; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالرزاق رند، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،
Showing posts with label ڊاڪٽر عبدالرزاق رند، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر عبدالرزاق رند، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،. Show all posts

30 September, 2026

ڊاڪٽر عبدالرزاق رند

ڊاڪٽر عبدالرزاق رند

ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ماهر - دادو ضلعي جا پي ايچ ڊي اسڪالر

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر عبدالرزاق رند ۱۷ آگسٽ ۱۹۷۴ع تي جوهي شهر کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر طرف واقع ڳوٺ بچل خان رند تعلقي جوهي ضلعي دادوء ۾ جنم ورتو۔ پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ بعد هن گورنمينٽ هاء اسڪول جوهيء مان ۱۹۸۸ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي۔ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوء مان انٽرميڊيئيٽ (سائنس) ۱۹۹۰ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ کانپوء هن ۱۹۹۲ع ۾ سائنس ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ گريجوئيشن ڪئي۔ بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۱۹۹۷ع ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ M.Sc ڪئي ۽ فرسٽ ڊويزن ۽ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي۔