سھڻي انداز ۾ قلم بند ڪيو آهي.
سون
ورنيون دليون: لال چند جڳتياڻيءَ جو هي ٽيون ناول آهي.
هو نه فقط سنڌي ادب جو پاڙهڪ ۽ سرجڻهار هو، بلڪ هن پرڏيهي ادب کي به سنڌيءَ ٻولي
جو اهڙو ته اوڍاڻو ڍڪايو آهي، جو اهو ڏيھي ادب پيو ڀاسجي. سندس ترجمو ڪيل ناول
’سون ورنيون دليون‘ (Hearts of Gold) (جيڪو ناول
نگار آءِ ايڊهور جو لکيل هو) ۾ آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهجي ٿي. جنھن ۾ هن نھايت
ئي سليس ۽ شائسته ٻولي ڪتب آندي آهي. هن کي ناول جو مرڪزي خيال شايد تمام گهڻو
پسند آيو هو، ڇاڪاڻ جو اهو ناول، انسانيت جي اعلى اخلاقن ۽ اخلاص جي ترجماني ڪندڙ
آهي. جنھن کيس موهيو هو ۽ هن ناول جي ڪمزور پيشڪش جي باوجود ناول کي پنھنجي ٻوليءَ
جي حُسن سان اهڙو ته نکاريو، جو اڄ به جڏهن پڙهجي ٿو ته، ڄڻ اهي منظر اکين آڏو
گردش پيا ڪن. ترجمي جو سبب ڄاڻائيندي پاڻ لکي ٿو ته:
”هيءَ آکاڻي
هڪ انگريزي ناول تان ورتل آهي. مون هن کي سنڌي ويس ان لاءِ ڍڪايو، جو چيم پنهنجن
ديس ڀايُن کي ڏيکاريان، جو سون ورنيءَ دل وارا جِيو، جتي ڪٿي ٿا ٿين.“ (جڳتياڻي، ۱۹۹۲ع،
ص ۴)
هن ڪتاب جو پھريون
ڇاپو ۱۹۲۵ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو ۱۹۲۸ع
۾ ’نئين سنڌ لئبرري‘ طرفان شايع ٿيو هو. هن ڪتاب جا سنڌي ادبي بورڊ پاران چار ڇاپا
ترتيبوار ۱۹۵۶ع، ۱۹۷۲ع،
۱۹۷۹ع ۽ ۱۹۹۲ع
شايع ٿي چڪا آهن.
هن ڪتاب جي ٻوليءَ
بابت محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته:
”ڪتاب جي آکاڻي،
گفتگو جو انداز، جذبات نگاري وغيره سڀ نھايت ڪامياب ۽ موهيندڙ آهن، وري لائق سنڌيڪار
سندس ترجمي کي اهڙيءَ ته سلوڻي سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جو ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو،
ته اصل کي به اجاڳر ڪيو ويو آهي.. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙيءَ سليس، سلوڻيءَ ۽ موهيندڙ
زبان ۾ تمام ٿورا ڪتاب پيش ٿيل آهن.“ (جويو، ۱۹۹۲ع،
ص ۴)
لالچند امرڏني مل
جي هن ترجمي ڪيل ناول جو ماحول جرمنيءَ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ تي آڌاريل آهي. اهي سڀ
هاڪاري انساني جبلتون هن ناول منجهه موجود آهن، جيڪي انسان جي مطمئن نفس جو آئينو
هونديون آهن. هن ناول ۾ پيار جي پاڪائي سان گڏ قربانيءَ. اخلاق ۽ اخلاص جي اپٽار
به سھڻي نموني انداز ٿيل آهي. ٻولي نھايت سادي آهي، پر ان جي باوجود ان ۾ جيڪا
رواني ۽ سواد آهي، اهو نھايت دل پذير آهي. هن مان ڪجهه ٽڪرا نموني طور ڏجن ٿا:
”ما، سڪ سواد
به هڪ ٻئي سان ڪجي، ته سونهي پيو. هتي منھنجو هڏ هيڻو، آءٌ اوهان سان ڪيئن پھچان؟...“
”پر توکان
سوکڙي پاکڙي گهري ڪير ٿو؟ تون رڳو پاڻ کڻي مون کان وٺ.“ (جڳتياڻي، ۱۹۹۲ع،
ص ۱۳۴)...
”اوهان جي
باغ جا ٿورا گل کپنم، اسان جا اڃا ٽڙيائي ڪينهن.“
”ڀائڙا!
منھنجو باغ هجي، ته آءٌ گل توکي دل سان ڏيان: باغ پرائو، آءٌ گلن کي هٿ ڪيئن
لايان؟“ (جڳتياڻي، ۱۹۹۲ع، ص ۱۴۰)
سڄو ناول سھڻن
لفظن جي سرهاڻ سان سينگاريو پيو آهي.
محمد
رسول الله صه: سال ۱۹۱۱ع
ڌاري لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ مذهبي مت ڀيد کان مٿاهون ٿي ڪري، حضرت محمد صلي
الله عليه وسلم جن جي زندگيءَ مبارڪ تي ’محمد رسول الله صه‘ جي عنوان سان تحقيقي ڪتاب
لکيو، پنھنجي ابتدائي ڪلمات ۾ لکي ٿو ته:
”مسلمانن،
خصوصاً ننڍي ٽھيءَ وارن جون اکيون پٽجن ۽ پنھنجي نبيءَ سڳوري جو احوال پڙهي ڏاها ٿين.
منھنجو هندو ڌرم ئي مون کي سيکاري ٿو ته، هرڪو پير پيغمبر، نبي، ولي، ساڌ، سنت عزت
جوڳو آهي.“ (سبزوئي، ۲۰۲۰ع، ص ۶۷)
شاهاڻو
شاهه: سال ۱۹۱۴ع ۾ لال چند امر ڏني
مل جڳتياڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي نزاڪت ۽ حسن تي ’شاهاڻو شاهه‘ لکيو.
شاهه جي اونهي اسرار کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پاڻ جيئن ته صوفياڻن خيالن جو مالڪ
هو، انهيءَ ڪري سندس سوچ جو محور ۽ مرڪز شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جيڪا معنوي گھرائي
هئي، تنھن تي پنھنجا ويچار ونڊيا آهن. شاهه جي جمالياتي انداز بيان کي هن ريت ڀيٽا
ڏني آهي.
”اهي کڻي ٿو
پلٽون پلٽي، جو وس ڪري ٿو چڪي. بينظير بيانا ۽ عمدا استعارا ڏيئي هيڪانديون هڪ
کريون ۽ رنگين روپڪ ٻڌي، ويٺو ٿو لاتيون لنوي، جو پڙهڻ سان ئي پِتو پاڻي ٿيو وڃي ۽
هيڪاري جي حقيقي معنى اچي ته دل اتي اڏاميو وڃي.“(عرساڻي، ۲۰۰۹ع،
ص ۴۱۵ )
ان ڪتاب بابت
مھتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته:
”لطيفيات ۾،
لالچند امر ڏنو مل پھريون اديب آهي، جنھن تنقيد جي عالمي اصولن کي سامهون رکي،
شاهه سائينءَ جي ڪلام جي پرک ڪئي ۽ مقرر ڪيل اصولن سان ثابت ڪيو ته شاهه سائين
انساني قدرن ۽ احساسن جو روشن مينار آهي. ڪاڪو لالچند سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ شاهه سائين
جو سچو شيدائي هو، هن پنھنجي زندگي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاري.“ (مھتاب، ۱۹۸۹ع،
ص ۴)
’شاهاڻو
شاهه‘ ۾ هن شاهه لطيف جي شاعريءَ تي مختلف عنوانن سان مضمون لکي، شاهه جي ڪلام جي
معنى ۽ مفھوم کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس محنت نھايت داد طلب آهي. هن ودوان
پنھنجي ظاهري ۽ من وديا تي توڪل رکي، شاهه جي اونهي عاشقاڻي اسرار جون نيون راهون ڳولڻ
جون ڪاوشون ڪيون آهن. سندس مضمون ۾ جيڪو تاثير آهي، اهو ذهن جي وسعتن کي شاداب ڪري
ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جو وچور هيٺين
ريت آهي:
شاهاڻو شاهه، ۲.
