ڊاڪٽر محمد قاسم رند
زرعي سائنسدان - دادوءَ
جا پي ايڇ ڊي اسڪالر
ڊاڪٽر رفيق بلوچ
ڊاڪٽر
محمد قاسم رند ۴ نومبر، ۱۹۴۲ع تي جوهي شهر کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر طرف هاء اسڪول جوهيء لڳ ڳوٺ بچل خان رند
تعلقي جوهيء ۾ هڪ غريب هاريء جي گهر ۾ جنم ورتو۔ ڳوٺ ڀرسان واقع پرائمري اسڪول مان
پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء هن گورنمينٽ هاء اسڪول جوهيء مان مئٽرڪ ڪئي ۽ ڳوٺ
بچل رند جي پهرئين مئٽريڪيوليٽ نوجوان جو اعزاز ماڻيو جو هن کان اڳ ڳوٺ جو ڪو به
نوجوان مئٽرڪ ڪري نه سگهيو هو۔ ۱۹۶۲ع ۾
سندس داخلا زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ ٿي جتان ۱۹۶۷ع ۾ B.Sc آنرز
ايگرونامي ۾ پاس ڪيائين۔ کيس پهرين نوڪري زرعي ترقياتي ڪارپوريشن (Agricultural Development Corporation) حيدرآباد ۾ ملي ۽ سندس مقرري ڏوراهين علائقي ٿاڻو بولا خان ۾ واقع ڪوهستان
فارم ۾ فارم مئنيجر طور ٿي جتي هن پهرين آڪٽوبر ۱۹۶۷ع کان ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۶۸ع تائين ڪم ڪيو۔ بعد ۾ استعيفا ڏيئي ڇڏيائين۔ ۱۹۶۸ع ۾ هن سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام مان M.Sc جي ڊگري حاصل ڪري ورتي۔ ماسٽرز کانپوءِ ان ئي ڪاليج مان شماريات ۾ پوسٽ
گريجوئيٽ ڊپلوما ڪيائين۔
پڙهائيء دؤران ئي ۶ جولائي ۱۹۶۶ع تي سندس شادي سندس سؤٽ گل
محمد رند جي نياڻيء سان ٿي۔ ۱۰ جنوري
۱۹۶۹ع کان ۱۹ ڊسمبر ۱۹۶۹ع تائين هڪ پرائيويٽ اداري جي
ماتحت ڪولاب فارم ۾ فارم مئنيجر رهيو۔ بعد ۾ ايگريڪلچرل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٽنڊو ڄام
جي ايگرونامي سيڪشن ۾ ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو ۽ ان ئي اداري ۾ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۶۹ع کان ۱۵ آگسٽ ۱۹۷۸ع تائين ريسرچ آفيسر طور تحقيق
جو ڪم ڪيائين۔ ان دؤران جنوري ۱۹۷۲ع ۾
سندس مقرري ٽنڊو ڄام مان دادو ريسرچ اسٽيشن تي ٿي پر سخت موسم، اچ وڃ جي ڏکيائين ۽
ڪجهه ٻين مسئلن سبب اتي تحقيقي ڪم جاري رکي نه سگهيو ۽ واپس ٽنڊو ڄام هليو ويو۔
ڪجهه وقت نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ ايگريڪلچر ڪريڊٽ آفيسر پڻ ٿي رهيو۔ ٿورو وقت
ڪراچيءَ جي ملير ضلعي ۾ واقع جانورن جي نسل جي افزائش واري اداري جي انتظامڪاريءَ
هيٺ هلندڙ ملير فارم ۾ فارم مئنيجر ٿي رهيو پر جيئن ته پاڻ زراعت سان وابسته هيو،
ان ڪري ستت ئي جانورن جو شعبو ۽ ملير فارم ڇڏي واپس اچي ٽنڊو ڄام جوائننگ ڪيائين۔
سيپٽمبر ۱۹۷۵ع ۾ کيس وفاقي وزارت تعليم ۽ رومانيا حڪومت جي گڏيل اسڪالرشپ اسڪيم تحت
اسڪالرشپ ملي ۽ سندس رومانيا جي بخارسٽ شهر ۾ واقع اڪيڊمي آف اڪانامڪس اسٽڊيز جي
پلاننگ ۽ سائبرنيٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ Ph.D ۾ داخلا ٿي۔
ڊاڪٽريٽ جي ڪورس ورڪ کان پهرين هن اڪيڊمي آف اڪانامڪس اسٽڊيز جي سفارش تي روماني
زبان جي سکيا جو مختصر ڪورس ڪيو۔ بخارسٽ جي هن اڪيڊميء جي ڪلاسز ۾ هن اقتصاديات،
شماريات، سائبرنيٽڪس ۽ انفارميٽڪس جا مضمون پڙهيا۔ هن نظرياتي شماريات، زرعي
شماريات ۽ ڪمپيوٽر پروگرامنگ (فورٽران - v لئنگويج) عنوان سان تحقيقي مقالو (Thesis) پيش
ڪري اڪيڊمي آف اڪانامڪس اسٽڊيز بخارسٽ مان نومبر ۱۹۷۸ع ۾ پي ايڇ ڊيءَ جي سند ورتي۔ پي ايڇ ڊي ۾ سندس سپروائيزر ڊاڪٽر آئيون
