; سنڌي شخصيتون: ميمڻ عبدالغفور سنڌي، شوڪت حسين شورو، ممتاز مهر، پروين موسيٰ ميمڻ، نياز مسرُور بَدوي، يوسف سنڌي،
Showing posts with label ميمڻ عبدالغفور سنڌي، شوڪت حسين شورو، ممتاز مهر، پروين موسيٰ ميمڻ، نياز مسرُور بَدوي، يوسف سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label ميمڻ عبدالغفور سنڌي، شوڪت حسين شورو، ممتاز مهر، پروين موسيٰ ميمڻ، نياز مسرُور بَدوي، يوسف سنڌي،. Show all posts

02 September, 2011

لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

[۱۸۸۵ع – ۱۹۵۴ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



سنڌي زبان جو سچو پارکو، خدمتگار، صاف دل صوفي منشي لالچند پٽ امر ڏنل مل جڳتياڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ۲۵ جنوري ۱۸۸۵ع تي جنم ورتو هو. سندس پتا سرڪاري ملازم هو؛ جنهن کيس شروعات کان وٺي سنڀالي تعليم ڏياري. ڪنهن ٿي ڀانيو ته هي ڇوڪرو وڏو ٿي سنڌي زبان ۽ ادب جو رکوالو بڻبو! سچ پچ ڌڻيءَ کيس وڏي ڏات ڏني هئي – ۱۹۰۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ گهريو، جتان ۱۹۱۸ع تائين فارغ التحصيل ٿي، سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ ۾ ماستر مقرر ٿيو. آخر ترقي وٺي پروفيسر جي عهدي تي وڃي رسيو. سنڌ جا ڪافي پڙهيل مسلمان سندس شاگرد بڻيا – ۱۹۴۰ع ۾ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ٿيڻ سان اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ ”سنڌي لغت“ جي تياريءَ ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ڪم ڪيائين – ۱۹۲۰ع ۾ خلافت دؤر ۾ ”قطع تعلقات تحريڪ“، ۱۹۲۲ع ۾ ”ڪانگريس واري هلچل“ ۽ ۱۹۴۷ع ۾ آزاديءَ جي جدوجهد“ ۾ پاڻ چڱو موکيائين؛ انهيءَ سلسلي ۾ قيد جا ڪڙا چاڙهائڻ به، عيب نه ڄاتائين.