شاهه جي رسالي تي نڪته چينيءَ جي نظر، ۳.
شعر جي خوبين تي ڪٺو ويچار، ۴. هو بھو خوبين ۽
خاصيتن جي جاچ وغيره. شاهه سائينءَ جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي پاڻ لکي ٿو ته:
”سندس شعر ۾
اهڙو ڪو جادو آهي، جو پڙهندڙ جدا جدا اکرن جو ارٿ سمجهي نه سمجهي، ته به ڪيترن هنڌن
جوهر سارين سٽن جو ته هرگز جهٽيو وٺي، ۽ شاعر جو خيال سندس هنيانوَ ۾گهڙيو وڃي. نه
ته به پڙهڻ ۽ ٻڌڻ مان کيس نھايت مزو ته پيو اچيئي.“ (مھتاب، ۱۹۸۹ع،
ص۵)
’شاهاڻو
شاهه‘ ۾ لالچند امرڏني مل پنھنجي مضمون کي زور وٺائڻ لاءِ ۽ پنھنجي مفھوم کي واضح ڪرڻ
لاءِ آخوند گل محمد ’گل‘ جا ڪجهه شعر به ڏنا آهن، جنھن مان سندس آخوند گل محمد
’گل‘ سان محبت، عقيدت ۽ شاعريءَ جي مطالعي جي خبر پوي ٿي.
ماڻڪ
موتي لعل: لال چند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ جو هيءُ ڪتاب ڪلاسيڪي
شاعرن ۽ سندس دور جي شاعرن جي شاعري جي چونڊ آهي. ماڻڪ، موتي، لعل ۾ شاهه
عبداللطيف، سچل سرمست، خليفو گل محمد ’گل‘، سامي، روحل فقير، خليفو محمد قاسم،
ميين شاهه عنات، شاهه ڪريم، مرزا قليچ بيگ، خاڪي، غريب، وغيره جي چونڊ شاعري شامل
آهي.
سنڌي
چمن: هن ڪتاب ۾ سنڌ جي سر موڙ شاعرن شاهه عبداللطيف ڀٽائي،
سچل سائين، صوفي دلپت، سامي ۽ روحل فقير جي بيتن جي معنى ۽ سجهاڻي سھڻي نموني آڻڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي. هي ڪتاب پنجاهه صفحن تي مشتمل آهي.
سدا
گلاب: هي رابندر ناٿ ٽئگور جي ڪتاب جو ترجمو آهي، ۽ ڪجهه هن
پنھنجي سِر نظم سرجيا آهن، جنھن جي وارتا پاڻ بيان ڪئي آهي. جنھن بابت پاڻ لکي ٿو
ته:
”مون هي سدا
گلاب، ٿورڙا بابو رويءَ جي ’باغبان‘ تان وٺي، ۽ ٿورڙا ان جي اوٽ تي پنھنجا سرجي،
گهڻي سڪ ۽ پيار سان سنڌي ساهت جي چمن ۾ لڳايا.“ (الانا، ۱۹۹۹ع،
ص ۲۰۴)
سنڌي ادب ۾ لالچند
امر مل ڏنو جڳتياڻي پھريون نثر نويس آهي، جنھن سنڌي ادب ۾ نظماڻي نثر جي ابتدا ڪئي
آهي، سندس اها دعوى ڪجهه هن ريت آهي.
”آءٌ ڄاڻان ٿو
ته سنڌي ساهت جي چمن ۾ هي سدا گلاب نپٽ نوان آهن. پر سنڌين کي هڪ واري اها طرز اچي
ويئي ته انهن جي سڳنڌ جو ساءُ ڪيئن وٺجي ته پوءِ پڪ اٿم جو پاڻيهي پيا ڍڪ ڀريندا،
ته هي سدا گلاب برابر جيءَ کي جياريندڙ ۽ پريم سان پُرُ آهن.“ (الانا، ۱۹۹۹ع،
ص ۲۰۴)
لالچند امر ڏنو مل
جڳتياڻي پنھنجي انهيءَ ڪتاب کي دلڪش بڻائڻ لاءِ انهن کي مختلف عنوانن ۾ ورهائي
پنھنجي شاعراڻي تخيل جي حسن ڪاريءَ سان، ادب جي ڦلواڙيءَ ۾ اهڙا ته گل پوکيا آهن، جن جي هڳاءَ سان سنڌي ادب جي مھڪار
۾ اضافو ٿيو آهي. لفظن جو اهڙو مَنڊُ جوڙيو آهي، جو ان جي سحر ۾ پڙهندڙ ڄڻ ته
سراپجي وڃي ٿو. خيالن جي تسلسل ۾ ماکيءَ جي لار جيان رواني آهي، جيڪا ڪٿي به ٽٽي
نه ٿي، پريم جا پيالا اهڙا ته آهن، جن جو ڪيف آخري گهڙين تائين قائم رهي ٿو.
”ٻڌايانءِ،
منھنجي دل جو پکيئڙو تنھنجي دام ۾ ڪيئن ڦاٿو؟ ڪم سوداگر جو، آءٌ سک سانگي ساڻس رڳو
گڏجي آيو هوس، پوءِ تنھنجي چپن جي چاش منجهان هڪڙو ڇنڊو جو اتس پيو، انهيءَ جو
سواد کانئس اڃا نه ٿو وسري.“...
”ٻڌايانءِ،
منھنجي دل جو پکيئڙو تنھنجي دام ۾ ڪيئن ڦاٿو؟ اهي سر جا وار چمڪيدار، لسا ۽
زيبدار، انهن کي جو تو ڇنڊڪو ڏنو، ته هڪڙي دل ڪانه هئي، جا اچي پٽ تي پيئي!
(الانا، ۱۹۹۹ع، ص ۲۰۶)
ڦلن مٺ:
هيءُ مضمونن جو مجموعو ’ڦلن مٺ‘ نئين سنڌي لئبرريءَ جو ۴۶
نمبر ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ هر قسم جا مضمون شامل آهن، جن ۾ فطرت جي منظرن کان ويندي
ورزش تائين جا ويچار ونڊيا اٿائين. ڦلن مٺ ۾ به ڪافي مضمون جھڙوڪ: جان رسڪن ۽ ٻين
جا ترجما ۽ سندن خيالن تي آڌاريل آهن. تقريباً ۶۶
عنوانن تي مضمون شامل آهن، جن ۾ لفظن جا
جواهر جرڪايا آهن. لکي ٿو:
”رنگن کي
نقاش اکرن کي شاعر، اهو کنيو ٿا شرف ڏين، جو صدين تائين، لوڪن ۾ پيو سندن جسُ ڳائجي.“
(جڳتياڻي، ۱۹۲۷ع، ص ۲۲)
ائين سندس ٻوليءَ
جو رچاءُ اهڙو ته من ڀائيندڙ آهي، جو ان جو ميٺاج لونءَ لونءَ ۾ سرايت ڪندو ٿو وڃي.
لالچند امر ڏنو مل
'ڦلن مٺ'۾ ئي 'گلن جي بهار' ۽ 'سدا گلاب' جي ڇپجڻ جي ڄاڻ ڏني آهي.
پريم جو
ٻل: هن ڪتاب جو اصل ليکڪ اِي ڊبليو ساوي آهي. جنھن جي سُڌِ
لال چند امر ڏني مل پاڻ ڏني آهي، پر اصل ڪتاب جو نالو نه ڏنو اٿائين. جڳتياڻيءَ
اهو ناول ٻن حصن ۾ شايع ڪرايو. هن ناول ۾ مختصر عنوان ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جي ٻنهي
ڀاڱن جي قيمت ٽي روپيا اٺ آنا آهي. هي ڪتاب ’ڪھاڻي ناول مالها پستڪ ۱۸‘
جي سري هيٺ بمبئي مان ۱۹۵۳ع ۾ شايع ٿيو آهي.
هن ناول جو ماحول
۽ ڪردار يورپي آهن، پر لکاري جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، تنھن مان سنڌي ۽ هنديءَ
جو هڳاءُ پيو اچي. هن ناول جو پھريون حصو شايد
۱۴۸ صفحن تي ۽ ٻيو حصو ۱۴۹
کان ۳۳۹ صفحن تائين پکڙيل آهي. هي ناول به محبت ۽
رقابت واري جذبي تي لکيل آهي ۽ مختلف عنوان ڏيئي انهن کي قلم بند ڪيو ويو آهي. هن
ناول جا مکيه ڪردار، لورنا، هلاري، ڪولن،انگس،برائن، لارڊ بروڪ ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار
آهن، جيڪي پڻ ناول جي گهرجن پٽاند موقعي مهل سان پنھنجو ڪردار نڀائيندي نظر اچن ٿا.
”هائو، مون
کي ڪا دلپسند پتني ملي ويئي ته پوءِ مان ڄاڻان ٿو ته اهڙي پريتماجو مان داس ٿي
رهندس. سمجهان ٿو منھنجي للاٽ ۾ اهو لکيل آهي.“ (جڳتياڻي، سال ۱۹۵۳ع،
ص ۱۴۹)
”ڪولن ويچاري
ڀانيو هو ته مٺي وٺڻ ڪا سٿري ڳالهه ڪانهي ڪا، تنھن کي جو سولو وجهه ملي ويو، سو
هلاري جي چپن ۽ ڳلن کي چمين سان ٿڦي ڇڏيائين.“ (جڳتياڻي، سال ۱۹۵۳ع،
ص ۱۵۸)
سچ تان
صدقي: هن ڪتاب جي سرورق تي انگريزيءَ ۾ هي لکيل آهي 'Adopted
from Cardinal Wiseman’s Fabiola or the Church of the Catacombs'، جنھن مان اهو اندازو ٿئي ٿو، ته سندس اهو ڪتاب اصلوڪو نه، پر
ترجمو آهي. ڪتاب ۲۷۵ صفحن تي ٻڌل آهي. ڪتاب ۾ ستيتاليھه عنوان
آهن، جيڪي نھايت ئي لاڀائتا آهن، ڪتاب جو پھريون قصو ماءُ پٽ جي ڳالهه ٻولهه تي
مشتمل آهي. هن ڪتاب جي اڻت به ناول جھڙي آهي. جنھن جي نالي جي ڪري اهو تاثر ٿو
پيدا ٿئي ته شايد اهو ڪتاب مذهبي فلاسفي کي ظاهر ڪري رهيو آهي، پر ان ۾ اهڙي ڪا به
ڳالهه نه آهي، جنھن کي سَنَدَ طور پيش ڪجي. جھڙيءَ ريت ناول ۾ ڪجهه ڪردار پنھنجي سڀاءَ
۾ نيڪ ۽ بد هجن ٿا، ائين هن ڪتاب ۾ به آهن. رنج، راحت، خوشي، ڊپ، منظر نگاري مڪالما
وغيره. ڪٿي ڪٿي ديومالائي ڪردار به شامل ٿي ويا آهن.
”امان! نيٺ
روح بازي کٽي ويو. مون کي ان مھل امالڪ پرڀو يسوع ياد پيو. چيم ڪيفاس جي گهر ۾ هيڏي
ويرين ساڻس هاءِ ڪئي، چماٽن سان ڳل ئي ڳاڙها ڪري ڇڏيائونس ته به پاڻ ڪي جهڄيو، ڪي
وجهليو؟“ (جڳتياڻي، ۱۹۴۰ع، ص ۷)
هن ڪتاب جي شروع ۾
’ڀُل نامو‘ به ڏنل آهي، ۽ ڪن مھا يوگين سنت پانڪريشس، سنت سيبا سشن، سنت آگنير،
جون تصويرون به ڏنل آهن. ان کانسواءِ هيٺين عنوانن تي لکيو آهي.
خدائي جوهر، نئون ڀاءُ،
غريب پرور، پرن، سپنو، پريم جو پارکو، سڪ کي سڪائڻ، ڪڌا تورو، بگهڙ ۽ لومڙ، ڌرم
ورت ٻل، نرمل لڙڪ، ست سنگي، فصل ٻٽيرو، عجيب نيتي، ڪوڙا ٺڪر، پياس ئي ٻي، مئي کان
پوءِ، هراس ۾ هيسايل، هڪڙو اتم سنسڪار، اشتھار گم، آگي وٽ آزي، شهيد گنج، حياتيءَ
۽ موت تي وس، کل به، خار به، چاچو ڀائٽيو هڪ ٻئي جا پورڪ، ڀلي ڀاڻ آئي سا نه ڀلي،
جي وڙ جن جا، اڳ ڪٿي، ثابت قدم، سچي سورمتا، عجب بدلو، سختي شھادت جي، پڌر، مطلب
جي ڳالهه، اٺن پھرن جو ذمو، دل صاف ۽ ايمان پاڪ، شيءِ جن جي تن کي ملي، وهم وڏي
شيءِ، پي پٽ جون صلاحون، ٻيا گھاٽ، سيل ستيا جو روح، ٻلدان، ٻلدان جو ڦل، حق موٽ،
هلڻ هارا سپرين، سچو پڇتاءُ.
هندستان
جي تواريخ: هي هندستان جي تواريخ تي لکيل ڪتاب آهي.