آئيونسڪوٿا هيو۔
ڊاڪٽر
محمد قاسم رند پنھنجي جنم ڀومي جوهيءَ ۾ رهائش دؤران احمد خان 'مدهوش' ۽ محمد ڇٽل
'مشتاق' رند جي اثر هيٺ شاعري پڻ ڪئي ۽ شاعريء ۾ هن 'صنم' تخلص اختيار ڪيو پر سندس
شاعري ميسر ٿي نه سگهي۔
سندس
آتم ڪٿا ۶۰ع ۽ ۷۰ع وارن ڏهاڪن جي تاريخ آهي، جنهن ۾ سندس ذاتي زندگيءَ جو تفصيلي احوال پڻ
شامل آهي۔ ۱۵ بابن تي مشتمل هن جيون ڪٿا جي
شروعاتي بابن ۾ سندس ننڍپڻ جي سفر، پرائمري ۽ مڊل اسڪول جي زندگي ۽ واقعن کان وٺي،
قرآن پاڪ جي تعليم ۽ تجويد (قائدن مطابق لفظن جي ادائگي) سان سکڻ، ڊرامن ۾ حصو
وٺڻ، دوڪانداري، هارپو/ زمينداري، زرعي ڪاليج (يونيورسٽي) ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ۽
ڪاليجي (هاسٽل جي) زندگي، ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو
ڄام جي دؤري، ڪاليج جي قابل ذڪر ساٿين سميت پيشوراڻي زندگي ۽ زرعي شعبي ۾ مختلف
نوڪرين جو احوال شامل آهي۔ ٻئي حصي ۾ رومانيا ۾ اعلي تعليم لاءِ اسڪالرشپ، پاسپورٽ
جي تياري، آجر کان ڊگهي موڪل، هوائي سفر ۽ رومانيا روانگيءَ جي ڪهاڻي آهي۔ ليکڪ
آتم ڪٿا ۾ رومانيا پهچڻ، اتان جي زندگي ۽ رومانيا جي بخارسٽ شهر جو احوال پڻ تفصيل
سان لکيو آهي۔
اتي
پڙهائيءَ دؤران هن نه صرف رومانيا ملڪ جي بٽيشٽ ۽ براشو شهرن ۽ بخارسٽ شهر جي ڏسڻ
جهڙين جاين جيئن گريگور انتپيا ڳوٺ جي تاريخي قديمي ميوزيم، وڪٽوريا اسٽريٽ،
اسپرنگ پئليس، پارليامينٽ پئليس، رومانين ايٿونيم وليج ميوزيم، چشم جو گارڊن ۽
براسترو پارڪ جو مطالعاتي دؤرو ڪيو بلڪ ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي رومانيا کان ٻاهر
سئيڊن، اٽلي، جرمني, ڊينمارڪ ۽ آسٽريا ملڪن جا شهر اسٽاڪ هوم، ٽرائسٽا، هيمبرگ،
برلن، ڪوپن هيگن ۽ ويانا پڻ گهميا۔ هن رومانيا جي سياسي سرگرمين، صحت ۽ تعليم جي
نظام بابت لکيو۔ ان وقت جي پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي رومانيا جي
دؤري جو احوال پڻ قلمبند ڪيو۔
هن
پاڪستان مان اعليٰ تعليم لاءِ رومانيا پهتل دوستن محرم علي سنجراڻي، نور محمد
شاهاڻي، ڪليم الله خان، نذير احمد لغاري، اي ڊي گوپانگ، چوڌري رياض حسين، جنيد
احمد، حسن رضا، عبدالحئي، پير بخش ڦلپوٽو، صالحا بلوچ، يوسف شيخ، اي ڊي ميمڻ،
عبدالستار شيخ، نور الاهي، خرم جمالي، سعيد عزيز، عبدالعزيز، الهڏتو، رشيد عمر ٿانوي،
روحي بانو، فاروق قيصر، عارف جعفري، واصف حسين، تاج محمد بلوچ، شيخ عبدالرحمان، پرويز
حبيب الله، علي بخش سومرو، رياض احمد، اي ڊبليو بلوچ، ڊاڪٽر عظمت اڪبر، ناصر حسين،
محمد الياس، شاهده الياس، محبوب شيخ، طارق پنهور ۽ اظهار الحق جو مختصر احوال پڻ
قلمبند ڪيو۔ هن رومانيا جي ڪجهه دوستن جو احوال پڻ هن آتم ڪٿا ۾ شامل ڪيو آهي جن ۾
ڪورنيل، مخائيل ۽ ٻيا شامل آهن۔
سوشل
ميڊيا فيس بوڪ اڪائونٽ تي اردوءَ ۾ ۱۵ حصن ۾
شايع ٿيل ڊاڪٽر محمد قاسم رند جي هي آتم ڪٿا هڪ بهترين آتم ڪٿا آهي جنهن ۾ جوهيءَ
جي ننڍڙي شهر کان ويندي ٽنڊو ڄام، حيدرآباد، اسلام آباد، بخارسٽ، ڪوپن هيگن،
ويانا، برلن، ڪرائيوو، هيمبرگ، ٽرائسٽا، سيتائيا ۽ اسٽاڪ هوم شهرن ۽ اتان جي رهڻي
ڪهڻيءَ تائين جو احوال شامل آهي۔
سنڌ جي
هن يگاني زرعي سائنسدان ۽ محقق ۸۳ سالن
جي ڄمار ۾ ۱۲ جنوري، ۲۰۲۶ع تي وفات ڪئي.
(ڏھاڙي همسري حيدرآباد آنلائين ۾ ۱۹ سيپٽمبر، ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا