; سنڌي شخصيتون: September 2026

12 September, 2026

ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر

ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر

دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر، زرعي سائنسدان ۽ محقق

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر حفيظ الله ٻٻر ۸ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي پرائمري استاد گل محمد ٻٻر جي گهر ۾ جوهي شهر ۾ جنم ورتو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ۱۹۸۴ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن ۱۹۸۶ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان سائنس جي مضمونن ۾ انٽر ميڊئيٽ ڪئي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي، جتان هن ۱۹۹۳ع ۾ B.Sc (آنرز) ايگريڪلچر جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. ان کانپوءِ هن ۱۹۹۵ع ۾ ساڳي يونيورسٽي مان سوائل سائنسز ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ ماسٽرز ڪئي. ايم۔ ايس۔ سي کانپوءِ هن پاڪستاني حڪومت جي اسڪالرشپ تي ملائيشيا جي پيوترا يونيورسٽي مان سوائل سائنسز ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ Ph.D ڪئي، کيس ۲۰۱۱ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ سان نوازيو ويو۔