هي ڪتاب ٻن ڀاڱن تي ٻڌل آهي. پھرئين حصي ۾ مغل ۽ مرهٽا ۽ ٻئي حصي ۾ پورچوگيز، ڊچ،
فرينچ ۽ انگريز شامل آهن. ٻنهي ڪتابن جي ضخامت ۴۴۹
صفحا آهي. هن ڪتاب ۾ تاريخي طور تي هندستان مٿان، جن قومن ڪاهون ڪيون هيون، تن جي
عروج ۽ زوال جي ڪھاڻي قلم بند ڪئي آهي، منڍ ۾ هُو لکي ٿو ته:
”تواريخ جي
سوالن جا جواب مئٽرڪ جا اميدوار آئنده سنڌي ۾ ڏيئي سگھندا. ان لاءِ ههڙي درسي ڪتاب
جي گهڻي گهرج هئي. اميد ته ڇهين ۽ ستين درجي وارن کي هي ڪتاب چڱو ڪارائتو ٿيندو.“
(جڳتياڻي، ۱۹۲۵ع، ص ۵)
جڏهن ڪتاب کي پڙهجي
ٿو ته نھايت حيرت ٿئي ٿي، ۽ اسان کي اڄ ۽ ماضيءَ جي تعليمي لياقت ۽ معيار جي خبر
پوي ٿي. هن ڪتاب ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي دور کان وٺي هندستان جي تاريخ بيان ڪئي
وئي آهي ۽ ان جي شروعات ويدن کان ڪئي وئي آهي ۽ انگريزن تي اچي دنگ ڪيو آهي. هن ڪتاب
جي قيمت هڪ روپيو ٻه آنا آهي ۽ ٻئي ڀاڱي جي هڪ روپيو ڏهه آنا آهي.
مسافريءَ
جو مزو ۽ سير رنگ: هي اصل ۾ هڪ ئي ڪتاب آهي، جنھن کي ڪن
محققن ٻه جدا جدا ڪتاب ڄاڻايو آهي. هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو مارچ ۱۹۱۵ع
۾ شايع ٿيو، جنھن جي قيمت فقط ٻه آنا هئي. هي ڪتاب ۲۴
صفحن تي مشتمل آهي. لالچند امر ڏني مل جيڪي علائقا گهميا آهن، هن ڪتاب ۾ تن جو ذڪر
ڪيو آهي. جھڙوڪ: بئنگلور ويندي، نيلگري ڏانھن ويندي، ڪونور،اوٽا ڪمنڊ، اڊيار
وغيره.
هندو
نارين سان وئل: لال چند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ جو هي ڪتاب
۱۹۱۰ع ۾ شايع ٿيو، جنھن لاءِ منگها رام ملڪاڻيءَ
لکيو آهي ته، اهو ڪتاب ترجمو آهي، پر هن به اصل مصنف جو نالو نه ڄاڻايو آهي ۽ نه
وري انهيءَ حقيقت بابت لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي ئي ڪجهه لکيو آهي.
هن ڪتاب ۾ هندو
نارين سان جيڪي وئل ٿين ٿا ته تن جي ستن قسمن جو وچور بيان ڪيو ويو آهي.
”ڪن جزوي
گھرن ۾ سندن مانُ مهت آهي، نه ته ٿي ويٺي موچڙو پيو ٺڪاوَ ڪري. جتي ڏاج ڏيوڻ يا ٻي
ڏيتي ليتي جي ماجرا آهي، اتي ته شل ڌيءَ ڄمي ئي نه.“ (جڳتياڻي، سال ۱۹۱۰ع،
ص ۳)
ماتمين
کي دلداري: هي ڪتاب ليڊ بيٽر جي ڪتاب ’ٽو دوز هو
مورن‘ جو سنڌي ترجمو آهي، پر ان ڪتاب جي خاص ڳالهه اها ته مصنف ان ڪتاب کي وڌيڪ مڻيادار
۽ مقصد کي واضح ڪرڻ لاءِ ۽ وحدت الوجود جي نظريي کي سنهنجو سمجهائڻ لاءِ شاهه عبداللطيف
ڀٽائي ۽ سچل سرمست، آخوند گل محمد ’گل‘ جا بيت پڻ ڏنا آهن. موت ۽ حيات تي بحث ڪيو
آهي.
”موت ڪو سندس
جيوت جي پڄاڻي ڪانهي، جيئن اسان وسهيو ويٺا آهيون.“ (جڳتياڻي، سال ۱۹۲۲ع،
ص ۱۵)
”۽ هي موت
سندس جيوت جي ازلي يعني اننت سيڙهيءَ جو رڳو هڪ ڏاڪو آهي.“ (جڳتياڻي، سال ۱۹۲۲ع،
ص ۱۵)
ان قلمي پورهيي
کان علاوه لالچند جون ٻيون به ڪيتريون ڪاوشون آهن. هن شاعرن جي ڪلام کي گڏ ڪيو
آهي. سفرناما پڻ لکيائين. سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪندي ’سنڌي ٻوليءَ جو نچوڙ‘ جي
نالي سان پڻ ڪتاب لکيو. جيل جي صعوبتن ۽ مصيبتن ۽ تجربن کي ’جيل ڊائري‘ جي عنوان
سان قلم بند ڪيائين. مذهبي حوالي سان به ڪيتريون ئي تصنيفون شايع ٿيل اٿس. تاريخ
سان به شغف رکندو هو، ۽ ’هندستان جي تاريخ‘ جي سري هيٺ پنھنجو پورهيو پيش ڪيائين.
لال چند امر ڏني
مل جڳتياڻيءَ جو ادبي ڪم تمام گهڻو آهي ۽ جنھن جو مڪمل اڀياس/جائزو وٺڻ هڪ مقالي اندر ممڪن نه آهي، جو
هن وقت تائين سندس تخليقون (قلمي پورهيو) ڪنھن به مربوط شڪل ۾ سنڌ واسين تائين
نه پھچي نه سگهيون آهن. سندس قلمي پورهئي
جو وچور هن ريت آهي.
1.
چوٿ جو چنڊ (ناول)
۱۹۰۵ع ٽيون ڇاپو ۱۹۴۷ع.
2.
ڀارت ڄاوا (ناٽڪ) ۱۹۰۵ع
هن ئي عنوان سان ملندڙ مضمون ’هند ڄاوا اٿ اٿي جاڳ ‘ ’ڦلن مٺ‘ ۾ شامل آهي.
3.
سيڻ ڪي ويڻ (ناٽڪ)
۱۹۰۶ع.
4.
هندو نارين سان
وئل (ترجمو : مضمون) ۱۹۱۰ع.
5.
لک ڏيڍ کي لت (ناٽڪ)
۱۹۱۰ع.
6.
محمد رسول الله صه
(حضور پاڪ صه جي زندگيءَ تي آڌاريل ڪتاب) ۱۹۱۱ع.
7.
نقد ڌرم (ناٽڪ) ۱۹۱۱ع.
8.
رام بادشاهه ۱۹۱۴ع.
9.
شاهاڻو شاهه (شاهه
لطيف بابت مختلف مضمون) ۱۹۱۴ع.
10.
هر (حر) مکيءَ جا
(ڪھاڻي) جنوري ۱۹۱۴ع (رپورتاز جيٽلي ۲۰۰۸ع،
ص ۱۶۴)، ٻيو ڇاپو.
11.
مسافريءَ جو مزو ۽
سير جو رنگ (سفرنامو) مارچ ۱۹۱۵ع.
12.
اندرا ۽ چندرا (لڻيندا
رام ليکراج شڪارپوري سان گڏ) نومبر ۱۹۱۵ع.
13.
سونھارو سچل ۱۹۱۴ع
(جيٽلي، سال ۲۰۰۸ع ص ۱۶۵).
14.
ڪشنيءَ جو ڪشٽ ۱۹۱۷ع.
15.
بيرنگي باغ جو گل
( خليفي گل محمد ’گل‘ شاعري تي تنقيد ٻه ڀاڱا) ۱۹۲۰ع.
16.
لڄاوتي، شريمتي
گھوشال جي ڪھاڻي جو ترجمو ۱۹۲۰ع (سنڌي نثر جي
تاريخ منگهارام ملڪاڻي ص ۴۷).
17.
سوديس (ناٽڪ) ۱۹۱۲ع.
18.
سنڌي چمن. (سنڌي
پنجن ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ جو ارٿ ۽ سمجهاڻي).
19.
سر ڪيڏارو
(لطيفيات) اڀياس ۱۹۱۰ع (جيٽلي، سال ۲۰۰۸ع
ص ۱۶۴).
20.
سون ورنيون دليون
(ترجمو) ۱۹۲۵ع.
21.
عمر ماروي (ناٽڪ) ۱۹۲۵ع.
22.
سھڻي ميهار (ناٽڪ)
۱۹۲۵ع ڊنگو ڪندن مل ٿڌاڻي سان گڏ.
23.
سسئي پنهون (ناٽڪ)
۱۹۲۵ع.
24.
ڦلن مٺ (مضمونن جو
مجموعو) ۱۹۲۷ع.
25.
دکي انسان (ناول) ۱۹۳۰ع.
26.
سچ تان صدقي (
ترجموناول) ڇاپو ٻيو ۱۹۴۰ع.
27.
بسنتي ديوي (ناٽڪ)
۱۹۴۶ع.
28.
سسئي رل مئي. (ناٽڪ)
۱۹۴۶ع.
29.
سبحان جي سڪ (ناٽڪ)
۱۹۴۶ع.
30.
جئه هند (ناول) ۱۹۴۷ع.
31.
گانڌي (ناٽڪ) ۱۹۴۷ع.
32.
وچن (ناٽڪ) ۱۹۴۷ع.
33.
پريم جو ٻل (ترجموٻه
ڀاڱا) ۱۹۵۳ع.
34.
ماڻڪ موتي لعل (ڪلاسيڪي
شاعرن جي شاعريءَ جي چونڊ).
35.
ڀنڀور ( مضمون،
تاريخ، ماڳَ) هي مضمون ڪتاب ’ڦلن مٺ‘ ۾ شامل آهي، جنھن کي ڪن مضمون نگارن ٻه ڪتاب ڪري
ڄاڻايو آهي.
36.
برونو (مشھور
سائنسدان برونو جي حياتي تي لکيل ڪتاب جو ترجمو).
37.
عملدار، ڪين رعيت
آزار؟ (ناٽڪ) ۱۹۲۰ع (جيٽلي سال ۲۰۰۸
ص ۱۶۴).
38.
ڏکن ڏڌي زندگي. (ڪھاڻي)
۱۹۲۵ع (جيٽلي سال ۲۰۰۸ع
ص ۱۶۳).
39.
شاعرانه گل
(شاعري).
40.
هِي، هُو، ڇا (
ترجمو: مضمون).
41.
هندستان جي تاريخ
(ٻه ڀاڱا).
42.
ميران سوانح (ناٽڪ)
۱۹۵۴ع (جيٽلي ۲۰۰۸ع
ص ۱۶۴).
43.
سنڌي ٻوليءَ جو
نچوڙ.
44.
جيل جي ڊائري.
45.
ساميءَ جا سلوڪ.
46.
ننڍڙا ناٽڪ.
47.
ڪيرت رس
(مذهبيات).
48.
ماتمين کي دلداري ۱۹۲۲ع
( ترجمو) ليکڪ ليڊ بِيٽر جي ڪتاب جو ترجمو.
49.
شاهه جا ڪي سُرَ.
50.
لڳ ننڍو جيءُ گهڻو
(ترجمو) ۱۹۵۴ع (جيٽلي سال ۲۰۰۸ع
ص ۵۷).
51. ’سر ڪيڏارو ۽ ’سنهن ڪيڏارو‘ (لطيفيات).
52.
پرمانند.
53.
سدا گلاب (ٽئگور
جي ڪتاب باغبان جي نثري نظمن جو نثري ترجمو).
54.
نؤ ورني جو خون (ڪھاڻي)
۱۹۲۳ع.
55.
ننڍڙي نئنا (ڪھاڻي)
۱۹۴۶ع مھراڻ.
56.
تلوڪ ٽيمي (خاڪو).
57.
مون به سنگتي ۾ ڪي
ته هو (ڪھاڻي).
58.
دلورا دشٽ ۱۹۱۹ع.
59.
بلوو ۱۹۲۱ع.
60.
سر سارنگ ۱۹۱۰ع
(جيٽلي سال ۲۰۰۸ع ص ۱۶۴).
61.
سريمن ڪلياڻ ۱۹۲۴ع
(جيٽلي سال ۲۰۰۸ع ص ۱۶۵).
62.
جيون ماٿر ياسر ڏهر
۱۹۵۶ع (جيٽلي سال ۲۰۰۸ع
ص ۱۶۵).
انهيءَ فھرست کان
علاوه به سندس تحريرون ٽڙيل پکڙيل موجود آهن.
پير علي محمد
راشديءَ لالچند بابت لکيو هو ته:
”لال چند امر
ڏنو مل عملي دنيا جو ماڻهو هو. تحرير وڻندڙ، تقرير گرجدار ۽ عقيدا متوازن هيس. علم
۾ اونهائي ۽ تخيل ۾ ضرورت سارو تندي هيس. سندس ساري عمر جي علمي ۽ ادبي سرگردانيءَ
جو محور اهو جذبو هو. اٽڪل سٺ کن ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي ويو ته، اهو خزانو نه کُٽي نه
لال چند وسري.“ (بلوچ، ۲۰۱۴ع، ص ۳۲)
لال چند امر ڏنو
مل فقط ساهتڪار نه هو، پر سندس من اندر هڪ ڪلاڪار به جيوت هو. هن قلم جي شھسواريءَ
کي ناڪافي سمجهندي، فنون لطيفه جي دنيا ۾ به طبع آزمائي ڪئي ۽ ۱۹۰۵ع
ڌاري ننڍڙا ننڍڙا قومي، سياسي، سماجي ۽ عاشقيءَ جي موضوعن تي آڌاريل ناٽڪ اسٽيج تي
پيش ڪري داد حاصل ڪندو رهيو ۽ دُکي انسان جي درمان لاءِ محبت جا پَھا رکندو رهيو.
ان سان گڏ هيڻن، ڪمزورن ۽ بيڪسن کي همت ڏيارڻ لاءِ، ۽ منجهن قومي شعور سجاڳ ڪرڻ
لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو ۽ کين پنھنجي سگهاري هئڻ جو احساس ڏياريو. سندس قائم ڪيل
ناٽڪ منڊليءَ بابت مختيار ملاح جي ڪتاب ’سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ‘ ۾ هن طرح لکيل
آهي.
”۱۹۰۵ع
۾ لالچند ’بندي ماترم ناٽڪ منڊلي‘ حيدرآباد ۾ قائم ڪئي.“ ( ملاح، ۲۰۱۲ع،
ص ۱۵۳)
جڏهن ته حيدرآباد
۾ پراڻي ۾ پراڻي ناٽڪ منڊلي ’حيدرآباد پليڊرس ڪلب‘ هئي، حيدرآباد اميچوئر ڊرامئٽڪ
سوسائٽي“ اٽڪل ۱۹۱۲ع ۾ برپا ٿي. جڏهن ته منگهارام ملڪاڻي پڻ
’بندي ماترم ناٽڪ منڊليءَ‘ جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي.
هي لالچند امر ڏني
مل جي زندگيءَ جو اهو دور آهي، جڏهن سندس عمر جا نوجوان پريمڪا جي حسين نقش و
نگارن جي تصورن ۾ زندگيءَ جا ڏينھن گذارڻ پسند ڪندا آهن، پر لالچند امر ڏني مل
پنھنجي شعور کي زلفن جي غلاميءَ کان بچائي رکيو ۽ قومي درد ۽ ڌرتيءَ ماتا سان محبت
جي جيڪا سُتي پيتل هئي، تنھن کيس وجودي قرار واري نرگسيت کان آزاد رکي، کانئس قومي
سجاڳيءَ جو ڪم ورتو.
لال چند امر ڏنو
مل پنھنجي ناٽڪن بابت هن ريت اظھاري ٿو.
”اسان کي رڳو
انسانيت جا معمولي حق به نصيب نه ٿيا آهن. قومي تعصب ڌار، رنگ و روپ جو ڀيد وار،
اسان جي نه ڪو ٿو ٻڌي، نه ڪو سڻي! وري انڌير
ڪھڙا! مٺي جيجل جو هي حال ڏسي اسان مان ڪو واتون حرف ڪڍي ٿو ته مٿس راڄ ڌاني
وهي جي تهمت ڌري ٿي وڃي.“ ( ملاح، ۲۰۱۲ع، ص ۱۵۴)
لال چند امر ڏني
مل جڳتياڻي ڪجهه وقت صحافيءَ طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. ۱۹۲۹ع
۾ گوپالداس ليکراج جي اخبار ’پرڪاش‘ ۾ ڄيٺمل پرسرام سان گڏجي اهم خدمتون سرانجام ڏنائين.
هن پنھنجي ڪاوشن
کي منظر تي آڻڻ لاءِ ڏاڍو جاکوڙيو. ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي لکي ٿو، جنھن جو ذڪر مختيار
احمد ملاح جي ڪتاب ۾ هن ريت ته:
”۱۹۱۴ع
۾ لالچند امر ڏنو مل جي ’سنڌي ساهت سوسائٽي‘ طرفان ماهوار رسالن جي شروع ٿيڻ سان
سنڌي آکاڻيءَ جي اوسر ۾ تيزي آئي.“ (ملاح، ۲۰۱۵ع،
ص ۱۲۳)
لال چند امر ڏني
مل جي زندگيءَ ۾ سال ۱۹۱۴ع وڏي اهميت رکي ٿو.
انهيءَ سال هن سنڌ ادب کي شاهڪار ڏنا، جن ۾ ’شاهاڻو شاهه‘ ۽ ڪھاڻي ’حُر مَکِيءَ
جا‘ شامل آهن. هيءَ اها ڪھاڻي آهي، جنھن سنڌي ڪھاڻيءَ کي اها جِلا بخشي آهي، جيڪا
سدائين امر رهندي ۽ ادب جي پيشانيءَ تي بِندي بڻجي چمڪندي رهندي.
سندس ڪھاڻين جا
موضوع سياسي، سماجي هجڻ باوجود، هن ظرافت جي دامن کي به پڪڙي رکيو ۽ ڪيترائي
ظريفانه ناٽڪ لکيائين يا وري پنھنجي ناٽڪن، ڪھاڻين ۾ ظرافت جا واهڙ وهايائين.
پڙهائي واري دور
کان وٺي سياست ۾ عملي حصو ورتائين ۽ سياسي طور تي لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي، ڪانگريس
سان لاڳاپيل هو. سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ به شامل رهيو. سياسي سفر جي ان سلسلي ۾ جيل
ياترا به کيس نصيب ٿي. لال چند امر ڏني مل جو، سائين جي. ايم سيد سان به تعلق جڙيل
هو، جنھن جو ذڪر سائين جي.ايم سيد پنھنجي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ هن ريت ڪيو
آهي.
”جڏهن ۱۹۴۰ع
۾ سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو ويو ته ان ۾ هن اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم
ڪيو. سنڌي لغت جي تيار ڪرڻ لاءِ جا ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي، ان جو اسسٽنٽ سيڪريٽري
ٿي رهيو.“ (سيد، ۲۰۰۴ع
ص ۳۶۸)
لال چند امر ڏني
مل جڳتياڻي بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:
”ورهاڱي کان
اڳ ’مھراڻ‘ رسالي سان سندس گھرا ناتا هئا، ۽ شروع کان آخر تائين ’مھراڻ‘ جو
مئنيجنگ ايڊيٽر ٿي رهيو.“ (الانا، ۱۹۹۹ع، ص ۲۳۴)
لال چند امر ڏنو
مل جڳتياڻي برصغير جي ورهاڱي جي ڪري سال ۱۹۴۸ع
۾ ڀارت لڏي ويو، هن جا سنڌ ۾ خوشحاليءَ وارا ڏينھن بدلجي هند ۾ مفلسيءَ ۾ گذريا،
پر ان جي ٻڙڪ ۽ ٻاڦ به نه ڪڍيائين. سندس ڪسمپرسي جو ذڪر سائين جي.ايم سيد ’جنب
گذاريم جن سين‘ ۾ ڪيو آهي.
”زندگيءَ جي
پڇاڙيءَ ۾ هن گهڻي تنگدستي ڏٺي، پر وات مان ڪڏهن به ٻاڦ نه ڪڍيائين. صبر جا ڀنڊار
هئس.“ (سيد، ۲۰۰۴ع، ص ۳۶۸)
لالچند امر ڏنو مل
جڳتياڻي هندستان ۾ رهندي به سنڌ جي محبت جا گيت ڳائيندو رهيو ۽ پنھنجي محبت جو وچن
نيٺ نڀائيندو رهيو، جو وصيت ڪيائين ته ’منھنجيون هاٺيون سنڌوءَ جي پوتر جل جي
حوالي ڪجو‘. پاڻ ۱۸ اپريل ۱۹۵۴ع
تي ديھانت ڪيائين ۽ سندس هاٺيون ۱۲ ڊسمبر
۱۹۵۵ع تي سنڌ موڪليون ويون، جيڪي ۱۸
اپريل ۱۹۵۶ع تي حسين آباد (گدو بندر حيدرآباد) وٽ سنڌو
نديءَ جي وهندڙ ويرن/لھرن جي حوالي ڪيون ويون.
نتيجو:
لال چند امر ڏني
مل سنڌي ادب جي آسمان تي سج سمان روشن ٿي، پنھنجي قلم جا ڪرڻا پکيڙيا. سنڌي ادب ۾
ناول ۽ ڪھاڻي، جيڪا اڳ ديوين، ديوتائن،
بادشاهن، شھزادن، شھزادين، وزيرن، اميرن جي مافوق الفطرت ڪردارن جي داستان گوئيءَ
۾ مصروف ثنا هئي، تنھن کي ان ديومالائي ڄار مان ڪڍي ڪري، معياري صورت ڏيئي، جديد
بنائڻ ۾، لال چند امر ڏني جڳتياڻيءَ جي ڪردار کي نه ٿو وساري سگهجي. جنھن پنھنجي ڪھاڻين
کي ترقي پسند لاڙو ڏيندي، ماروئڙن ۽ سانگيئڙن، مظلومن ۽ بيڪسن جو همدرد بڻجي،
پنھنجي اندر جي اڌمن جي ساٿ سان امر آواز بڻجي، سنڌي ادب جي داستان گوئيءَ جي سمنڊ
۾ پنھنجي ڏات جا موتي وکيرڻ لڳو. هُن ترجمي ۽ مضمون نگاريءَ سان به سنڌي ادب ۾ واڌارو
ڪيو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس
پورهئي کي گڏ ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ڇپايو وڃي، ته جيئن اُسرندڙ پيڙهي لال چند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ جي فن ۽ فڪر
کان واقف ٿي سگهي.
حوالا:
1.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر،
’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ڇاپو ٽيون، ۱۹۹۹ع، ڇپائيندڙ؛ سنڌي
ساهت گهر، حيدرآباد.
2.
بلوچ، عبدالستار،
پرفيسر، ’سنڌ جون سون ورنيون دليون‘ سال ۲۰۱۴ع،
ڇپائيندڙ؛ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ.
3.
ٿڌاڻي، ڊنگو ڪندن
مل، ’سھڻي ميهار‘، ۱۵ جنوري ۱۹۳۹ع،
صفحو ۲.
4.
جڳتياڻي، لالچند
امر ڏنو مل، ’ڦلن مٺ‘،سيپٽمبر ۱۹۲۷ع، مهاڳ ۲۱.
5.
جڳتياڻي، لالچند
امر ڏنو مل، ’چوٿ جو چنڊ‘، ۱۹۴۷ع، ڀارت جيون
ساهتيه منڊل، تلڪ روڊ حيدرآباد، سنڌ، صفحو ۷-۸.
6.
جڳتياڻي، لالچند
امر ڏنو مل، ’سچ تان صدقي‘، ۱۹۴۰ع، نئين سنڌ
لئبرري.
7.
جڳتياڻي، لالچند
امر ڏنو مل، ’اندرا ۽ چندرا‘، سال ۱۹۱۵ع، ڪتان جو منڍ.
8.
جڳتياڻي، لالچند
امر ڏنو مل، ’هندستان جي تواريخ‘،ڀاڱو پھريون، سال ۱۹۲۵ع.
9.
جڳتياڻي، لالچند
امر ڏنو مل، حصو پھريون، صفحو ۳.
10.
جڳتياڻي، لالچند
امر ڏنو مل، ’هر حر مکي جا‘، ڇاپو ٻيو، ۱۹۱۴ع،
صفحو ۱۷.
11.
جڳتياڻي، لالچند
امر ڏنو مل، ’سھڻي ميهار‘ ٻه اکر، ۱۵ جنوري ۱۹۳۹ع.
12.
راشدي، مھتاب اڪبر،
’شاهاڻو شاهه‘ ڇاپو ٻيو، ۱۹۸۹ع، شاهه عبداللطيف
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد.
13.
سبزوئي، حميد ڊاڪٽر،
’هريون‘، ڇاپو....، سال ۲۰۲۰ع، سوانحي سنڌي
ادب جو مطالعو، سنڌيڪا پبليڪيشن، صفحو ۲۶۲.
14.
سيد، جي.ايم، ’جنب
گذاريم جن سين‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۲۰۰۴ع.
15.
ملاح، مختيار
احمد، ’سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ‘،۲۰۱۲ع، ثقافت کاتو، سنڌ.
16.
ملڪاڻي، منگهارام،
’سنڌي نثر جي تاريخ‘، اپريل ۱۹۹۳ع، روشني پبليڪيشن،
صفحو ۸۰.
ميمڻ، فهميده حسين
ڊاڪٽر، ’انسائيڪلو پيڊيا آف سنڌيانا‘، جلد ٽيون، سال ۲۰۱۱ع،
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدر آباد، سنڌ، صفحو نمبر ۴۹۱.
(ڇھ ماھي سنڌي
ٻولي تحقيقي جنرل جلد سترھون، شمارو ٻيون (سيارو) ڊسمبر ۲۰۲۴ع
۾ ڇپيل)
لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
يوسف
سنڌي
سنڌي ادب ۽ ٻولي
لالچند امر ڏني مل تي سدائين فخز ۽ ناز ڪندي رهندي، جنهن نه رڳو سنڌ ۾، پر ورهاڱي
کانپوءِ جڏهن هندستان لڏي ويو ته اُتي به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو
رهيو. سائين جي ايم سيد جي لفظن ۾ ”هن گهڻي خدمت ڪئي. هي پڪو محب وطن هو “. سنڌ
سان ايتري ته محبت هيس، جومرڻ کان اڳ وصيت ڪئي هئائين ته ”منهنجي هاٺي سنڌو درياءَ
۾ داخل ڪئي وڃي. منهنجي گنگا سنڌو آهي “.
سوانح:
سرڳواسي لالچند
ولد امر ڏنومل جڳتياڻي، ۲۵جنوري ۱۹۸۵ع
۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سنڌي کيس گهر ۾ پڙهائي ويئي. پوءِ هيرانند اڪيڊمي مان ميٽرڪ
تائين انگريزيءَ ۾ تعليم ورتائين. ميٽرڪ ۱۹۰۳ع
۾ پاس ڪيائين. ۱۹۰۴ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پڙهڻ سان گڏ نوڪري
به ڪندو هو. ۱۹۱۸ع تائين ائين ڪيائين. ڪجهه وقت سنڌ مدرسي
۾ ماستري ڪيائين. ڪجهه وقت پروفيسري به ڪيائين.
ادبي خدمتون:
لالچند امر ڏني مل
هڪ ماستر جي حيثيت سان پنهنجي ادبي زندگي شروع ڪئي ۽ هڪ اعلى اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت
سان هي جهان ڇڏيائين. ادب جي هر صنف تي ڪتاب لکيائين. سنڌي زبان، شاهه لطيف، تصوف،
گهرو زندگي، سماجي معاملا، ناول، ڊراما، ڪهاڻيون ۽مضمون لکيائين. ”پاڻ هڪ پختو فنڪار
سليس ۽ سهڻي زبان لکندڙ ۽ ظرافت آميز عبارت جو صاحب هو. سندن زبان مٺي، سليس، صاف
۽ سهڻي هئي. عربي، فارسي،هندي ۽ سنسڪرت جي ڏکين لفظن کان پاسو ڪيو اٿس. جنهن ڪري
سندس زبان ۽ عبارت عام فهم آهي .
طبيعت صوفياڻي
هئس، تنهنڪري اسلامي تصوف جو مطالع ڪيائين، ويدانت جا ورق ورايائين ۽ ڀيٽيائين، ڏٺائين
ته هرهنڌ حق آهي۽ اهو هڪ آهي. فساد ۽ فتنو ته اجايو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ايني
بيسنت جي صوفياڻي ڪم کان متاثر ٿيو ۽ ٿيا سافيڪل سوسائٽي ۾ آيو ۽ اتي به پنهنجي هر
دلعزيز شخصيت کي خوب چمڪايائين .
لالچند امر ڏني مل
پنهنجي صوفياڻي طبيعت جي ڪري ”پيغمبر اسلام“ جي تاريخ نهايت دلپذير انداز ۾ لکي،
جنهن ڪري ڪي دوست کيس مذاق طور لالچند مان ”لعل محمد“ سڏيندا هئا. لالچند امر ڏني
مل لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي قلم هلايو، سنڌي ٻولي، شاهه لطيف، ڊراما، تصوف، گهرو زندگي،
سماجي معاملا وغيره تي ڀرپور نموني لکيو.
لالچند امر ڏنو مل
ڪانگريس جي هلچل جي ڪري ۱۹۲۲ع ۾ جيل ۾ پڻ ويو
۽ ديس جي آزاديءَ جي هلچل ۾ چڱو بهرو وٺندو رهيو. صحافتي دنيا ۾ ۱۹۲۹ع
۾ گوپالداس ليکراج جي جاري ڪيل اخبار ”پرڪاش“ ۾ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ خدمتون
سرانجام ڏنائين.
۱۹۳۰ع
ڌاري لالچند، ڄيٺمل ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ برپا ڪئي. انهي طرفان نڪرندڙ
ڪتابن جو ڏيڍ سال تائين ڄيٺمل ايڊيٽر رهيو، تنهن کانپوءِ اها ذميداري لالچند کنئي.
ان سوسائٽي لاءِ ”عمر مارئي“ لکيائين. سندس مضمونن جا مجموعا ”ڦلن مٺ“ ۽ ”سدا
گلاب“ فڪر ۽ زبان جي لحاظ کان عمدا ۽ معياري آهن. سدا گلاب، جيتوڻيڪ ٽئگور جي گارڊنر
(GARDNAR) جي گيتن تان ورتل آهي، پر ترجمو آزاد ۽
نهايت سهڻو ڪيل آهي. ائين لڳي ئي ڪونه ٿو ته ڪو ”سدا گلاب“ ترجمو آهي.
۱۹۲۳ع
۾ جڏهن حيدرآباد ۾ ”رابيندر ناٿ ٽئگور“ ناٽڪ منڊلي جو افتتاح ٿيو. ان منڊلي جو برک
اڳواڻ به لالچند امر ڏنومل هو.
۱۹۴۰ع
۾ جڏهن ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو ويو (جيڪو پوءِ سنڌي ادبي بورڊ
بنيو) ته ان ۾ هن اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. سنڌي لغت کي تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي
مقرر ڪئي ويئي، انهيءَ جو به اسسٽنٽ ٿي رهيو ۽ سنڌي لغت جي تياري لاءِ ڪوششون
ورتائين. بورڊ طرفان ۱۹۴۶ع ۾ ”مهراڻ“ رسالي
جي اشاعت عمل ۾ آندي ويئي ته پاڻ انهي جي ادارت ڪيائين.
لالچند امر ڏني مل
۱۹۳۲ع ۾، جڏهن شاهه لطيف جي ورسي پهريون ڀيرو
ميران محمد شاهه ڀٽ شاهه تي ملهارائي ته انهي ۾ به بهرو ورتو، تنهن تنهن کانسواءِ
سنڌ هاري ڪميٽي کي برپا ڪرڻ ۾ پڻ هن جو گهڻو حصو هو.
لالچند امر ڏني مل
۱۸اپريل ۱۹۵۴ع
تي وفات ڪئي. سندس وصيت موجب سندس هاٺيون ۱۸ڊسمبر۱۹۵۶ع
تي سنڌو ندي جي حوالي ڪيون ويون.
تصنيفون
لالچند امر ڏني مل
جي لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
۱-
سيڻ ڪي ويڻ (ڊرامو)، ۲-نقد ڌرم (ڊرامو)،
۳- چوٿ جو چنڊ (ناول)، ۴-
ڪشني جا ڪشٽ (طبعزاد ڪهاڻي)، ۵-، ڏکن ڏڌي زندگي،
۶- شاهاڻو شاهه (شاهه لطيف بابت)، ۷- سچل سونهارو، ۸-
بيرنگي باغ جو گل (ٻه ڀاڱا-خليفي گل هالائي تي تنقيد)، ۹-
سدا گلاب (نظماڻو نثر)، ۱۰- ڦلن مٺ (مضمون)،
۱۱- عمر مارئي (ڊرامو)، ۱۲-
لڳ ننڍو جي گهڻو، ۱۳- سون ورنيون دليون (ترجمو)، ۱۴-
ڪيرت رس، ۱۵- پرمانند، ۱۶-
هندو نارين سان ويل، ۱۷- سهڻي ميهار (ڊرامو)،
۱۸- سچ تان صدقي (ناول)، ۱۹-
برونو، ۲۰- حضرت محمد رسول الله، ۲۱-
مسافري جو مزو ۽ سير جو رنگ، ۲۲- ماتمين کي
دلداري، ۲۳- سر ڪيڏارو، ۲۴-
حر مکي جا، ۲۵- پريم جا ٻوڪ، ۲۶-
هندستان جي تاريخ (ڀاڱو پهريون)، ۲۷- لڄاوتي،
۲۸-
شاعراڻا گل، ۲۹- ماڻڪ موتي لال، ۳۰-
ڀنڀور، ۳۱- عملدار ڪين رعيت آزاد، ۳۲-
رام بادشاهه، ۳۳- ميران، ۳۴-
سنڌي ٻولي جونچوڙ،
۳۵-
جيل جي ڊائري، ۳۶- شاهه جا ڪي سر، ۳۷-
سامي جا سلوڪ
۳۸-
ننڍڙا ناٽڪ.
ڪجهه ڪتابن جو
جائزو:
۱-
چوٿ جو چنڊ
هي ناول سنڌي جي
شروعاتي طبعزاد ناولن مان ڳڻيو وڃي ٿو، پهريون ڀيرو ۱۹۰۹ع
۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو پلاٽ رواجي آهي، پر ليکڪ انهيءَ ۾ پنهنجي قلم وسيلي گهڻو
چس پيدا ڪيو آهي. مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”ڪتاب لکي تيار ڪيم ۽ ڪيترن سڄڻن کي ڏيکاريم تن
مان گهڻن جي صلاح ٿي ته بيشڪ ڇپائينس پر ته به پئي ترسيس ته متان ڪو اهڙو اجايو،
سجايو ۽ گٿو حرف وڌو هجيم، جو ڪن اشرافن اخلاق جي عشق ۾ سرگردان صاحبن کي نه وڻي ۽
ڪراهت کان قيءَ اچي وڃين.“
۲-
سون ورنيون دليون
لالچند طبعزاد لکڻ
سان گڏ ڪن ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا جن مان انگريزي ۾ لکيل ناول Hearts
of Gold جو ”سون ورنيون دليون“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. مهاڳ ۾ پاڻ لکي ٿو.
”مون هن کي سنڌي ويس هن لاءِ ڍڪايو، جو چيم، پنهنجي ديس ڀاين کي ڏيکاريان جو ’سون
ورني دل‘ وارا جيو جتي ڪٿي ٿين ٿا.“
۳-
سدا گلاب
اهو پهريون ڀيرو
هو، جو سنڌيءَ ۾ نظماڻو نثر لکيو ويو نه ته اڳ ۾ سنڌي ۾ هن قسم جا نظماڻا ٽڪرا نه
لکيا ويا هئا. مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”آئون ڄاڻان ٿو
ته سنڌي ساهت جي چمن ۾ هي سدا گلاب نپٽ نوان آهن، پر سنڌين کي هڪ واري اها طرز اچي
ويئي ته انهن جي سڳنڌ جو ساءَ ڪيئن وٺجي ته پوءِ پڪ اٿم جو پاڻيهي پيا ڍڪ ڀريندا
ته هي سدا گلاب برابر جيءَ کي جياريندڙ ۽ پريم سان پُر آهن.“
(ھڪ سؤ سنڌي اديب
ڪتاب ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا