; سنڌي شخصيتون: عبدالواحد آريسر

15 June, 2015

عبدالواحد آريسر

عبدالواحد آريسر
زندگي، آزادي ۽ محبت جو پرچارڪ
ادل سولنگي
سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، دانشور عبدالواحد آريسر ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع تي ڳوٺ انڙ آباد لڳ ”هاسي سر“ ريلوي اسٽيشن تعلقي امرڪوٽ ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو جادو آريسر هو جيڪو هارپو ڪندو هو. عبدالواحد آريسر امرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي ۾ پرائمري پنج درجا سنڌي ۾ پڙهيا. ان بعد مختلف مدرسن جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو، مدرسه هاشميه سجاول مولوي عبدالحي نوحاڻي ڪنگوري تعلقي ڊگهڙي واري جو مدرسو هو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد شامل آهن، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس استاد رهيو آهي. آريسر صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۶۸ ۾ مولوي عربي جو امتحان پاس ڪيو، آريسر صاحب کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو. ۱۹۶۶ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙهڻ دوران “ربيع الاول جا چار چنڊ” عنوان سان پهريون مضمون لکيائين، جيڪو هفتيوار همدرد ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون ۱۹۶۸ع ڌاري ماهوار بادل حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو هن مخدوم غلام حيدر صديقي طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد “تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو هو. آريسر صاحب ادبي، مذهبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدني کان متاثر هئو. سندس پهريون ڪتاب مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل “جواهر آزاد” ۱۹۷۰ع اردو ۾ ڇپيو، ۱۹۷۲ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماهوار پيغام رسالو جاري ڪيائين،جڏهن ته هن دوران حنفيه مسجد ڊومڻ واهه روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رهيو. ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽي جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون  تي سرڪار سندس گرفتاري جا وارنٽ ڪڍيا ۽ آريسر صاحب مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. ۱۹۷۲ع ۾ حيدر منزل تي سائين جي ايم سيد طرفان قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر بڻيو، ۱۹۷۷ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙ جڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو، ۱۹۹۰ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۵ع تائين چيئرمين رهيو. ۱۹۹۵ع ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي وقت ۲۵ اپريل کان پوءِ نئين سر جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو ۱۹۹۵ع ۾ هڪ سال تائين آرگنائيزر ۽ ۲ سال چيئرمين رهيو. ۳ مئي ۲۰۱۵ لاڏاڻي تائين جيئي سنڌ قومي محاذ جو باني چيئرمين رهيو.


سنڌ ۾ سائين جي سيد جي نظريي ۽ فڪر جي ڦهلاءَ ۾ سندس تقرير ۽ تحرير جو اهم ڪردار رهيو، سنڌ جي سياست ۾ خاص ڪري قومي تحريڪ اندر چاچو حفيظ قريشي ۽ عبدالواحد آريسر صاحب تمام وڏا مقرر مڃيا ويندا رهيا آهن. آريسر صاحب سائين جي ايم سيد جي فڪري وارثي ڪندي سندس نظريي جي پرچار ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. عبدالواحد آريسر قومي سياست ڪندي سنڌ جي آزادي لاءِ ويڙهاند ۾ رياستي جبر جو گهڻو شڪار رهيو. هو پهريون ڀيرو ۱۱ اپريل ۱۹۷۶ع ۾ جيل ويو جتان سيپٽمبر ۱۹۷۷ع ۾ آزاد ٿيو. سائين عبدالواحد آريسر ٻيو ڀيرو آگسٽ ۱۹۷۹ع ۾ جيل ويو، ۳ جولاءِ ۱۹۸۱ع ۾ آزاد ٿيو، ٽيون ڀيرو آڪٽوبر ۱۹۹۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ ۱۹۹۳ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون ڀيرو ۱۱ آگسٽ ۱۹۹۹ع ۾ هڪ هفتي لاءِ گرفتار ٿيو. سرڪار طرفان سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي بندش وڌي وئي، سائين عبدالواحد آريسر قومي جدوجهد دوران سڄي سنڌ جي واهڻن وستين جا دورا ڪري فڪر جي ايم سيد جي عملي تشريح ڪئي، سائين عبدالواحد آريسر مخدوم بلاول ۽ دولهه درياهه خان جي حب الوطني ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪري جدوجهد کان متاثرٿي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ فڪري ۽ عملي ويڙهاند ڪندي وقت جي هر آمر سان مهاڏو اٽڪايو. ويا اڏامي ڪک پڙ تان پانهڻ نه چري. شاهه سائين جي انهن سٽن کي امرتا بخشيندڙ هي هاسي سوڍي جو ڳوٺائي سنڌ ڌرتيءَ جي ننگ ۽ ناموس لاءِ پنهنجي سموري سگهه سان سنڌ جي آزادي لاءِ ميدان عمل ۾ رهيو. سائين آريسر صاحب سان ڪير ڪيترا به اختلاف رکي اهو سندس جمهوري حق هوندو، پر آريسر صاحب جي سنڌ جي قومي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ ثابت قدمي ۽ سندس سنڌ سان عشق بابت سموريون ڌريون متفق ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سائين عبدالواحد آريسر صاحب جنهن ڪتاب “زندگي آزادي ۽ محبت” ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هڪ سوال ته توهان جو سيد ۽ سنڌ سان رشتو ڪهڙو رهيو؟ جواب ۾ لکيو ته مون سنڌ کي سيد ذريعي سڃاتو آهي، مون کي تڏهن ون يونٽ جي به خبر نه هئي، سيد ذريعي مان ان سان متعارف ٿيس پوءِ سيد سان اهڙو ناتو جڙيو جو ڪروڙين ۽ اربين روپين جون آڇون ٿيون پر مون سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي کي اهم ميراث سمجهي اهي آڇون ٺڪرائي ڇڏيون.اياز جي هنن سٽن جيان ته؛
ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾ ٻوڙي جي کائين
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين
ته تنهنجي او سائين ڏات ڏهوڻي ٿي پوي.
آريسر صاحب جي زندگي تي سائين جي ايم سيد، مهاتما گانڌي، جواهرلال نهرو، شيخ مجيب الرحمان، مولانا ابوالڪلام آزاد، انڌرا گانڌي، ڊاڪٽر نجيب الله، مها قوي شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي، حيدر بخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، نياز همايوني ۽ شمشير الحيدري جهڙن عظيم انسانن جو تمام گهڻو سياسي، فڪر، علمي ۽ ادبي اثر رهيو. هن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ انهن عظيم شخصيتن جا ڪيترا ئي حوالا ڏنا آهن. هڪ ڀيري سکر بار کي خطاب ڪندي عبدالواحد آريسر چيو هو ته؛ ممڪمن آهي ته اسان جي سياسي فيصلن ۾ غلطي ٿي هجي عملي طرح ڪٿي اسان دوکو کاڌو هجي پر اي اياز جي لازوال شاعري،اي معصوم شاه جا منارا، اي کرڙي جي شهيدن جا مقدس رت، اي هيمون ڪالاڻي جا ڦاسي جا ڦندا، اوهين سڀ شاهد رهجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ ڪنواريءَ جي ٿڻن جو تقدس هميشه قائم رهيو آهي.
عبدالواحد آريسر صاحب جڏهن يوسف شاهين جي اخبار برسات ۾ ڪالمسٽ جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪئي هئي تڏهن سنڌي ٻولي جو وڏو شاعر شيخ اياز اخبار جو ايڊيٽر هو. تڏهن اياز آريسر صاحب کي چيو هو ته آريسر تنهنجي قلم ۾ بي پناهه طاقت آهي تون مون کي وقت ڏئي سگهين ته اسان گڏجي سائين جي ايم سيد جي ڪٿا لکون جيڪا اڃا لکي نه وئي آهي. تو جيڪو سائين تي ڪتاب لکيو آهي ان ۾ لفظن جو سيلاب سائين جي ايم سيد جي فڪر کي لوڙهي ويو آهي، سائين جي ايم سيد جي فڪر کي نروار ڪرڻ لاءِ نئين طريقي سان لکڻ جي ضرورت آهي، تون سائين جو اصحابي آهين ۽ آءُ سائين جو روحاني پٽ آهيان.
سائين عبدالواحد آريسر اهنسا جو پرچارڪ ۽ قومي تحريڪ جو سرواڻ جنهن فڪر جي ايم سيد ۽ پنهنجي ڏاهپ وسيلي قومي جدوجهد ۾ سدائين جوش سان گڏ هوش پيدا ڪيو، سائين عبدالواحد آريسر جي اڳواڻي ۾ هلندڙ قومي تحريڪ ۽ تنظيم ۾ نهايت ڏاها، عالم، اديب، دانشور، مخلص قومي ڪارڪن موجود آهن جن لاءِ سائين جي ايم سيد چوندو هو ته سنڌ جي آزادي صالح ماڻهو ئي حاصل ڪري سگهندا. هو چاهي ها ته اڄ ڊفينس ۾ سندس بنگلا، دبئي ۾ ڪاروبار، آمريڪا يا لنڊن ۾ رهائش، لينڊ ڪروز ۽ پيجرو جي لوڌ ۽ باڊي گارڊن جون قطارون لڳل هجن ها، پر عبدالواحد آريسر روپلي ڪولهي، هاسي سوڍي ۽ ماروي جي روايتن جو امين هيو، جنهن مسڪين جهان خان کوسي جيان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جي آزادي لاءِ سمورين آڇن لالچن ۽ خوف کي ٿڏي ڇڏيو ۽ وقت جي آمرن سان اکين ۾ اکيون وجهي کين للڪاريو. هڪ ڀيري ڪجهه فوجي آفيسر سندس ڳوٺ پهچي کيس چوڻ لڳا ته جنرل پرويز مشرف اوهان سان ملڻ ٿو چاهي، آريسر صاحب کين چيو ته جيڪڏهن دعوت ڏيڻ آيا آهيو ته منهنجو هلڻ ۽ ساڻس ملڻ کان صاف انڪار آهي، جيڪڏهن پرويز مشرف مون سان ملڻ ٿو چاهي ته پوءِ اوهان مون کي گرفتار ڪري پوءِ وٺي هلي سگهو ٿا. باقي آ ڪنهن آمر سان ڪنهن به صورت ۾ نه ملندس. آريسر صاحب هزارين جلسن، ڌرڻن، ريلين، احتجاجن، بک هڙتالن، ڪانفرنسن، سيمينارن، ورڪشاپن، ليڪچررن، تعلقي، ضلعي ۽ قومي ڪانگريسن ۾ شرڪت ڪندي نيشنل ازم، سيڪيولر ازم، سوشل ازم، ڊيموڪريسي، ۽ ارٿ فريڊم لاءِ شاندار تقريرون ڪيون ۽ ڀرپور پيپر پڙهيا، غور ويچار ڪيو، صلاحون ڏنيون ۽ رٿا بنديون ڪيون، جنهن جي پسمنظر ۾ اڄ قومي تحريڪ سگهاري نموني ڏسڻ ۾ اچي ٿي.


عبدالواحد آريسر
سچو سنڌ پرست
سيال حيات
اهي ماڻهو جن جون پاڙون ڌرتيءَ جي پاتال تائين ڦهليل هونديون آهن جن جي دلين ۾ ديس ڌڙڪندو آهي ۽ جن سان ملندي مٽيءَ جي مهڪ ايندي آهي، اهي موت هٿان ڪيئن مري سگهن ٿا، اها ڳالهه ويساهه ۾ نه ٿي اچي. هر پاسي هُل هنگام آهي ته سچو سنڌ سپوت سچو سنڌ پرست، ارڏو آريسر موت هٿان مات کائي زندگيءَ جي بازي هارائي ويو، پر منهنجي دل مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ڇو جو هُو ته سنڌ جي سڃاڻ هو، سن جي سڃاڻ ڪيئن ختم ٿيندي، اهو ناممڪن آهي. هُو ته لطيف جي فڪر جو پرچار ڪندڙ هو، سو سندس ذڪر ڪير ڀُلائي سگهندو ۽ هُو ته ڌرتيءَ جي ڌوڙ سان رانديون رهيو هيو، سندس ساهن ۾ ته ٿر جي واريءَ جو واس هيو سو وسارڻ ڪنهن جي وس ۾ ڪٿان ايندو.
هُو جنهن جو نالو عبدالواحد آريسر هو سو سنڌ جي سچي عاشق طور مشهور رهيو آهي، جنهن کي مفڪرِ سنڌ سائين جي ايم سيد سنڌ جو ابوالڪلام آزاد سڏيندو هيو، ان کي ڀلي مڻين مٽيءَ هيٺ سمهاريو ويو هجي پر ان جي نانءُ تي تي دز به نه ايندي ڇو ته جيڪو مٽي هاڻا ماڻهو نالي ڪتاب لکي سگهي ٿو، سو مٽيءَ جي مام ڪيئن نه ڄاڻندو هوندو، هو ته مٽيءَ جي مان ۽ مهانتا لاءِ مرندو ۽ جيئندو هو.
سنڌ جا قومپرست ڄاڻين ٿا ته هزارين ماڻهن جي ميڙ ۾ جڏهن آريسر کي اسٽيج تي ڳالهائڻ جي لاءِ سڏ ٿيندو هو ته پهريائين تاڙين جو هڪ طوفان برپا ٿي ويندو هو ۽ پوءِ جڏهن هو مفڪراڻي ۽ مدبراڻي انداز ۾ اسٽيج تي بيهي ڳالهائيندو هيو ته آهستي آهستي ماٺ جو مينهن وسڻ شروع ٿيندو هيو ۽ پوءِ پوري ماحول ۾ سانت ڇائنجي ويندي هئي. پوءِ هو سامعين جي سماعتن تي سنڌ جي سونهن جي ساراهه جا گل ڇٽيندو هيو، سنڌ جي تاريخ جا ڪتاب کوليندو هيو، حرف حرف ۾ ديس جي دلبري جو هڳاءُ اٿندو هو. سٽ سٽ مان سنڌ جي ساهت جي سرهاڻ ايندي هئي ۽ پوءِ هو ڌرتيءَ مٿان ڌارين جي يلغار جا قصا اوريندو هيو ۽ پنهنجن جي پرڪار جا پيرا کڻندو هيو. بس پوءِ ماحول سوڳوار ٿي ويندو هيو. سنڌ جا سور ايترا ته سوريندو هيو جو ٻڌندڙن جا سَنڌ سَنڌ ساڻا ٿي پوندا هئا، اکيون اشڪبار ٿي پونديون هيون، جيلن ۾ جهليل جوڌن جا نوحا، پيرن ، ميرن هٿان لٽجندڙ اٻوجهن ۽ مهراڻ تي ٺهندڙ ڪالاباغ سان ٿيندڙ تباهيءَ جون ڪهاڻيون ويٺلن جي دلين تي وڍ وجهي ڇڏينديون هيون.
ان بعد هن جي لهجي ۾ ڦيرو ايندو هيو، هن جي تن من ۾ رت ٽهڪڻ لڳندو هيو، اکين مان اُلاءُ نڪرندا هيا ۽ پوءِ لفظن مان لائو نڪرندو هيو ۽ هو لطيف سائين جي بيت سوريهه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار. وانگر بڻجي ويندو هو، پوءِ ايئن لڳندو هو ته سمنڊ جون ڇوليون اڀري آيون هجن، ڄاڻ ٻوڙان ٻوڙ ٿي يا هماليه هلڻ لڳو هجي يا ڪو وڏو زلزلو آيو هجي. سندس اندازِ بيان جو ڪمال هو جو سندس جوشِ خطابت وقت هر ڪامريڊ جي دل ۾ به اهي ويچار ايندا هئا ته سندس تقرير ختم ٿيڻ شرط بس حڪم ملندو هو ته ڪٿان کان ويڙهه شروع ڪرڻي آهي، جيڪا سنڌ جي آزاديءَ تائين هلڻي آهي.
هُو لفظن جو جادوگر هو. سندس ٻولي ۾ سنڌي ادب جا ست رنگ جهلڪندي نظر ايندا هيا. سندس ڪتاب سندس ادبي مهانتا جا آئينا آهن. سندس لکڻين ۾ جيڪا سگهه آهي ان لاءِ ڪيترا ئي اديب سِڪندا آهن. هو علم جو اٿاهه ساگر هو. پر جيڪا ڳالهه سندس تمام گهڻي شهرت جو سبب بڻي، اها هئي سنڌ پرستي. هو هڪ سچو قومي ڪارڪن هيو. مذهبي علم جي حاصلات کانپوءِ جڏهن جي ايم سيد سان وابستگي ٿيس ته سندس دل ۾ وطن دوستي جي اها چڻنگ ٻري جا مچ بڻجي وئي ۽ پوءِ آڙاهه ۾ بدلجي وئي ۽ آخرڪار زندگي جي ڏيئي اجهامڻ تائين سنڌ سان نينهن جو ناتو نه ڇڏيو.
سچ چوندا آهن ته سدائين هڪجهڙو ڪو به نه رهندو آهي، وقت ۽ حالتن تي ڪڏهن انسان قابض هوندو آهي ته ڪڏهن وري انسان کي وقت ۽ حالتن جو قيدي ٿي گذارڻو پوندو آهي. آريسر صاحب به ڪافي عرصو سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو پر پوءِ حالتن جي وهڪري کيس پاڻ سان گڏ هلڻ تي مجبور ڪيو، مختلف ڪيفيتن ۽ حالتن مان گذرندو آخر جسقم آريسر گروپ تائين جو سفر طئي ڪيائين، سندس ان سفر بابت ڪنهن جا ڪهڙا به خدشا ۽ خيال ٿي سگهن ٿا پر ان ڳالهه تي ڪو به اختلاف نه ڪندو ته آخر گهڙي تائين قومپرست رهيو ۽ سچو سنڌ پرست رهيو.
ڪنهن شخصيت جي ذات ۽ ڏات تنقيد کان آجي رهي، اها ناممڪن آهي ۽ ڪنهن به مفڪر جا ويچار ۽ افڪار مخالفت ۽ مفاهمت جي آرسي سان نه پرکيا وڃن سو به غلط آهي. تنهنڪري ممڪن آهي ته آريسر صاحب جي نظريي، شخصيت ۽ ڪردار سان ڪو اختلاف به رکندو هجي ته اهو سندس حق آهي پر ان ڳالهه سان ڪو به اختلاف نه ڪندو ته هو اول کان آخر سنڌ پرست هيو. هن جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان هيو. سنڌ هُن جي سڃاڻ ۽ هو سنڌ جي سڃاڻ هو.
سنڌ پرستي جيڪا اڄ ڏاڍي سولي آهي، سا ڪنهن وقت ڪيتري ڏکي هئي، ان جي خبر آريسر کان وڌيڪ ڪنهن کي هوندي. اڄ ڪنهن به ڳوٺ ۽ شهر جي چوڪ تي جي سنڌ چوڻ ڪو ڏوهه ناهي ڪنهن به ميڊيا تي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي ان جو سهرو به آريسر ۽ سندس دور جي ساٿين ڏانهن وڃي ٿو ڇو ته جڏهن آريسر ۽ سندس ساٿين سائين جي ايم سيد جي فڪر کي لبيڪ چئي جيئي سنڌ جو آواز اٿاريو ته سندن خلاف ڌرتي ٽامو بڻجي وئي هئي. سنڌ پرستي جي ڏوهه ۾ وقت جي واڳن جا وات ڪهڙن ڪهڙن قومپرستن کي ڳهي ويا اهو پتو آريسر کان وڌيڪ ڪنهن کي هو. جڏهن شيخ اياز جي وائي سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار سنڌ جي ڀلوڙ راڳي فقير عبدالغفور آلاپي هئي ته شايد آريسر ۽ سندس همعصر ساٿي هيا جن پهريائين هيئن سان هنڍائي هئي ۽ پوءِ آريسر صاحب ته ان عشق جي ابتدا ايئن ڪئي جو ڳوٺ ڳوٺ پيرين پنڌ وڃي سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن کي سنڌ پرستي سيکاري. سنڌ جي ساڃاهه جي گهر گهر وڃي لاٽ ٻاري، علمي ادبي ميڙاڪا ڪيا ۽ قومپرستي جا ليڪچر ڏنا.
سنڌ پرستي جو هڪ زندهه ڪردار اڄ کانپوءِ جسماني طرح ڌرتيءَ مٿان نظر نه ايندو پر سندس ساڃاهه ڀريا فڪر سندس ڪتابن ۾ لفظ لفظ موتي بڻجي چمڪي رهيا آهن . هاڻي آريسر هڪ شخص يا شخصيت نه پر هڪ ڪردار طور صدين تائين زندهه رهندو. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو سنڌ واسين کي ٻڌائيندو رهندو ته سنڌ جي عشق کي مرڻ گهڙي تائين ڪيئن نڀائجي. جي اسان سندس ان ڪردار کي قومي آئينو بڻائينداسين ته اسان کي پڪ ٿي ويندي ته هو نه مئو آهي ۽ نه مرڻو آهي ڇو ته سنڌ پرستي زندگي جو اهڃاڻ آهي، هو سچو سنڌ پرست هو تنهنڪري سندس موت هڪ ڪوڙ آهي.
سچو سنڌ پرست هو، ارڏو آريسر، صدين تائين سفر، رهندو هُن جي سوچ جو.


عبدالواحد آريسر
پرههَ جو پيغام ڏيندڙ
رکيل مورائي
هُو جيڪو پرهه جو پيغام ڏيندڙ هئو، پنهنجي شعوري عمر کي رسڻ کان عمر جي آخري گهڙيءَ تائين صدين جو صدائون ڏيندو رهيو، سندس صدائون ڪيتريون ٻڌيون ويون ۽ ڪيتريون نه ٻڌيون ويون، جيڪي نه ٻڌيون ويون اهي ايندڙ وقت جي اوسيئڙي ۾ هونديون، يقين سان اُهي صدائون جيڪي ننڍي کنڊ جي هڪ پڪار هيون، اهڙي پڪار جيڪا هن ننڍي کنڊ ۾ پهريون ڀيرو مهاتما گانڌيءَ جي واتان نڪتي هئي. ۽ جنهن اڳتي هلي هن کنڊ کي ڌوڏي ڇڏيو.
هڪ اهڙي صدا هاسي سر جي ڀٽن ۾ دفن ٿي وئي، جنهن صدا ۾ هڪ ئي وقت مهاتما گانڌي، ابوالڪلام آزاد ۽ سائين جي ايم سيد جي روح جي رڙ محسوس ٿيندي هُئي.
هُن جو نالو عبدالواحد آريسر هُئو.
عمرڪوٽ جي ڀرسان انڙ آباد مان، اٿندڙ هن صدا، سنڌ جي واهڻن ۽ وسندين کي هڪ نئون آواز ڏنو هُئو، اهو آواز گذريل صديءَ جي پوين چئن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو آواز ٿي اڀريو.
هيءُ آواز جنهن ۾، وطن دوستي، سنڌ تان قربان ٿيڻ جو جذبو، ڪنهن به غلاميءَ کان انڪار ۽ سنڌ جي مڪمل آزاديءَ جو خواب پڙاڏو ڪري گونجندو هُئو.
اسيءَ وارو ڏهاڪو قومي تحريڪ جي ويڙهه وارو ڏهاڪو هئو ۽ ان دور ۾ اسانجي نسل جي شعور تي جيڪو آريسر صاحب جي تقريرن اثر ڇڏيو،اهو اڄ تائين لاشعور ۾ موجود آهي.
هيءُ اهڙو دور هُئو، جڏهن سنڌ ٽامي وانگر تپي وئي هُئي. محسوس ٿيندو هُئو ته ظلم ۽ تشدد جو سج نيزي تي لهي آيو آهي.سنڌ ٻري رهي هُئي، هي سنهڙو سيپڪڙو شخص هڪ پهاڙ جيان سنڌ ۾ اڀريو ۽ سنڌ جي سياسي وطن دوست شعور جا اهڙا نشان ڇڏيائين جيڪي شايد سنڌ جي مڪمل آزاديءَ تائين مٽجي نه سگهن.
مهاتما گانڌي ۽ سائين جي ايم سيد کي پنهنجو سياسي رهبر ڪندڙ ۽ شعوري طور ابوالڪلام آزاد کان بيحد متاثر ٿيل هيءُ وطن دوست تاريخدان هڪ ئي وقت تقرير ۽ تحرير تي جيڪو عبور رکندو هُئو، ان جو مثال سنڌ ۾ شايد ٻيو نه ملي سگهي. انهيءَ سبب ئي شايد سائين جي ايم سيد لکيو هئو ته ”ننڍي کنڊ ۾ مون ٻه شخص اهڙا ڏٺا آهن جن کي هڪ ئي وقت تقرير ۽ تحرير تي دسترس آهي، هڪ مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ عبدالواحد آريسر.“
عبدالواحد آريسر جون تقريرون جيڪي هن سنڌ ۾ ڪيون، اُهي جن به ٻڌيون هونديون انهن کان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به وسري نه سگهنديون، جيڪي اڳتي هلي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ شايع ٿيون. پر منهنجي ياد ۾ محفوظ سندس اهو ڪتاب آهي، جيڪو سندس پهريون ڪتاب به آهي. جنهن جو نالو آهي ”پرهه جو پيغام“.
ان کانپوءِ سندس ڪيترا ئي ڪتاب الڳ  الڳ موقعن تي آيا، بي انداز ڇپيا ۽ بي انداز پڙهيا ويا.
هُن جي تقريرکانسواءِ هُن جي تحرير جو اهو عالم هُئو، جو سندس ڪو به ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻبو هُئو ته اهو پورو ٿيڻ کانسواءِ ڇڏي نه سگهبو هُئو.
ڪيترا ئي ڪتاب هُن اهڙا لکيا جن جو مٽ اڄ به سنڌي سياسي ادب  ۾ نه آهي، خاص طور سر ۾ سانجھيءَ وير، وريا واهرو، ٽهڪي نڪتا ٽوهه، ماڻهو ميگهه ملهار ۽ جي ايم سيد“ هيءُ ڪتاب ادب ۾ بيمثال ڪتاب چئي سگهبا.
ٻيءَ طرح سندس سياسي ڪتاب ۽ انهن ۾ آيل نثر  پنهنجو مٽ پاڻ آهي. مونکي يقين آهي ته آريسر صاحب جو رومانس سان ڀريل، حسين ٻوليءَ وارو سياسي نثر اڳتي هلي، ڪن نوجوانن جي اتساهه جو سبب بڻيو ۽ اهو پوءِ صحافت ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. ڪنهن به وڌاءُ کانسواءِ اعتماد سان اهو چئي سگهجي ٿو ته اڄ صحافت ۾ جيڪو تخليقي نثر استعمال ٿي رهيو آهي، اهو سڄي جوسڄو آريسر صاحب جي نثر جو نقل آهي. ان نثر جو باني عبدالواحد آريسر آهي.
هُن پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي  پر سندس وطن دوست تاريخنويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
پوءِ به هڪ خاص ڪتاب جو ذڪر مون لاءِ ان ڪري لازمي ٿي پيو آهي، جوان کي پڙهي سنڌي ۽ انگريزيءَ جي ذهين ليکڪ لڇمڻ ڪومل پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو هئو ته ”هيءُ ڪتاب پڙهي مونکي سمر قند جو اهو وطن دوست عالم ”علوگ بيگ“ ياد اچي ويو، جنهن جي لکڻين جي ڏوهه ۾، اتان جي حڪومت سندس پٽ هٿان کيس ڳڀا ڳڀا ڪرايو هُئو، اڄ وري هن ڪتاب ۾ ڳڀا ڳڀا ٿيل آريسر مونکي نظر آيو آهي.
ان ڪتاب جو نالو هُئو ”اسان جيئن جيئي ڪو“ هيءُ ڪتاب ان اذيت جو داستان آهي، جنهن مان آريسر صاحب تازو نڪري آيو هئو، ٻيءَ طرح هن ڪيترا ئي ڀيرا قيد ڪاٽيا، اذيت گاهن ۾ گذاريو، ڦٽڪا سٺا ۽ ٻيون ڪيترون ئي تڪليفون ڀوڳيون، پر هُو سنهڙو سپيڪڙو، نفيس شخص هن ملڪ جي رياستي ادارن آڏو هڪ پهاڙ جيان بيٺو رهيو، هُن کي ڪنهن به لهر نه لوڏيو.
هيءُ اهو دور هو، جنهن مان گذري ڪيترا قومي ڪارڪن، قومي اڳواڻ بڻجي ويا ۽ ڪيترا ڪارڪن سودي بازي ڪري، ڪک پتيءَ مان لک پتي بڻجي ويا. ۽ پجيرن ۾ گهمڻ لڳا، پر هن ڀٽن ڀر جنم وٺندڙ مارئي جي مٽ شايد پنهنجي مرشد ڀٽائيءَ جي هن سِٽَ کي ساهه سان ٻڌي ڇڏيو هُئو.
ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي.
عمر جي آخري گهڙيءَ تائين هُو پنهنجو ان سٽ سان وچن نڀائيندو آيو.
هُن کي جيل جي ديوارن، ڪال ڪوٺڙين، اذيت گاهن، ڦٽڪن، ٽارچرن، نه  ٽوڙيو. پر پنهنجن جي روئي هُن کي ايترو ڀوري وڌو جو هو وري جڙي نه سگهيو ۽ اندر اندر ڀرندو ئي رهيو ۽ نيٺ ٻه ڏينهن اڳ مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي ويو.
سڀاڻي جڏهن ٿر مٿان ڪڪر وسڪارو ڪري وسندا، ڪونڀٽ وري ڪَرَ کڻندا، وري درد نديءَ جو ديس وسندو،سنڌ مٿان سڪار ٿيندو.هيءُ ديس، صوبو نه هوندو، هڪ ملڪ هوندو ته. پڪ سان سندس چواڻي هو ستارن ۾ مرڪندو نظر ايندو.
ڇاڪاڻ ته هُن جنهن ديس جي آجپي لاءِ سڄي عمر ويڙهه ڪئي، علمي توڙي عملي ويڙهه، جنهن وطن جي حقن لاءِ هن قيد ڪاٽيا ۽ ٽارچرسيلن ۾ ويهي به پنهنجي قلم کان دولهه درياءَ خان جي تلوار جو ڪم ورتو، وطن جي آزادي لاءِ مخدوم بلاول جيان ڪيئي جٿا تيار ڪيا. ابوالڪلام آزاد جيان، ربان ۽ قلم کي استعمال ڪيو. مهاتما گانڌيءَ جيان عدم تشدد جي راهه ورتي ۽ سنڌ جي عظيم رهبر سائين جي ايم سيد جي رهبري هيٺ وطن تان وارجي وڃڻ جو پيغام ڏنو. اهو شخص ڀلا سنڌ ۽ سنڌين ڪيئن وسري سگهندو.
سچ ته اهو آهي ته، جڏهن ٽوهه ٽهڪي نڪرندا، اڪ تپندا، لڪون لڳنديون، سج ڦلا ٿي نڪرندو، تڏهن هُن جو سفر ياد ايندو.
اهو سفر، جيڪو هن انڙ آباد جي ننڍڙي ڳوٺ مان شروع ڪيو ۽ افغانستان ايران، هندستان کان ٿيندو وري انڙ آباد تي اچي ختم ٿيو آهي. ان جا پيرا کڻندڙ يقينن پنهنجي منزل ماڻيندا، اها منزل جنهن تي هيءُ سفر جو اڳواڻ مرڪي سندن آجيان لاءِ اڳ ئي بيٺو هوندو.
اهو ماڳ جنهن تي رسڻ لاءِ هُن سڄي عمر نه رڳو خواب ڏٺا پر پنهنجي ڪمزور جسم سان هلندو به رهيو، ڪڏهن آهستي ته ڪڏهن تڪڙو، پر ڪڏهن به هن جي چهري تي ٿڪاوٽ جا آثار ظاهر نه ٿيا.
جيتوڻيڪ جسماني طور هو چور چور ٿي چُڪو هئو، پوءِ به زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين مُرڪ چهري تي آڻي پنهنجي جذبي جي صداقت سان چوندو رهيو.
پوئين ويڙهه به وڙهه، ويري ساڻ وجود جي.
اڄ جڏهن هو ڀٽن جي ڀر آرامي آهي. تڏهن کيس ياد ڪندي اياز جون هيءُ سٽون ٿيون ياد اچن ته:
جڏهن به ساوڻيون اچن
ڇمرا لوٽ ٿيو نچن
جڏهن به ڀٽ ڀٽ تي
گهٽا گجي گجي وسي.
تڏهن نه هيءُ وسارجو،
ته ڪير سُڃَ ۾ سُتو.


عبدالواحد آريسر
عِلم، شعور ۽ شرافت جو عَلم ڪِري پيو
عبدالخالق جوڻيجو
سائين جي ايم سيد جي ڪتاب جديد سياست جا نو رتن ۾ جواهر لال نهرو جي سياسي زندگيءَ جو احوال پڙهڻ ۽ خود جواهر لال نهرو جي لکيل ڪتاب Discovery of India ۽ سندس سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب جواهر جيوڻي پڙهڻ  جي نتيجي ۾ مان پنهنجي سياسي سفر جي شروع ۾ ئي جواهر لال نهرو جو مداح بڻجي چڪو هئس.
۱۹۶۰ع ۽ ۷۰ وارن ڏهاڪن دوران سنڌ يونيورسٽي قومپرست سياست جو مرڪز هئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سياست جو مرڪز وري ”بلاڪن“ وارين هاسٽلن جو لان جتي شاگردن جي جنرل باڊي جا اجلاس ٿيندا هئا. ۱۹۷۰ واريون عام چونڊون، انهن ۾ بنگال جي قومپرست پارٽي عوامي ليگ جي تاريخي فتح ۽ پوءِ عوامي ليگ سميت بنگالي عوام خلاف پاڪستاني فوج جي ڪارروائي ۽ نتيجي ۾ بنگلاديش جي آزادي، ان سڄي صورتحال جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪڙي نئين مقصديت، هڪ نئون اتساهه ۽ هڪڙو نئون جوش جذبو پيدا ٿي چڪو هُئو. ٻئي طرف ”نئين پاڪستان“ ۾ اقتدار ”جناب“ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي ڪيو ويو هئو، جيڪو بنگال واري سڄي صورتحال جو هڪڙو اهم فريق هئو ۽ جنهن جي سياست جو مرڪز پنجاب ۽ سنڌ هئا، جن جي وچ ۾ مفادن جي جنگ جي ڊگهي تاريخ آهي. ان ڪري سنڌ ۾ سياسي ماحول سڄي ملڪ کان وڌيڪ گرم هُئو.
ان ماحول ۾ ۽ ان ڏينهن دوران يعني ۱۹۷۲ جي ابتدائي مهينن ۾ بلاڪن وارن لان ۾ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جون ڀرپور ۽ پرجوش جنرل باڊيون منعقد ٿينديون هيون، جن کي شاگرد اڳواڻ خطاب ڪند اهئا. هڪ ڏينهن اهڙي ۽ جنرل باڊي اجلاس ۾ هڪ غير شاگرد کي پڻ تقرير لاءِ سڏيو ويو. غير شاگرد، وري نالي سان گڏ مولانا جو لفظ لڳائي کيس سڏڪيو ويو ۽ جڏهن سامهون آيو ته مختصر جسامت ۽ مناسب ڏاڙهيءَ وارو همراهه، سو اسان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳاسين.پر جڏهن ان  همراهه تقرير شروع ڪئي ۽ تقرير ڪندو ويو ته پوءِ اسان هيڏي هوڏي ڏسڻ جي بجاءِ رڳو ان همراهه ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين. اسان جون اکيون، اسان جا ڪن، اسان جو دماغ ۽ اسانجي دل، سڀ ان ڏانهن متوجه هئا. اهو همراهه عبدالواحد آريسر هئو.
ان ڏينهن ۾ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن تي حڪومت جو مڪمل ڪنٽرول هوندو هئي. تنهن ڪري مخالف ڌرين ۽ خاص ڪري قومپرستن جي خبر انهن تي اچڻ لڳ ڀڳ ناممڪن هئي. ان وقت سنڌ جي قومي تحريڪ جو آواز ٻه رسالا (ڪتابي سلسلا) اڳتي قدم ۽ پيغام هوندا هئا. اڳتي قدم، ان وقت جو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ، مدد علي سنڌي ڪڍندو هئو، جڏهن ته پيغام جو ايڊيٽر اهو ئي ”مولانا“ عبدالواحد آريسر هئو. انهن ئي ڏينهن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي نئين حڪومت جي انتظام هيٺ هلال پاڪستان اخبار کي نئين سر ڪراچيءَ مان شروع ڪيو ويو.اخبار جو ايڊيٽر مشهور اديب سراج الحق ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو جيڪو پنهنجي اخبار ۾ مضمون وري س-م لاهوتي جي نالي سان لکندو هئو. ان پنهنجي اخبار ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ پ پ اڳواڻ ممتاز علي ڀٽي کي ڏهيسر سنڌ لکڻ شروع ڪيو، خاص ڪري سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪرائڻ کانپوءِ ممتاز صاحب کي وڏي شهريت  ملي. پر پوءِ اردو ڳالهائيندڙن طرفان ان بل جي خلاف هنگاما ڪيا ويا. جن جو مرڪز ڪراچيءَ جو علائقو لالو کيت (لياقت آباد) هئو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان وقت جي پاڪستان جي صدر جناب ذوالفقار علي ڀُٽي ڪجهه اردو دانشورن سان سمجھوتو ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد/راولپنڊي مان هڪ آرڊيننس جاري ڪيو. جنهن تحت سنڌ کي هڪ (سنڌي) سرڪاري ٻوليءَ بجاءِ ٻن (سنڌ ۽ اردو) ٻولين وارو صوبو قرار ڏنو ويو. جيئن ته هنگاما ڪندڙن خلا ف سنڌ حڪومت سخت رويو اختيار ڪيو هئو، تنهن ڪري آرڊيننس اچڻ کانپوءِ هنگامن جي مرڪز لالو کيت ۾ هڪ ميڙ ڪوٺائي جناب ممتاز علي ڀٽي ڪيل سختيءَ تي هٿ ٻڌي معافي ورتي، جنهن جون تصويرون جنگ اخبار ۾ پڇيون. انهن مان هڪ تصوير عبدالواحد آريسر پنهنجي رسالي پيغام جي پٺئين پني تي ڇاپي ان جي هيٺان بغير ڪنهن تفصيل ۽ مبصري جي لکيو ته؛ ”س-م لاهوتي جو ڏهيسر“ ان تي سنڌ سرڪار ڏمرجي پئي، پيغام تي بندش وڌي ويئي ۽ ايڊيٽر خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ هو زيرِ زمين هليو ويو.
ڪجهه عرصي کانپوءِ وري هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ جي جنرل باڊي اجلاس ۾ عبدالواحد آريسر کي تقرير لاءِ سڏيو ويو پر هن دفعي ڏاڙهي ڪا نه هئس ۽ بدن تي شلوار قميص بدران پينٽ شرٽ پاتل هئس. جنرل باڊي اجلاس کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد قربان ميمڻ جي ڪمري تي ملاقات ٿي. اتي ٿيل ڪچهري ايندڙ وقت جي اڻٽٽ تعلق جو بنياد بڻي. خيالن جي ويجھڙائي ٻن فردن ۾ ويجھڙائپ پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي. پوءِ هو شاد لطيف هاسٽل ۾ منهنجي ڪمري تي اچڻ به لڳو ۽ هُن جي صحبت ۾ ۽ اصلاح سان مون سياست ۽ تاريخ بابت ڪتاب وڌيڪ دلچسپيءَ سان پڙهڻ شروع ڪيا. انهن ڏينهن ۾ آريسر جا ويجھا جهڙوڪ شاهه محمد شاهه، مولا بخش لغاري، خادم لاکير، قربان ميمڻ ۽ مان کيس ”سيدنا“ چوندا هئاسين. جڏهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ اختلاف ٿيا ته سيد شاهه محمد شاهه جي قيادت ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي نالي سان فيڊريشن جو الڳ گروپ قائم ڪيو ويو، جڏهن ته مکيه آرگنائيزيشن جي قيادت مولا بخش لغاري ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ اختر ڪاڪيپوٽو، مان، همٿ علي پتافي، ضمير لاڙڪ، شاهه محمد صحرائي، قاسم ٻگهيو ۽ ٻيا هئا. عبدالواحد آريسر کي جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ ۾ سيد شاهه محمد شاهه وٺي آيو هو، پر اصولن جي بنياد تي فيصلي جي گهڙيءَ تي هُو اسان سان بيٺو.
۱۹۷۵ع ۾ نوڪري ملڻ سبب مان ڪراچيءَ رهڻ لڳس، پر ۱۵-۲۰ ڏينهن ۾ ڄامشوري جو چڪر لڳندو هئو، ۽ اتي اختر ڪاڪيپوٽي جي ڪمري تي ڪڏهن ڪڏهن آريسر صاحب سان به ملاقات ٿيندي هُئي. اپريل ۱۹۷۶ جي هڪڙي ڏينهن اخبار ۾ پڙهيم ته عبدالواحد آريسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس گرفتاري جيئن ته ڊي پي آر (ڊفينس آف پاڪستان رولز) تحت هئي ۽ ان جي ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ هئي تنهن ڪري ٻه ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي ۽ سندس وڪيل محترم نور الدين سرڪي ٿيو. ڊي پي آر تحت ڪيس ته هلندو ڪو نه هئو، بس پيشيون ٿينديون هيون، سو هر پيشيءَ تي اٺين يا پندرهين ڏينهن ٽربيونل جي آڳر تي ملاقات ٿيندي هُئي، جنهن دوران ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچهري ٿيندي هُئي. اٽڪل ڏيڍ سال جيل ۾ رهڻ کانپوءِ جنرل ضياءَ جي حڪومت دوران سيپٽمبر ۱۹۷۷ ۾ عبدالواحد آريسر ٻين سياسي قيدين سان گڏ آزاد ٿيو.
ذوالفقار علي ڀٽي  جي مهربانيءَ سان ڊي پي آر جي ان قيد دوران ملاقاتن ۽ ڪچهرين جي نتيجي ۾ عبدالواحد آريسر سان منهنجي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي جنهن اڳتي هلي گهر جي ڀاتيءَ جي صورت اختيار ڪئي ۽ اهو تعلق ۽ اهو رشتو آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو باوجود ان جي ته اسانجي سياست ۾ اختلاف اچي ويا ۽ ملاقاتن جو سلسلو به تمام ڇٽو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته گهر جو ڀاتي (ڀاءُ، ڀيڻ، پيءُ، پٽ وغيره) جيڪڏهن وڙهي به وڃي ۽ پري به ٿي وڃي تڏهن به اُن رشتي کي ته دنيا جي ڪا به طاقت  ختم نٿي ڪري سگهي.خاص ڪري اسانجي زرعي سماج ۾ اختلاف، پوءِ اهو سياسي هجي يا ڪو ٻيو، ان کي دشمني بڻايو ويندو آهي ۽ سمورا واسطا ۽ ناتا يا ته ختم ٿي ويندا آهن يا سخت متاثر ٿيندا آهن. پر آريسر جو ۽ منهنجو گهر ڀاتي ۽ دوست وارو رشتو ائين جو ائين قائم رهيو جيتوڻيڪ ڪجهه دوستن جيڪي اختلاف وقت کيس ويجھا هئا، انهن موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجي ديرينه خواهش جي پورائي لاءِ آريسرکي مونکان بدظن ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر دل، دماغ ۽ روح جي رشتي کي ٽوڙڻ ۾ اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا. مونکي ڪشميري قومپرست شيخ محمد عبدالله جي گهر واريءَ جا چيل لفظ ياد ٿا اچن. هوءَ پاڻ  سياست ۾ پٽ فاروق عبدالله جي حمايت ڪري رهي هئي جڏهن ته سندس ڌيءَ (بخشي غلام محمد جي زال) مخالفت ڪري رهي هئي. صحافين طرفان ماءُ ڌيءَ جي اختلافن بابت پڇڻ  تي هُن چيو ته ”اسانجو رشتو پاڻيءَ وانگر آهي، ڪير ڪيتريون به ان ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي پاڻيءَ کي ڌار نٿو ڪري سگهي“. جڏهن مان آخري دفعو آريسر سان اسپتال جي بستري تي مليس ته هُن جي چهري کي ڏسي منهنجو يقين وڌيڪ پختو ٿي ويو ته وقت وارن جا سمورا وار پاڻيءَ جهڙي ان رشتي ۾ ڏار ناهن و جھي سگهيا.
آريسر سان تعلق جڏهن واقفيت کان وڌي دوستيءَ جي دائري ۾ داخل ٿيو ته معلوم ٿيو ته هو مولانا ابوالڪلام آزاد جو مداح آهي ۽ سندس ئي صحبت ۾ مون جڏهن ڪانگريس جي سياست کي وڌيڪ پڙهيو ته خبر پئي ته جواهر لال نهرو ۽ مولانا آزاد آزاديءَ جي جدوجهد جا اڳواڻ هئڻ سان گڏوگڏ تمام گهاٽا دوست به هئا. خبر ناهي اهو اتفاق هئو يا ٻيو ڪجهه ته هندستان جي آزاديءَ جي انهن ٻن عظيم اڳواڻن جا ٻه مداح سنڌ جي آزاديءَ جي قافلي جا ڪارڪن هجڻ سان گڏوگڏ دوست به هئا. مون جڏهن مولانا آزاد جو ڪتاب ”هماري آزادي“ (India wins freedom) پڙهيو ته ان جو انتساب هي هئو؛ ”دوست اور ساتهي جواهر لال نهرو کي نام“. مون ان وقت سوچيو هئو ته مان پنهنجي آتم ڪٿا لکندس ته اها عبدالواحد  آريسر جي نالي ڪندس. ان ڪتاب اچڻ ۾ دير ٿيڻ جو ٻين سان گڏ هڪڙو سبب اهو به آهي ته مون اڃا ڪو خاص ذڪر لائق ڪارنامو سر انجام نه ڏنو آهي. سو بهرحال دير ٿيڻ ڪري مون سوچ ۾ ٿوري تبديلي ڪئي ۽ جنوري ۲۰۱۵ ۾ شخصيتن بابت آيل پنهنجي ڪتاب ”ماڻهو سي مهان“ کي مون عبدالواحد آريسر جي نالي منسوب ڪيو.پبلشر سان ڪجهه غلط فهمي سبب ڪتاب آريسر تائين پهچي نه سگهيو. ۳۰ اپريل تي اسپتال ۾ ملياسين ته پڇيائين ته”ڪتاب لکيو اٿئي ۽ منهنجي نالي ڪيو اٿئي؟“. چيم ها. چيائين ”پر مونکي نه مليو آهي“. مون چيو مانس ته ختم ٿي ويو آهي، ڏينهن ٻن ۾ هٿ ڪري کڻي ايندس. چيائين؛ ”تيستائين شايد مان ڳوٺ هليو وڃان“. مون چيو پوسٽ ذريعي موڪليندس ۽ پوءِ ڪوريئر سروس ايڊريس جي سرمد ميراڻيءَ مون ڏانهن SMS ڪيو، جيڪو اڃا تائين منهنجي موبائيل ۾ محفوظ آهي. ڪتاب پوسٽ ڪرڻ جي نوبت ته ڪا نه آهي. البته آريسر ڳوٺ هليو ويو. هميشه لاءِ، نڪو مونکي ٻڌايائين ۽ نه ئي ۲۴ ڪلاڪ گڏ رهندڙ سرمد ميراڻيءَ کان موڪلايائين.
بهرحال مون ڪوشش ڪري ڪتاب ۲ مئي ڇنڇر ڏينهن کيس پهچايو ۽ ۳ مئي آچر ڏينهن هو هميشه لاءِ هليو ويو.سوچيان ٿو ته پنهنجي  آتم ڪٿا واري ڪتاب جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ هي ڪتاب مون آريسر ڏانهن منسوب ڪيو، شايد هن سان قائم محبت واري رشتي منهنجي لاشعور کي ٻڌايو ته آريسر وڃڻ وارو آهي، ۽ ائين محسوس ٿو ڪريان ته شايد ان ڪتاب کي ڏسڻ جو ئي انتظار پئي ڪيو. جڏهن آخري ملاقات ۾ ٻڌايومانس ته ڪتاب گذاري ويل شخصيتن جي باري ۾ آهي، ته پاڻ ئي ڪجهه نالا کڻندي چيائين ته سرڪي صاحب هوندو، قاسم پٿر هوندو، مون چيو مانس ته ها، ذڪريا ميمڻ، احمد خان چانڊيو، اسد ابڙو ۽ مالڪ مهر به آهن.پڇيائين ته قيوم منگي، نثار هڪڙو ۽ وهاب ڀيو ڪونهن؟ مون ڦڪائيءَ سان چيس ته نه. چيائين ته يار! اهي به ساٿي هئا، ڀلي اختلاف هجن انهن تي به لک، مون وعدو ڪيس ته موقعي مناسبت سان انهن بابت به لکندس. اسان ٻنهي کي اندازو ڪو نه هئو ته انهن ساٿين بابت لکڻ کان اڳ ۾ منهنجي قلم کي آريسر جو موتنامو لکڻ جو عذاب مان لنگهڻو پوندو. هي جملا مان هڪ هڪ ڪري قسطن ۾ لکي رهيو آهيان، ڇو ته جيڪڏهن قلم جي مَس سان گڏ اکين جا ڳوڙها به ڪاغذ تي ڪريا ته اکر ڊهي ويندا ۽ اها منهنجي فطري ڪمزوري آهي ته ساڳيا لفظ ٻيهر نه لکي سگهندو آهيان.
آخري ملاقات دوران طبيعت به ڪافي ٺيڪ هئس ۽ چهري تي به مُرڪ هئس. سرمد ميراڻيءَ جي موجودگيءَ ۾ ٿيل ۱۵-۲۰ منٽن جي اهاڪچهري اهڙي هئي جنهن ويهن سالن جون وٿيون ڀري ڇڏيون. ايتري مختصر وقت ۾ منهنجي ۽ هُن جي ڪيترن ئي ذاتي معاملن ۽ تعلقن بابت ڳالهائي وياسين، اهو ان ڪري به ممڪن هئو ته اسان مان هڪڙو هڪ جملو  ڳالهائيندو هئو ته ٻيو پنجن جملن جيترو مقصد پاڻ ئي سمجھي ويندو هئو. ان ڏينهن ئي شام جو سرمد جي فون آئي، ٻه چار لفظ ڳالهائڻ کانپوءِ چيائين ته”سائينءَ سان ڳالهاءِ“. ويهن سالن ۾ آريسر جي اها مونکي پهرين فون هئي. سا به بيماريءَ جي بستري تان مونکان منهنجي هڪ اهڙي ذاتي معاملي بابت پڇيائين جنهن جي رڳو اسان ٻن کي خبر هئي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيائين جو شايد کيس ڇهين حس ٻڌائي ڇڏيو هئو ته الوداع جو وقت اچي ويو آهي.
آريسر هڪ دفعي چيو هئو ته”سياست وڏي بي رحم هوندي آهي“. ۽ اهو به ته”سياست جي سيني ۾ دل ناهي هوندي“. جيڪر اڄ مان چوانس ته آريسر! واقعي سياست جي سيني ۾ دل ناهي هوندي پر انساني سيني ۾ ڌڙڪندڙ نرم دل کي سياست جي سختي شڪست نٿي ڏيئي سگهي. بي رحم سياست ۲۰ سال اڳ ۾ تنهنجا منهنجا رستا جدا ڪري ڇڏيا پر انهن ويهن سالن جون گرميون سرديون، تکيون مٺيون ڳالهيون ”پنهنجن“ جون سازشون ۽ پراون جا حملا اسانجي دلين کي ڌار نه ڪري سگهيا. آريسر پنهنجي لکڻين ۾ محبوب جي وڇوڙي ۽ ميلاپ جو ذڪر ڪندو رهندو هئو پر شايد کيس خبر نه هئي ته ويهه سال اڳ سندس ڇڏي وڃڻ مون لاءِ ڪنهن نازڪ نفيس محبوب جي وڇوڙي جي گهاءُ کان گهٽ نه هئو، اها ته کيس چڱي نموني خبر هئي ته ڪيترا دفعا مون نازڪ نفيس ماڻهن جي صحبت کي سندس ڪچهريءَ تي قربان ڪيو هئو جنهن تي پاڻ مون تي تنقيد به ڪئي هئائين.
ها، باقي ان حد تائين سياست بي رحم ۽ سخت ضرور آهي ته سياسي ضرورتن تحت مون دل، دماغ ۽ روح کي رسيل ان گهاءَ کي ڪنهن جي اڳيان ظاهر ٿيڻ نه ڏنو. جيئي سنڌ محاذ جي ٽٽڻ کانپوءِ ساٿين مونکي اڳواڻيءَ جي ڪرسيءَ تي ويهاريو، تنهن ڪري جيڪڏهن مان پنهنجي لفظن ۾ هيڻي ٻوليان ها يا عمل ۽ ڪردار ۾ ڪمزوري ڏيکاريان ها ته شايد آڏو نظر ايندڙ اڙانگو ۽ مشڪل چئلينج وڌيڪ مشڪل ٿي پون ها. ويهن سالن تائين درد جي دريا کي ٻڌل بند آريسر جي موت جو طوفان لوڙهي ويو. هُن ان سڄي صورتحال کي ڪيئن ٿي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ان لاءِ مان ڪجهه نٿوچئي سگهان، باقي جيڪڏهن هُن جي زندگيءَ ۾ منهنجو موت ٿئي ها ته پوءِ شايد سندس ردِ عمل مان پتو پئجي سگهي ها.
جيئن مون چيو ته آريسر منهنجو سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏ دوست ۽ گهر جو ڀاتي به هئو ته جيڪڏهن اُهي احوال لکان ته هڪ کان وڌيڪ ٻيا مضمون ٿي ويندا، بس ايترو چوندس ته هُو بنا ڪنهن وقت مقرر جي ۽ بغير ڪنهن اطلاع جي اسانجي گهر ۾ ائين ايندو هئو جيئن مان پاڻ ايندو هئس. اسانجي گهر جو ڪو به ڀاتي پاڻيءَ کان سواءِ ڪجهه ناهي پيئندو، پر آريسر جڏهن اسانجي گهر ۾ ويهي مڌ پيئندو هئو ته گهر جا سڀ ڀاتي سندس خدمت ڪندا هئا، خاص ڪري هوش محمد جنهن کي هو پاڻ به وڌيڪ ڀائيندو هئو، اسان لاءِ به سندس گهر ائين ئي هوندو هئو، سندس نياڻي اندرا منهنجي ڌيءَ منيره وٽ ڏينهن جا ڏينهن اچي ترسندي هُئي. ڪجهه دفعا ائين به ٿيو ته مان انڙ آباد ويس ۽ آريسر سان ملڻ کان بغير رڳو ادي قيصر سان ملي موٽي آيس.
انساني تاريخ جا ٻه وڏا دانشور ۽ فلاسافر ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز بهترين دوست به هئا، مارڪس جي موت تي اينگلز چيو ته؛ ”دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سوچيندڙ شخص سوچڻ ڇڏي ڏنو“. آريسر جي وفات تي مان رڳو ايترو چوندس ته سنڌ جي قومپرست سياست ۾ علم، شعور، ايمانداري، شرافت، محنت ۽ جدوجهد جي علمبردار اهو عَلم رکي ڇڏيو.


عبدالواحد آريسر
چانڊوڪي ۽ چيٽ جهڙو ماڻهو
گوهر سنڌي
۱۹۶۵ع کان ۱۹۸۰ع تائين ۽ ۱۹۸۱ع کان اڄ تائين محترم عبدالواحد آريسر صاحب جو علمي، ادبي، قومي سفر ”اهو ماڻهو جنهن کي، پنهنجا خيال ٻين تائين پهچائڻ جي قدرت آهي ته اهو ماڻهو مري نٿو سگهي، ڇو ته هن جو جسم جيتوڻيڪ ختم ٿي وڃي ٿو، پر هن جي خيال لکن ماڻهن جي دماغن ۽ صدين ائين زندهه رهن ٿا ۽ هُو پنهنجي زندگي، خيالن جي زندگيءَ وسيلي هزار سالن تائين برقرار رکي سگهي ٿو“. (سڀاش چندر بوس)
ٽئگور مان اڃا وڌيڪ اثرائتي ڳالهه ڪئي ته:”لهندڙ سج ڪائنات تي آخري نظر وڌي ۽ افسوس سان چوڻ لڳو ته مون کانپوءِ ڪائنات جو ڇا ٿيندو، جھوپڙيءَ ۾ ٽمڪندڙ ڏيئي جواب ڏنو آئون جو ويٺو آهيان“. ٿر جي جھپڙيءَ مان جنم وٺندڙ اهو روشن ڏيئو عبدالواحد آريسر جي روپ ۾ ظهار ٿيو، ۽ ڏسندي، ڏسندي سنڌ سڄيءَ تي ڇائنجي ويو، سيد جو نظريو ۽ سنڌ جو عشق، قومي تحريڪ جو روح روان ٿي ويو. هي جڏهن به اسٽيج تي تقرير ڪرڻ لاءِ ايندو ته سڄو پنڊال ڪيترن منٽن تائين اُٿي بيهي تاڙيون وڄائي نعرا هڻي استقبال ڪندو هو.
ڌڻي شل تارن جيڏي حياتي ڏيس) آريسر صاحب واعظ سحر انگيز هجڻ ڪري ڪامريڊن جون دڙڪندڙ دليون موهي وجھندو هو. هونءَ به هر مقرر جو تقرير ڪرڻ جو پنهنجو پنهنجو طريقو هوندو آهي. بقول سائين جي ايم سيد جي ته قدرت آريسر کي مولانا آزاد وانگر تقدير ۽ تحريڪ ٻنهيءَ تي عبور عطا ڪيو آهي“. جڏهن آريسر ڊاٽس تي ايندو هو ته لفظ جملا ۽ شعر هن جي اڳيان جھمر پائي نچندا هئا.
آريسر جڏهن به ڳالهائيندو، بحث ڪندو يا تقرير ڪندو هو ته ويٺلن يا بيٺلن جي اها خواهش هوندي هئي ته هي ديش پڳت ڳالهائيندو رهي اسين ٻڌندا رهون. هن جي تقرير ۾ اهڙو ته جادو ھو جو تقرير دوران سڀني ٻڌندڙن تي سحر تاري ٿي ويندي هئي. اهو سنڌ ۽ سيد جو عشق هو.
هن جوجنم مارو ماڻهو مسڪين جادو آريسر جي چونري ۾ ٿيو. هي ڪڻڪ رنگو، قد جو پورو پنو، سگريٽ جي دونهين جي سرمائي شام جهڙو، دودي، سنگهار، هاسي، سوڍي، روپلي ڪولهيءَ جهڙو ڏيک ڏيندڙ ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جيان:
ٿر ٿوهر، گهر جھوپڙا ٻارڻ جنين جو ٻوهه،
رات به منهنجي روح، سُتي سانگين ساريان.
يا:
ٿورا منجهه ٿرن، مون سين ماروءَ جي ڪيا،
عمر! ان ڳڻن آئون ڪيئن لوئي لاهيان.
پاڪ پَوتر مار ئي ملير جي، ٿر جي ڪوئل هاڻي ڀاڳي جو جنم ڀومي، هاسي سوڍي، دودي دلير، روپلي ڪولهي، شفيع فقير، سانوڻ فقير، صادق فقير، جمن دربدر، حليم باغي، جهڙا ارڏا بهادر، ڪلاڪار، شاعر، اديب، عاشق ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جي بقا جا ضامن، ٻولي۽ لولي جا پروانا اهڙن ئي ڌرتيءَ جي ديوانن جي صف ۾ ڳڻجندڙ سيد جي فڪر کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائيندڙ آريسر ئي هو. ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جيان:
ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان.
اهي ڏينهن اهي شينهن، اڃا ياد آهن، آريسر صاحب ۱۹۸۴ع ۾ ضلعي شڪارپور جي دوري تي آيل هو، تڏهن منهنجي ئي اسرار تي دعوت قبول ڪيائين رستم شهر ۾ پير ڀريائين، ان وقت ڊسمبر جي سرد راتين جي رولاڪن، جيان سردي کي اڃا به وڌيڪ ٿڌو ڪري ڇڏيو هو، پر سنڌ جي عشق ٿڌ جي پرواهه بنا رستم جي سنگتين پروگرام کي آخري شڪل ڏيندي رات جي سانت کي مات ڏيندي، محترم آريسر کان سنڌ جي حالت زار تي هڪ ڀرپور ليڪچر ڪرايو، جنهن جو متن ڪجهه هن طرح هو ”سنڌ جي صورتحال ٽائيم بم تي ويٺل ان معصوم ٻار وانگر آهي، جيڪو چاڪليٽ چوسڻ ۾ مگن آهي ۽ کيس اها خبر ئي ناهي ته اوچتو بم ڦاٽندو ۽ هُو ڇيهون ڇيهون ٿي ويندو“ اڄ به سنڌ امڙج ي ساڳي ئي صورتحال آهي، سومرا ساهت سرا ۽ رستم جي هڪ وڏي هال ۾ ۱۰ وڳي کان رات ۱۲ وڳي تائين ليڪچر هلندور هيو، ان دوران چانهن جو دور پئي هليو، هال سڄو قومي ڪارڪنن  ۽ همدردن سان ڀريل هو.
آريسر صاحب شام ڌاري ڪتاب ”آڌيءَ رات آزادي“ جي خالق محترم نٿار هڪڙي سان گڏجي شڪارپور کان هتي ڦٽ ڦٽي تي آيا هئا، ۽ سينيئر ساٿي عبدالمنان جي جڳهه تي ترسيل هئا. اهڙيءَ طرح آريسر سڄي سنڌ جي جھر جھنگ، واهڻ وستيون، ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر سسئي جيان پٻ جبل جا پيچرا جھاڳيون پيو جھاڳندو هو، آنجھي مانجھي ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل، ويهڻ جي“ يا ”ڪرڙا ڏونگر ڪهي گهڻي، جت جبل گونا گون“ بس سنڌ جي سورن جي مان ڳالهه ڪريان ڪنهن سان....رات ڏينهن اها ئي تات، اها ئي لات، ڪڏهن ڦٽندي پرڀات، ڌارين، دلالن، غدارن، ضمير فروشن کي وڏي واڪ ڪراچي کان ڪشمور تائين پيو للڪاريندو ته:
منهنجي ڌرتيءَ جو گنهگار نه بخشيو ويندو،
ڪو به غاصب ڪوبه غندار نه بخشيو ويندو،
روپ رهبر جو وٺي نه سگهندو رهزن ڪو ئي،
هاڻ بيدار ٿيو آهي، ڀلارن جو وطن
(نياز همايوني)
ڌرتي جي ڌاڙيلن، ڌارين، غدارن غاصبن کي شراب جي ڪڙي ڍڪ کان به وڌيڪ زهر سمجھندڙ اهو آريسر ئي آهي.
”ڌريائين ڌاريا، مِٽَ مُئي جا نه ٿيا“
هي گهمندڙ ڦرندڙ هڪ تاريخ آهي. ”سر ۾ ساجھيءَ وير“
يا:
ڪلي وير ڪَٽَڪٽ ۾، پاکر جو پائي،
اڃان ان کي جيئڻ جو، آ سانگو آهي،
سُورِهُ سوچائي، جو رڳو ئي رڻ گهڙي.
(شاهه)
آريسر ڳَڍين سارو ڏينهن، ڇِنڻ مور نه سکيا، تي  عمل پيرا ٿي هلندي ”پرهه جو پيغام“ سان ”صدين جو صدائون“ جي اميد کڻي ماروئڙن سان ايتري محبت ايترو اُنس آهي جو ائين چوڻ برحق ٿيندو ته:
”سنهي سسئي سبيو، مون ماروءَ سيلن ساهه“
يا:
”سنهي سسئي سبيو، مون مارئو سين من“
سنڌي قوم کي هن جنجل، پنجوڙ مان جان ڇڏائڻ لاءِ هر دم ڪوشان هئو، اهڙي جدوجهد جي ڪري ڪڏهن جيل ۾ ڪڏهن ريل ۾، جيل يعني ”ترم ياترا“ ۾ به پيغام سيد کي به پنهنجي سچائيءَ سان پهچائيندو رهيو. نظرياتي قوم پرست، سوشلسٽ، سيڪيولر ۽ جمهوريت جي مقصد تان نه هٽڻ ڪري، وقت جي ڪارندن ڪاٺ ۾ وجھي ڇڏيس. اهو سڀ ڪجهه ”رڃ جهڙيون راتيون ڏونگر جهڙا ڏينهن“ کي ختم ڪرڻ ۽ ”مٽيءَ هاڻا ماڻهن، جي آجپي لاءِ ووڙيو آ ۽ ووڙيندس. پوءِ ان بدلي هي باندي بڻجڻ لاءِ تيار آهي. ڪاڻي دجال جي دور ۾ هن نٻل ڪمزو ۽ سانوري جسم تي ڏهن ڪوڙن ۾ ڏنڍ جو حڪم صادر ڪيو ويو. جيڪي هن ”ٿي نه محبت مات“ ۽ ”عشت سلامت هر ڪوئي منگي“، جي اڳيان نه هر ظلم ستم برداشت ڪيو. پر ايمان ۽ نظرئي ۾ ڪا لچڪ نه آئي. شاهه لطيف جي سِٽن کي ورجائيندو رهيو.
سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم ڏڦڙا، مٿي ماڙن مينهن،
واجھائي وصال کي، ٿيس تهوارون تيئن،
نيئر منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو.
بس انهيءَ اميد ته اڃا به قائم آهي.
سُکن واري سنڌ متان ڪامون سين ڪرين
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون
(شاهه)
سنڌ جو عشق سيد جو نظريو سيد جي دَرُ، دائم قائم آهي.
سڪين ڪوهه سلام کي، ڪرين ڪهه نه سلام،
ٻيا در حرام، اِيءُ دَرُ جنين ديکيو
(شاهه)
آريسر  صاحب سيد جي نظرئي سان سخن ۽ وچن اهڙو نڀايوجو س يد سان اولاد به نه نڀائي سگهي. ان ثبوت ۱۸۸ پيجن تي ڪتاب بعوان“ جي ايم سيد“ لکي ڇپرائي ڇڏيو. ان کان علاوه ڪيئي مضمون، تاثر انٽرويو ۽ تازو ڇپيل ڪتاب ”ڇا ته شخص هو“ آريسر ڄڻ قومي شاعر نياز همايوني جي شعر جي عڪاسي تي ڪيائين:
تنهنجو عشق اتاهون، هر جابر جي ذات اڳيان،
تنهنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي ڪنهن ڀي لات منات اڳيان
سائين جي ايم سيد، ڪتاب ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ ۾ هيٺان گفتا لکي ڇڏيا ته:
”هي ٿر پارڪر ضلعي جو ويٺل آهي، رواجي گمنام زندگيءَ مان هن اهڙي شهرت حاصل ڪئي آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، هي تقرير ۽ تحرير ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي.
مٿس مضمونن ۽ تقريرن کان سرڪار ناراض آهي، ان جي خوف کان ڪن لڪائي لڪندو گهمي، ٻئي طرف شاگرد آهن جو ان جي حيران سر گردان آهن ته هي سندن مجسلن کي رونق افروز ڪري. هي ٻن ٻيڙين وچ ۾ آهي، خدا کيس لوسين ڦوسين کان پناهه ۾ رکي ۽ ظالمن جي چنبي کان پري رکي، بدقمستي هيءَ ٿي پئي آهي ته هي مظلوم سنڌي قوم جو فرد ٿي پيو آهي. جي مهاجر ۽ پنجابين مان هجي ها ته حڪومت کي سندس سحر بياني ڪري ڦاسائڻ جي همت ٿئي ها، نه هي پاڻ روزگار جي تنگي کان ۽ سرڪار جي خوف کان لڪي گذارڻ تي مجبور ٿئي ها“.
سائين جي ايم سيد جهڙي پايي جي غير معمولي شخصيت طرفان اهي لفظ نه رڳوآريسر صاحب جي محنت صلاحيت جو واضح ثبوت مُهيا ڪن ٿا، بلڪه آريسر جي جدوجهد کي ملندڙ سڀ کان وڏو خراج ۽ اعزاز آهي.
بقول تاج جوئي جي ته دنيا جو بهترين ۽ شاهڪار ادب جيلن ۾ ئي تخليق ٿيو آهي، ناظم حڪمت، نذر السلام، حبيب جالب، ابراهيم منشي ۽ شيخ اياز ۽ ٻين جي شاعريءَ، ابوالڪلام آزاد، گانڌي، روسو، نهرو، جيولسن فيوچڪ،  چي گويرا، ڄيٺمل پرسرام، سائين جي ايم سيد، رشيد ڀٽي، سورش ڪاشميري، طارق اشرف، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين جون جيل ڊائريون جيل جي يادگيرن تي مشمل ڪتاب يا جيلن ۽ نظربندين ۾ تصنيف ڪيل سياسي ۽ ادبي تصنيفون دنيا جي شاهڪار ادب ۾ جاءِ والارين ٿيون. انهن تصنيفن جو مطالعو انسان من ۾جتي زندگي ۽ آزاديءَ جو چاهه پيدا ڪري ٿو. اُتي انسانيت ۽ انساني قدرن ۽ پختو ويساهه به پيدا ڪرڻ جوڪارڻ بڻجي ٿو“.


عبدالواحد آريسر ۽ تاريخي حقيقتون
عبدالخالق جوڻيجو
چيو ويندو آهي ته اڄ جا واقعا سڀاڻي جي تاريخ ٿيندا آهن، تنهن ڪري قلمڪار لاءِ اهو لازمي آهي ته هو اڄ جي واقعن کي درست طريقي سان ۽ حقيقتن جي بنياد تي رڪارڊ ڪري، پنهنجي خواهشن مطابق انهن کي پيش نه ڪري. جيڪڏهن ڪن معاملن بابت وٽس صحيح ۽ مڪمل معلومات ناهي ته اهو مٿس فرض ٿئي ٿو ته لکڻ کان پهرين حقيقتون چڱي طرح معلوم ڪري.
جيڪڏهن تاريخي واقعن جو تعلق عبدالواحد آريسر جهڙي ماڻهوءَ سان هجي ته انهن جي اهميت اڃا وڌيڪ ٿي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته هُن پنهنجي سياسي جدوجهد جو بنياد ئي سنڌ جي تاريخ کي بڻايو. هڪ طرف هُن تاريخي واقعن ۽ تاريخي ڪردارن مان اتساهه ورتو ته ٻئي طرف هن حاڪم ٽولن طرفان مسخ ڪيل سنڌ جي تاريخ کي درست ڪري پنهنجي دور جي نوجوان نسل آڏو پيش ڪيو. هاڻي جيڪڏهن خود آريسر صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد سان لاڳاپيل واقعن کي ئي مسخ ڪري پيش ڪجي ته اها ٽه طرفي زيادتي ٿيندي، عبدالواحد آريسر سان، سنڌ جي تاريخ سان ۽ سنڌ جي ايندڙ نسل سان.
بيشڪ عبدالواحد آريسر سنڌ جو سيلاني هئو. هُن تمام گهڻي سنڌ گهمي، تمام گهڻن ماڻهن سان مليو ۽ تمام گهڻا ماڻهون هن سان مليا. پنهنجي شخصيت، گفتگو، ڄاڻ ذريعي هُن بيشمار ماڻهن کي متوجه ۽ متاثر ڪيو جن مان ڪيترا ئي سندس دوست ٿي ويا. ٻيا اڃا ڪيترا اهڙا به هئا جن سان هو مليو ته ڪونه هئو پر سندس تقرير ۽ تحرير کان متاثر ٿي سندس مداح ٿي پيا هئا. جڏهن اهڙو ماڻهو گذاري ويو ته انهن مان گهڻي کان گهڻا ماڻهو ساڻس پنهنجي ملاقاتن، تعلق ۽ سندس شخصيت، صلاحيتن ۽ ڪردار بابت لکڻ چاهن ٿا. ان کان علاوه صحافي دوست وري پنهنجون پروفيشنل ذميواريون نڀائيندي لکن ٿا.
گذريل هفتي سندس وفات کانپوءِ سندس حوالي سان اخبارن ۾ بيشمار خبرون، مضمون، تاثر ۽ پروفائيل ڇپيا آهن. مان اُهي سڀ ته نه پڙهي سگهيو آهيان، پر جيڪي منهنجي نظر مان گذريا آهن انهن ۾ الاهي ساريون واقعاتي غلطيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڄاڻي واڻي ۽ پنهنجي شخصي خواهش تحت ائين ڪيو آهي ته اهو ته عظيم گناهه ۽ تاريخ سان ويساهه گهاتي آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن اڻڄاڻائيءَ ۾ ۽ ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي اهي غلطيون ڪيون آهن، تڏهن به اهو ڏوهه آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ڏاهي جو قول آهي ته اڻڄاڻائي خود هڪ ڏوهه آهي.
مان گذريل ۴۵ سالن کان سنڌ جي سياسي ميدان ۾ ٿيندڙ هلچل جو نه رڳو اکين ڏٺو شاهد آهيان پر ان جو گهرائيءَ سان جائزو به وٺندو رهيو آهيان، جڏهن ته ان عرصي دوران خاص ڪري قومي تحريڪ جي سرگرمين ۽ واقعن جو مان پاڻ حصو ۽ شريڪ ڪار رهيو آهيان. ان کان علاوه آريسر صاحب سان ذاتي طور بحيثيت جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪن ۽ دوست جي تمام گهڻو ويجهو رهيس. ان حوالي سان مان پنهنجو فرض ٿو سمجهان ته منهنجي ڄاڻ ۾ ايندڙ تاريخي غلطين جي نشاندهي به ڪريان ۽ انهن کي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ صحيح تناظر ۾ به پيش ڪريان.
پهرئين ئي ڏينهن آريسر صاحب جي وفات کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ هڪڙي سينيئر صحافيءَ، جيڪو سندس دوست به رهيو ۽ جيئي سنڌ محاذ سان به وابسته رهيو، ان پنهنجي اخبار ۾ سرخي لڳائي ته ۱۹۷۷ ۾ جي ايم سيد جيئي سنڌ تحريڪ ٺاهي ۽ عبدالواحد آريسر کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو، اها بلڪل غلط خبر آهي نه ته ۱۹۷۷ ۾ جي ايم سيد جيئي سنڌ تحريڪ نالي ڪا تنظيم ٺاهي ۽ نه ئي عبدالواحد آريسر کي ڪنهن به تنظيم جو چيئرمين مقرر ڪيو. حقيقت اها آهي ته مارشل لا لڳڻ کانپوءِ ۱۹۷۷ جي آخر ۾ قومي جدوجهد بابت غور ويچار ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪجهه ساٿين جي ميٽنگ گُهرائي اتي اڳ ۾ ئي موجود پر غير متحرڪ جيئي سنڌ محاذ کي نئين سر متحرڪ ۽ منظم ڪرڻ خاطر هڪ آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي ويئي جنهن جو ڪنوينر جناب عبدالواحد آريسر کي منتخب ڪيو ويو.
هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ دنيا جي مقبول ترين ۽ مشهور ترين نشرياتي اداري بي بي سي اردو سروس جي ويب سائيٽ تي عبدالواحد آريسر بابت رياض سهيل جو آرٽيڪل شايع ٿيو. هونءَ آرٽيڪل تمام سٺو هئو پر ان ۾ به اها ساڳي غلطي هئي ته آريسر کي جيئي سنڌ تحريڪ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. رياض سهيل جيئن ته هڪ وڏي پر آزاد اداري ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت منهنجي پراڻي دوست سهيل سانگيءَ جو پٽ آهي تنهن ڪري ان طرفان ڪاوڙجڻ جو خطرو نه سمجهندي کيس فون ڪيم. ان غلطيءَ جي نشاندهي ڪرڻ جي جواب ۾ چيائين ته مونکي ته اها معلومات جيئي سنڌ جي ”فلاڻي“ سينيئر اڳواڻ ڏني. اهو دوست واقعي جيئي سنڌ اندر تمام سينيئر آهي ۽ آريسر صاحب کي ويجهو هئڻ سان گڏ جيئي سنڌ محاذ ۾ به ۱۸ سالن تائين نهايت متحرڪ ۽ ذميوار جاءِ تي رهيو. ان طرفان اهو سڀ ڪجهه غلطيءَ ۾ يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيو هجي اهو يقين ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي ۽ پوءِ هُن ائين ڇو ڪيو، اهو به پَڪ سان چوڻ آسان ناهي.
وري حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ اهم اخبار ۽ هڪ دوست جو تفصيلي خط ڇپيو جنهن ۾ ته هڪ کان وڌيڪ غلطيون هيون اها انفرميشن (معلومات) ان دوست خبر ناهي ڪٿان آندي ڇاڪاڻ ته اهي ساڳيون ڳالهيون ڪجهه ٻين اخبارن ۾ به ڇپيل هيون. هڪڙي ڳالهه اها لکيل آهي ته ”عبدالواحد آريسر ۱۹۷۲ ۾ سائين جي ايم سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر شپ جو فارم ڀريو“ اها بلڪل غلط ڳالهه آهي، ان اجلاس ۾ مان پاڻ موجود هئس جڏهن ته عبدالواحد آريسر ان ۾ شريڪ ئي ڪونه هئو ته ميمبرشپ فارم ڪيئن ڀريائين ۽ نه ئي ان اجلاس ۾ فارم موجود هئا. خط ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته ”۱۹۷۷ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو، ۱۹۹۸ تائين مرڪزي آرگنائيزر رهيو“. ٻڌل ڳالهين کي بغير غور ڪرڻ جي اڳتي وڌائڻ جو نتيجو اهڙو ٿيندو آهي. ڪٿي ائين ٿيندو آ ته ڪو ماڻهو ۱۳ سال آرگنائيزر رهي؟ درست ڳالهه اها آهي ته هو هڪ سال لاءِ آرگنائيزر/ڪنوينر رهيو، ان کانپوءِ چيئرمين چونڊيو ويو. اڃا وڌيڪ اهو همراهه لکي ٿو ته ”۱۹۹۲ کان ۱۹۹۵ تائين چيئرمين رهيو“ اهو به غلط آهي. جيڪڏهن لکڻ کان پهرين اهو همراهه جيئي سنڌ محاذ بابت ڪجهه پڙهي وٺي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته جيئي سنڌ محاذ ۾ هر ٻن سالن کانپوءِ چونڊون ٿينديون آهن. ۱۹۹۱ ۾ سيد غلام شاهه چيئرمين منتخب ٿيو جيڪو ۱۹۹۳ تائين رهيو جنهن کان پوءِ وري عبدالواحد آريسر چيئرمين چونڊيو ويو. ان کان علاوه جنرل ضيا جي دور ۾ کيس ۱۹۷۸ ۾ نه پر ۱۹۷۹ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻه سال جيل ڪاٽڻ کانپوءِ ۱۹۸۱ ۾ آزاد ٿيو.
هڪ ٻيو همراهه جيڪو صحافي آهي تنهن ڪراچيءَ مان نڪرندڙ اهم سنڌي اخبار ۾ مضمون لکيو. سندس چوڻ آهي ته ۱۹۸۰ واري ڏهاڪي ۾ سندس گهر تي سياسي اڳواڻ، اديب ۽ صحافي ايندا هئا انهن ۾ عبدالواحد آريسر به شامل هئو. اڳتي هلي هو لکي ٿو ”۱۹۹۲ ۾ شهيد بشير خان قريشي سان سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي، اتي عبدالواحد آريسر سان به ملاقات ٿي. مون ڏانهن نهاري هو بشير خان کي چوڻ لڳو ته توکي هن جي ماڙي واري گهر جون يادگيريون هونديون جڏهن اسين اتي جمع ٿي ميلا مچائيندا هئاسين“ حقيقت اها آهي ته ۱۹۹۲ ۾ عبدالواحد آريسر حيدراباد جيل ۾ هئو ئي ڪونه، بلڪل جيل ۾ ئي ڪونه هئو، پوءِ اهي حوال ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيائين ؟ اصل ۾ ۱۹۹۲ جي آخر ۾ آريسر کي خفيه ايجنسين وارا کڻي ويا ۽ ۸-۷ مهينن تائين هو گم ٿيل (Missing)رهيو. ان دوران ڪورٽن ۾ پٽيشنون به داخل ڪيون ويون پر ڪو پتو ڪونه پيو. آخرڪار هڪ ڏينهن اڻڄاتل اداري جا ماڻهو کيس منهنجي ڪراچيءَ واري گهر جي ٻاهران ڇڏي ويا. ٻي ڳالهه ان دوست جيڪا بشير خان قريشيءَ سان گفتگو جي باري ۾ لکي آهي، ان حوالي سان حقيقتون هي آهن ته ۱۹۸۰ واري ڏهاڪي جي وچ واري دور ۾ بشير قريشي صاحب وڏو ليڊر هئو ئي ڪونه، هو شاگردن جي جنهن گروپ سان هئو اهي قومي تحريڪ اندر عبدالواحد آريسر جا سخت مخالف هئا ۽ کيس ”سيد جو انڪاري، مُلو“ شنگورو ۽ بزدل (عدم تشدد جي ڪري) چوندا هئا. اهڙي صورت ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته عبدالواحد آريسر بشير قريشيءَ سان ميلا مچائيندو هجي.
محترم آريسر جي حوالي سان لکندڙ دوستن جي سهولت لاءِ مان هتي سندس سياسي پروفائيل ڏيان ٿو جيڪو نهايت مختصر آهي ڇاڪاڻ ته هو اهڙو شخص ڪونه هئو جيڪو پارٽيون، پاسا يا وفاداريون بدلائيندو رهي. هو ۶۹-۱۹۶۸ کان سنڌ جي قومي تحريڪ سان وابسته ٿيو ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر هئڻ جي باوجود سياسي طور سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽جدوجهد سان لاڳاپيل رهيو.
۱۹۷۰ واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن دوران هو قومي تحريڪ جي سرگرمين ۾ شريڪ ته هوندو هئو پر تنظيمي طور وابسته ڪونه هئو. هتي آئون اڄ آريسر صاحب جي سياسي جدوجهد جي هڪ اهڙي مرحلي جو ذڪر ڪيان ٿو جنهن جي ٿورن دوستن کي خبر آهي. ٿيو ائين ته ۱۹۷۰ جي ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ محاذ موجود ته هئو پر منظم ۽ متحرڪ ڪونه هئو. ان دور جي رواج ۽ تقاضا مطابق اسان ڪجهه دوستن گڏجي هڪ خفيه تنظيم ٺاهي جنهن جو نالو سنڌ قومي انقلابي محاذ رکيو ويو. اها تنظيم ”S“ جي نشان سان هڪ سائيڪلو اسٽائيل پمفليٽ ڪڍندي هئي جنهن ذريعي اها پنهنجو پيغام خفيه نموني ماڻهن تائين پهچائيندي هئي. ان جي ٺاهڻ ۾ عبدالواحد آريسر جو مکيه ڪردار هئو ان جي ٻين بنيادي ميمبرن ۾ مان، تاج جويو، عطاءُالله انڙ، قربان جتوئي، منظور قاضي، نذير مڱڻهار ۽ افضل جامي هئاسين جڏهن ته امداد قاضي، غلام قادر مرناڻي، خير محمد لغاري ۽ ڪجهه ٻيا دوست بعد ۾ ان جا ميمبر ٿيا. ۱۹۷۶ ۾ جڏهن عبدالواحد آريسر گرفتار ٿيو ته ان جي آزادي لاءِ چاڪنگ، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ان تمظيم ڪئي هئي پر نالي جيئي سنڌ محاذ جي سان.
باقاعده تنظيمي طور متحرم آريسر جيئي سنڌ سان ڊسمبر ۱۹۷۷ ۾ وابسته ٿيو جڏهن سن ۾ ٿيل اجلاس ۾ کيس جيئي سنڌ محاذ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو، ان عهدي تي هڪ سال رهڻ کانپوءِ هو پارٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ان کانپوءِ هر ٻئي سال چيئرمين چونڊبو رهيو ۱۹۹۵ تائين ان وچ ۾ هڪ ٽينيوئر ۱۹۹۱ کان ۱۹۹۳ تائين سيد غلام شاهه محاذ جو چيئرمين جڏهن ته عبدالواحد آريسر سپريم ڪائونسل جو ميمبر رهيو
۱۹۹۵ ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ ٺهندڙ نئين پارٽي جيئي سنڌ قومي محاذ جوهڪ سال لاءِ چيف آرگنائيزر ۽ پوءِ ٻن ۱۹۹۶ کان ۱۹۹۸ تائين ان جو چيئرمين رهيو جڏهن ته ٻن سالن لاءِ هو ان پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو ۽ باقي وقت جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر شايد ۲۰۰۵ يا ۲۰۰۶ ۾ سياسي اختلافن سبب بشير خان قريشي ۽ عبدالواحد آريسر جا رستا جدا ٿيا ۽ آريسر صاحب پنهنجي حصي واري جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ٿيو، جنهن حيثيت ۾ هو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين رهيو.


عبدالواحد آريسر
سنڌ سان محبت ڪندڙ
خدا بخش جويو
اڄ صبح جو تمام ڏک واري خبر ملي ته سنڌ جو نامور قومپرست سياستدان ۽ دانشور عبدالواحد آريسر هن فاني دنيا کي خدا حافظ چئي، مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. سندس مرتئي جي خبر وڄ وانگر منهنجي ذهن تي ڪڙڪي پئي ۽ ڪافي دير تائين سندس چهرو،، سندس دانشمندانه فڪر انگيز ڳالهيون ۽ تقريرون ذهن جي اسڪرين تي فلم جيان گهمي رهيون هيون.
۲۶ اپريل تي راجپوتانا اسپتال ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد جي پوٽي ۽ نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه سان گڏجي سندس عيادت ڪرڻ ويس ته به سندس حالت انتهائي ڪشمڪش واري هئي، راجپوتانا اسپتال ۾ کيس اسلم خيرپوري ۽ ٻيا قومي ڪارڪن اٽينڊ ڪري رهيا هئا، سندس طبيعت جو اهو عالم هو جو، هُو وڏي ڪرب ۽ تڙپ ۾ گذاري رهيو هو. ڊاڪٽرن چواڻي سندس هڪ گردو مڪمل ختم ٿي چڪو هو ۽  ٻئي گردي به اڌ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، ڦڦڙن ۾  پاڻي ۽ جيرو مڪمل ختم ٿي چڪو هو. ان حالت ۾ جنهن پيڙا مان هو گذري رهيو هو، سا حالت ڏسڻ جي همت هاري ويٺو هئس. سندس ان حالت کي ڏسي، ويٺي، ويٺي سندس متعلق سوچ جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو هئس. ايتري تائين جو اسلم خيرپوري مون کي شدت سان سڏ ڪري سوچ ۾ ٻڏل ذهن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ پڇيو ته ڪهڙا حال اٿوَ، ڪهڙي سوچ ۾ ٻڏي ويا آهيو، تڏهن کيس چيم ته ”آريسر صاحب جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو آهيان.“ کيس علاج لاءِ ڪراچيءَ ان اميد سان نيو ويو ته جيئن سندس طبيعت ۾ سڌارو اچي پر اهي سموريون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ اڄ ۳ مئي تي سندس ساهه جي تند ڇڄي پئي.
عبدالواحد آريسر ٿر جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ غير معروف شخص جادو آريسر جي گهر ۾ ۱۹۴۹ع ۾ اک کولي. انتهائي غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ جي ڪري پرائمري تعليم کان وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو هو. باوجود ان جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀينڊي جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين، جتان مولوي عربي جو امتحان پاس ڪري، مسجد جو خطيب ٿيو. سندس مطالعي جي شوق کيس مولويءَ مان مهان بڻائي ڇڏيو ۽ هو سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ بڻيو ۽ آخري دم تائين سندس نظرئي فڪر تي هڪ پهاڙ وانگر اڏول ٿي بيٺو رهيو. وقت به وقت رياست جي ڏمر ۽ عتاب جو شڪار رهيو، پنهنجي پٺيءَ تي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي عيوض ڪوڙا به کاڌائين، پر هو سيد ۽ سنڌ کان ڪڏهن به جدا نه ٿيو. سائين جي ايم سيد وٽ سندس وڏو قدر هو، ڇاڪاڻ ته هن مولانا ابوالڪلام آزاد کي روبرو ٻڌو هو ۽ آريسر ان کي بيان ڪندو هو. عبدالواحد آريسر جو مطالعو وسيع هو. هن برصغير ۽ سڄي دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو. سندس گفتگو ۾ لرزش ۽ ولولو هو ۽ جڏهن هو اسٽيج تان بيهي سامراج ۽ سندس ڇاڙتن کي للڪاريندو هو ته نوجوان جا جذبا ۽ اڌما وڌي ويندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي بعد سندس چاليهي جي موقعي تي، کيس سائين جي ايم سيد جو سياسي وارث قرار ڏنو ويو. ان کي هو ڪيترو پورو لٿو، ان جو فيصلو تاريخ کي ئي ڪرڻو آهي پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته هن لالچي ماحول ۾ جتي ڪيترا ئي ماڻهو سيد جي فڪر کان منهن موڙي ويا ۽ وڃي سنڌ دشمن ڪئمپ جو حصو بڻيا ۽ عيش عشرت جون زندگيون گهارڻ لڳا، پر عبدالواحد آريسر شاهه لطيف جي ان شعر مصداق ته ”حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو“ يا ان چوڻي ته ”ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان“ تي عمل ڪندي پنهنجي زندگي ته ڪٺن گذاري پر سيد جي نظريي کان تِر جيترو به پري نه ٿيو.
سندس لکڻيون تاريخ ۽ سياست ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون، خاص طور تي سائين جي ايم سيد تي لکيل ”ڇا ته شخص هو“، کٽڻهار کڙيا“، ”ڪنڌي ٽڙن ڪنول ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.
هو اڄ اسان وٽ جسماني طور نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون، ڪتاب، ۽ تقريرون هميشه سنڌ جي نوجوانن کي اتساهه ڏينديون رهنديون.
عبدالواحد آريسر ”کٽڻهار کڙيا“ جي منڍ ۾ هن طرح اظهار ڪيو ته ”مون دنيا جا ايترا ڪتاب پڙهيا آهن جو انهن جي شمار جو تصور ئي منهنجي دماغ کي حيران ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. انهن مان ڪن مونکي آسمان سان پيار جو سبق ڏنو، ڪن چنڊ جي ڇانوري سان، ڪن ستارن جي مرڪ سان ۽ ڪن مزدور جي پگهر سان. مون انهن سڀني شين سان نينهن لڳائي ڏٺو. ليڪن منهنجي اندر جي اساٽ ۽ دل جي ويراني جيئن جو تيئن رهي. پر جڏهن مون جي. ايم. سيد کي پڙهيو ته هن جي ڪتابن مون کي ڌرتي سان محبت ڪرڻ جو سبق ڏنو ۽ ڪنهن ڌارئين ديس جي مٽيءَ کي متبرڪ سمجهڻ بجاءِ ڪارونجهر جي ڪور ۽ ڪينجهر جي ڪنارن کي چمڻ جو ڏس ڏنو. مون پنهنجي دل ڏانهن ڏٺو ته ان ۾ زندگي جا گل ائين ڦُٽي نڪتا، جيئن منڇر جي سطح تي پٻڻ جا پن ۽ پوءِ جڏهن نياز همايوني جي شاعري پڙهيم تڏهن زندگي جي گلن تي پرهه جي هير گهلڻ لڳي.“
اهو آريسر جيڪو پنهنجي اندر جي اساٽ ۽ دل جي ويراني مان تڏهن نڪتو هو، جڏهن هن سائين جي ايم سيد کي پڙهيو هو ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جو سبق سکيو هئائين ۽ پوءِ اهو ڌرتي سان محبت ڪرڻ جو سبق سنڌ جي واهڻ وستيءَ ۾ پکڙيائين ۽ ان خوشبوءَ سان نوجوانن جي دلين کي منور ڪيو. اهو اڄ اسان سڀني کان وڇڙي ٿر جي ريگستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو آهي. اسان جي ڌڻي در دعا آهي ته کيس پنهنجي رحمت سان نوازي ۽ سندس پونئرن ۽ سندس رهنمائي تي ناز ڪندڙن کي صبر عطا ڪري.


عبدالواحد آريسر
سڄڻ تنهنجي سارَ-صديون رهندي ساهه ۾
ادل سولنگي
۱۱ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع تي ٿر جي وارياسي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ چيڙهيالو شخص، جنهن مدرسي جي ضابطن واري زندگي گذاريندي آزاديءَ جي تمنا ڪئي، جنهن مدرسي جي آڳر ۾ ويهي آزاديءَ بابت ويچاريو ۽ آزاديءَ لاءِ سڀئي سانگا لاهي نسري نروار ٿيو.
ٿر جي وارياسي ڀٽن ۾ آزاديءَ جي خوشبو پکيڙيندڙ شخص جنهن “سن” جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندي جينگن ۽ جهونجهارن جا سبق پڙهيا ۽ اهي ئي سبق نهايت ئي ذميواريءَ سان سنڌ جي واهڻ وستيءَ ۾ سنڌ جي لوڪن کي ڀرپور نموني ٻڌايا.
جنهن مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ کان وٺي شهيد شاهه عنايت جي شهادت تائين، مغلن، ارغونن ترخانن کان ويندي انگريزن جي ڪاهن جا قصا سنڌ جي درد جا داستان رقم ڪيا، جنهن روپلي ڪولهي هيمون ڪالاڻي، شهيد سورهيه بادشاهه۽ شهيد هوش محمد جي ڇڏيل مشن کي سائين جي ايم سيد جي فڪري ٻاجهه ۾ اڳتي وٺي هلڻ جو نه رڳو وچن ڪيو هئو، پر ان راهه ۾ پنهنجا پير به پٿون ڪيا هئا، هو جيڪو هاسي سوڍي جو ڳوٺائي هئو ۽ سندس حب الوطنيءَ  جي روايتن جو امين هئو جنهن ڀالوا جي مارئي جي لوئي ۽ لڄ جي رکوالي ڪئي، جنهن سنڌ ڌرتيءَ جي عظمتن جي محرابن ۾ پنهنجو سيسُ نوائيندي پنهنجون سموريون وفائون وطن جي نالي ڪيون، جنهن سنڌ جي تاريخ کي نئين ترتيب ۽ نئين رخ سان شاعراڻي نثر ۾ پيش ڪيو ۽ سنڌ جي قومي هيروز کي عام لوڪن آڏو سموري سونهن،  سورهيائي، سورمائي ۽ بهادري سان پيش ڪيو. جنهن سنڌو درياهه جي ٻنهين ڪنارن کان ويندي اتر کان لاڙ تائين، ٿر کان ڪوهستان تائين ۽ ڪراچيءَ کان ڪمون شهيد تائين، سنڌ جي آجپي جون صدائون ڏنيون، جنهن وک وک تي ڌرتيءَ جي وسيلن جي رکوالي ڪئي ۽ قومي حقن جي پاسداري ڪندي وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجو پاڻ ملهايو.جنهن ڌرتيءَ تي ڌارين جي يلغارن کي للڪاريو، جنهن ڌرتي تي ڪاهون ڪندڙن سان سينو ساهيو، جنهن آنڌي مانجهي ڌرتي واسين سان گڏ رهندي، آجپي جي ويڙهاند جي اڳواڻي ڪئي، هو جيڪو ڄام نندي جهڙو ٿڌو مزاج رکندڙ ۽ دولهه درياهه خان جهڙي ويڙهه جي سگهه رکندڙ جونجهار هئو، جنهن وقت جي نٽهڻن سان جهيڙيندي آجپي جي ڇانورن جي حفاظت ڪئي، سنڌ، سن، سيد جنهن جي سياست جو محور ۽ مرڪز هئا. جنهن حيدر منزل کان جيل جي اونداهين ڪوٺين تائين قومي سياست جو اڻانگو سفر ڪيو، جنهن ڌرتيءَ جي حقن خاطر پنهنجي نازڪ ۽ نفيس پٺاڙن تي آمريت جا ڪوڙا سٺا، جنهن وقت جي وڏي حاڪم آڏو پنهنجي آدرشن ۽ اصولن تي بيهي رهڻ جو ورجاءُ ڪيو، جنهن آمرن جي دعوتن کي ٺڪرائي پنهنجي رستي تي هلڻ جي عزم کي ورجايو، جنهن سنڌ جي حقن خاطر ٻڌي، ايڪي، سهپ ۽ رواداريءَ جا مثال قائم ڪيا، جنهن سياست جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل رکي ڇڏي هئي، جنهن نوجوانن ۾ قومي انقلاب جو رومانس پيدا ڪيو، جنهن لفظن کي نيون معنائون ڏئي لفظن کي آڪاش جي پولارن ۾ اُتاهيون اڏارون ڏنيون، جنهن چيو ته:.
منهنجي ڌرتيءَ جو گنهگار نه بخشيو ويندو،
ڪو به غاصب، ڪو به غدار نه بخشيو ويندو،
روپ رهبر جو وٺي سگهندو نه، رهزن ڪوئي،
هاڻ بيدار ٿيو آهي، ڀلارن جو وطن.
وريا واهرو، صدين جون صدائون، پرهه جو پيغام، جي ايم سيد، سَر ۾ سانجهيءَ وير، سچ وڏو ڏوهاري آ، اسان جيئن جيئي ڪو، ٿي نه محبت مات، ٽهڪي نڪتا ٽوهه، مٽيءَ هاڻا ماڻهو، ماڙين ماريس ڪين ڪي، سر جي صدا سُر ۾، چانڊوڪي ۽ چيٽ، جهڙا ڪتاب تخليق ڪندڙ سانورو ٿريو نوجوان، وائوڙي کان ويندي، واهي پانڌي تائين چونڊڪي کان چانڊڪا تائين ڪيٽي کان ڪشمور تائين سنڌ جي آجپي واري فڪر جون مشعلون ٻاريون، انهن جي روشنيءَ ۾ اڄ سندس پارٽي جا اڳواڻ سندس ڇڏيل پيرن جي نشانن تي آجپي لاءِ پنڌ ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
جنهن پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي آجپي ۽ سلامتي واري جدوجهد مٿان قربان ڪندي گذاري، وقت جا ڪيترا ئي ڪوسا واءَ گهليا، ڪيتريون ئي ڏکيون گهڙيون مٿس آيون پر هن سدائين سنڌ جي آجپي واري منزل ڏانهن وکون وڌائيندي، پيار جو پنڌ ڪيو، جنهن وک وک تي پنهنجي لفظن جي گلابن جي خوشبو پکيڙي، جنهن پنهنجي عملي جدوجهد جا اڻ مٽ مثال ڇڏيا، جنهن ”پکن جي پريت، ماڙين تي ڪين مٽائي“
جنهن ڪڏهن به پنهنجي وڏڙن جي ريت سان ڪُريت ڪا نه ڪئي، هي سنڌ ڌرتيءَ جو جوڌو  جوان، ٿر جي وارسين، ڀٽن ۾ ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جون رٿائون رٿيندو ۽ ان تي عمل ڪندو رهيو، جنهن پنهنجي چونئري کان سنڌ جي آجپي جو سفر ڪيو ۽ پڄاڻي تائين ان ئي چونئري ۾ ڪي گهڙيون، ڪي ڏينهن وڃي آرامي ٿيندو هئو.
هونئن ته حسن درس جي سٽن جيان، هن لاءِ “ساري سنڌ پرين جو پاڇو”، هوندي هئي، پر هو مارئيءَ جي حب الوطني جي روايتن جو امين هئو ۽ ڪڏهن به هُن ماڙين تي موهت ٿي سنڌ جي روايتن کي پٺي نه ڏني” .۽ پنهنجي پکن ۽ پنهوارن کي نه وساريو.
جنهن پنهنجي ڏات جا هزارين ڏيئا ٻاري ڌرتيءَ کي روشن ڪيو، اياز چواڻي ته:.
ڳڀو پاڻي ڍڪ ۾ ٻوڙي جي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين،
ته تنهنجي او سائين! ڏات ڏهوڻي ٿي پئي.
۽ هن جي ڏات به ڏهوڻي هوندي هئي، جنهن به جاءِ تي هن لوڪن ۽ آڏو ڳالهايو، ڄڻ صدين جي تاريخ اٿلي پوندي هئي، جنهن جي تقريرن ۽ تحريرن هڪ نئين اتهاس ۽  هڪ نئين رومانس کي جنم ڏنو، جيڪو “سن” ۾ سائين جي ايم سيد جي جنم ڏهاڙي تي جڏهن خطاب ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي نروار ٿيندو هئو ته هزارين نوجوان اٿي بيهي کيس ڀليڪار ڪندا هئا ۽ سندس خطاب ٻڌندا هئا، “سن” مان موٽندي، اهي نوجوان هڪ نئون جوش ۽ قومي جذبو کڻي سنڌ جي واهڻن ۽ وسندين ڏانهن سنڌ جي آجپي وارو پيغام ۽ نياپو کڻي وڃي، غلام لوڪن کي رسائيندا هئا، سن جي سائين جي فڪري ٻاجهه ۾ رهندڙ، چوٿين دنيا جو هيءُ اڳواڻ جنهن کي عبدالواحد آريسر جي نالي سان سموري سنڌ سڃاڻي ٿي ۽ کيس سنڌ جي آجپي لاءِ ڪيل جدوجهد  عيوضي “قومي سلام” پيش ڪري ٿي. جيڪو  سنڌ واسين کان ۳ مئي ۲۰۱۵ تي وڇوڙو ڪري اڄ ٿر جي وارياسي مٽي ۾ آرامي آهي، جنهن لاءِ اياز جون اَمر سٽون آهن ته:
ڇَر ۾ ڇڏيئي پيرڙا، ڪري هَنجَ اُڏار،
سَڄڻَ تنهنجي سارَ، صَديون رهندي ساهه ۾.

عبدالواحد آريسر
وفا جي راهه ۾ قيامتون! (اهم انٽرويو)
علي نواز آريسر
هڪ ڀِٽ تي ڪکائين ڀونگين جي وچ ۾ گذريل سال [۱۹۹۲ع] جي ارڙهين آڪٽوبر تي، هو ساڍي ڏهين وڳي [رات] واري بي بي سي جي اردو نشريات ٻُڌي، ۽ ماهپاره صفدر جي سُريلي آواز کان موڪلائي اُٿيو ۽ اُٿي پنهنجي زال کي ڏٺائين، جيڪا ٿَڪ ۾ چُور ٿي سُتي پئي هئي ۽ سندس ڀر ۾ هُن جي ننڍڙي ڌيءَ اِندرا ننڊ ۾ مسڪرائي رهي هُئي.
آريسر سوچيو ته ننڊ واحد نعمت آهي، جنهن کي غريب ۽ امير ٻئي ساڳين سپنن سان ماڻي سگهن ٿا. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هيءَ منهنجي ننڍڙي اندرا ننڊ ۾ ايتري پُرسڪون ٿي، پَرين جي ديس ۾ ڪيئن گُهمي ها! اهو سوچيندي وِلس (Wills) جو سگريٽ دُکائي، هُو ٻاهر اچي کٽ تي ويٺو. بجليءَ بنا هڪ ڀِٽ جي تاريڪيءَ ۾ روشنيءَ جو ٽانڊو هن جي هٿ ۾ هو ۽ شايد هن واريءَ سان لٽيل وِهاڻو ڇنڊي، امام مهديءَ جي ڳالهه کي ساريو ته: ’جيڪڏهن اسان سان محبت ڪرڻ وارا پنهنجا واعدا پورا ڪن ها، ته اسان جي ملاقات ۾ ايتري دير نه ٿئي ها.‘
ننڊ ۾ کڄي وڃڻ کان اڳ، هو ٿر جي آسمان کي کُليل اکين سان گهوريندو رهيو ۽ ستارن جي کينچل ڏسندي، هن جا ڇپر ٻُوٽجي ويا. هن کي اها خبر نه هئي ته ايجنسين جا وائرليس سيٽ هڪ منصوبو  رِٿي چُڪا آهن ۽ هينئر اها منصوبابندي، عملي حرڪت ۾ اچي، هن جي ڀِٽ طرف ڪوراڙ وانگر سُري رهي هئي.
هن کي جنهن هٿ اچي ننڊ مان اُٿاريو، اُن جو ڇُهاءُ اوپرو هو. هو ڇرڪ ڀري اُٿيو ۽ کيس چيو ويو ته هاڻي هُو ’ڪوءِ يار، مان نڪري ’سوءِ دار‘ طرف هلڻ جي تياري ڪري!
ڳالهه ٻولهه جي آواز تي جڏهن هن جي گهر واري ڪيسر اُٿي ته آريسر مٿان تاڻيل رائيفل ڏسي، ڊوڙندي هن جي اچي مٿان ڪري. پوري ويڙهي ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ۽ هُو سڀني کي اطمينان ڏئي، ٿيلهو (بيگ) ٺاهي هلڻ لڳو ته سندس گهر واريءَ جي پوتيءَ سان هن جون اکيون ٻڌي، کيس گاڏيءَ ۾ ويهاريو ويو.
ٻئي ڏينهن هن جي دوستن ۽ دشمنن کي خبر پئي ته آريسر کي ايجنسيون کنڀي کڻي ويون آهن. جڏهن اها خبر سن ۾ سائين جي ايم سيد کي پئي ته هُن پنهنجا ڏٻُرا هٿ کڻي، سندس لاءِ دُعا ڪئي: ’يا الله! منهنجي آريسر جو عشق پَرتو اٿئي!‘-۽ اها خبر جڏهن سادڙي شاعر حليم باغيءَ کي پئي ته هُن جي نفرت ۽ ڪاوڙ هڪ ڪوِتا ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هو پني تي هيٺيون نظم اُتارڻ لڳو ته:
هي ڏاڍ، ڌئونسَ جون وري شرارتون، اي منهنجي دل!
۽ پنهنجي عشق جون مٽيون نه عادتون، اي منهنجي دل!

وڃين ٿو قتل گاهه ڏي، اي منهنجا ميتَ ٿورو بيهه!
جو تنهنجي هوڏ مان  ملي ٿو منهنجي گيتَ کي سنيهه،
ڀلي ته تنهنجو مُک چُمي، نئين صبح جي شبيهه!
گلي مِلي ڏيانءِ مان اجازتون، اي منهنجي دل!

لَهو طلب ڪيو اڏيءَ ته تنهنجو پيرُ ڪيئن کٽي؟
جو تنهنجي ماءُ جي ٿڃُ مان اڃا به جوت ٿي ڦُٽي،
ڏسو اڏيءَ جي عاشقن- قطار ڪا متان کُٽي!
وفا جي راهَه ۾ هن قيامتون، اي منهنجي دل!
سو جڏهن هُو ٻاويهين مارچ [۱۹۹۳ع] تي سموريءَ آزمائش مان آجو ٿي وَريو، ته هن حليم باغيءَ جي راءِ جي تصديق ڪندي چيو ته: واقعي اُهي ’قيامت جون گهڙيون‘ هيون، هن تي ٽارچر سيل جو ماحول ايترو  حاوي آهي، جو اُهي گهڙيون ياد ڪري پاڻ به وائڙو ٿي ٿو وڃي، ته هُو اهي لَڪَ ڪيئن لتاڙي آيو! اُن ڪري هيءُ سمورو انٽرويو، انهيءَ اذيتناڪ فلم جي جهلڪين وانگر آهي.
هنسموري انٽرويوءَ تي ٽارچر سيل جي ماحول جو پاڇو آهي، اُن ڪري هن انٽرويوءَ کي ’ڪاوش مئگزين‘ جي روايتي انٽرويوئن وانگر نه پڙهيو وڃي، ته اسان ٻنهي سان انصاف ٿيندو.
قيد مان آجو ٿي هڪ هفتي کان پوءِ هو اڇڙو پهراڻ پائي، پنهنجي اوطاق جي ٿلهي تي رلي وڇايو، پنهنجن دوستن جي محفل جي گرم ڀاڪُرن ۾ ويٺو آهي، ڀرسان لالَٽين ٻري رهي آهي. ريگستان جي هلڪي ۽ خُنڪيءَ ڀريءَ هوا ۾ اسان جي ڪچهري، هن سوال سان شروع ٿئي ٿي ته:
اعجاز: ٻاهر اچي آزاديءَ بيان ڪري سگهڻ واري ڪيفيت کانسواءِ، ڪهڙي ’سياسي ڪيفيت‘ کي محسوس ڪري رهيا آهيو؟
آريسر: آءٌ اُن کانسواءِ اِهو محسوس ٿو ڪريان ته سنڌ ضرور آزاد ٿيندي. مانيءَ لاءِ نه، ڪنهن مٽيءَ لاءِ نه، پر رُڳو سنڌي ماڻهوءَ جي عزت جي بقا لاءِ، سنڌ ضرور آزاد ٿيندي!
ٻي ڳالهه اها محسوس ٿو ڪريان ته پاڪستان  ۾ اصل حڪومت ڪن ٻين جي آهي، هي سڀ ٻوريون آهن، غلاف آهن، پردا آهن.
- ۽ ٽين شيءِ آءٌ اها محسوس ٿو ڪريان ته ڀُٽي فيمليءَ کي اقتدار نه ڏيندا.
اعجاز: اِهو توهان ڇو محسوس ٿا ڪريو؟
آريسر: انهن جي رَويي مان، [محسوس ڪريان ٿو] جيڪي مون کي ٽارچر سيل ۾ کڻي ويا هئا، جيڪي هڪ ’طاقتور ايجنسيءَ‘ جا ماڻهو هئا.
اعجاز: ٽارچر سيل ۾ ڪهڙين عجيب ڪيفيتن کي محسوس ڪيوَ؟
آريسر: الائي ڪيتريون ڪيفيتون هيون! هر گهڙيءَ هڪ نئين ڪيفيت آڏو هئي، پر هڪ عجيب ڪيفيت اِها به هئي ته ٽارچر دوران هڪ حد کانپوءِ منهنجو سُور ختم ٿي ويو، پوءِ مون محسوس ڪيو ته مون کي ڄڻ ڌڪ لڳن ئي نه ٿا...ڄڻ ته سُور جي مقصد سان لڳندڙ ڌڪَ پنهنجي معنيٰ وِڃائي ويٺا هئا.
اُن کانسواءِ مون اِها ڪيفيت به محسوس ڪئي ته اُهو ماڻهو، جنهن جا هٿ ٻڌل آهن، جنهن جي مٿي مان رَت ٺينڍيون ڪري وهي رهيو آهي، اُهو ڪو ٻيو ماڻهو آهي ۽ آءٌ اُن شخص جو تماشائي آهيان، جيڪو رَت وهائي رهيو آهي. مون کي اِهو صفا محسوس نه پئي ٿيو ته ڪو منهنجو مٿو ڦاٽو آهي، يا ڪو منهنجو رَتُ وهي رهيو آهي. اِهي خود منهنجي لاءِ به عجيب ڪيفيتون هيون!
اعجاز: قيد تنهائيءَ جي اُن عرصي دوران توهان کي ڪهڙا ماڻهو ياد ايندا هئا؟
آريسر: جڏهن مون کي موڪل ڏنائون ته تون ڀلي سُمهه، ته پوءِ اُهي رات جا ٽي چار ڪلاڪ آءٌ سُمهندو هئس. اُن ۾ مون سڄيءَ سنڌ جا دوست خواب ۾ ڏٺا. پوءِ آءٌ روز نئون خواب ڏسندو هئس. ڪڏهن ڏسندو هوس ته ڍوري ناري ۾ ويٺو آهيان، ڪڏهن ڳوٺ، ڪڏهن لاڙڪاڻي، ڪڏهن شڪارپور ته ڪڏهن سکر، ڪڏهن حيدرآباد، روزانو ڪو نه ڪو خواب ڏسندو هئس ۽ منهنجا اُهي چار ڪلاڪ ڏاڍا خوبصورت گذرندا هئا.
هونئن مون کي سڀ کان گهڻي ياد منهنجي ڌيءُ ’اندرا‘ ايندي هئي ۽ ٻي ڪيفيت ، جيڪا مون کي گهڻو ياد ايندي هئي، اها هئي ته جڏهن هو مون کي گرفتار ڪرڻ آيا هئا، تڏهن منهنجي زال رڙيون ڪري اچي مون کي ڀاڪُر پاتو هو. جڏهن هو مون تي رائيفل تاڻيو بيٺو هو، [اُها رائيفل هئي يا ڪلاشنڪوف هئي، مون کي هٿيار سُڃاڻڻ نه ايندا آهن] هُو سِول ڊريس وارو پوزيشن وٺيو بيٺو هو، تڏهن منهنجي زال سمجهيو هو ته هي ڪي قاتل يا ڌاڙيل آيا آهن، سو اُنهن جي وچ مان رڙيون ڪري ايندڙ منهنجي زال منهنجي يادگيريءَ تي ڇپجي وئي هُئي.
اعجاز: ڀلا ڪا اهڙي ڪيفيت هئي، جنهن ۾ ٽيڪَ هجي، آٿت هجي، دلداري هجي؟
آريسر: حقيقت ۾ هاڻي کڻي آءٌ ڇا به چوان، پر حيدرآباد واري عرصي ۾ به نه، ۽ نه وري ڪراچيءَ واري عرصي جي پُڇا ڳاڇا دوران، پر جڏهن منهنجي طبيعت بِگڙجي وئي هئي، جڏهن منهنجو بلڊ پريشر وڌي ويو هو، تڏهن مان مايوس ٿي چُڪو هئس ۽ مون کي اها پڪ ٿي وئي هئي ته آءٌ جيئرو واپس نه ٿو وڃي سگهان. ويندي اُن حد تائين، جو مون سوچي ڇڏيو هو ته پنهنجي ڀاءُ [هارون] کي چئي ڇڏيندس ته جڏهن منهنجو لاش گهر پهچي ته منهنجي جنازي نماز ڪير پڙهائي، پر مون ملاقات دوران کيس ڪُجهه به نه چيو اِهو سوچي ته خبر ناهي پويان گهر وارن جي ڪهڙي ڪيفيت ٿئي.
اعجاز: سو توهان  اُن عرصي ۾ پنهنجو موت يقيني سمجهيو هو؟
آريسر: ها، پر اُن جو مطلب اِهو به نه هو، ته اُن ڪيفيت ۾ ماڻهو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري.
اعجاز: پوءِ اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي ان عذاب ۽ سختين ۾ به ثابت قدم ٿي رکي؟
آريسر: آءٌ سمجهان ٿو ته ماڻهوءَ جو ذهن ناقابلِ فتح آهي، اُن ۾ ڪا شيءِ ويٺل آهي ۽ پُر خلوص طريقي سان اُها شيءِ ماڻهوءَ کي اڏول ٿي رکي.
اعجاز: اُها شيءِ انا آهي، شعور آهي يا محبت آهي؟
آريسر: منهنجي خيال ۾ انا يا شعور کان وڌيڪ محبت آهي.
اعجاز: ڪنهن سان محبت؟
آريسر: نظريي سان، دوستن سان، پنهنجين سچاين سان. نظرياتي سوچون الڳ هونديون آهن، پر اُهي ننڍڙيون ننڍڙيون سوچون به، جن ۾ پيار به هجي، ڪاوڙ به هجي، نفرتون ۽ محبتون سڀ هجن.
مون کان حيدرآباد ۾ اٺاويهين نومبر [۱۹۹۲ع] تي هڪ پُڇندڙ پُڇيو ته: ’حالت ديکي هي، ڦر ڀي ٽُوٽتي نهين!‘ مون اُن کي ٻيءَ ڪيفيت ۾ سمجهيو ۽ کيس جواب ڏنو ته: ’مين تو ريزه ريزه هو چُڪا هون‘.
هن اِها ڳالهه اِن مقصد سان چئي ته ’ڳالهه تان نٿو  هٽين!‘ ۽ مون اُن کي مارئيءَ واري ڪيفيت ۾ ورتو هو ته ’پنهنجن دوستن، يارن جي فراق ۾ مان ذرو ذرو ٿي چُڪو آهيان.‘ ٻي ڳالهه ته: ڪراچيءَ ۾ مون کي سموري رات [پيرن ڀر] بيهاري، صبح جو گُهرائي چيو هئائون ته: ’هم مانتي هين ڪه آپ سياسي آدمي هين، همين مجبور نه ڪرين ڪه هم آپ پر تشدد ڪرين‘. مون کين چيو ته: ’مين بهت ڪمزور هون اور مجهي يقين هي ڪه ميري اوپر تشدد هوگا، اِس ليئي ڪه جو ڀي عدم تشدد ڪا پيروڪار رها هي، اُس پر تشدد هوا هي. مثلاً: يسوع مسيح، مارٽر لوٿر ڪنگ، گانڌي اور غفار خان‘. جيتوڻيڪ غفار خان تشدد ذريعي نه مئو هو، پر هن جي لاش تي بم ڦاڙيو ويو هو. سو مون کين چيو ته ’آپ ڀلي تشدد ڪرين، ليڪن ميري نزديڪ تشدد وحشيانه اور حيواني عمل هي. مين ني آج تڪ ڪسي بچي ڪو ڀي طماچه نهين مارا‘.
اعجاز: توهان شروع کان وٺي عدم تشدد جا قائل رهيا آهيو، يا فڪرِ جي ايم سيد کان پوءِ...؟
آريسر: نه، شروع کان.
اعجاز: ڇا توهان جي طبيعت ۾ ئي اها ڳالهه سمايل آهي؟
آريسر: ها.
اعجاز: توهان جي طبيعت ۾ اها ڳالهه ڪٿان آئي؟
آريسر: در اصل انسان کي جيڪي رهنمايون ملنديون آهن، مذهبي ٻوليءَ ۾ جنهن کي اسان ’هدايت‘ چوندا آهيون، اُن جا مختلف درجا آهن. اُن ۾ هڪڙي جيڪا فِطري رهنمائي هوندي آهي، اُن لاءِ ڪو به دليل نه ٿو ڏئي سگهجي، اها فطرت ۾ سمايل آهي. اُن جو مثال توهان اهو وٺو ته جهرڪيءَ جي ٻچي کي ڪهڙي پيغمبر، پير يا دانشور اها تعليم ڏَني ته تنهنجي رزق جو ذريعو ماءُ جو ٿڻ نه آهي، پر جڏهن تنهنجي ماءُ آکيري ۾ اچي ’چُون چُون‘ ڪري، تڏهن اُن جي چُهنب ۾ تنهنجي روزي رکيل آهي. يا ماڻهوءَ جي ٻارَ کي ڪهڙي پيغمبر يا پير سيکاريو ته تون پنهنجي ماءُ جي بُبي ۾ وات وجهي، ٿورو زور ڏيندين ته اُن مان کير نڪرندو. اُن فطري هدايت يا رهنمائيءَ لاءِ ڪو دليل نه ٿو ڏئي سگهجي.
اعجاز: يعني توهان اِهو ٿا سمجهو ته عدم تشدد جو نظريو هڪ فطري نظريو آهي؟
آريسر: ها، آءٌ اهو ٿو سمجهان ته اُهو بيحد فطري نظريو آهي.
اعجاز: ته پوءِ دنيا جي فاشسٽ قوتن کي ڪيئن شڪست ڏئي سگهبي؟
آريسر: اصل مسئلو اهو آهي ته ڪنهن بگهڙ جا ڏند ڪيئن ڪمزور ٿا ڪري سگهجن؟ اصل سوال اهو آهي، سو هاڻي به منهنجو اِن ڳالهه تي يقين آهي ته تشدد ذريعي هڪ بگهڙ جي ڏندن کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي.
اِن سلسلي ۾ مون هڪ جاءِ تي چيو هو ته اڳ جن  ملڪن تشدد ذريعي آزادي حاصل ڪئي آهي، خاص ڪري آفريڪا يا ايشيا ۽ ويٽنام وغيره، اتي معاشي حالتون ڏاڍيون خراب آهن. مون اهو به چيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن مان اِهو سوچيندو آهيان ته اسان جا هيرا، جن بندوق هٿ ۾ کنئي هئي، اُهي غلط ته نه هئا؟
اڄ صوماليا ۾ ڇا آهي؟ اسان ويٽنام کي سلام ته ڪريون ٿا، پر سلام ڪري پُڇون به ٿا ته اڄ ويٽنام پنهنجي جدوجهد ڪندڙن جي خوابن جي تعبيرن جهڙو ڪٿي آهي!
اعجاز: پوءِ توهان جي نظر ۾ دنيا اندر ڪهڙو انقلاب آئيڊيل آهي؟
آريسر: منهنجيءَ نظر ۾ هاڻي ڪو به انقلاب آئيڊيل نه رهيو آهي، اڳي هئا.
اعجاز: ٽارچر سيل ۾ توهان ٻڌايو ته توهان جي اکين تي پٽي ٻڌل رهي. صوفي چون ٿا ته ٻاهرين اکين ٻُوٽڻ سان اندريون اکيون کُلن ٿيون. سو توهان کي قيد تنهائيءَ ۾ ڪي روحاني تجربا ٿيا؟
آريسر: (سوچيندي) نه ٻيو ته ڪو خاص تجربو نه ٿيو،  باقي جيترو به وقت مان اُتي رهيس ۽ اُتي جيترا به مون خواب ڏٺا، اُنهن ۾ ڪنهن به خواب ۾ [’آءٌ زنجير پائي به آزاد هان، تون ته ظالم سدا آنهه زندان ۾] مون پاڻ کي قيديءَ واري حالت ۾ نه ڏٺو. مون هميشه ڏٺو ته مان آزاد آهيان!
اعجاز: اتي رهي توهان ڇا ڇا سوچيو؟
آريسر: گهڻو ڪجهه سوچيو، پر مون اُتي هڪ آزاد نظم [نثري نظم] به سوچيو هو، جنهن جو عنوان هو:
پوءِ به مان پنهنجا ڳوڙها روڪيان ٿو
ڇا ڇا ٿيو آهي،
ڇا نه وهيو واپريو آهي!
پر مان ڳوڙها روڪيان ٿو!
ڇا لاءِ؟
ته ڪٿي منهنجي ڳوڙهن جي ڪري
سنڌي ماڻهوءَ جو شهپر هيٺ نه ٿي پوي،
يا اُن جو ڪنڌ
شرم کان جُهڪي نه پوي.
۽ اُن سنڌي ماڻهوءَ جي حالت ڇاهي؟
پوءِ به مان پنهنجا ڳوڙها روڪيان ٿو.
اعجاز: توهان کي اُتي روئڻ آيو؟
آريسر: آءٌ روئندو هئس، پر ماڻهن جي اڳيان نه، پر آءٌ روئندو ضرور هئس.
اعجاز: توهان کي ڪهڙي ڪيفيت روئاريندي هئي؟
آريسر: ٻاهر جو سوچي روئڻ ايندو هو، نوجوانن جي اندر جيڪا حالت هئي، اُها ڏسي روئندو هئس.
اعجاز: ڇا توهان پنهنجي اُن ڪيفيت تي ڪجهه لکندا؟
آريسر: آءٌ لکندس، ضرور لکندس، پر ڪڏهن لکندس ۽ ڪيئن لکندس، اها الڳ ڳالهه آهي، پر لکندس ضرور!
اعجاز: ڇا توهان هاڻي پنهنجي سياست ۾ ڪي تبديليون آڻيندؤ؟
آريسر: مون اُن تي تمام گهڻو سوچيو آهي، في الحال ٻڌائيندس نه، ته مون کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي!
اعجاز: توهان کي قيد خاني ۾ رهندي، دل جي دريءَ مان ڏسندي، پنهنجي ماڻهن جي ڪهڙي غلطي نظر آئي؟
آريسر: اسان آزاديءَ جي ڳالهه ته ڪريون ٿا، پر اُن جي ضرورت کي شدت سان محسوس نٿا ڪريون، ايئن جيئن بُک ۾ مرندڙ ماڻهو مانيءَ جي طلب کي شدت سان محسوس ڪري، يا جيئن هڪ سالن جو قيدي عورت جي طلب شدت سان محسوس ڪري؛ تيئن اسان آزاديءَ جي طلب کي شدت سان محسوس نه ٿا ڪريون ۽ اِهو نٿا سمجهون ته غلامي ماڻهن تي ڪهڙا ڪهڙا اثرات وجهي ٿي!
رچرڊ برٽن لکيو آهي ته سنڌ جو ماڻهو، خاص طور ’لوئر سنڌ‘ جو ماڻهو، ٻٻرَ جي ڇانوَ، ٻاجهر جي ماني ۽ وَٽو لسيءَ جو حاصل ڪري، هر شيءِ کان    بي خبر هوندو آهي.
اسان کي اُن شيءِ يعني آزاديءَ جي اهميت جي خبر ناهي. اسان اِهو سمجهون ئي نه ٿا ته آزاد ماڻهوءَ جو مانُ ڇا ٿيندو آهي، ۽ غلام ماڻهوءَ جو مانُ ڇا ٿيندو آهي! اسان سڀني کي اُن جي تڙپ، تانگهه، تات ۽ طلب، اُن شدت سان محسوس نه ٿي ٿئي. دراصل اسان کي اها شدت ايتري محسوس ڪرڻ کپي، جيتري شدت ماڻهو محبوب کي چُمي ڏيڻ لاءِ محسوس ڪندو آهي.
اعجاز: توهان کي اُتي رهندي، قومي ڪارڪنن جون ڪهڙيون ڪچايون محسوس ٿيون؟
آريسر: هونئن ڪنهن قومي ڪارڪن کي، ڪنهن به مرحلي تي، ڪنهن به قسم جي ڪمزوريءَ جو مظاهرو نه ڪرڻ کپي، پر حقيقت اها آهي ته  آءٌ جيڪي ڪُجهه اُتي رهي، ڏِسي ۽ ڀوڳي آيو آهيان، اُن مطابق آءٌ هاڻي سوچيان ٿو ته اسان وٽ اُهو قومي ڪارڪن اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي، جيڪو آزاديءَ جي تانگهه ايئن محسوس ڪري.
اعجاز: توهان پنهنجي آئيڊيل قومي ڪارڪن ۾ ڪهڙا رنگ ڏسڻ چاهيو ٿا؟
آريسر: آئيڊيل قومي ڪارڪن ۾ آءٌ ٻه خصوصيتون ڏسڻ چاهيان ٿو: آسمان ۽ زمين واريون- يعني آزاديءَ ۾ هو آسمان هجي ۽ طبيعت ۾ هو ڄاڙي باز نه، پر ڏاڍو نهٺو ۽ سادو هجي. ۽ ماڻهن سان اُن جو رويو زمين جهڙو هجي، ڀلي پيو لتاڙجي، پر پوءِ به هو صبر ۾ هجي ۽ گهرو هُجي. [اوچتو ڪجهه ياد ڪندي آريسر چوي ٿو] اُتي مون کان گهڻو ڪجهه وسري ويو هو، حيدرآباد ۾ ته لطيفُ ياد ايندو هو، پر ڪراچيءَ ۾ رُڳو اياز ياد ايندو هو، سو به رُڳو ان جا ٻه شعر:
بي موت مُئا تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رُڳو،
هن دنيا ۾ اي ديس هُيا، نادان هزارين، مان نه رُڳو!
اِهو شعر جهونگاري مون کي سگهه ملندي هئي، پر جڏهن هي شعر جهونگاريندو هئس:
رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي،
ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ روئندي رهي.
ته پوءِ ڏاڍو روئندو هئس.
اعجاز: ’تون نه آئين ڪهي‘، ڪنهن جي نه ڪَهي اچڻ جو ڏُک هوندو هو؟
آريسر: مون اڳ به چيو هو ته منهنجا ٽي جنم آهن: پهريون جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽان ڄائس، ٻيو جڏهن مون سليٽ تي پهريون اکر پڙهڻ سکيو، ۽ منهنجو ٽيون جنم تڏهن ٿيو، جڏهن مون سنڌ سُڃاڻڻ شروع ڪئي. پهرئين جنم جا والدين، منهنجا والدين آهن. ٻئي جنم جا والدين منهنجا استاد آهن، ۽ ٽئين جنم جو والد سائين جي. ايم سيد آهي.
اعجاز: ڇا ٽارچر سيل مان واپسي توهان جو چوٿون جنم ناهي؟
آريسر: هي اڃا ٽيون جنم هلي رهيو آهي، ۽ آءٌ توهان کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌايان ته شايد ڪو منهنجي ستارن ۾ کليل آهي ته منهنجو هر قيد پهرئين قيد کان سخت رهيو آهي. پهريون دفعو آءٌ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ گرفتار ٿيس، ته ٻه سال قيد رهيس. ٻيو دفعو آءٌ ضيا جي دور ۾ قيد ٿيس ته مون کي ڦٽڪا لڳا ۽ سزا ملي ۽ ٽيون دفعو هاڻي قيد ٿيو آهيان، اُن ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، اُهو اوهان جي آڏو آهي. سو مون سوچيو هو ته جيڪڏهن مون کي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ مون کان ڪورٽ پُڇيو ته ’تو تي تشدد ٿيو آهي يا نه؟‘ ته آءٌ چوندس ته: ’پهرين ڪورٽ مون کي تحفظ ڏئي ٿي يا نه؟‘ جي نه ته ٻي حالت ۾:
جو هم په گُذري، سو گُذري، مگر شبِ هجران!
اي اشک! تيري عاقبت سنوار چلي.
سو چوٿئين ڀيري ٿي سگهي ٿو ته ڦاسي ڏين، ڇو ته مون محسوس ڪيو آهي ته منهنجي هر گرفتاري، پهرينءَ گرفتاريءَ کان سخت رهي آهي.
اعجاز: ڇا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ واري سموري عرصي ۾ توهان جي ذهني ڪيفيت ساڳي رهي؟
آريسر: نه، حيدرآباد وارو عرصو تمام گهڻو سخت رهيو، ۽ اُن پوري عرصي دوران ڪڏهن به منهنجي اک مان ڳوڙهو نه وهيو، جيتوڻيڪ اُتي سختي هئي ۽ سڀ ڪُجهه ٿيو- ۽ ڪراچيءَ ۾ جتي حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ نرمي هئي، آفيسرن جو رويو مهذبانه هو، اُتي آءٌ روئندو به هئس.
اعجاز: جڏهن هُنن توهان کي هتان [ڳوٺان] کنيو هو، تڏهن توهان جي ڪيفيت ڪهڙي هئي؟
آريسر: جڏهن هنن مون کي ٻڌو هو ته پهرين مون سمجهيو ته، هي جيڪا اسان ’بِهاري روڪيو ڪميٽيءَ‘ پاران جدوجهد شروع ڪئي آهي، اُن جي سلسلي ۾ آيا آهن، پر هنن جڏهن منهنجي زال جو رَئو کڻي، منهنجون اکيون ٻڌيون، ته پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته هاڻي مرحلو ٻيو آهي. منهنجي ذهن ۾ ڪا به خوش فهمي نه هئي.
اعجاز: ڇا توهان کي اِن ڳالهه جو افسوس آهي، ته توهان جي تنظيم، توهان لاءِ ايئن احتجاج نه ڪيو، جيئن ڪرڻ کپندو هو؟
آريسر: نه، دراصل مون کي پنهنجي تنظيم جي طاقت جي خبر هئي. آپريشن جي صورتحال هئي ۽ مون کي يقين هو ته اِنهن حالتن ۾ ڪُجهه ٿي نه پئي سگهيو.
اعجاز: توهان جي لاءِ اِهو مشهور ٿيو آهي ته توهان اندر نمازون وغيره پڙهندا هئا؟
آريسر: يقيناً مون نمازون پڙهيون ۽ آءٌ واضح ڪري ڇڏيان ته آءٌ ڪڏهن به نماز جو منڪر نه رهيو آهيان. نه رُڳو اُتي، پر نمازون مون هتي اچي به پڙهيون آهن.
اعجاز: اهو به چيو وڃي ٿو ته توهان جي آزادي، ڪمپرومائيز جو نتيجو آهي؟
آريسر: ڪمپرومائيز ڪهڙو؟ آخري بيان، جيڪو مون رڪارڊ ڪرايو آهي، اُن ۾ مون چيو آهي ته: ’آءٌ پاڻ کي غلام محسوس ٿو ڪريان‘. هنن چيو ته ’اب ڀي؟‘ ته مون چيو ته: ’اس وقت غلام سي ڀي ايڪ درجا بدتر، ايڪ ذليل قيدي‘. باقي مون ڇا تي ڪمپرومائيز ڪيو آهي؟
اعجاز: باقي توهان جي آزادي ڪهڙن سببن جو نتيجو آهي؟
آريسر: آزاديءَ کان وڌيڪ توهان پُڇو ته منهنجي گرفتاري ڪهڙن سببن جو نتيجو آهي؟ مون کان هنن اهي به سوال ڪيا ته ’آپ ڪي پارٽي ڪي چيئرمئن آزاد هين، اور بهت سي ليڊر هين، وه بهي آزاد گهوم رهي هين، آپ يهان ڪيون هين؟‘
مون هنن کي جواب ڏنو هو ته: ’ايڪ تو مين تمام ليڊران سي زياده غريب آدمي هون، مسڪين هون،. دوسري بات يه هي ڪه مين بارڊر ڪي نزديڪ رهني والا هون، بالا طاقتين نهين چاهتي ڪه اِس علاقي ۾ ڪوئي سياسي قُوت ڪي طور پر اُڀري. بالا طاقتين يه نهين چاهتي، اِس ليئي جام ساقي ڀي سب ڪُچهه ڇوڙ ڪر حيدرآباد ۾ آ گيا هي. اور تيسرا يه ڪه ميري ليئي [نام نهاد] قومي پريس ني يه تاثر پيدا ڪيا هي ڪه يه ڀارت نواز هي.
هنن مون کي چيو ته ’پهريان ٻه سبب غلط آهن ۽ پويون صحيح آهي‘- ۽ مون کين چيو ته ’آءٌ ڀارت نواز نه آهيان، پر مُحبِ سنڌ آهيان‘.
 اِن سلسلي ۾ واضح ڪريان ته جڏهن ڀارت جي وزير خارجه بيان ڏنو هو ته ’جيڪڏهن پاڪستان پنجاب ۽ ڪشمير ۾ مداخلت بند نه ڪئي، ته اسان سنڌ ۾ مداخلت ڪنداسون‘- ته اُن وقت سموري پاڪستان ۾ آءٌ واحد سياسي ڪارڪن هئس، جنهن پريس ڪانفرنس ڪري، ڀارت جي وزير خارجه کي جواب ڏنو هو ته: ’توهان کي، سنڌ کي غريب جي زال سمجهي، ڀاڄائي چوڻ نه گهرجي‘.
اعجاز: توهان جي گرفتاريءَ کان اڳ، سنڌ ۾ ڏوهن جي خلاف جيڪو آپريشن هلي رهيو هو، اُن ۾...؟
آريسر: [سوال کي ڪٽيندي چوي ٿو ته] سائين مون اڳ به هڪ جاءِ تي تقرير ڪندي چيو هو، ته سنڌي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي، اهو سوچڻ گهرجي ته ڏاهر جي وقت ۾ عربن جون فوجون ڌاڙيلن جو بهانو وٺي آيون هيون. اُن سلسلي ۾ عرب حاڪم، ڏاهر کي خط لکيو هو ته: ’تون ڌاڙيلن کي ڪنٽرول ڪر‘. چچ نامي مطابق ڏاهر کين جواب ڏنو هو ته: ’اُهي ڌاڙيل منهنجي ڪنٽرول ۾ نه آهن‘. اُن تي مسلمان تاريخ نويسن لکيو هو ته: ’ڏاهر اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي‘. جيتوڻيڪ اُن وقت سنڌ حڪومت جي ايراضي وڏي هئي، پنجاب اُن ۾ هو، ڪشمير به هو، پر ڏاهر وٽ ڇا هو؟ نه هيليڪاپٽر، نه جديد هٿيار، نه دُوربينيون ۽ ڪئميرائون. اُنهن حالتن ۾ به ڏاهر تي تهمت لڳي هئي ته، ڏاهر ڪوڙو آهي. اڄ سنڌ جي حڪومت وٽ جديد اوزارن سان ليس هيتري ساري پوليس آهي ۽ ايراضي به ننڍي آهي، پوءِ به ڌاڙيل پوليس جي ڪنٽرول ۾ نه پيا اچن، اُن ڪري فوج کي استعمال ڪيو پيو وڃي. سو اسان ڇا سمجهون؟ ڏاهر ڪوڙو هو يا عرب ڪوڙا هئا؟ سو ڌاڙيلن کي مخاطب ٿيندي مون چيو هو ته: ’ڌاڙيلو! توهان هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکو، ماضيءَ ۾ عربن توهان جو بهانو وٺي حملو ڪيو هو ۽ اڄ توهان جو بهانو وٺي پنجاب اسان وٽ ايندو‘.
اعجاز: توهان جي نگاهَه ۾ سنڌ کي تاريخ جي هن دور ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ کپي؟
آريسر: سنڌ پنهنجي مجموعي ڪردار ۾ ٻن محاذن تي پاڻ کي پُختو ڪري:
’هڪ سياسي سوچ ۽ سياسي شعور، ٻيو ڪلچرل محاذ‘. سنڌ ثقافتي طرح سان پنهنجي سطح ايتري اوچي ڪري، جو سمورو برِصغير اُن لاءِ سندس محتاج ٿي پوي. اُن ۾ ماڻهن جا ماڻهن سان رويا به اچي ٿا وڃن. هن وقت پوري انساني رويي جي تبديلي ۽ تعمير جي ضرورت آهي.
اسان ڏٺو آهي ته اِتهاس ۾ تلوارن جي فتحن کي، ثقافتن شڪستن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هڪ دور هو جڏهن فوجي ميدان ۾ يونان، روم کي فتح ڪيو هو، پر پوزيشن اِها هئي ته، اُهي فاتح رومي جرنيل جڏهن سمهندا هئا، تڏهن سندن وهاڻن هيٺيان يوناني دانشورن جا ڪتاب رکيل هوندا هئا.
اسان وٽ ته هڪ عجيب مسخري لڳي پئي آهي، جو اسان پنهنجي وڏي ۾ وڏي شاعر کي به اُها اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون، اسان پنهنجي مصور کي اُها اهميت نه پيا ڏيون. هو اُن ڪري وڏو ناهي، جو هُو منهنجي سوچ جي حمايت نٿو ڪري، يا مون سان گڏجي پمفليٽ نٿو ورهائي ۽ پوسٽر نه ٿو پيو هڻي، اُن ڪري وڏو دانشور ناهي، وڏو مُصور ۽ وڏو شاعر ناهي! مون کي انڊيا جي هڪ عورت چيو هو ته: ’اوهان اِهو ته چئو ٿا ته سوچن کي محدود نه ڪريو، پر آءٌ چوان ٿي ته اوهان محبت کي به محدود نه ڪريو‘.
گورڪيءَ لکيو آهي ته ’استقامت ۽ ضد ۾ فرق آهي. ضد پاڻيءَ تي ڄميل سينور جيان آهي، جڏهن ته استقامت هماليه جيان اڏول چيز آهي‘. سو اسان شين جي فرقن کي نٿا سمجهون، اسان ڀُليل آهيون، اسان اهو به نه سمجهيو آهي ته ثقافتي طرح سان سنڌ مهاجر کي فتح ڪري چُڪي آهي.
اعجاز: ڇا ايئن آهي؟
آريسر: ها، ايئن آهي. اُن جو مثال اهو آهي ته، الطاف حسين مهاجرن کي اپيل ڪئي هئي ته ’توهان چوڙيدار پاجامو ۽ واسڪوٽي پايو‘. پر توهان کي گهڻا مرد ۽ گهڻيون عورتون چُوڙيدار پاجامن ۾ نظر آيا آهن؟ سواءِ هن جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي، باقي ڪنهن به هن جي اپيل کي کنگهيو ناهي. [ڪيترا مهاجر ته اجرڪ لباس طور پائين ٿا] سو سنڌ کي ثقافتي مورچي تي مضبوط ٿيڻو آهي.
اعجاز: توهان قيد جي گهڙين ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ، ڇا مارڪسزم تي به سوچيو؟
آريسر: بلڪل، بلڪل!
اعجاز: توهان ڪهڙي نتيجي تي پهتا؟
آريسر: مارڪسزم هڪ فڪر جي حيثيت سان ناڪام نه ٿيو آهي. هڪ رياستي ڍانچي اندر پاور (power) جي حيثيت ۾ ناڪام ٿيو آهي، پر فلسفي طور نه. هي دانشور ڇا به چون... جيتوڻيڪ آءٌ
’اصلي تي وڊو‘ مارڪسٽ نه آهيان رهيو ۽ نه وري مون ڪڏهن اهڙي دعويٰ ڪئي آهي، پر قيد جي آخري ڏهاڙن ۾ مون مودوديءَ جو لکيل تفسير ’تفهيم القرآن‘ سمورو پڙهيو هو، ليڪن ڪائنات جي باري ۾ جيڪو مارڪس جو تصور آهي، اُن تصور کي اڄ تائين ڪوئي رد ڪري ئي نه سگهيو آهي.
اعجاز: قيد ۾ توهان جا پُڇا ڳاڇا ڪرڻ وارن سان بحث مباحثا ٿيندا هئا؟
آريسر: ها، مثال: هنن پُڇيو ته ’آزادي چاهتي هو؟‘ مون چيو ’بلڪل‘. چيائون: ’پاڪستان سي؟‘ مون چيو: ’نه، پاڪستان کان نه، پر پنجاب کان، ان ڪري جو پاڪستان جا خالق اسان آهيون. سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي مڌر اسيمبلي آهي، پاڪستان ڪونه هو، تڏهن به سنڌ هئي. توهان پاڪستان کي يرغمال بڻايو آهي ۽ اسين اُن کي آزاد ڪرڻ ٿا چاهيون. مون کين چيو ته ’اسين ڪمزور ماڻهو آهيون، ٺيڪ آهي، اسان کي دٻائي ڇڏيو، پر ’اندرا ۽ آدرش‘ کي توهان نه دٻائي سگهندؤ؟•. اسان سان توهان هڪ ماڻهوءَ واري مانَ سان ڳالهايو، توهان اسان سان پيار سان ڳالهايو، توهان سنڌ جي باري ۾ جڏهن اهو چئو ٿا ته ’بنگال اسان کان هڪ هزار ميل پري هو ۽ سنڌ نزديڪ آهي.‘ ته اَن مهل توهان جنگي حڪمت عمليءَ تي سوچيو ٿا، توهان دلين واري حڪمت عمليءَ تي ڇو نه ٿا سوچيو؟  اهو توهان جو دليل بلڪل ڪمزور آهي ته بنگال هڪ هزار ميل پري هو ۽ اسان ويجها آهيون. ڪيوبا، آمريڪا جي هنج ۾ ويٺو آهي، پر اڏول ٿيو ويٺو آهي. اسان سان اهي ڳالهيون نه ڪريو، اسان جي دلين ۾ جهاتي پائي ڏسو. اسان سان پيار سان ڳالهايو!
مطلب ته جڏهن اُهي سياسي مسئلا آيا پئي ته مون ڪٿي به، ڪڏهن به هنن سان رعايت نه ڪئي.
اعجاز: ڇا توهان به قيد ۽ تشدد دوران احتجاج وارو طريقو ايجاد ڪيو؟
آريسر: نه، منهنجو پروگرام هو.
اعجاز: توهان پڇا ڳاڇا کانسواءِ ته خاموش رهندا هوندا، سو اُن خاموشيءَ ۾ ماڻهوءَ کي مختلف ۽ عجيب و غريب خيال ايندا رهن ٿا. ڇا توهان جو خيال ڪڏهن ’محبت‘ واري لفظ تي اُلجهي پيو؟ ڇا توهان انساني دل جي اُن عجيب احساس تي ويچاريو ته محبت ڇا آهي؟
آريسر: ڪي ڪي شيون [۽ ڪيفيتون] هونديون آهن، جن جي ڪائي وضاحت نه هوندي آهي. ڪري ئي نه ٿي سگهجي. اُنهن کي رُڳو محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. مون محبت تي سوچيو. آءٌ محبت تي سدائين سوچيندو ئي رهندو آهيان. مون اُتي به سوچيو، پر ڪُجهه شيون لفظن جي پڪڙ کان پري رهنديون آهن. اُن تشدد جي مرحلن ۾، مون تي سنڌ جي محبتَ ڏاڍي مهرباني ڪئي. سچ پچ آءٌ سنڌ جي اُن ساٿَ جو ٿورائتو آهيان، نه ته مون جهڙو ڪمزور ماڻهو ايتري عذاب مان نه گُذري سگهي ها، پر سنڌ جي محبت هئي، سو اُن اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. بقول اياز:
آئي تنهنجي سارَ ته سُپرين،
سوريءَ کي آسان ڪري وئي!
آءٌ توهان کي هڪ عجيب واقعو ٿو ٻُڌايان: [ٽارچر سيل ۾] چار پنج ڏينهن گُذري ويا، جو مون کي سگريٽ نه مليو، مون کي ڏاڍي ٻاڙ لڳي ۽ ڏاڍو پريشان هجان. پُڇا ڳاڇا به هلي پئي، سو اچي ويهي رهيس. سنڌ جا بُزرگ ۽ درويش ذهن ۾ اچي ويٺا ۽ دل ۾ چيم: ’وتايا فقير! ڪٿان سگريٽ ته پيار!‘ وري فوري طور ذهن ۾ آيو ته وتايو چرچائي آهي، سو دل ۾ چيم: ’وتايا فقير! مون بس ڪئي، ڪهڙي خبر تون سگريٽ سال کان پوءِ کڻي اچين!‘
اعجاز: جيڪڏهن توهان کي اُتي پيشڪش ٿئي ها ته ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جو نالو کڻو، جنهن سان اوهان جي ملاقات ڪرايون ته توهان ڪنهن جو نالو کڻو ها؟
آريسر: آءٌ پنهنجي ڌيءَ اندرا جو نالو کڻان ها
اعجاز: اندرا توهان جي طاقت آهي يا ڪمزوري؟
آريسر: مون هاڻي محسوس ڪيو آهي ته ’اندرا‘ منهنجي ڪمزوري آهي. مون کي اُتي سندس ساروڻيون پئي آيون، جڏهن سيپٽمبر ۾ آءٌ اندرا کي ڪارونجهر تي وٺي ويو هئس. مون حضرت شيخ الهند جو [جيڪو اسان جو ديني رهبر آهي] تفسير پڙهيو هو، جنهن ۾ لکيل آهي ته: ’توهان جي ملڪيت ۽ توهان جو اولاد توهان لاءِ آزمائش آهن‘. پوءِ اها ڳالهه ياد ڪري، مون اندرا کي ياد ڪرڻ ۽ هُن لاءِ روئڻ بند ڪري ڇڏيو.
مون کان پُڇيو هئائون ته: ’آپ ڪو ايڪ بيٽي ڀي هي نا؟‘ مون چيو ’ها‘. پُڇيو هئائون ته: ’اس ڪو ڪوئي عارضه ڀي ٿا ڪيا؟‘ مون چيو ته: ’ها، هن جي دل جي ڌڙڪن تيز هئي‘. اُن تي نموني سان چيائون ته: ’بس يه خدا ڪي قدرت هي‘. اُتي مون سمجهيو ته هي به ڪا بدمعاشي آهي، سو مون به چيو ’ها خدا ڪي قدرت هي!‘
اعجاز: توهان سان هُنن جون ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون ٻولهيون ٿيون؟
آريسر: مون کان ۲۶ ڊسمبر [۱۹۹۲ع] تي دودي مهيري جو پڇيائون، مون کي رات جو دودي جي باري ۾ پنج ڪلاڪ ويهاري ويٺا هئا.[اُن وقت]  مون کي دودي جي گرفتاريءَ جي ڪا خبر نه هئي. مون کان پڇيائون ته: ’دودي ڪي باري ۾ ڪيا جانتي هو؟‘ مون چيو ته:
’ترقي پسند پارٽي، جنهن ۾ دودو آهي، اُن سموري پارٽيءَ ۾
’شريف ترين ماڻهو دودو آهي، جنهن جي دامن تي ڪنهن به جُرم جو داغ نه آهي!
پُڇيائون، ’پوءِ به؟‘ مون چيو ’دودو، دودو آهي‘.
پوءِ پُڇيائون ته:’ آريسر صاحب! اگر يه بات هي تو آپ ڪو ڇوڙ ڪر وهان ڪيون گيا؟‘
مون چيو ته: ’بات يه هي ڪه هم مين جو سياسي ڪارڪن اور عورتين هين، ان ڪي ايڪ ڪمزوري هي، وه هي گاڙي‘. هنن چيو ته: ’يه ڪهو ڪه سياستدان ڪي ڪمزوري عورت اور گاڙي هي!‘ مون چيو:
’سياستدان ڪي ڪمزوري عورت اور گاڙي نهين هي‘. اُن تي پڇيائون
’ڪيون؟‘ مون هنن کان پُڇيو: ’ڪيا جناح صاحب، گانڌي اور غفار خان ڪي ڪمزوري عورت اور گاڙي ٿي؟‘. پوءِ يڪو لڳا رهيا: ’دودو ڪا ڪوئي ايڪ واقعا؟‘ مون چيو ته: ’گهٽ ۾ گهٽ دودو مون کان وڌيڪ شريف ماڻهو آهي!‘
اُن وقت مون کي دودي جي گرفتاريءَ جو پتو نه هو. آءٌ ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي ٻڌو ويو هئس ۽ دودو مون سان ’فٽاز هوٽل‘ حيدرآباد ۾، پليجي واري ميٽنگ ۾ ۱۶ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع تي مليو هو.
اعجاز: چڱو ڀلا پليجي جو ذڪر آيو آهي، ته ٻڌايو ته پليجي ۽ ممتاز ڀُٽي مان توهان کي ڪير ويجهو آهي؟
آريسر: اِهو سوال ايئن آهي ته پُڇا ڪجي ته آصف بالادي ۽ اعجاز منگي مان ڪير توکي ويجهو آهي؟ آءٌ ڪهڙو فيصلو ڪري سگهان ٿو؟ باقي پليجو منهنجو دوست آهي، سنڌ جو دانشور آهي. ممتاز صاحب ڪرم فرما ٿي سگهي ٿو. هن جي مهرباني آهي، جو قومپرست سياست ۾ آيو آهي. پليجو مون کي ڇا به چوي، منهنجي لاءِ يا سائين جي. ايم سيد لاءِ هن جا ڪهڙا به ريمارڪس هجن، پر پليجو، پليجو آهي. هڪ مسڪين ماڻهو، جيڪو هاڻي پجيرو ۾ چڙهي ٿو. اسين ته اُن وقت ۾ به گڏ هئاسين، جڏهن سندس ڪارِ کي ڌڪو ڏيندا هئاسين ۽ سنڌ ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن، بلڪ ٻن ماڻهن پنهنجي  شخصيت، ذهن جي زور تي مڃائي آهي، اُنهن ۾ پهريون نمبر پليجو آهي.
اعجاز: ٻيو نمبر؟
آريسر: ٻيو نمبر ڪير به هجي، اُها الڳ ڳالهه آهي. باقي پليجي ۾ اَنا واري ڪمزوري آهي. مولانا آزاد لکيو آهي ته ’ايگو (انا) استعمال ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن‘. پليجي کي ايگو استعمال ڪرڻ جو طريقو نه ٿو اچي. اِها ساڳي بيماري مولانا آزاد ۾ به هئي. پر پليجي جيڪا مار کاڌي آهي، اُها ’مان‘ جي ڪري کاڌي آهي.
سنڌ اياز جهڙو ماڻهو پيدا ئي نه ڪري سگهي آهي، پر سنڌ رسول بخش پليجي جهڙا ماڻهو به گهٽ پيدا ڪري سگهي آهي. پير حسام الدين راشديءَ چواڻي: ’اُهي مائرون ئي مري ويون، جيڪي دريا خان کان پوءِ جي ايم سيد جهڙو پُٽ ڄڻين‘. پر آءٌ سمجهان ٿو ته اُهي مائرون به مري ويون، جيڪي پليجي جهڙو پُٽ ڄڻين (اختلاف پنهنجي جاءِ تي)
اعجاز: توهان کي جن ڪُجهه ڪردارن سان محبت رهي آهي، نذير عباسي به اُنهن مان هڪ آهي، ڇا توهان کي اُتي نذير عباسي ياد آيو؟
آريسر: حيدرآباد ۾ نه، پر جڏهن مون کي ڪراچيءَ وٺي ويا ۽ جڏهن اُتي آءٌ سيل ۾ اندر ٿيس ته اُتي پٽ تي تڏو وڇايل هو، جڏهن دروازو بند ٿيو ته هڪ آواز آيو ’پٽي کولو!‘ مون پٽي کولي. مون کي چيائين ته ’سلوار کولو!‘ مون چيو ’ڪيون؟‘ ته هڪدم ٻي سُٿڻ اُڇلي ڏنائين، جنهن ۾ رٻڙ وارو اڳٺ پيل هو. پوءِ آءٌ سمجهي ويس ته هتي هي سُٽ وارو اڳٺ ڏيڻ ڪو نه ٿا چاهن، ته متان قيدي خودڪشي ڪري. سو اُتي نذير عباسي مون کي شدت سان ياد آيو، پوءِ مون سيل جون سموريون ديوارون ڳوليون ته ڪٿي متان نذير عباسيءَ پنهنجو نالو لکيو هجي. مون اُتي سوچيو ته اسان جيڪي مسڪين ڪارڪن آهيون، اُنهن جو حشر هڪ جهڙو ئي ٿيڻو آهي. مون کي انهن حالتن ۾ نذير تمام گهڻو ياد آيو... جڏهن مون کي اکيون ٻڌي قلعي ۾ ويهاريو ويٺا هئا ته ڪو آفيسر ٻئي کي چئي رهيو هو ته: ’ايسي باتين اگر ڪل بينظير ڀُٽو ڪري، تو ڪيا آپ اُس ڪي ڀي آنکين بانده ڪر لي آئين گي؟ آپ ممتاز ڀُٽو سي يه حشر ڪيون نهين ڪرتي؟‘ يعني اُن آفيسر منهنجي غريبيءَ واري حوالي سان ڳالهه پئي ڪئي. بهرحال نذير عباسي مون کي هونئن ئي ياد هوندو آهي، پر انهيءَ عرصي ۾ هو مون کي ڏاڍو ياد آيو.
[هُو ڪجهه وقت اُونهي خيال ۾ ٻُڏي وڃي ٿو ۽ ڪُجهه وقت کان پوءِ پاڻ مرادو ڳالهائڻ ٿو لڳي ته] باقي اعجاز صاحب! هتي ٻاهر اچي سوچيون ٿا ته اُهي سڀ شيون طئه ڪري آياسين، ٽپي آياسين، اِها جيڪا ذهن جي، حالت ٿي، اها توهان تصور نه ٿا ڪري سگهو. الائي ڇا هو؟ الائي ڇا هو؟ يعني ويهين صديءَ جي پُڄاڻيءَ تي به انسان سان ايئن ٿئي ٿو! توهان کي هڪ واقعو ٻڌايان: اسان حيدرآباد ۾ هئاسين، اُتي ٽائيم کان سواءِ پيشاب نه ڪبو هو، حيدرآباد جي هڪ نوجوان کي پيشاب لڳو، هنن کيس چيو: ’ڊبي مين ڪرو‘. نوجوان جون اکيون ٻڌل، ڏينهن جو ٽائيم هجي، وڏو مسئلو ٿي ويو، هڪ هال ۾ ٽي ڄڻا هجون. هن پيشاب ڪيو، جيڪو ڪجهه پٽ تي هيڏانهن هوڏانهن هارجي پيو. اُن تي کيس چيائون ته: ’اِهو زبانُ سان چٽ!‘ سنڌ جو نوجوان، ڀلي اُهو ’الذوالفقار‘ ۾ ڇو نه آيو هجي، اُن کي اهو چوڻ ته فرش تي ڪِريل پيشاب زبان سان چٽ، مون سوچيو ته: ’آءٌ هاءِ ڪورٽ ۾ اِهي شيون ضرور پيش ڪندس.‘
اعجاز: توهان سنڌ جي نوجوانن کي ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟
آريسر: سنڌ جو ڪهڙو نوجوان؟ سنڌ جو نوجوان رُڳو اُهو ته ناهي، جيڪو يونيورسٽيءَ يا ڪاليج ۾ پڙهي ٿو. سنڌ جو نوجوان اُهو به آهي، جيڪو پورهيو ٿو ڪري. اُن کي اها به خبر ناهي ته سنڌ ڪا شيءِ به آهي. اسان سان وڏي ويڌن اها به آهي ته اسان پنهنجن ماڻهن جي ذهنن ۾ سنڌ مڪمل طور ويهاري ئي نه سگهيا آهيون.
اعجاز: اڄ عام شاگرد، سياست کان چِڙي رهيو آهي. هو سمجهي ٿو ته سياست فراڊ آهي...
آريسر: هو صحيح آهي، جيڪو سياست کان متنفر ٿي چُڪو آهي، اُهو صحيح آهي، پر اُن نوجوان کي آءٌ اهو چوندس ته سنڌ اڄ جنهن پوزيشن ۾ آهي، اُن ۾ جيستائين هُو صرف قلم کڻندو، تيستائين اُن جي مقدر ۾ ذلت ئي رهندي، جڏهن هو سياست به ڪندو، تڏهن سندس مقدر ۾ عزت به ايندي. صحيح آهي ته سياست جي نالي ۾  سنڌ جي نوجوان سان وڏا دوکا ٿيا آهن، وڏا فراڊ ٿيا آهن، هن کي پِيڙيو ويو آهي، ماريو ويو آهي، پر جيڪڏهن صحيح سياست هجي ها ته سنڌ جو نوجوان مري ئي نه ها، پر [آءٌ چوندس ته] سنڌ جي نوجوان کي سياست ڪرڻ ڏني ئي نه وئي آهي!
مون کي ته هاڻي سمجهه ۾ ٿو اچي ته سنڌ جي پوزيشن ڇا آهي.

عبدالواحد آريسر
تو کي ڏسندي ٿيو ويساهه، ڄاڻي خدا!
علي نواز آريسر
لکڻ چاهيان ٿو اُن انسان جي ڪٿا، جيڪو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين سان مال مال هو، جنهن وٽ علم جو اڻکُٽ خزانو هو، ته وٽس ڏاهپ جو ڏانءُ به هو. هُن ۾ فيصلي ڪرڻ جون سموريون صلاحيتون مِڙي مُٺ ٿيون هُيون ته وٽس لکڻ جو به آرٽ هو. هُو لفظن کي ايئن تراشيندو هو، جيئن ڪو ڪنڀر مٽ تي چِٽ اُڪيريندو آهي. هُن وٽ ڳالهائڻ مهل پوريءَ دنيا جي تاريخ جا حوالا هوندا هُئا. هُن جي جملن ۾ محبوب جي مُرڪن جهڙيون تشبيهون هونديون هُيون. اُهو ماڻهو، جنهن کي جڏهن غور سان ڏسبو هو ته هُو دراوڙ ديس جو ڪو ديوتا لڳندو هو، پر هُن جو ديوتائن ۾ ڪڏهن به وِشواس نه رهيو هو. هُو جيڪو حقيقت پسند هو، تنهن کي  ڪڏهن حقيقتن کان مُنهن موڙيندي نه ڏِٺو ويو. هُن جي اکين جي ماڻڪين ۾ جيڪي خُمار هوندا هُئا، تن خُمارن کي ڀلي کڻي عيب جي نگاهه سان ڏِٺو ويو هُجي، پر اُنهيءَ کيپ ۽ خُمار ۾ جيڪو سنڌ جي محبت جو نشو هوندو هو، اُهو ڏِسندڙن مٿان به طاري ٿي ويندو هو، هُو ڪڏهن مدهوشيءَ جي عالم ۾ هوندو هو ته اسان جا ڪيترا گهڻ پڙهيا دانشور کيس طنز جي نگاهه سان ڏِسندا هُئا، پر هُن جي اِها مدهوشي به ڪيترن سوالن جا جواب ڳوليندي هُئي.
آءٌ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اُنهي انسان جي اندر ۾ ويساهه ايترو گَهرو ڪيئن هو؟ اهڙو ويساهه جنهن جي گهرائي ۾ لهڻ به گهڻن جي وس ۾ نه هُجي، پوءِ هُو ايڏو ويساهه ڪيئن ڪندو هو؟ آخر اهو ڪهڙو عقيدو هو، جيڪو هُن کي ويساهه جي پنڌ ۾ ڪٿي به ويساهين ڪرڻ نه ڏيندو هو. هُن تي سندس زندگيءَ ۾ ڪيترا الزام لڳا، پر هن انهن الزامن جو رواجي جواب ڏئي، پنهنجي ويساهه کي ڪڏهن به داغدار نه ڪيو، هُن سان ڪيتريون ئي ويساهه گهاتيون به ٿيون، پر هن هميشه ايئن چيو ته:
مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.
اهڙي ماڻهوءَ تي ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي پاڻ ۾ اوترو ئي ويساهه پيدا ڪرڻو پوندو، جيترو ويساهه هُن جي ساهن جي آخري پلن تائين برقرار رهيو. اُهو انسان، جنهن کي دنيا ’عبدالواحد آريسر‘ طور ياد رکندي، پر ان انسان کي مون هميشه سنڌ جي عاشق جي رُوپ ۾  ڏِٺو، پرکيو ۽ محسوس ڪيو. منهنجو ساڻس تعلق ته گهر ڀاتيءَ وارو هو، پر مون کيس شعوري طور پهريون ڀيرو ۱۹۹۲ع ۾ سمجهيو، جڏهن هُو اڻ ڏٺل قوتن جي ٽارچر سيل مان موٽي آيو هو، جيتوڻيڪ هو ان وقت بيحد ڏٻرو لڳي رهيو هو، پر اُن ويلي به مون سندس اکين ۾ مايوسي نه ڏِٺي. مون کي اُها رات اڄ به ياد آهي، جڏهن هُو دوستن سان ڪچهريءَ ۾ مشغول هو ۽ ڪچهري ڪندي ڪنهن سمي هُن کان هلڪي دانهن نڪري ٿي وئي، ۽ اُها دانهن ظاهري طور ته هُن جي جسم تي لڳل زخمن جي هُئي، پر حقيقت ۾ اُها دانهن، سنڌ جي سُورن جي دانهن هُئي، جنهن کيس سنڌ جي ڏکين پيچرن تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو هو.
عبدالواحد آريسر، جنم ته هڪ غريب ٻڪرار جادي آريسر جي گهر ۾ ورتو هو، پر سندس دانائيءَ ڪيترين ئي ڳڀور جوانين کي ديوانو بڻائي ڇڏيو هو، اِهو سندس عشق ئي هو، جنهن سان هُو سخت کان سخت  اذيتن ۽ آزمائشن مان لنگهي پار پيو هو، نه ته ڪيترا ئي پهلوان مڙس انهن اذيتن جي ڊپ کان ڀڄي ويا، اهو عشق ئي هو، جنهن جي ڪري هُو پنهنجي ايمان کي به سلامت رکيو آيو ته ڏٻري جان کي به. نه ته اسان جي سامهون ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو موجود آهن، جن وِچينءَ تي روزو ڀڃي ڇڏيو هو.
ڪارونجهر جهڙي هن اڏول انسان ۱۹۴۹ع ۾ وائوڙي [انڙآباد] ۾ جنم ورتو ۽ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌيءَ جا پاس ڪري، هُو ڀينڊي شريف جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، اُتان ئي کيس سنڌ جو عشق لڳو، ۽ اُتي ئي سندس شناسائي سن جي سائينءَ جي ڪتابن سان ٿي، اُتي ئي سيد تي نڪتل مُلن جي فتوا سندس سامهون آئي ته هن اُن وقت بغاوت ڪئي ۽ انهي فتوا تي صحي نه ڪرڻ لاءِ مدرسي جي معلم کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، اُتان ئي ڀٽڪڻ سندس حصي ۾ آيو. اهڙيءَ طرح هُو مختلف گهاٽن تان پاڻي پيئندي، جڏهن سيد اعظم سان روبرو مليو ۽ جڏهن سيد سان ساڻس گفتگو ٿي ته ڄڻ ٻئي عاشق ۽ محبوب هڪٻئي کان سواءِ اڻپورا ۽ اڌورا محسوس ٿيا هئا، اهڙيءَ طرح اُهو عبدالواحد آريسر هڪ مُلي مان  ’قومپرست‘ بڻجي ويو، جنهن جي حصي ۾ آئي جيل جي دال ماني ۽ هُو انهي جيل جي دال تي زندگيءَ جو تمام وڏو عرصو خوش رهيو، ۽ پوءِ هُن ڪڏهن مُڙي به مدرسي جي اُڦراٽن ۽ فَقَر جي لولن کي نه ڏٺو. آريسر صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج تي سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ اختر بلوچ جي مان  ۾ ڏنل آجياڻي وقت آيو ۽ هن پهريون ڀيرو ڀرپور تقرير ڪئي، جنهن سنڌ جي سياسي ميدان ۾ نوجوانن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ الڳ جاءِ جوڙي ورتي،
آريسر صاحب، پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت غريب انسان هو، پر هن ڪٿي به غريبيءَ کي ڪيش نه ڪرايو، توڙي جو کيس ڪيترين ڌرين پاران ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون ويون، پر مارئيءَ جي مُلڪ جي مٽيءَ جي خمير ۽ ضمير مان جُڙيل هن شخص جو صرف هڪڙو ئي جواب هوندو هو:
ايءُ نه مارُن رِيت، جي سيڻ مٽائن سون تي.
سون تي سيڻ مٽائڻ وارو ماڻهو، مارئيءَ جي مُلڪ جو خمير ڪيئن ٿي ٿِي سگهيو، هن نه رُڳو مارئيءَ جي لوئيءَ جي لڄ رکي، پر هن ته دودي جي تلوار کي به مانُ ڏنو هو.  آريسر صاحب ۾ مون ڪيتريون ئي خوبيون ڏٺيون، مون هُن کي هر رُوپ ۾ ڏٺو، خوشيءَ ۾ به ڏِٺو، ته غم واري ڪيفيت ۾ به محسوس ڪيو، پر هُو عجيب ماڻهو هو، هن ۾ خوشي برداشت ڪرڻ جو به مادو هو ته غم کي پي وڃڻ جي سگهه به هُئي. هُو ڀروسو ٽوڙيندڙن جو ڀرم رکڻ به ڄاڻندو هو ته، ويساهه گهاتيون ڪندڙن لاءِ به وٽس ڪو ڏوراپو نه هو ۽ جي کيس ڪو دوست چوندو به هو ته فلاڻو غدار آهي، هُو پاڻ کي ڇڏي ويو آهي ته هُو محبوب جيان مُرڪندي صرف ايترو چوندو هو ته هُن پاڻ کي نه، پر سنڌ کي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جا پنڌ هر ڪنهن جي وس ۾ ڪٿي آهن.
سائين آريسر سان مُنهنجا ڪيترا ئي رشتا آهن، هُو مُنهنجو  اڳواڻ هو، دوست هو، استاد هو، پر سڀني کان اٽل رشتو دوستيءَ جو هو. هُن مون کي لِکڻ سيکاريو، ڳالهائڻ سيکاريو ۽ پريت نڀائڻ جو ڏانءُ به سيکاريو. آءٌ سمجهان ٿو، اِها دعوا هر قومي ڪارڪن ڪري سگهي ٿو، ڇو ته هُن سڀني قومي ڪارڪنن کي سياست جي لاهن چاڙهن کان واقف ڪيو هو، هُن ادب جا مڙئي آداب سيکاريا هُئا، هُو جيتوڻيڪ نثر جو تخليقڪار هو، پر هُن ته ڪيترن ئي نون شاعرن جي حوصلي افزائي ڪئي، ڪيترن ئي شاعرن جي ڪتابن جا مهاڳ لکيا، ڪيترن ئي ننڍن شاعرن جي شاعريءَ جا حوالا سندس تقرير توڙي تحرير جو حصو بڻيا. هُو اهو سڀ ڪجهه شعوري طور ڪندو هو. هُو معمولي ڳالهين مان سياست کي اُڀارڻ جو فن ڄاڻندو هو، هُو ننڍڙن خيالن مان وڏيون معنائون ڪڍي سگهندو هو.
سياسي زندگي
عبدالواحد آريسر، ۱۹۶۴ع ۾  جڏهن چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو، تڏهن سائين جي.ايم سيد جي نالي کان واقف ٿيو، اُن بعد جڏهن هُن سائينءَ جو ڪتاب ’موجوده سياسي مسئلا‘ پڙهيو هو ته هُن جي ذهن ۾ سيد سان ملڻ جي خواهش جاڳي ۽ هُو مُلن وارا خيال پاسيرا رکي، سنڌ جا پُور پچائڻ لڳو.  بعد ۾ ۴ مارچ ۱۹۶۷ع ۾ جڏهن شاگردن تي گوليون وسايون ويون ته انهيءَ سانحي سندس ذهن تي ڪافي اثر وِڌو، انهيءَ دوران سائين جي.ايم سيد جو ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ [۱۹۶۸ع] ۾ پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن هن کي سيد سان ايترو ته ويجهو ڪيو، جو هُو هر پل سيد جي خيالن ۾ گذارڻ لڳو. اهڙيءَ طرح عشق ۽ وصال جو اهو سلسلو جاري هو ته هن ’حُريت‘ اخبار ۾ قومپرستيءَ جي حق ۾ هڪ مضمون لکيو، انهيءَ مضمون سان گڏ سندس مسجد جي حُجري واري ايڊريس پڻ لکيل هُئي، اُهو مضمون پڙهي قومي ڪارڪن مهر علي مرزا ۽ مدد علي سنڌي وٽس اچي پهتا، جن سان ڳالهيون مُهاڙيون ٿيون ۽ پاڻ انهن کي سيد لاءِ هڪ خط لکي ڏنائين، جيڪو بعد ۾ سائينءَ جي ڪتاب ’اڄ پڻ چِڪيم چاڪ‘ ۾ ڇپيو. ۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ جڏهن شيخ مجيب الرحمان سنڌ جي دوري تي نڪتو هو، اُن وقت آريسر صاحب جي سائين جي. ايم سيد ۽ شيخ مجيب سان پهرين مُلاقات ٿي هُئي، جيڪا کيس ساهه جي آخري پلن تائين ياد رهي. اُن بعد ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن ٻوليءَ وارا فساد شروع ٿيا ۽ سائين جي.ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو، تڏهن اُن وقت جي گورنر اخبارن ۾ بيان جاري ڪيو هو ته: ”اسان سنڌ جي سائينءَ کي گرفتار ڪيو ته پُٺيان ڪُتي به ڪانه ڀونڪي.“ آريسر صاحب اُن وقت مسجد ۾ پيش امام هو ۽ گورنر جي انهيءَ اخباري بيان جو جواب ’پيغام‘ رسالي جي اجراءَ سان ڏنائين. ’پيغام‘ رسالي جي  شايع ٿيڻ سرڪار جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، اُن دوران [۱۹۷۳ع] حفيظ پيرزادي کي چماٽ لڳڻ وارو واقعو پيش آيو ته آريسر صاحب، چماٽ هڻندڙ نوجوان اسماعيل وساڻ جو فوٽو ’پيغام‘ ۾ ’جوڌي جو وچن‘ جي ڪئپشن سان شايع ڪيو، جنهن سرڪار کي اڃا وڌيڪ مڇرائي وِڌو، کيس مختلف طريقن سان ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو به ويو، پر مٿس ڪو به اثر نه ٿيو، اهڙيءَ طرح جڏهن ’پيغام‘ جي شماري نمبر ڏهين تي ممتاز ڀُٽي جي تصوير شايع ڪيائين، جنهن ۾ ممتاز ڀُٽو، پناهگيرن کان معافي وٺي رهيو هو، ته سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا ۽ رسالي تي پابندي هنئي وئي. اُن وقت هن مسجد جي حُجري ۾ سُونهاريءَ کي صافي ڏئي، روپوشي اختيار ڪئي. انهيءَ روپوشيءَ واري عرصي ۾ سائين جي.ايم سيد سان ملاقاتون به ڪيائين ته سنڌ جي قومي جلسن جو حصو به بڻجندو رهيو، ’حسين مشوري‘ جي نالي سان جلسن ۾ تقريرون به ڪندو رهيو، پر روپوشي گهڻو عرصو قائم نه رهي سگهي، نيٺ کيس ڀُٽي صاحب جي جمهوري دور ۾ اپريل ۱۹۷۵ع دوران  گرفتار ڪيو ويو ۽ اُها سندس پهرين وڏي ۽ ڊگهي گرفتاري هُئي ۽ سندس انهيءَ گرفتاريءَ جي پُڄاڻي، ڀُٽي صاحب جي حڪومت جي خاتمي سان ٿي ۽ جيل مان آزاد ٿي آيو. جيل ۾ رهندي به آريسر صاحب تنظيمي سرگرميون جاري رکيون، سندس لکڻ پڙهڻ جو سلسلو به جاري رهيو ۽ هن وڌ کان وڌ ڪتاب جيل اندر ئي لکيا، جن ڪتابن سنڌ جي شعور کي جهنجهوڙي جاڳائي وِڌو.
جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ هُو اڳي کان اڳرو سياست جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو، هن سياست کي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري جي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمنٽ مان ڪڍي عوام تائين پهچايو، گڏو گڏ سياسي ادب به تخليق ڪندو رهيو، پر کيس ٿوري ئي آزادي مس نصيب ٿي ته کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، انهيءَ گرفتاريءَ ۾ سندس ڏوهه صرف اِهو هو ته: هن بنگلاديش جي عظيم شهيد شيخ مجيب الرحمان جي ورسيءَ جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جلسو ڪيو هو.[اُن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر جديد سنڌي شاعريءَ جو باني شيخ اياز هو، ۽ اقتدار جي مسند تي جنرل ضيا ويٺل هو] سندس هيءَ گرفتاري اڳينءَ کان گهڻي ڀاري هُئي، کيس ٻه سال سزا، ۱۰ ڦٽڪا ۽ ۶۰ هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ملي هُئي.  کيس ۱۱ فيبروري ۱۹۸۱ع تي ڦٽڪا لڳا هُئا، جيڪي ايترا ته زوردار هنيا ويا، جو ستين ڦٽڪي تي ڦٽڪو ٽُٽي پيو هو ۽ ٻيو ڦٽڪو آندو ويو هو، جنهن سان باقي منظور ٿيل ڦٽڪا کيس هنيا ويا. هُو انهن ڦٽڪن جي اذيت کي سهڻ لاءِ ذهني طور تي پهريان کان ئي تيار هو، جو ڦٽڪن لڳڻ کان هڪ ڏينهن پهرين هڪ طويل نظم ’جيل جون بُلند ديوارون‘ جي عنوان سان لکيو هئائين. اُن وقت پاڻ ’جيئي سنڌ محاذ‘ جو يڪراءَ چيئرمئن هو. آريسر صاحب جيل جي عرصي ۾ به اڏول رهيو، کيس ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون ويون، پر هي مڻيي تي موهجي سنڌ جي عشق تان دستبردار ٿيڻ وارن مان نه هو. جيئي سنڌ محاذ جي پليٽ فارم تان هن سياست ۾ ڪيترا ئي نوان لاڙا متعارف ڪرايا، قومي ڪچهرين جو بنياد وڌائين، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قائم ٿيل يونٽن ۾ ’اسٽڊي سرڪل‘ شروع ڪرايائين، قومي ڪارڪنن ۾ مڪمل شعور جي لاٽ ٻاريائين، نتيجي طور جيئي سنڌ محاذ جو ڪم هر ننڍي وڏي ڳوٺ تائين پهتو، نوجوانن جا انبوهه قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا، پاڻ قومي جلسن ۾ اهڙيون ته دل آويز تقريرون ڪندو هو، جو ماڻهو ساهه روڪي به سندس تقريرون ٻُڌندا هئا ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين سندس تقريرن جو سحر نوجوانن جي ذهنن تي رهندو هو. توڙي جو انهيءَ دوران ڪيترا ئي دوست سندس مخالف به بڻيا، ڪيترن ئي محبوب چهرن کيس نانگ بڻجي ڏنگيو، پر هُو پوءِ به انهن ڏانهن ڇِڪجي ويندو هو، هُو چوندو هو ’اوهين مون کي ڀلي رُسوا ڪندا رهو، پوءِ به اوهين مُنهنجا پنهنجا آهيو، پوءِ به اوهين مون کي پيارا آهيو.‘ [انهن دوستن مان ڪيترن ته سندس وَئي پُڄاڻا اخبارن ۾ ڪالم لکي، پنهنجي پاڻ کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪيترن وري ساڻس اختلافن تي معافيون پڻ ورتيون آهن] مون کي حيرت اِن ڳالهه تي آهي ته اُنهن اخباري ڪيڙن کي آخر ڪهڙي ضرورت پئي پنهنجي پاڻ کي دُرست ثابت ڪرڻ جي! [دليل جو سهارو اڪثر ڪوڙو ماڻهو وٺندو آهي] هُن ته ڪڏهن به پنهنجي زبان سان کين غلط چيو ئي نه هو، ته پوءِ ڪهڙي ضرورت هُئي انهن دوستن کي معافيون وٺڻ جي، جن کي هُن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن ٻن لفظن جو  ڏوراپو به نه ڏنو هو.
آريسر صاحب جي سياسي حڪمت عمليءَ کان هي رياست سدائين خوفزده رهي ۽ سدائين کيس جيل موڪلڻ جا بهانا ڳوليندي رهي، پر هُو اهڙو ته سياستدان هو، جنهن پنهنجي ڪارڪنن کي اهڙي ٻولي سيکاري ڇڏي هُئي، جيڪا ماءُ جي ٿڃ جيان مُقدس هُئي، جنهن ۾ الزام جو ته ڪو اُهڃاڻ به نه هوندو هو. نيٺ ناڪام ٿي بنا سبب جي کيس ۱۹۹۲ع ۾ پنهنجي چونئري مان گرفتار ڪيو ويو، سندس گرفتاريءَ جي خبر، سنڌ جي سائينءَ جي ڪنن تائين پهتي هُئي ته هُن پنهنجا ڏٻرا هٿ کڻي چيو هو ته: ”يا خدا مُنهنجي آريسر جو عشق جو پَرتو اٿئي.“ اُن وقت کيس اکين تي پٽي ٻڌي وئي ته جيئن هُو مخبر کي سُڃاڻي نه سگهي ۽ جنهن رستي ڏانهن کيس نِيو پيو وڃي، انهيءَ رستي جي گهٽ گهيڙ کان واقف نه ٿي سگهي؛ پر هُو احمق هُئا، جن کي شايد اهو پتو نه هو ته، هُو اهڙو انسان هو، جيڪو پکين جون ٻوليون به سمجهي ويندو هو، هُن جي ڇهين حِس هُن کي هر شيءِ کان واقف ڪيو هو، اُهو ڪنهن جي آواز کي نه سُڃاڻي، اهو ڪيئن ممڪن بڻجي ٿي سگهيو، ۽ هُو اهڙو سيلاني ٿي سنڌ جي رستن تان گذريو هو، جنهن سان سنڌ جا رستا محبوبه جيان سرگوشين ۾ به ڳالهائيندا هُئا، انهي ماڻهوءَ جي اکين تي پٽي ٻڌي وڃي، يا ڪنن ۾ ڪپهه وِڌي وڃي، تڏهن به هُو مڪمل شعور سان انهن ماڻهن ۽ انهن رستن کي سُڃاڻڻ جي سگهه رکي پئي سگهيو. آريسر صاحب ۾ هڪڙي  اِها به خوبي هُئي، جو هو  سنڌي قوم سان بيپناهه پيار ڪندو هو ۽ جيڪو بيپناهه پيار ڪري، اُهو انهي قوم جي ڪنهن فرد جو نالو پنهنجي زبان تي ڪيئن ٿي آڻي سگهيو، پوءِ اُهو مخبر ئي ڇو نه هجي. هُن ته انهيءَ ماڻهو جو به ذڪر ڪٿي نه ڪيو، جنهن کيس [ٽارچر سيل مان آزاد ٿيڻ وقت فوجين کي ڏسي]سُڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو. اُهو ماڻهو، جنهن سان گڏجي هُن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيو هو، اُهو ماڻهو، جيڪو اڃا ’ڪارو ڪوٽ‘ پائڻ نه سِکيو هو، تڏهن هن آريسر کان سياست جي سکيا ورتي هئي ۽ اُن ماڻهوءَ جڏهن سرڪاري ڪمداري شروع ڪئي ته آريسر کي هڪ ڪالم ’ساري رات اک نه جهپڪي آ‘ لکڻ تي مجبور ڪيو هو. هُو وري به گدائي جي لفظن ۾ چوندو رهيو.
سفر زندگيءَ جو، ڪَٺن هو گدائي،
بهرطور گُذريو، گذاري ڇڏيوسين.
آريسر صاحب جي ۱۹۹۲ع واري گرفتاري پنج مهينا هلي، اُن وقت جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمئن سيد غلام شاهه هو، جنهن اُن وقت اسلام آباد جي آزاد فضائن جا مزا پئي ورتا ۽ آريسر ٽارچر سيل ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پئي لوڙيو. مٿس ايترو ته تشدد ڪيو ويو هو، جو سندس نظر ڪافي جهيڻي ٿي وئي هُئي، کيس ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون هُيون، هُو ايترو ته ڪمزور ٿي ويو هو، جو کيس پهرينءَ نظر ۾ سندس محبوب دوست اعجاز منگي به سُڃاڻي نه سگهيو هو. پر جڏهن اعجاز منگي انٽرويو ورتو هو ته انهي انٽرويو سندس مخالفن کي لوڙهي ڇڏيو هو، هُن جي انهي انٽرويو ۾ ڪٿي به ڪا بيوسي نظر نه پئي آئي ۽ هن اهڙي ته اعتماد سان اعجاز منگيءَ جي سوالن جا جواب ڏنا هُئا، جو اُهو انٽرويو اڄ به قومي ڪارڪنن جي لاءِ حوصلي مند آهي.
آريسر صاحب پهريان جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمئن رهيو، بعد ۾ پنهنجي خوشيءَ سان سيد غلام شاهه کي اُها ذميواري سونپيائين، جنهن قومي تحريڪ سان جيڪي ڀال ڪيا، سي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهجن، اُن بعد جڏهن سائين جي.ايم سيد جو وڇوڙو سنڌ جي حصي ۾ آيو ته پوري سنڌ ڇوري ٿي پئي هُئي، پر آريسر ئي اُهو انسان هو، جنهن تي سنڌ اعتماد ڪري پئي سگهي ۽ سائينءَ جي چاليهي تي ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جو بنياد وجهي، آريسر کي اُن جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. پاڻ ڪُجهه وقت سياسي سرگرميون جاري رکيون ۽ تنظيم کي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ متعارف ڪرائڻ کان پوءِ تنظيم جون ذميواريون بشير خان کي اهو چئي سونپيائين ته ”آءٌ هاڻي بيمارين جو گهر بڻجي پيو آهيان، تون نوجوان آهين، تنظيم کي سنڀال.“ اڳتي هلي: جيئي سنڌ قومي محاذ ٻن حصن ۾ ورهائي ته کيس وري به چيئرمئن چونڊيو ويو، جنهن تي پاڻ آخري وقت تائين ثابت قدم رهيو.
ادبي زندگي
آريسر صاحب جي ادبي زندگيءَ جو آغاز، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب ’سنڌي ٻولي جو بُڻ بڻياد‘ تي ٿيل تنقيد جو جواب ڏيڻ سان ٿيو، اُن بعد پاڻ ڪيترا ئي ادبي مضمون لکيائين، خاص طور تي سندس لاڙو ترقي پسند سوچ ڏانهن رهيو، هُن جو خاص ڌيان ’ادب ڇو ضروري آهي‘ ۽ هڪ سچي اديب جون ذميواريون.‘ رهيو. اهڙيءَ طرح پاڻ پهريون ڀيرو مولانا آزاد جي ڪتاب جو ’جواهر آزاد‘ جي نالي سان ترجمو ڪيائين، پاڻ مولانا آزاد جي تحرير توڙي شخصيت کان گهڻو متاثر رهيو، جڏهن پاڻ رسالو جاري ڪيائين ته اُن جو نالو به مولانا آزاد جي رسالي ’پيغام‘ جو رکيائين. سندس طبعزاد پهريون ڪتاب ’پرهه جو پيغام‘ ٻيو ڪتاب ’صدين جون صدائون‘ هو، جن تي ڀُٽي صاحب جي گورنمنٽ بندش وِڌي هُئي. مجموعي طور هن ٽيهن کان مٿي ڪتاب لکيا، جيڪي مختلف موضوعن تي مشتمل رهيا، جن ۾ سياسي تقريرن کان علاوه، (سچ وڏو ڏوهاري آ) بلاولي تحريڪ جو تاريخي حوالي سان جائزو. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ڳُوڙهو اڀياس،[وريا واهرو] جيل ڊائريون، [ترم ياترا، ماڙين ماريس ڪينڪي ۽ اسان جيئن جيئي ڪو] جيڪو بعد ۾ (ڳچيءَ ڳانا لوھ جا) جي نالي سان گڏيل صورت ۾ ڇپيو. هي ڪتاب جيل جي يادگيرين سان گڏ پوري دنيا جي سياسي جائزي تي ٻڌل آهن. سائين جي. ايم سيد تي ٻن جلدن ۾ ضخيم ڪتاب [جي.ايم سيد ۽ ڇا ته شخص هو] لکي، سائينءَ جي شخصي توڙي فڪري پاسي کي روشن ڪيائين. آءٌ سمجهان ٿو: سائين جي.ايم سيد تي اهڙي فڪري انداز ۾ اڄ تائين ڪو ڪتاب نه لکيو ويو آهي. هڪ ڪتاب[مجيب ۽ ڀُٽو] شيخ مجيب الرحان ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي تي لکيائين، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن جي سياسي حوالي سان ڀيٽ ڪئي اٿس. يورپ جي انقلاب جي پسمنظر ۾ لکيل فرانز فينن جي ڪتاب [مٽي هاڻا ماڻهو] جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جنهن ۾ يورپ جون سياسي ۽ سماجي حالتون، سنڌ سان هڪجهڙائي رکندڙ آهن. هيءُ ڪتاب سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪندڙ آهي. تاريخ جي موضوع تي سندس ڪتاب [سَر ۾ سانجهي وير] اهم ڪتاب آهي، هن ڪتاب ۾ اُنهن گمنام هيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي مغل امپائر ۾ گمنام سُورمن طور وڙهندا رهيا، جن جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ذڪر ٿيو هو. سنڌ جي پنجن اهم شخصيتن تي لکيل [ماڻهو ميگهه ملهار] سندس اهم ڪتاب آهي، هن ڪتاب جي ٻولي شاهڪار آهي ۽ سندس خاڪن لکڻ جو انداز به دلڪش آهي. ساڳيو ڪتاب سندس وڇوڙي کان پوءِ (ويراڳي جي وڃڻا ها) جي نالي سان تاج جويي ترتيب ڏئي ڇپايو آهي، جنھن ۾ ۲۰ کن شخصيتن جا خاڪا آهن، ان کان علاوه سنڌ جي چئن اهم شخصيتن تي هڪ ڪتاب (نئين دور جا نوان چار درويش) جي نالي سان سندس وڇوڙي کان پوءِ ڇپيو. سندس عدالتي بيان [ٿي نه محبت مات] به مولانا آزاد جي جڳ مشهور ڪتاب ’قولِ فيصل‘ کان متاثر ٿي لکيو ويو آهي. هيءُ عدالتي بيان به سنڌ جي ڪيس طور اهم حيثيت رکي ٿو. اُن کانسواءِ بينظير ڀُٽو واري سانحي کان متاثر ٿي هڪ ڪتاب[اُميد جو قتل] لکيائين، جنهن ۾ جيئي سنڌ جي حوالي سان بينظير جي راين کان علاوه ڀُٽي خاندان جي پاڪستاني سياست ۽ سنڌ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ٻين ڪتابن: ٽهڪي نڪتا ٽوهه، سنڌي سماج جو جائزو، قومي تحريڪ ۽ قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون، چانڊوڪيون ۽ چيٽ، سِر جي صدا سُر ۾، وطن يا ڪفن، وطن پرستي، مولانا آزاد جي سياسي بصيرت، ڌرتيءَ جي ڌڙڪن کان علاوه ڪيترا مضمون، مقالا، انٽرويو، مهاڳ، تاريخ ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي سندس لکڻيون اڄ به سنڌ جي علمي ادبي لائبريرين ۾ محفوظ آهن، جيڪي سنڌ جي نئين نسل جي قومي ۽ فڪري رهنمائي ڪنديون رهنديون. آريسر صاحب جي تقريبن سڀني ڪتابن جا ڪيترا ئي ڇاپا ڇپجندا رهيا آهن، پر هر ڀيري ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ اهي ڪتاب اڻلڀ هجن. سنڌ، ٻن اهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن سنڌي نثر کي شهباز جي اُڏام ڏني، اُهي ماڻهو آهن شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر. ٻنهيءَ جي نثر ۾ رومانوي تشبيهن سان گڏ، دانشمنديءَ جا جوهر به پسجن ٿا. نصير مرزا، آريسر صاحب کي سنڌي نثر جو بادشاهه ڪوٺيو آهي. هُو شاعر ڪونه هو، پر سندس نثر، مولانا آزاد جي نثر وانگر شاعراڻو هو، ۽ جڏهن سندس دل رنگينيءَ ڏانهن مائل ٿيندي هُئي ته هُو نثري شاعري به ڪري وٺندو هو، اُن شاعريءَ کي، ناليواري اديب تاج جويي سهيڙي، ’انڊلٺ ريکائون‘ جي نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايو آهي. اهڙيءَ طرح سندس وڇوڙي کان پوءِ تاثراتن تي مشتمل ٻه ڪتاب (هُو جو سراپا عشق هو) ۽ (تاريخ سان تعزیت) جي نالي سان تاج جويي ترتيب ڏئي چاليهي جي موقعي تي پڌرا ڪيا، ساڳئي وقت نواز خان زئور (عبدالواحد آريسر) جي نالي سان هڪ بهترين ڪتاب لکي سندس زندگيءَ جي مختلف پاسن جو اڀياس ڪيو آهي، جيڪو پڻ چاليهي جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو، نصير مرزا هڪ ڪتاب........... لکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۽ عثمان پنهور (سڄڻن جون ڳالهيون) جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو ۽ سندس چوٿين ورسيء جي موقعي تي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار حيدر دريا هڪ شاندار ڪتاب لکي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، جيڪو پڻ سندس شخصيت کي سمجهڻ ۾ مددگار بڻبو. ان کان علاوه منصور مزاري ۽ واحد ڪانڌڙي سندس ڪجھ ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپايا آهن.
آريسر صاحب جو شاعريءَ سان به شغف رهيو ته موسيقيءَ سان به گهڻو چاهه هُئس، هُو صادق فقير کي ڌيان سان ٻُڌندو هو ۽ صادق کي سدائين اهو فخر رهيو ته: ”هُن جي ٻڌندڙن ۾ اُهو ماڻهو به شامل آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ کي پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ جا هزارين نوجوان پنهنجا ساهه روڪي سندس تقريرون  ٻُڌندا آهن.“ آريسر صاحب جو هڪ غزل اسلم تُنيي جي آواز ۾ رڪارڊ به ٿيو، جنهن کي پوري سنڌ ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي، اُهو غزل آءٌ پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊ ڪريان ٿو:
ڪاڪ ڪنڌيءَ تي، ڀيڄ ڀِنيءَ ۾ ڪيئي ڪنول ٽڙيا،
جڏهن خوشيءَ ۾ مهڪيا، تُنهنجا نيڻ نماڻا ها.
شعلا شعلا تُنهنجون نگاهون، چپ ڄڻ آڳ اُلا،
آءٌ اَياڻو ڪيئن ڄاڻان، هي مومل ماڻا ها.
ڪنڌ ڪپيل ۽ جسم سڄي تي، انڊلٺ ريکائون،
ڪنهن کي ڳولين پئي ڳَهيلي تُنهنجا راڻا ها.
اُڀ سڄي ۾ اڄ پيا ٽمڪن، ڪيئي ٽانڊاڻا،
ڪارونجهر مان رت ڦُڙا جي، ڪالهه اُڏاڻا ها.
سنڌ جي هن قومپرست اڳواڻ، قومي دانشور عبدالواحد آريسر ۳ مئي ۲۰۱۵ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ وائوڙي [اُنڙآباد] ۾ آهي، جتي روز جو ڪيترا قومي ڪارڪن حاضري ڀريندا رهن ٿا.

عبدالواحد آريسر
ڇا ته شخص ھيو
رام اوڏ
امرڪوٽ پنهنجي تاريخ ۾ ٻه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا. هڪ اڪبر، ٻيو عبدالواحد. آريسر جي شروعاتي سياست جيئڻ لاءِ اتساهه هئي ۽ زندگي جو آخري ڏهاڪو ٽريجڊي سان ڀرپور هو. پيش امام کان قومپرست اڳواڻ تائين هن جي جيون سفر جي ڪهاڻي نه رومانوي آهي، ۽ نه ئي ديو مالائي! هن جي زندگي ۾ حقيقت جو هڳاءُ هو. هو تحرير ۽ تقرير ۾ حقيقت پسند ۽ مدلل هو. آريسر پڙهيو ته مدرسن ۾ هو، پر هو ساري حياتي سيڪيولر ۽ ترقي پسند انسان دوست رهيو. انسانيت جي عظمت سندن وڙ ۽ وکر ۾ عيان هئي. سادگي ۽ سچائي جي انوکي روپ ۾ آريسر حقيقت سان خوب نڀايو. سندن پورهيو پيار آهي، ته اتساهه به آهي. هن جي وجود ۾ ڏاهپ ۽ سهپ جو سنگم هو، جو هو پرتشد سياست جو حامي نه هو. امن جي دامن کي دل سان لائي اڳتي وڌندو رهيو. دليل ۽ دانائي جي واٽ تي هن جا ٻول ۽ قول اهو ثابت ڪندا رهيا ته اڙانگن رستن تي راهي ٿي به مظلوم عوام جي رهنمائي ڪري سگهجي ٿي. هن ڪٿي تقرير ۾ چيو هو ته “سوشلزم اهو ڳڀ آهي جنهن جو ذائقو اڃا دنيا جي محڪوم قومن چکيو ئي ناهي.” سائين جي ايم سيد جيان آريسر صاحب به سوشلسٽ نقطه نظر تي واضح هو، هو پنهنجي ڪتاب “چانڊوڪيون ۽ چيٽ” ۾ لکي ٿو: “آئون مارڪسوادي آهيان. انهي پوڙهي جرمن جي چرنن ۾ پنهنجو سيس ٿو نمايان، جنهن نظرياتي طرح محنت کي سرمايي کان وڌيڪ با عزت ۽ با وقار سڏي انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسڪين ۽ پورهيت کي اهو سيکاريو ته هي ڪائنات جي خوبصورتي ۽ ان ۾ شين جي هي جوڙجڪ تنهنجن ئي هٿن ۽ ذهنن جو ڪارنامو آهي. ان ڪري هن دنيا تي حڪومت ڪرڻ تنهنجو ئي حق آهي، ڇو ته تون گهڻائي ۾ آهين.”
هن جديد دور ۾ هڪ قومي تحريڪ جو جاگيردار، سرمائيدار ۽ سامراج مخالف هئڻ سان گڏ سيڪيولر هجڻ به ضروري آهي. اهي سڀ ڳالهيون آريسر جي ائپروچ ۽ عمل ۾ هيون. . آريسر جي خوبي اها هئي ته هو ان ڳالهه ۾ نه صرف واضح هو، پر عملي طور تي جدوجهد جي محاذ تي انهن نقطن تي عمل ڪندڙ به هو. حقيقت ۾ هو جاگيردار سماج جي رجعت پسند روايتن کان بغاوت ڪري سياست کي عام ماڻهو وٽ کڻي ويو ۽ عام فهم پيدا ڪري ويو. جيڪڏهن ڪنهن تحريڪ يا فرد جا پنڌ ۽ پيچرا ڪنهن پير جي درگاھ تي کٽن يا ڪنهن جاگيردار جي اوطاق تي ڇيھه ڪن، ته پوءِ اها تحريڪ هجي يا فرد، ايئن ختم ٿي ويندو آهي جيئن روهيڙي جا رتا گل ڪجھه وقت کان پوءِ ڇڻي ويندا آهن. اسان جي سماج ۾ سياست جي نالي ۾ اهڙو ڏوھ اپر ۽ مڊل ڪلاس جا فرد اوچي ڳاٽ سان ڪن ٿا، جتي سڀ ڪجھه مايا آهي، ضمير نالي ڪا شيءَ ناهي. آريسر غربت ۾ گذاري لطيفي فڪر جي پوئيواري ڪري ويو. “رهبر ٿي ريڙهيانس سونهاري ساڻيهه ڏي” جهڙي سٽ هن جي جيون جو خلاصو آهي. دانش ۽ دل وارو هي ماڻهو عوامي ئي رهيو. سادگي سندن سونهن هئي. هو سياست جي پچ تي ڪاروباري ذهن رکندڙ نه هو. عبدالواحد چيو:“ ڪوبه شھري ايترو دولتمند نه هجي جو ٻئي شھري کي خريد ڪري سگهي، محنت، ذهن، ضمير ۽ جسم سميت، ۽ نه وري ڪو شهري ان پوزيشن ۾ هجي جو پنهنجي محنت، ذھن، ضمير، جسم ، ڏات ۽ رات سميت وڪرو ٿيڻ لاءِ مجبور هجي.” هن لاءِ آدرش اهم هو، اهو آدرش سُکي سنڌ لاءِ هو، ذاتي زندگي لاءِ نه! آريسر جي سياست اهڙي حوس ۽ لُٽ مار کان پاڪ هئي. هن سياست جي دڳ کي ڪاروبار ڪري نه ڄاتو، پر ڪکائين جُهڳي ۾ رهڻ پسند ڪيو. هو خريد و فروخت جي موسم ۾ ڪڏهن وڪاڻو نه، جيئن اياز چيو:
هن ڀومي جو وير، مات نه کائي موت سان،
سدا سهاڳڻ سنڌڙي، کريو نه تنهنجو کير،
توڙي نيڻين نير، ته به ڳوڙها ڳاڙها رت سان!
عبدالواحد آريسر مختلف سياسي تضادن ۾ وڇوٽيون ۽ ويڇا ختم ڪري، سٺي سوچ ۽ هم آهنگي جهڙن رُجحانن کي هٿي ڏني. آريسر روزمرهه جي زندگي  ۾ به سادو ۽ سٻاجهو هو. هٺ، وڏائي، ۽ غرور نه هو. عوام منجهه، عوام جهڙو ٿي رهڻ ۽ قيادت ڪرڻ آريسر جي ئي وڙ ۾ هو. آريسر جي سوچ جي سياست هتي ممنوع عشق جيان رهي آهي، هن سان ڪنهن جا نظرياتي اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر سندس سچائي ۽ ڪمٽمينٽ سان ڪنهن کي اختلاف نه هئڻ گهرجن. هن عشق پاڻ ارپي ڪيو هو:
سر درِ قدم يار فدا شد، چه بجا شد!
اين بار گران بود، ادا شد چه بجا شد! (شاهه عنايت)
(سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو، بجا ٿيو، وڏو بار هو، ادا ٿيو، بجا ٿيو)
آريسر جو هڪ ٻيو اهم ڪم ادبي آهي. سندس ڪافي لکڻيون ۽ تقريرون ادب، خاص ڪري شاعري تي آهن. هن لطيف جي شاعري جي تشريح هن دور جي حالتن مطابق ڪئي آهي. جڏهن هو ڀٽائي تي لکي ۽ ڳالهائي ٿو ته هو ڀٽائي جو بهترين شارح لڳي ٿو. ڀٽائي متعلق آريسر جي راءِ جذباتي تبصري جي بجاءِ تحقيق ۽ عقل جي ڪسوٽي تي مبني آهي. هو ڀٽائي جي شاعري جو جائزو تاريخي ۽ تنقيدي شعور سان ڪري ٿو. ان ڏس ۾ سندس ڪتاب “وريا واهرو” پڙهڻ جهڙو آهي، جنهن ۾ آريسر ڀٽائي جي فڪر تي نئين رخ کان نظر رکي ٿو.
آريسر جون لکڻيون سنڌي سماج جي رجعت پسنداڻي قدرن خلاف زبردست احتجاج آهن. سائين جي ايم سيد سنڌ جو بنيادي تعارف پيش ڪري سنڌين کي هڪ قوم بڻايو. آريسر سائين جي ايم سيد کان پوءِ سنڌ جي تاريخ کي جديد ۽ قومي ائپروچ ۾ لکيو آهي. آريسر ادب، تاريخ ۽ فلسفي جو سٺو مطالعو رکندڙ هو، اهو ئي سبب هو جو هن جي تجزياتي راءِ ۾ عقل ۽ دورانديشي هئي. ڏسجي ته ڪنهن به انسان جي زندگي خوبين جي کاڻ ناهي هوندي، آريسر به انسان هو، کانئس به خطائون ٿيون آهن.آريسر صاحب جي اهم خوبي تقرير جو فن هو. جڏهن آريسر ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ٻڌندڙ کين تڪيندا ئي رهجي ويندا هئا. پنهنجي لب ولهجي، انداز ۽ لفظن جي سٽاءُ سان هو ماڻهو موهي ڇڏيندو هو ۽ ماحول ۾ ماڪ وسي پوندي هئي، هو تاريخي ۽ سياسي شعور جي ڦهلاءُ سان ٻڌندڙن کي معنيٰ خيز مواد فراهم ڪندو هو. ۽ اهڙي ئي ان جي تحرير جي خوبي هئي، جو هن جڏهن به ۽ جنهن به اشو يا موضوع تي قلم کنيو، اهو قلم انسپائريشن ۽ سجاڳي جو سبب بڻيو. هن نه صرف سياسي تربيت ڪئي ۽ مظلوم ماڻهو کي ڏکئي وقت ۾ آٿت ڏني پر هو عام ماڻهو کي عام فهم ۾ شعوري سياسي تعليم ڏئي ويو. هن جي زندگي تاريخ ۾ فرد جي ڪردار جي بهترين تشريح آهي.هو چون ٿا ته هن کي مڌ موت طرف وٺي ويو هو؟ هن کي مئي نوشي نه پر ٻهروپ روين، بي وفاين، چالاڪين، شخصي تنقيد ۽ سياسي موقعي پرستين مارايو هو. اهڙي تيرڪشي جي سامهون هن هر ڪنهن سان هٿ جوڙ ڪري نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن لاءِ صرف عقوبتون ۽ ڪال ڪوٺڙيون نه هيون، هو پنهنجن جي زهريلين ڦوڪن سامهون رڻ جهاڳيندڙ جوڳي به هو. هن جي جيون ڪٿا کي اياز جي هن هڪ سٽ ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو: “آءُ اڪيلو سامهون سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ!” هن زندگي ۾ شايد اهو طئه ڪيو ته سياسي جدوجهد ذريعي ئي زندگي جيئڻ جهڙي ٿيندي آهي. سائين جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي ۽ الھه بخش سومرو جو سياسي ميراث آريسر جي قول ۽ فعل ۾ واضح هو. هو تاريخ جي دل ۾ زندھ آهي، هن ميگهه ملهار ماڻهو کي وساري نٿو سگهجي:
دوش در حلقئه ما قصه گيسوئه توبود،
تا دلِ شب سُخن از سلسلئه روئه توبود (حافظ)
(ڪالھه رات اسان جي رهاڻ ۾ تنهنجي چڳن جي ڳالھه هئي، رات جي دل تائين تنهنجي چهري جي ڳالھه هئي.)

عبدالواحد آريسر
سندس ڪھاڻي: سندس زباني
ھمسفر گاڏھي
آءٌ پنهنجي زندگيءَ بابت ڀٽائيءَ جو اھو شعر پڙھندس ته:
سرجيس تان سور، سامايس ته سک ويا،
اھي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
اسڪول سرٽيفڪيٽ موجب منھنجو جنم آڪٽوبر ۱۹۴۹ع ۾ عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ وائوڙي ۾ ٿيو.بنيادي طرح منھنجو تعلق ڌنار ڪلچر رکندڙ قبيلي سان آهي.منھنجي وڏڙن جو اصل ڳوٺ پير اھو سرحد پار راجستان ۾ آھي. باوجود انھي جي منھنجو پنھنجو خيال آھي تہ اسان جو قبيلو سنڌ جي سماٽ قبيلن جي ھڪ شاخ آھي.جڏھن نادر شاھ سنڌ تي حملو ڪيو ته جن قبيلن ساڻس مھاڏو اٽڪايو تن ۾ آريسر قبيلو به ھڪ ھو، اھڙو ذڪر تاريخ سنڌ ۾ به ملي ٿو.
آءٌ انتھائي غريب ۽ ڌنار خاندان جو ٻار ھئس، سمجھ ڀريو ٿيس ته مال چارڻ شروع ڪيم ۽ ڇھن سالن جي عمر۾ مائٽن ھڪ ماڻھو جون ٻڪريون چارڻ لاءِ ان وقت پگھار تي بيھاريو، مونکي مال چارڻ عيوض مھيني۾ فقط ڏھ روپيا ملندا هئا. ان وقت مان گوڏ به ڪو نه ٻڌندو ھئس، رڳو قميص سان مال چاريندو ھئس. اسان جي خانداني غربت جو اھو حال ھيو جو مان چئن آنن لاءِ سڄو ڏينهن روئندو رھيس پر مون کي چار آنا به نه مليا. سڀ کان پھرين حيدرآباد لڳ ديني مدرسي۾داخل ٿيس،مدرسي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اسڪول وارن ڏينهن ۾به منھنجو لاڙو غير درسي ڪتابن ڏانهن وڌيڪ ھوندو ھو. پڙھائي دوران منھنجي اردو سٺي ٿي وئي ھئي، مون مولانا ابوالڪلام آزاد جو ڪتاب ’نبي اور ياران نبي ڪي آخري لمحات‘ اسڪول واري زماني ۾ پڙھيو ھو. مون ان ئي مدرسي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جا وڌيڪ ڪتاب پڙھيا،سندس ڪتاب ’غبار خاطر‘ به اتي ئي پڙھيم. انھي ڪتاب پڙهڻ جي ڪري ئي مان چانھ ۽ سگريٽ جو ھيراڪ ٿي پيس، ڇاڪاڻ جو ڪتاب ۾ انھن شين جو گھڻو ذڪر آهي.
انھي مدرسي ۾ ئي سائين جي ايم سيد جا به ڪتاب پڙھيم. منڍ کان ئي منھنجو لاڳاپو ديوبند فڪر سان رھيو آھي. اھي مسلم قومي نظريي جا مخالف، متحده ھندستان ۽ ڪانگريس جا حامي هئا. مدرسي وارن وٽ سائين جي ايم سيد جي وڏي عزت ھوندي ھئي، اتي ئي جي ايم سيد جي نظريي کان واقف ٿيس. اتي ھڪ پٺاڻ معلم بھ پڙھائيندو ھو، جيڪو خان عبدالغفار خان جو پوئلڳ هو. ھن مون کي ون يونٽ ۽ جي ايم سيد جي گرفتاري بابت سمجھايو.ذھين شاگرد ھجڻ ڪري ھو مون تي ڏاڍو مھربان ھوندو ھو، ٽيپھري جي نماز کان پوءِ جڏهن ھو ٻاھر پسار لاءِ نڪرندو ھو تڏھن فقط مون کي گڏ وٺي نڪرندو ھو، پوء تاريخ ۽ فڪري ڳالھيون ٻڌائيندو هو. ان وقت حديث يا قرآن بابت بلڪل نه ڳالهائيندو هو. اھڙي ريت سنڌ جي قومي تحريڪ کان ڏاڍو متاثر ٿيس، ان ۾ شامل ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيم. جڏھن سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ ڇپجي منظر عام تي آيو تڏهن مولوين ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون پر مون ان جي مزاحمت ڪئي،نتيجي ۾ مدرسي مان ڪڍيو ويس.ان کان پوءِ حيدرآباد شهر ۾ رسول بخش پليجي، حميد سنڌي، ڏيپلائي، ابراھيم جويي، نياز ھمايوني، مدد علي سنڌي، مھر علي مرزا ۽ ٻين قومپرست شاگردن ۽ دانشورن سان ملاقاتون ٿيون. بس ايئن ئي مان مدرسي مان نڪري سنڌ جي قومي تحريڪ سان سلهاڙجي ويس، جيڪو سفر اڃا جاري آهي ۽ جنم جنم تائين جاري رھندو.

(ڪتاب ’سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو‘، مارچ ۱۹۹۵ع منجھ ڇپيل).


آريسر
مٽيءَ مثل مهان - اڱارو ۰۳ مئي ۲۰۱۶ع
نصير مرزا
سنڌ جي قومي سياست ۾، سائين جي ايم سيد، نئين سنڌ جو سرواڻ ۽ عبدالواحد آريسر سپهه سالار... جيتري قدر انهن ٻنهي مهان هستين سان منهنجي ذاتي عقيدت جو سوال ته جتي جتي ۽ جڏهن جڏهن به انهن هستين جي تصوير يا تحرير تي منهنجي نظر پئي يا سندن آواز ڪنن ۾آيو، مون سندن آدرشن جي محرابن ۾، عقيدت منجهان هميشه سئو سئو سلام ڪيا. مون کي هي به اعتراف آهي ته منهنجو پهرين ادبي سونهن به آريسر صاحب ئي هو، سندن خطابت ته مون بعد ۾ ٻُڌي، پر سائين جي ايم سيد جي اجهو هنن لفظن ۾ قائل آئون اڳ ۾ ٿيس ته قدرت آريسر کي، مولانا آزاد وانگر نثر ۽ خطابت تي عبور عطا ڪري ڇڏيو آهي. هتي شيخ اياز صاحب جا هي لفظ به آئون ڪيئن وساريان، جنهن ڪنهن وقت لکيو هو...”عبدالواحد آريسر ڳالهائيندو آهي ته درياهه پلٽجي پوندو آهي. هن بابت مون هي به ٻُڌو آهي ته آريسر، جڏهن سائين جي ايم سيد جي محفل ۾ ايندو هو ته سائين هن سان اُٿي ملندو هو. اهو شرف...سائين تمام ٿورن ماڻهن کي بخشيندو رهيو آهي.
اجهو مون ناچيز نصير کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته ۱۹۷۳ع ڌاري سندن رسالي ”پيغام“ ڇپجڻ کان وٺي، ۳ مئي ۲۰۱۵ع تي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ وڃي سمهڻ تائين ساڻن منهنجي روح جو رشتو سون وانگر سچو رهيو. سندن ڪجهه سياسي بيانن تي مون کي ڪنهن وقت بي آرامي به بي شڪ ٿي، پر ساڻن منهنجي محبت ۽ وفا ۾، ڪڏهن به تر جيتري ڪمي به نه آئي. سڀ ڄاڻن ٿا، آريسر صاحب خطابت جي نثر ۽ خطابت جي انداز، سنڌ جي نوجوان وطن پرستن کي ديوانو بڻائي ڇڏيو هو. پاڻ اڪثر چوندا هئا، ”سياست جڏهن پنهنجي عروج تي پهچندي آهي ته اها شاعري بڻجي ويندي آهي.“ سندن اهڙي قومي رومانوي سياسي خطابت تي ڪنهن وقت اظهار سومري هي ڪيڏو نه منهنجي دل جي ڳالهه لکي هئي... ”آريسر صاحب ئي هو، جنهن پنهنجي تحرير ۽ تقرير سان، سنڌ جي ڳڀرو نوجوان کي جوانيءَ ۾ پير پائڻ جو سليقو سيکاري ڇڏيو هو.“
سائين جي ايم سيد جي هڪڙي سالگرهه جي موقعي تي مون سن ۾ کين پهريون ڀيرو ٻُڌو...لڳو مخدوم بلاول، شاهه عنايت جهوڪ وارو به ايئن ئي مغل، ارغون ۽ ترخانن آڏو گجگوڙ ڪري ڳالهائيندا هوندا... قوم پرست خطابت جو جيترو شباب آريسر صاحب تي لٿو، شايد ئي ڪنهن ٻئي تي لٿو هوندو. جڏهن جڏهن ۽ جتي جتي، کين مون ٻُڌو هميشه شديد حيران ٿيس...هي  لفظ، هي تشبيهون، هي شعر، هي قول، اقوال، هي حوالا... ڄڻ مياڻيءَ ۾ هوشوءَ جي تيز تلوار پئي کڙڪي ۽ ڦري ڄڻ روپلو پوري ڪارونجهر کي ڇاتيءَ تي کنيو تروٽ جي مٿان اڇليندو پيو نظر اچي. ڪڏهن ڪڏهن ته لڳندو هئم... آريسر صاحب! جهڙو ٻيجل جو ٻيو جنم هجي ۽ سُر بدران، نثر ۽ آلاپ بدران آواز ۾ سرندو سر ڪري ڪنڌ ڪنڌ پيو ڪري. تڏهن هزارين جوانن جو هجوم، هٿ مٿي ڪري، نعرو پڻ هڻڻ لڳندو هو... ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو...جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ، ڪرندا ڪنڌ هزار...“ ۽ جلوت ۾ اهڙا جلوه ڏيکاريندڙ خلوت ۾ آريسر صاحب کي مون، ڪڏهن ڪڏهن ماٺيڻي اوٺي جا هي ٻول جهونگاريندي به اڪثر ٻُڌو... ”روح جا ريلا، هاءِ اڪيلا...تو کي سُڏڪي ساريان... ڍوليا! واٽ نهاريان.“ سڀ ڄاڻن ٿا، هڪڙي ستارن ڀري رات ۾، هو پنهنجي ڪنوار ڀرسان، ڌيءَ  ”اندرا“ کي ٻانهن تي سُمهاري ٿر جي واريءَ تي سُتو پيو هو، جو آڌي رات جو گماشتا اُتي پهچي ويا ۽ هٿ ڪڙيون هڻي، آجپي جي هن پرواني کي الائي ڪهڙي ڏيهه ڏانهن کنڀي کڻي هليا ويا. ان ياد کي ياد ڪندي، ڪنهن وقت آريسر صاحب ڊائريءَ ۾ لکيو: ”درياهه جو بند ٽُٽي پوي ته ان کي ٻَڌي سگهجي ٿو، پر منهنجي جُهريل جيءَ لاءِ ڪو ئي بند نه هو، ان ڏينهن ۽ نهايت جلد، اهڙا ذاتي رنج و الم، وارن مان ٿر جي واري سمجهي...ڇنڊي...هن پوءِ هي به لکيو...”ڌرتيءَ جي سينڌ ۾ سهاڳ لاءِ پوندڙ سينڌور، هميشه جيل ۾ تيار ٿيندو آهي...“ ۽ ان کان پوءِ سڀ سُور سختيون صدما وساري، پاڻ جنهن عظيم هستيءَ جو پوئلڳ هو، ان کي مخاطب ٿي، ڊائريءَ ۾ لکيائين...”تنهنجي قدمن جي روشنيءَ ۾ رستا لتاڙي، هن ڀلاري ڀونءَ تي پهتس ۽ ڪيئي سجدا تنهنجي قدمن تان قربان ڪري ڇڏيم...“
هي آريسر صاحب جو پنهنجي پوئلڳ جي فڪر سان عشق ئي ته هو، جو جڏهن يارهين فيبروري ۱۹۸۱ع تي، هن کي ڏهه ڦٽڪا هنيا ويا، جيڪي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءَ جي مُنهن تي چماٽ هئا ۽ آريسر صاحب جي فولادي جسم تي جڏهن ”اهي لڳڻ شروع ٿيا ته ستين ڦٽڪي تي ڦٽڪو ٽُٽي ٻه اڌ ٿي ويو، تڏهن ڦٽڪي هڻڻ واري کيس مخاطب ٿي چيو، ”آخر تون آهين ڪير...۽ ڇا!؟“ تڏهن آريسر صاحب لکيو آهي، مون کين وراڻيو...”آئون سنڌي آهيان...اروڙ جو دروازو...سنڌ جي سلامتيءَ جو ضامن...مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙيل هڏين جو گودو...آئون روپلي جو روحاني اولاد آهيان.“ اڄ منهنجو ايمان آهي ته نثر ۾، تشبيهه ڏيڻ جو فن، شيخ اياز، آغا سليم ۽ عبدالواحد آريسر تي ختم ئي سمجهو، ختم.
ڪنهن وقت آريسر صاحب پاڻ به ڪنهن ترنگ ۾ اچي چيو هو...”تقرير ڪرڻ وقت لفظ منهنجي آڏو ايئن بيٺا هوندا آهن، جيئن مينهن وٺي کان پوءِ ٿر جي ٿڌيءَ واريءَ تي ڏٿ جا سلا...“ آريسر صاحب جي ساحرانه نثر جون ڪجهه سٽون ٻيون به ڏسندا هلو...هڪ ڀيري چيائون...”ڍنڍون ڌرتيءَ جي جڳن ۾ کٻن وانگر لڳنديون اٿم.“ ٺٽي جي ماڻهن جي سياسي روش ۾ کين مختلف سياسي پارٽين ۾ ونڊيل، ورهايل ۽ ورڇيل ڏٺائون ته ڏک مان دولهه درياهه خان کي مخاطب ٿي لکيائون... ”ٺٽي راڄڌانيءَ لاءِ رت وهائيندڙ او دولهه دريا خان! اڄ تون ٺٽي وارن لاءِ ڪيڏو نه اجنبي بڻجي چڪو آهين.“ شيخ اياز صاحب جڏهن پوئين دور ۾ دعائون لکڻ شروع ڪيون ته آريسر صاحب کين مخاطب ٿي لکيو: ”اي اياز! تنهنجي دعائن پڙهڻ بعد مون سوچيو...ڪاش تنهنجو مذهبي پڻو، مخدوم بلاول جي مذهبي پڻي جهڙو هجي ها...“ ڪنهن ٻئي هنڌ، هي به ڪيڏو نه حُب...سڪ منجهان لکيو اٿن، ”جڏهن جڏهن به آئون ملڪ يا ڪٿان ٻاهران ٿي ايندو آهيان ته سڀ کان پهرئين دولهه دريا خان جي مزار تي حاضري ڀريندو آهيان.“ سنڌ ڌرتيءَ سان پيار جي موٽ ۾ هي به لکيائون...ته ”اي سنڌ تون شاهد ٿجان ته گذرندڙ وقت سان ڪيئي مذهب آيا ويا...پر ڇا؟ هر جُوڻ ۾ هر مذهبي دعا وسارڻ سان گڏ، تنهنجي ٻولي، لوليءَ کي آئون وساري سگهيو آهيان.“ هرگز نه. هڪڙي هنڌ لکيو اٿن... ”آئون پُرامن غلاميءَ  بدران خطرن سان ڀرپور آزادي پسند ڪريان ٿو.“
جڏهن پوئين دور ۾ مسلسل ناچاڪ رهڻ لڳا ته لکيائون...”آئون هن ڌرتي تي ڪو هڪ نه، ڪيئي وڻ پيو پوکي وڃان...پوءِ جڏهن هن سرزمين تي آئون نه هوندس، ته اُن وقت منهنجا پوکيل وڻ، توهان جي بهار کي نوان گونچ ڏيندا ۽ واٽهڙن کي چوندا ته انهيءَ شخص، هن ڌرتيءَ سان ڪيڏو نه پيار پئي ڪيو.“ آريسر صاحب پنهنجي ڊائرين ۾ ٿر جي هيءَ به، ڇا ته چوڻي ترجمو ڪئي هئي...”گل جي خوشبو نڪ تائين، مڙسن جي خوشبو ملڪن تائين...“ ته بس ان چوڻي ۾ منهنجو هتي صرف هي اضافو ته آريسر صاحب توهان جي خوشبو نه فقط اڄوڪي هند سنڌ تائين، پر سنڌ جي ايندڙ صدين تائين به...ازل ابد تائين مهڪندي رهندي ۽ ياد ڪريو ڀٽائي صاحب فرمائيندا هئا...”وڃين ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين...“ اجهو قومي ڪاڄ کي سنواريندي، آريسر صاحب به، ڇا ته تڪليفون ۽ اذيتون برداشت ڪيون ۽ باوجود اهي سڀ سهڻ جي، لکيائون...”اي سنڌ! تون ايڏي ته خوبصورت آهين، جو تنهنجي خاطر، هر جبر سهڻ کان پوءِ، تو سان محبت اڃان به وڌي وئي اٿم.“ هوڏانهن پنهنجي عدالتي بيان...”ٿي نه محبت مات“ ڪتاب جي پُڄاڻيءَ تي هي به ڇا ته لکيو اٿن، ”ديس واسيو! جڏهن ڪا ئي شام، ڪنهن دوشيزه جي اُڏامندڙ رَئي وانگر، آزاديءَ جو جهنڊو کولي، تڏهن ان وقت، آسمان ڏانهن ڏسجو، ستارن جي محفل ۾، آئون توهان کي پريان ئي پريان مُرڪندو نظر ايندس.“


آريسر
سنڌ جو عاشق
غلام رسول مڱريو
سنڌ ڌرتيءَ جي عشق جو هڪ ڊگهو سفر آهي، جيڪو صدين کان هلندو پيو اچي، پر ڌرتيءَ جي عاشقن ڪڏهن به پنهنجي عشق کي ميرو ٿيڻ نه ڏنو، پنهنجي عشق جي دامن تي ڪڏهن به ڪو داغ لڳڻ نه ڏنو. انهن سرويچ صدورن مان بلاولي تحريڪ جي جنگي سورمي ’شاهه حيدر سنائي‘ جي پست مان هڪڙي مرد قلندر، عشق جو اهڙو دڳ ورتو، جنهن ڌرتيءَ جي عشق کي نئون رنگ، نئون ڍنگ، نئون جوش، جذبو ۽ ولولو ڏئي ڇڏيو. اُن رنگ ۽ ڍنگ کي پنهنجي ڪردار ۾ ڪارونجهر کان اوچي قدامت رکندڙ ۽ هاسي سوڍي جي تلوار کان قلم جو ڪم وٺندڙ ’عبدالواحد آريسر‘ جيڪا وُسعت ڏني، اها اڃا به نرالي آهي.
سائين آريسر کي پهريون دفعو ڪڏهن ۽ ڪٿي ڏٺو، اهو ته ياد ڪونهي، پر ايترو ياد آهي ته ڇهين درجي ۾ پڙهڻ دوران بس ۾ هڪ سيٽ تي گڏ ويهي سفر ڪرڻ سان ساڻس منهنجو روحاني رشتو جُڙيو هو، ويهن ڪلوميٽرن جي سفر ۾ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت وٺندڙ لوڪل بس ۾ ساڻس  جيڪا ڪچهري ٿي يا منهنجي ٻاراڻن سوالن جا جيڪي محبت جي درياهه مان جواب ڇوليون هڻي ڪناري لڳا هئا، تن منهنجو دماغ کولي ڇڏيو هو. اُن ڏينهن کان تمام گهڻو خوش رهڻ لڳو هئس ته تاريخ جي تمام وڏي ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي آهي. هونئن ته دنيا جي ساڃاهه وندن وٽ وڏي ماڻهو هجڻ وارو سوال اهم رهيو آهي ۽ ان بابت مختلف خيال رکندڙ ماڻهن جا مختلف رايا رهيا آهن. وڏ ماڻهپي جا قدر ۽ معيار به سماج جي مختلف ماڻهن وٽ الڳ الڳ رهيا آهن، پر منهنجي خيال ۾ وڏو ماڻهو اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو ذاتي مفادن کي ڇڏي، مظلوم طبقن، قوم ۽ انهن جي ڌرتيءَ جي آزادي ۽ ترقيءَ لاءِ سوچي ۽ عملي جدوجهد ڪري. اُن ملاقات کانپوءِ سوال ۽ ضمير جو اهو ساکي انسان منهنجي ذهن جي پولارن ۾ هميشه لاءِ وسيل رهيو. سندس عشق سان مون کي عشق ٿي ويو. هُو جڏهن به سڄيءَ سنڌ جا لَڪ لتاڙي، پنهنجي ڳوٺ موٽندو هو ته آءٌ به سندس اوطاق تي وڃي نڪرندو هئس. مون جهڙا ڪيترا ئي نوجوان سندس سحر ۾ گڏ ٿي ويا، جن هن شخص وٽان سنڌ سُڃاتي هُئي، عشق ڄاڻيو هو، آزاديءَ جو دڳ ماڻيو هو ۽ هزارن سالن جي تاريخ ڏانهن جهاتي پاتي هُئي، جيڪي سائين جي ايم سيد کي پنهنجي اکين سان ته ڏسي نه سگهيا هئا، تن هن شخص کي اکين سان رهبر سنڌ کي پَسيو هو ۽ اُن جي اکين سان سنڌ ڏٺي هئي. هن جي اکين ۾ سيد جي فڪر کي ڇوليون هڻندي ڏٺو هو، آزاديءَ جا خواب ساڀيان ٿيندي ڏٺا هئا، ڳاڙها جهنڊا اُڀ ۾ جهولندي ڏٺا هئا، هيمون ڪالاڻيءَ کي ڦاسيءَ جي ڦندي تي مُرڪندي ڏٺو هو. هن جي فاتحاڻي مُرڪ سان غلاميءَ جا زنجير ٽٽندي ڏٺا هئا. سنڌ جي شعور هن وٽان هوشوءَ جي للڪار به ٻُڌي هئي ته مخدوم بلاول جا گهاڻي ۾ پيڙجندي هڏين جا ٽڙڪاٽ به ٻُڌا هئا. هن وٽ دولهه دريا خان جي حڪمت عملي به ڏٺي هئي ته روپلي ڪولهيءَ جو آڻ نه مڃڻ وارو جذبو به ڏٺو هو ته سورهيه بادشاهه جو شهپر موڙ به ڏٺو هو. هن وٽ ڪلجي سوڍي جو وچن به هو ته: ”ڪارونجهر ريءَ ڪور مرييي تو مِلي نهين.“
هُو سنڌ جي تاريخ به هو ته تقدير به هو، جنهن کي وقت جي ڪابه طاقت پنهنجي مقصد تان ٿيڙي نه سگهي، دنيا جو ڪو به سِڪو هن جو هڪ لفظ به خريد نه ڪري سگهيو. هو اهڙو عاشق هو، جيڪو پنهنجي محبوبه لاءِ هر پل نوان لفظ تخليق ڪندو هو ۽ انهن لفظن جا اهڙا ويس ڍڪائيندو هو، جو سموري سونهن انهن لفظن ۾ جرڪڻ لڳندي هئي. هو رهبر سنڌ سائين جي.ايم سيد جي فڪر جو فاتح هو، جنهن جهر جهنگ جهاڳي، ڪيئي لَڪ لتاڙي، ڌرتيءَ جي چپي چپي کي چُمي سيد جي فڪر سان سڄي سنڌ واسي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي واهڻ وستيءَ ۾ ڳاڙها جهنڊا سامراجي قوتن جي اکين ۾ تير جيان چڀندي ڏٺا وڃن ٿا.
عبدالواحد آريسر، مارئيءَ جي ديس جو اهو مارو ماڻهو هو، جنهن جي گهر ۾ ٻن ويلن جي رُکي سُکيءَ ماني ته اڻپوري هُئي، پر سندس دل حب الوطني ۽ قوميت جي جذبي سان مالامال هئي. ويتر جڏهن مدرسي واري دور ۾ سيد جي ڪتابن ته سڀ لاڳاپا لاهي، ان اڻانگي سفر جو راهي بڻائي ڇڏيو، جنهن سفر ۾ ڪيئي واسينگ سندس سامهون ڪر کنيو بيـٺا هئا، پر پاڻ سڀ ڪجهه ڄاڻندي به هڻڻ ۽ هڪلڻ کي اهيمت ڏني ۽ ڪٺن پنڌ ۾ هر قدم اڳتي رکيائين، ڪڏهن به پوئتي مُڙي نه ڏٺائين. هو سيد سان جڏهن مليو تڏهن سندس عشق اڃا به پُختو ٿي ويو ۽ پوءِ سڄي زندگي پنهنجي عشق جي منزل ماڻڻ لاءِ ٽارچر سيل کان ويندي، جسماني ۽ ذهني اذيتون سهندو رهيو، پر پنهنجي عشق تي ڪڏهن به داغ اچڻ نه ڏنائين ۽ ثابت قدم رهي، اُن جو ڀَرم رکيائين، جنهن جي چُڪي سن جي سيد کان نصيب ٿي هئي.
آريسر سياست ۽ ادب جي ميدان جو به سگهارو ذهن هو، پاڻ جڏهن پارڪر پين هٿ ۾ جهلي سنڌ ۽ سيد جي نالي کان لکڻ شروع ڪندو هو، تڏهن لفظ سندس اڳيان ڪونجن قطارون ٿي لهندا هئا. اهي لفظ ڄڻ ته هن جي قلم مان پني تي لهڻ لاءِ اُتاولا هوندا هئا. هن کي لفظن جي استعمال جو جيڪو فن هو، سو به ڏاڍو خوبصورت هو. هو انهن لفظن سان تاريخ به جوڙيندو هو ته سنڌ جي تقدير به لکندو هو، سندس تحريرن جو ڪمال آهي، جنهن سبب سنڌ جو ستل شعور جاڳي پيو ۽ اڄ جهر جهنگ ڳاڙها جهنڊا ڦڙ ڪندي ڏٺا وڃن ٿا. آريسر تاريخ، فلسفي ۽ سيد جي نظريي کي ڏاڍو ڳوڙهائيءَ سان پڙهيو ۽ پروڙيو هو. سيد تي جڏهن به ڪو تحريري وار ٿيندو هو ته آريسر اُن کي جواب ڏيڻ لاءِ ائين سينو تاڻي بيهندو هو.
سيد ۽ آريسر جا لاڳاپا سنڌ جي ڪري هئا، جيڪي ڪينجهر ڍنڍ وانگي محبت سان سدا ڀرپور رهيا، جن ۾ ڪڏهن ڪو ڪَس نه آيو. آريسر جو پنهنجي وطن سان اهو عشق ئي هو، جنهن ڪري حالتون ڪهڙيون به هجن، مٿس ڏاڍ جا ڪهڙا به پهاڙ ڪيرايا وڃن، پر هُو اٽل ئي رهيو، ته سندس عشق ۾ ڪو ڦير آيو، نه ئي ڪڏهن هيڻو پيو. هن سان بي رحم سياست ۾ پنهنجن به ڪيتريون ئي ويساهه گهاتيون ڪيون، پر سندس چهري تي ڪڏهن رنجش نه ڏٺي وئي. پر اُهي دوست ڪڏهن تڪليف ۾ هوندا هئا ته اها تڪليف هي پاڻ تي محسوس ڪندو هو ۽ تڙپي اُٿندو هو. سنڌ جي ڪنهن به اشوءَ تي نام چڙهيا ليڊر وڏين سرخين سان اخبارن جي زينت بڻبا هئا، پر جڏهن هن جهور پوڙهي جي اسٽيٽمينٽ سامهون ايندي هئي، تڏهن سڀني جي دماغن مان ٺڪاءُ نڪري ويندا هئا. ’ڪيڏانهن مُنهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار.‘ حالتن جو رُخ ڪهڙو آهي ۽ اسان ڪيئن هوا ۾ خبرون اڏاري رهيا آهيون.
آريسر، سائين جي ايم سيد کانپوءِ سنڌ جي قومي ڌارا ۾ پنهنجي ڏاهپ، علمي ادبي سڃاڻپ، تقرير جي فن ۽ سچائي سبب اهم ڪردار هو. لوڀ ۽ لالچ جي دور ۾ هو واحد انسان هو، جنهن کي اصول ۽ ضمير جو ساکيءَ چئي سگهجي ٿو. اڄ پاڻ اسان وٽ جسماني طور موجود ته ناهي، پر سندس پورهيو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا ۽ آزاديءَ لاءِ اسان کي نئين دڳ تي هلڻ ۾ رهنما آهي، جيڪو منزل تائين پهچڻ ۾ ضرور آساني پيدا ڪندو.



عبدالواحد آريسر

مولانا کان قومپرست تائين

مولابخش چانڊيو

جيئي سنڌ جو رهنما محترم عبدالواحد آريسر جيڪو تڏهن مولوي عبدالواحد هو تنهن جو حاجن سان گهرو واسطو هليو پئي. محترم آريسر رسالو پيغام ڪڍيو ته حاجن شايد ان جو پبلشر هو. آريسر صاحب ان رسالي ۾ منهنجو نالو سر ڪيوليشن مئنيجر طور شايع ڪيو هو.

محترم عبدالواحد آريسر تن ڏينهن ۾ ڊومڻ واهه روڊ تي نشاط پيٽرول پمپ جي پويان مسجد ۾ پيش امامت ڪندو هو. اسين به پهرين جمعي تي خطبو ٻڌڻ ويندا هئاسين ۽ پوءِ تقريبن سومهڻي جي نماز تي سندس درس قرآن به ٻڌندا هئاسين. آهستي آهستي دوستي وڌي ويئي ۽ پوءِ آريسر صاحب جو گهڻو وقت اسان سان گذرندو هو، سندس خطبو به ٻڌڻ جهڙو هوندو هو. سندس خطبي ۾ قرآن ۽ حديثن سان گڏوگڏ ڪانگريسي ليڊرن، احراري اڳواڻن ۽ ڪميونسٽ ڪامريڊن جا احوال به مثالن طور بيان ٿيندا هئا. شايد پاڪستان جي اها پنهنجي بوعيت جي پهرين مسجد هئي جنهن ۾ ديني فرض ۾ به غير مسلم ۽ لاديني اڳواڻن جا قول به نمازين کي وڻندا هئا. خطبي دوران سنڌي جماعتي ته سبحان الله پيا ڪندا هئا پر اردو وران کي به مسجد ۾ ڪانگريسي ۽ ڪميونسٽ احوال وڻندا هئا. اهو آريسر جو ڪمال هو ته ڇا حيدرآباد جي مسجد ڇا ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ. مولانا آريسر جو جمعيت علماء اسلام سان تعلق هو. مولانا مفتي محمود حيدر آباد ۾ مياڻي روڊ تي جلسي کي خطاب ڪرڻ آيو ته گاهه منڊي واري مدرسي طرفان آريسر کي خطبه استقباليا پڙهڻ لاءِ چيو ويو. جلسو شروع ٿيو، آريسر خبطي جي بسم الله ڪئي، چند گهڙيون مس ڳالهائين ته جلسي جي انتظاميه کيس ٻانهن مان جهلي مائيڪ تان پري ڪري هيٺ اماڻي ڇڏيو. آريسر انهيءِ خطبي ۾ سنڌ ٻولي واري مسئلي تي ڳالهائيندي ثابت پئي ڪيو ته اردو ٻولي نه اسلامي ٻولي آهي نه ئي پاڪستان جي.

آريسر انهيءِ تقرير ۾ اهو به پئي ٻڌايو ته اسلام جي روح خلاف به سڀ کان وڌيڪ مواد اردو زبان ۾ ئي شايع ٿيل آهي. جلسي ۾ ٿيل اها اڌوري تقرير پيغام رسالي م به شايع ٿي. انهيءَ تقرير دوران آريسر کي اسٽيج تان لاهڻ جو ٻڌي رات جو مولانا غلام محمد گرامي، آريسر صاحب سان ملڻ آيو ۽ کيس تقرير تي مبارڪون ڏنيون هيون. ان کان پوءِ ته ڪو به موقعو هجي آريسر کان سنگت تقرير ضرور ڪرائيندي هئي. تمام پياري ۽ معصوم دوست محترم عباس ٿيٻي مرحوم جي شادي ۾ وياسين ته به آريسر صاحب کان تقرير ڪرائي سون ۽ بٺوري ۾ حاجن جي سئوٽ جي شادي ۾ به آريسر تقرير ڪئي. آريسر جي تقرير سندس بيپناهه مطالعي جي عڪاسي ڪندي هئي. سندس تقرير ۾ تاريخ جو احوال اهم هوندو هو. سندس گفتگو، آزاد، نهرو، گانڌي ۽ سورش ڪاشميري جي حوالن سان ڀريل هوندي هئي، ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته آريسر ڳالهائيندو ئي اهو هو جيڪو انهن ڳالهايو آهي.

مولانا آريسر جو هجرو سومهڻي نماز کان پوءِ سياسي ۽ علمي ادبي ڪچهري جو مرڪز هو، اڪثر ڪري محترم نياز همايوني به روزانو ايندو هو، انهن ڪچهري ۾ حديثون ۽ آيتون پڙهبي هيون ته نياز صاحب جي شاعري ڪچهرين ۾ سڄي سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ ڪامريڊن جا احوال ٿيندا هئا. نياز همايوني صاحب الائي ڇو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شهپرن کان الرجڪ هو، همايوني اڪثر شيعن تي ڌاڍو ڪاوڙيل رهندو هو، آريسر صاحب پڇندو هئس ته “توهين پاڻ کي سيڪيولر ٿا چئو، پوئي رڳو شيعن تي ايڏا ڇو ناراض آيو” همايوني صاحب چوندو هو ته “شيعن جي وڏي خرابي اها آهي ته وڏيون مڇيون ٿا رکن ۽ انهيءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به وڏيون مڇيون رکي خراب ڳالهه ڪئي آهي.”

انهيءِ ڪچهري جي هر دلعزيز شخصيت محترم محمد صالح عاجز هو، کاڌيءَ جي ڪپڙا، سنڌي ٽوپي، ڏسڻ ڳالائڻ جو ساڌو، نماڻو، “حق صدق” تڪيو ڪلام. ڳالهائي ته ويهي ٻڌجي پل ۾ کلائي ته کل ۾ وڏي کان وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي. سندس گفتگو ۾ سڄي سنڌ اکين آڏو اچيو وڃي، ڄڻ سنڌ جو چپو چپو ڏٺل هجيس. جنهن سان به ملي ايڊريس پڇي ته ان جي ڳوٺ جا احوال ٻڌائي حيران ڪري ڇڏي، جنهن سان مليو تنهن جو ڳوٺ ڏٺل هئس. لڳ ڀڳ سنڌ جي واحن، واٽرن، وسندين، آبادين، ڳوٺن ۽ برادرين کان واقف هو. هڪ دفعو ڳالهين ۾ پڇيو مانس ته “عاجز صاحب، نبي سر جون نام ڪٺيون ايڏيون سهڻيون آهن ڇا، جو شاعرن کين ڳايو آهي.” جواب ۾ وراڻيائين ته “چانڊيا صاحب، سنڌ جي سونهن ڏسي دنگ ڪونه ڪئي اٿم ته سنڌياڻيون ڪٿان ڏسان!” سندس انهيءِ جواب کان پوءِ ڪافي دير سنگت گم سم لڳي پئي هئي محمد صالح عاجز اصل ڪانگريسي هو. ڪچهرين ۾ مهاتما گانڌي، غفار خان، امين خان کوسي ۽ ان وقت جا اهم واقعا ڏاڌي لطف سان ٻڌائيندو هو. محمد صالح عاجز ٻڌايو ته کيس مولانا آزاد ۽ نهروءَ سان به ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هن سان ڪافي ڪچهريون ڪيائين. آريسر جي هجري کان سواءِ منهنجي گهر ۽ حاجن ۽ بئراج ڪالوني واري ڪوارٽر تي به ڪچهري مچندي هئي. اها ڪچهري تڏهن ڦٽي جڏهن آريسر پنهنجي پيغام رسالي ۾ وزير اعلى سنڌ ممتاز علي ڀٽي (جيڪو ان وقت ڏهيسر سنڌ هو) جي خلاف سخت مضمون لکيو. رسالي جي سرورق تي ممتاز جو اهو فوٽو هو. جنهن ۾ هٿ ٻڌيو بيٺو هو تصوير جي پاسي لکيل هو ته “سنڌ جو ڏهيسر پناهگيرن کان هٿ ٻڌي معافي ٿو گهري” پيغام جي لکڻين پنهنجو اثر ڏيکاريو، پوليس آريسر جي پڇا ڪرڻ شروع ڪري ڏني، آريسر کي مسجد ڇڏڻي ۽ ڏاڙهي ڪوڙائڻي پئي. آريسر چاهي ها ته ڏاڙهي رکي به روپوش ٿي وڃي ها پر لڳو ٿي ته هاڻ هو پاڻ به مولانا ٿيڻ مان بيزار هو، سو مولانا عبدالواحد آريسر کي هيرا آباد جي هڪ حجام وٽ وٺي آياسين ۽  مولانا آريسر پنهنجي نالي ۾ مولانا کي هميشه لاءِ رخصت ڪري ڇڏيو.انهيءَ مهل آريسر صاحب سان مرحوم علڻ خان ٿيٻو، حاجن شورو ۽ آئون گڏ هئاسين. اهو ۲۵ سيپٽمبر ۱۹۷۲ع جو ڏينهن هو. صبح جو نياز همايوني، محمد صالح عاجز، مولانا عبدالواحد “آريسر” عازي ۽ آءُ هوسڙي وياسين، ادا يعقوب جي دعوت هئي. ٻي ڏينهن تي دعوت مان موٽي رفيق اسٽوڊيو تي مولانا صاحب جو پهريون بنا ڏاڙهي جي فوٽو ڪڍايوسين. شام جو آخري ڀيرو جبيس هوٽل ۾ گڏجي ويٺاسين. رات جو حاجن جي ڪوراٽر تي ڪچهري ٿي. ڪچهري ۾ اداسي هئي ۽ آريسر صاحب جون دل لڀلائيندڙ ڳالهيون به هيون ته اياز ۽ نياز جي شاعري به هئي ڪچهري ۾ مرتضى ڏاڏائي به ياد پيو “غمن ۾ کلندي گذاري ڇڏيوسين.” آريسر سان آڌي تائين ڪچهري ٿي. موڪلايو سين ته سڀنين جون اکيون آليون هيون. مولانا به ڀريل آواز ۾ چيو ته “قسمت هوندي ته وري ڪچهريون ڪنداسين” روپوشي جو گهڻو وقت آريسر صاحب مون  وٽ مهمان ٿي رهيو ۽ پوءِ جو گم ٿيو ته ڪيئي مهينا کيس ڪو نه ڏٺوسين. محترم عبدالواحد آريسر سان قرب ۽ احترام واري دوستي اڃان هلي پئي. مولانا صاحب اڪٽوبر ۱۹۴۹ع جي پيدائش آهي. سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “موجوده سياسي مسئلا” پڙهي سيد کان متاثر ٿيو، ٻيو ڪتاب “جيئن ڏٺو مور.” ۱۹۶۸ع ۾ پڙهيائين انهيءِ ڪتاب جي ڏوهه ۾ ڀينڊي جي مدرسي مان نڪرڻو پيس.

 

(مولابخش چانڊيو جي ڪتاب ´ذڪر ذندان جو` مان کنيل.... )


عبدالواحد آريسر

صحرا سُمهي نٿو - ۳ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇهين ورسيءَ جي مناسبت سان

علي نواز آريسر

تاريخ اڄ منهنجي مٿان اها ذميواري رکي آهي ته آئون ان ماڻهوءَ تي ٻه اکر لکان، جيڪو ماڻهو پنهنجي شخصي جوهر ۾ منهنجي لکڻيءَ کان گهڻو مٿانهون هو، جيڪو ماڻهو سياري جي سرد راتين ۾ پيرين پنڌ سنڌ جي ’آزاديءَ‘ جا هوڪا ڏيندو رهيو، جيڪو ماڻهو جون جي ڪاڙهن ۾ جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پنهنجي مٿان تشدد سهندو رهيو. ان ماڻهوءَ تي لکڻ منهنجي لاءِ ڪالهه به ڏکيو هو، جڏهن هو اسان جي وچ ۾ موجود هوندو هو، جڏهن اسان هُن کان سِکڻ خاطر هُن جي پيرن ۾ ويهندا هُئاسين. هُن تي لکڻ منهنجي لاءِ اڄ به ڏکيو آهي جڏهن اڄ اسان سڀئي ڪنهن به قومي اشو تي ڪو خاطر خواهه جواب نه ٻڌي پنهنجي پاڻ کي يتيم محسوس ڪري رهيا آهيون. اُهو ماڻهو، جيڪو پنهنجي وشال سيني ۾ عشق کي کڻي هلندو هو. اُهو ماڻهو، جيڪو پنهنجين اکڙين ۾ ’خوشحال سنڌ‘ جا سپنا کڻي جيئندو رهيو. اُهو ماڻهو جيڪو سدائين مُرڪندو رهيو هو. جڏهن هو جيل ۾ هو ته هڪ ڀيري ڪنهن دوست کانئس پڇيو هو ته: “سائين! توهان جي مُرڪ اڃا به سلامت آهي.” ته هُن مرڪندي جواب ڏنو هو، “هُو مون کان ٻيو کسي به ڇا سگهيا  آهن.” توڙي جو هُن تي بيپناهه تشدد ڪيو ويو هو، هر طرح جون اذيتون ڏنيون ويون هيون، پر پوءِ به هُو ڪارونجهر جيان اڏول ئي بيٺل رهيو هو. مون سندس حياتيءَ ۾ سوچيو هو ته مٿس هڪ ڪتاب لکان، اهڙو ڪتاب، جيڪو هر لحاظ کان منفرد هجي ۽ سندس شخصيت جو احاطو ڪري سگهي، ڪيترائي ڀيرا ان خيال کي عملي جامو پارائڻ خاطر ڪاغذ ۽ قلم کڻي ويٺس، پر ڪڏهن به مون ۾ اها همت پيدا نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو ساڻس انصاف ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏکيو ئي نه پر ناممڪن هو.

پر سچي ڳالهه اها آهي ته اڄ تائين منهنجي لکڻ واري اها خواهش ختم ئي ناهي ٿي، اڄ به منهنجي دل چاهي ٿي ته اهڙو مضمون لکجي جنهن ۾ سندس سموريون محبتون سميٽي وٺجن. پر سوچيان پيو ته ڪٿان شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم ڪريان، سندس يادگيرين جا ريشمي تاڪيا بس کُلندا ئي وڃن پيا،  حالانڪ منهنجي ساڻس ڪا سياسي وابستگي ڪونه هئي، ان جي باوجود اسان ٻنهيءَ جي وچ ۾ جيڪو رشتو جُڙيو هو، اُهو ڪيترن ئي رواجي رشتن کان سگهارو هو. اُهو رشتو احساس جو رشتو هو، اُهو رشتو ويساهه جو رشتو هو، اُهو رشتو دوستيءَ جو رشتو هو. مون کي اڄ به ياد آهي، هو جڏهن سنڌ جا پنڌ ڪري موٽي ڳوٺ ايندو هو ته اهي سمورا ڏينهن آئون ساڻس گڏ گڏ هوندو هئس. هڪڙي ڀيري رات جو آئون پنهنجي گهر سُتو پيو هئس ته اڌ رات وِهامي وئي هئي، ان وقت ڇوڪري اچي اُٿاريو ته سائين پيو سڏي. آئون حيران ٿي ويو هئس، سائين ته هن وقت سُمهي رهندو آهي، پر مون کي اها ڪهڙي خبر هئي ته هن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ننڊ ڪئي ئي ڪٿي هئي، هو ته بس اکيون ٻُوٽي اکين کي ساهي ڏيندو هو، پر هو هوندو ته سدائين جاڳ ۾ هو. آئون اتي ويس ته بيچين ويٺو هو. چيائين يار نواز! بيچيني ٿئي پئي، آئون ڪجهه لکائڻ چاهيان ٿو، پين پنو کڻ ۽ پوءِ هُن لکائڻ شروع ڪيو هو. رات پنهنجي رفتار سان رڙهندي رهي هئي، هو لکائيندو رهيو هو. اُن رات هو ۶۰ صفحا لکرائي چُڪو هو، اوچتو هن منهنجي هٿن جي لرزش کي محسوس ڪندي چيو هو “ٿڪجي پيو آهين؟”، چيو مانس نه سائين، توهان لکرائيندا رهو، پر پوءِ پاڻ چيائين بس هاڻي اهو مون کي هينئر ئي فيئر ڪري ڏي، آئون صبح جو سوير ڪراچيءَ لاءِ نڪرندس. آئون افسوس سان ٿو چوان ته اهو دستاويز حيدرآباد مان ئي سندس ٿيلهي مان گم ٿي ويو، اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڀيرا اهڙين حالتن ۾ هن لکيو/لکايو.

آريسر صاحب پنهنجي سياسي قد ڪاٺ ۾ ته گهڻن کان سگهارو هو، پر هو پنهنجي شخصيت ۾ به نهايت ئي ماٺيڻو ماڻهو هو. سندس ڪردار هِرک جي ڪپڙي جيان اُجرو رهيو. سائين حيدر دريا پنهنجي ڪتاب “صحرا سُمهي نٿو” ۾ ان جي شاهدي هيئن ڏني آهي ته:

“آريسر، جيڪو ٿر جي وارياسي ميدان جو رهاڪو هو، جتي سج جي پهرين ٿڌن ڪِرڻن سان وهنجڻ ئي سندس زندگي هُئي، جتي ڀِنل راتين جي سِتارن جي مُرڪ سندس ڪائنات ۾ اڪيلي روشني هُئي، سو هاڻ ڀيڄ ڀنيءَ واري پرهه جو پاند ڏسڻ کان به محروم هو.”

آريسر ان وقت جيل جي انڌار ڀؤنرن ۾ گهڙيون گهاريندي، سنڌ کي ساريندي، خوابن جي اُڻت پئي ڪئي. جيل جي ماحول ۾ رهندي، ڊائريون لکندي، هن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جيڪا ويڙهه ڪئي پئي، اُها سنڌ جي تاريخ جو اهڙو ته روشن باب آهي، جنهن کي ڪير به مِٽائي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو هُو هن بي ايمان دور ۾ اهڙو ته ايماندار هو، جو هن ڪڏهن مُڙي پنهنجي دغاباز دوستن کي به مهڻو ڪونه ڏنو ته اوهان کي اِهو ڪيئن جُڳايو. معاف ڪرڻ ته هن جي فطرت ۾ هو، صبر ڪرڻ  جي سُتي ته هن ماءُ جي ٿڃ سان گڏ پيتي هُئي.

ماڻهوءَ جو ڪردار ئي ماڻهو کي جيئرو رکندو آهي، نه ته ڌن دولت ته الائي ڪيترا ماڻهو گڏ ڪري ويا، پر تاريخ ۾ انهن جو نالو نشان ئي ڪونه ٿو ڏسجي،

آريسر صاحب پاڻ ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته: “اسان اهڙي دور ۾ پيدا ڪيا ويا آهيون، جيڪو دور اسان جو آهي ئي ڪونه.”

واقعي هو هن دَور جو ماڻهو ئي ڪٿي هو، جنهن دَور ۾ هرڪو غربت کي پٺيان ڇڏي اڳتي نڪرڻ جي جُستجو ۾ مگن هجي، ان لاءِ ڀلي کڻي وطن سان غداري ڇو نه ڪرڻي پئي، ان دور ۾ رهندي هن ماڻهو پنهنجي مارُن سان، پنهنجي غربت سان سڱ ڪونه ڇِنو، مارئي جي ملڪ جي هن خمير پنهنجي ضمير کي بچائي رکيو.  آريسر صاحب جنهن کي شخصيتون ٺاهيندڙ ڪردار وڻندا هُئا، ان پاڻ سنڌ جي گهٽين ۾ گهمندي، ڪيئي نوجوان تيار ڪيا، جيڪي اڄ به پنهنجي اوچي ڳاٽ سان سنڌ جي راهه ۾ ڪُسجڻ لاءِ آتا آهن. هو جيترو پنهنجي تحرير ۾ سگهارو هو، اوترو ئي سندس تقريرون ايوانن ۾ زلزلو پيدا ڪري ڇڏينديون هيون.

اهو سچ ئي هو، هن جي زبان توڙي قلم مان نڪرندڙ هر لفظ انتهائي ڀاري هوندو هو، تڏهن ته قيد واري دور ۾ هڪڙي آفيسر چيو هو: “تون قلم کان ڪلاشنڪوف جو ڪم وٺندو آهين.” ۽ اسان جي پياري ايوب کوسي لکيو آهي ته: “هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪڙو لفظ به اهڙو ڪونه لکيو، جنهن جو ڪنڌ جُهڪيل هُجي.”

جيڪو ماڻهو لفظن جي ڪنڌ جُهڪڻ جو قائل نه هُجي، اُن ماڻهوءَ جي اڏولتا جو ڇيد ڪجي ته ڪيئن؟ ڇاڪاڻ جو هن قومي سياست کي نوان لاڙا ڏنا هئا، اُتساهن جو هن وٽ پنهنجو الڳ ڍنگ هو. هن جيلن ۾ رهندي جيڪي جيل ڊائريون لکيون، انهن ۾ هن جيڪا ٻولي استعمال ڪئي ۽ سنڌ سان بيپناهه محبت جو جنهن انداز ۾ ذڪر ڪيو، انهي جذبن کي جُوالا مکيءَ جيان ڀڙڪايو. هُن ڪٿي به ڪڏهن به مايوسيءَ جي ڳالهه ڪونه ڪئي. هو جڏهن ڳجهن ادارن جي آفيسرن جي سوالن جا جواب ڏيندو هو ته انهن جي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائڻ جي جُرئت رکندو هو ۽ پنهنجي دانائيءَ سان انهن کي سدائين شڪست ڏيندو  رهيو. آريسر صاحب جي ذهانت جا قائل اُهي آفيسر به ٿي پوندا هئا، جن کي ساڻس بحث ڪندي ذهني يتيميءَ جو احساس ٿيندو هو ۽ سندس ڪردار کان اُهي سپاهي به قائل ٿي پوندا هئا، جيڪي مٿس پهريدار طور بيهاريا ويا هُئا.

هو جڏهن ڳالهين ۾ بحث ڪندي کُٽي پوندا هئا ته مٿس بيپناهه تشدد ڪندا هئا، کيس راتين جون راتيون بيهاري اوجاڳا ڪرايا ويندا هئا، پوءِ به هو ٽُٽڻ وارو انسان هو ئي ڪونه ۽ نه ڪڏهن ٽُٽو. ڪڏهن ڪڏهن هو ان تي پريشان ٿيندا هئا ته هن قسم جا رُڪ جا ماڻهو به ٿيندا آهن ڇا؟ پر حقيقت ۾ هو انتهائي معصوم ماڻهو هو، هُو رُڪ جو هو به ڪٿي، پر ڳالهه جڏهن عشق جي اچي ته انسان لوهه جو بڻجي پوندو آهي، نه ته هن جي معصوميت جي انتها اِها آهي جو هو دوستن جي دغابازين تي به روئڻهارڪو ٿي پوندو هو

انسان ڪيڏو به مضبوط هجي، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن جا رويا به انهن کي ڏنگي وجهندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن جون ساروڻيون به روئاري وجهنديون آهن. حالانڪه هو جڏهن ڦٽڪا لڳڻ کانپوءِ ٽِڪ ٽڪيءَ تان لهي روانو ٿيو هو ته جُهمريون هڻندو فاتحاڻي مُرڪ سان وارڊ تائين پهتو هو، پر هُن کي جڏهن ونيءَ جي سار ستائيندي هئي ۽ پنهنجي ماءُ جي ممتا پلٽو کائيندي هُئي ۽ جڏهن پنهنجي اندوءَ جون ٻاتڙيون ٻوليون ياد پونديون هيون ته هو جُهري پوندو هو.

آريسر صاحب جي دُورانديشيءَ جي انتها اِها هُئي جو هُن کي جڏهن ڦٽڪا هنيا پئي ويا ته انهن ڦٽڪن لڳڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ هُن هڪ طويل نظم لکي منظر نگاري ڪئي هئي:

جيل جون بُلند ديوارون

جن ۾ آهن تنهنجي حُڪم جا بندا

ڪيئي وحشي درندا

لوهي ڪُلف ڪڙا

ڏنڊا ٻيڙيون

پڻ زنجيرن جون ڇِنڪارون!

محبت جي ماريلن لاءِ

وڇوڙي جون ڊگهيون ڏنگيندڙ

اڪيلائيءَ جون ڪاريون راتيون

منتظر آهن ڪيتري وقت کان

اُنهن ڪؤڙن جون

جن جا نشان

بنجي وڃن

منهنجي ڏتڙيل ڏيهه لاءِ

آزاديءَ جون انڊلٺ ريکائون

ڏور گهڻو ڏور

هڪ ڊٺل گهر ۾

منهنجي لاءِ ڌڙڪي پيئي ڪائي دل

۽ ٻرن ٿا ڪن اکين ۾

آسن جا چراغ

اي ديس دُروهي ٻُڌ!

سارو ڏيهه اها هڪ ڌڙڪن بنجي ويو آهي

زندان جي ديوارن ۾ زلزلا آهن

مارُو جاڳيا آهن

جن هٿن ۾ تسبيحون هُيون

سي وڌي رهيا آهن بندوق ڏانهن!

اڄ جڏهن آئون هي سٽون لکي رهيو آهيان ته سڄيءَ سنڌ باهه جي ڄڀين جيان ڀڙڪي اُٿي آهي، جيڪا ڳالهه هن ۱۹۸۱ع ۾ ڪئي هئي، اُها ڳالهه اڄ  ثابت ٿي سامهون آئي آهي ۽ ساڳيءَ طرح آريسر صاحب ’مجيب ۽ ڀُٽو‘ ڪتاب ۾ بينظير ۽ حسينه جو ورثو واري باب ۾ به لکي آهي ته، ۲۰ سالن کانپوءِ جڏهن حسينه اقتدار سنڀاليندي ته مجيب جي قاتلن کي ڦاهيون ڏيندي ۽ اهو به سڀني جي سامهون آهي، جو بنگلاديش جي روڊن تي انهن قاتلن جا لاش ٽنگيل نظر اچي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح هن ٻين به ڪيترن ئي موقعن تي تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ڪيون، جيڪي صبح جي سِج جيان سچ بڻجي سامهون اچي چُڪيون آهن.

آريسر صاحب رُڳو پنهنجي سوچ ۾ مضبوط ڪونه هو، پر هُو پنهنجي ارادي ۾ به اٽل هو. هن قيد ۾ تشدد سهندي به ڪڏهن سمجهوتو ڪونه ڪيو.

آريسر صاحب جي شخصي پاسي تي ته ڪيترو ئي لکيو ويو آهي، پر سندس سياسي پاسي تي الڳ سان لکڻ جي ضرورت آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هُو سنڌ ۾ ايترا ذهن پيدا ڪري ويو آهي، جن مان ڪو ته مانجهي مڙس پيدا ٿيندو، جيڪو مٿس پي.ايڇ ڊي ڪندو ۽ سندس ڪردار جو جائزو پيش ڪندو. باقي سندس جُرئت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، جڏهن ۱۹۹۲ع ۾ کيس آزاد ڪيو پئي ويو ته هُنن کانئس پڇيو هو ته “ڪورٽ ۾ ڪهڙو بيان ڏيندين؟” ته هن اوتري ئي جُرئت سان جواب ڏنو هو ته: “آئون چوندس ته هنن منهنجي زال جي مٿي جي پوتي گُم ڪئي آهي، اسان سنڌي ماڻهو پوتي ۽ پڳ جو پلاند نه ڇڏيندا آهيون.”

اهڙو جواب آريسر ئي ڏئي سگهيو ٿي، نه ته جيڪو ماڻهو مسلسل ۶ مهينا اذيتون ۽ عذاب سهي آزاد ٿيندو هجي، اُهو ته جان بچائڻ کي سُنت سمجهندو، پر آريسر ته جان کان وڌيڪ عشق کي ترجيحي ڏيندو رهيو، جيڪو آخري وقت تائين سلامت ئي رهيو.

اڄ سندس ڇهين ورسي آهي ۽ هنن ڇهن سالن ۾ هڪ پل جي لاءِ به اسان کيس وساري ڪونه سگهيا آهيون.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس ۾ ۰۳ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


عبد الواحد آريسر

ساڻس گهاڙيل گهڙيون

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

اڄ منهنجي دوست مرحوم عبدالواحد آريسر جي ڇهين ورسي آهي. سندس هي ملاقات لاڏاڻي کان ٻه مهينا اڳ جي آهي. آريسر سراپا سنڌ هو، منهنجي ۽ مرحوم جي نظرين ۾ زمين آسمان جو فرق هو. ذاتي دوستي مرڻ گهڙي تائين قائم رهي. ۱۹۶۹ کان اسين حيدرآباد، ڄامشورو ۾ ڪچهريون ڪندا هئاسين. مان نٿو سمجهان ته سائين جي ايم سيد جي نظريات جو شارح ڪو ٻيو هجي. سندس تحرير ۽ تقرير دلين  کي ڇهي دماغ تي واسو ڪندي هئي. سنڌي روايتن جو امين هو. سادي طبيعت جو مالڪ هو. سندس مطالعو وسيع هو. ذاتي معاملات تي هڪ ٻئي سان صلاح مصلحت ڪندا هئاسين. هو به مطالعي جو شوقين هو مان به. ڪجهه عرصو ڀينڊي شريف جي مدرسي ۾ پڙهيو مگر فارغ التحصيل ڪونه ٿيو. جيڪڏهن انگريزي پڙهيل هجي ها ته هڪ وڏو عالمي  محقق هجي ها  مولانا ابوالڪلام آزاد جو مداح. ٻين قوم پرستن کان قدري مختلف. سندس آخر تائين اها خواهش هئي ته سنڌ جون ٻه آباديون پاڻ ۾ ٺهي هلن.

سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم وارن سان به سندس لاڳاپا بهتر هئا.

         ___________________-____________

 ڪافي سال ڊاڪٽر خادم لاکير سان وارڊن واري ڪمري ۾ مهمان ٿي رهيو. سندس ياداشت غضب جي هئي. سندس ياد داشت جو هڪ واقعو خادم لاکير ٻڌائيندو آهي ته مان سندس راشد مورائي جي شاعري ۽ فن تي ڪيل تقرير جيڪا “پيغام “رسالي ۾ ڇپيل هئي پر ڪيترن ئي ڪوشش باوجود ڪونه ملي، خادم آريسر کان پڇيو ته اها تقرير مجموعي ۾ ڪيئن شامل ڪجي، ڪوشش ڪيو ان مهيني وارو شمارو ڪٿان هٿ ڪجي. آريسر تنهن مهل ئي سڌو ٿي ويٺو ۽ خادم کي چيائين ته لک، خادم لکڻ شروع ڪئي، ڪيتري عرصي جي پراڻي تقرير اندر جي روشني تي لکائي بس ڪيائين. ڪتاب ۾ شامل ٿي ڇپجي وئي. ڪجھ عرصي کان پوءِ اهو پراڻو پرچو ملي ويو. خادم چيو ته مان ڪتاب جي مجموعي ۾ ڇپيل ۽ رسالي جي اصل کي ڀيتائڻ ويهي رهيس. بقول خادم جي ته منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن ان مضمون ۽ زباني لکايل ۾ رتي ڀر به تفاوت نه هيو. ان حد تائين جو ڪاما ۽ فل اسٽاپ جو به فرق نه هو..

       __________________________________

سندس ڳوٺ انڙ آباد لڳ عمرڪوٽ، وارو ڪکائون گهر به ائين ئي رهيو، پر سندس مرڻ کان پوءِ آخري آرامگاه پڪو پختو ٺهرائي سنڌين ثابت ڪيو ته هو مرده پرست قوم آهي.

اسان جي دوستي ائين هئي جيئن سيد مودودي رح ۽ جوش مليح آبادي جي. رب پاڪ سندس مغفرت ڪري.

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي فسيبڪ ٽائيم وال تان ۳ مئي ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)


عبدالواحد آريسر

سيد جي فڪر جو شارح ۽ عاشق سنڌ

آزاد انور ڪانڌڙو

سائين عبدالواحد آريسر بابت سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڪتاب “اڄ پڻ چڪيم چاڪ” ۾ لکيو آهي ته “هي ٿرپارڪر ضلع جو ويٺل آهي. رواجي گمنام زندگيءَ مان هن اهڙي شهرت حاصل ڪئي آهي، جو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هي تقرير ۽ تحرير ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. مٿس مضمون ۽ تقريرن تان سرڪار ناراض آهي، جو ان جي خوف کان ڪن لڪائي لڪندو گهمي ۽ ٻئي طرف شاگرد آهن، جي سندس پويان حيران ۽ سرگردان آهن ته هي سندن مجلسن کي رونق افروز ڪري منهنجو کيس چوڻ آهي ته گوشي ۾ ويهه تصنيف ۽ تاليف مشغول رهي. هي ٻن ٻيڙن وچ ۾ آهي، خدا کيس لوسين، ڦوسين کان پناهه ۾ رکي ۽ ظالمن کان چنبي کان پري رکي. بدقسمتي اها آهي ته هي مظلوم قوم سنڌي جو ڦر ٿي پيو آهي، جي مهاجرن ۽ پنجابين مان هجي ها، ته نه حڪومت کي سندس سحربيانيءَ ڪري کيس ڦاسائڻ جي همت ٿئي ها، ۽ نه هي پاڻ روزگار جي تنگيءَ ۽ سرڪار جي خوف کان لڪي وقت گذارڻ لاءِ مجبور ٿئي ها.”

سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته “عبدالواحد آريسر کي به جيئي سنڌ تحريڪ جو هڪ حصو ذري گهٽ پوڄيندو آهي. مولانا آزاد جو وڏو مداح آهي مون ٻڌو آهي ته جڏهن سائين جي.ايم.سيد جي محفل ۾ ايندو آهي ته سائين هن سان اُٿي ملندو آهي _ اهو شرف سائين تمام ٿورڙن ماڻهن کي بخشيندو آهي. جيئي سنڌ تحريڪ ۾ جيڪي سچا ماڻهو رهيا آهن آءُ انهن مان آريسر کي وڌيڪ اهميت ڏيان ٿو. هڪ ڀيري هو پٿر سنڌي سان گڏجي منهنجي گهر آيو هو ۽ منهنجي پيرن تي هٿ رکي مون سان مليو هو. ٻئي ڀيري سنڌ جي مسئلن تي جا هن بين الاقوامي ٽريبونل ويهارڻ چاهي هئي، ان تي منهنجو نالو به ڏنو هئائين. اها محبت ٻه طرفي آهي”.

سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون” ۾ ٻئي هنڌ لکيو آهي ته “ڪوئي ماڻهو عبدالواحد آريسر جو ڪتاب “چانڊوڪيون ۽ چيٽ” ڏئي ويو. مان هُن جون هيٺيون سٽون پڙهي ڇرڪي ويس: “آءُ پُرامن غلاميءَ بدران خطرن سان ڀرپور زندگي پسند ٿو ڪريان.” ڇا، هي آريسر جون سٽون آهن؟ ڪيتري نه آزاديءَ لاءَ تڙپ آهي هن ۾!..”

سائين عبدالواحد آريسر جو جنم عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ انڙآباد لڳ هاسي سر ريلوي اسٽيشن ۾ هڪ مسڪين پورهيت جادو آريسر جي گهر ۾ ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع ۾ ٿيو. آريسر صاحب ابتدائي ۵ درجا عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ۵ درجا پاس ڪرڻ بعد پاڻ مختلف مدرسن ۾ ديني تعليم حاصل ڪيائين. جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو، مدرسه هاشميه سجاول، مولوي عبدالحي نوحاڻي ڪنگوري تعلقي ڊگهڙي واري جو مدرسو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد ۽ ٻيا شامل آهن. ناميارو عالم، اديب، محقق علامه غلام مصطفى قاسمي شاهه ولي الله اڪيڊمي ۾ سندن استاد هو. آريسر صاحب ۱۹۶۸ع ۾ اورينٽيل ڪاليج حيدرآباد مان مولوي عربي جو امتحان پاس ڪيو. آريسر صاحب سياست، مذهب، شاعري ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، سائين جي.ايم.سيد، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حسين احمد مدني، شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ انهن جي سياست، علم، تحرير، تقرير، شاعري جو مٿس گهرو اثر رهيو.

آريسر صاحب لکڻ جي شروعات ۱۹۶۶ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙهڻ دوران “ربيع الاول جا چار چنڊ” مضمون لکڻ سان ڪئي. جيڪو مضمون هفتيوار “همدرد” ميرپورخاص ۾ ڇپيو. پاڻ ٻيو مضمون مخدوم غلام حيدر صديقي طرفان ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد” تي ڪيل تنقيد جي جواب ۾ ۱۹۶۸ع ۾ لکيو. جيڪو ماهوار “بادل” حيدرآباد ۾ ڇپيو. آريسر صاحب هڪ ناول “عجيب زندگي” به لکيو جيڪو پاڻ ادارا “آوازِ ادب” وارن کي ڇپڻ لاءِ موڪليو. پاڻ ڪهاڻيون به لکيائين جن ۾ هڪ ڪهاڻي “منزل ڪنهن کي ملي” نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ به پڙهيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو جي دؤر ۾ “سنڌ جو ڏهيسر دهشتگردن جي حضور ۾” مضمون لکڻ تي سرڪار سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا. ان وقت پاڻ حنفيه مسجد ڊومڻ واهه روڊ حيدرآباد ۾ خطيب هو. جنهن بعد پاڻ مسجد ڇڏي سياست ۾ حصو ورتو. آريسر صاحب ۱۹۷۲ع ۾ سنڌي ۾ ماهوار رسالو “پيغام” جاري ڪيو. جنهن ذريعي نون ليکڪن جي وڏي همت افزائي ڪيائين. پيغام رسالي ذريعي نصير مرزا، سلطان وقاصي، ڪيهر شوڪت، سوسن مرزا ۽ ٻين ليکڪن کي همت افزائي ڪري اڳتي آندو. آريسر صاحب شاعري به ڪئي سندس نظم مختلف وقتن تي ڪتابن ۾ به ڇپيا.

آءُ صدين کان لڪيءَ جي چوٽيءَ تي،

ڪراچيءَ جي بندر تي،

ڀالوا جي ڀٽَ تي انتظام ۾ بيٺو آهيان!

منهنجون نگاهون بدلجندڙ موسمن تي آهن.

اي بادلو!

توهان ڪڏهن گرجي ڀرجي وسندؤ؟

اي سانوڻ!

تون ڪڏهن سانول کي،

ساٺن سؤڻَن سان آڻيندين؟

اي برکا!

تون ڪڏهن ايندينءَ،

جڏهن ڪائي ڪويل،

ڪنهن نِم جي ٽاريءَ تي ڪوڪندي،

جنهن جي هيٺان،

ڪنوارين جي پينگهه لڏندي!

اي واهوندئو!

توهان ڪڏهن ورندؤ،

۽ پرين جي پيار جي سُرهاڻ کڻي ايندؤ،

۽ منهنجي انگ انگ کي،

سرهاڻ جئن سرَهو ڪري ڇڏيندؤ؟

اي گهنگهور گهٽائون!

توهان ڪڏهن ايندؤ،

ڇو جو اوهان جي اچڻ تي،

شايد اسان کي پنهنجو ملڪ ۽ ماڳ،

موٽي ملي!

جتي ڪوبه خوف ۽ خطرو نه هجي،

جتي علم بندوق جي نشاني تي بيٺل نه هجي،

جتي ايپران کان وڌيڪ فوجي ورديءَ جي،

اهميت نه هجي،

جتي دولت،

علم جي بيوسيءَ تي ٽهڪ نه ڏيندي هجي!

اهو منهنجو ملڪ ۽ ماڳ،

شال موٽي ملي!

شاد ۽ آباد هجي!

اڳتي وڌندو رهي،

ايتريءَ حد تائين جو دنيا جي سڀني ملڪن لاءِ،

امن ۽ انسانيت جو،

ڪعبو ۽ قبلو بڻجي وڃي!

اي ڪاش!

اهڙو ڏينهن جلد اچي،

۽ آءٌ ان ڏينهن لاءِ،

صدين کان بيٺو آهيان،

انتظار ۾.... اوسيئڙي ۾!

آريسر صاحب سياست جي شروعات سائين جي.ايم.سيد جي ڪتابن جي مطالعي مٿس گهرو اثر ڪيو اهڙي ريت ۱۹۶۷ع ۾ ۴ مارچ جي واقعي به سندس ذهن تي گهرا اثر ڇڏيا. سائين جي.ايم.سيد جي ڪتابن جي مطالعي واري خواهش سندس مدرسي ڀينڊي هاءِ اسڪول جي استاد محمد صديق پوري ڪئي. سائين جي.ايم.سيد جي ڪتاب “جيئن ڏٺو آهه مون” تي مذهبي ٺيڪيدارن فتوى ڏنيون. اهڙي فتوى ڀينڊي مدرسي ۾ به آئي ۽ ان تي مدرسي ۾ اجلاس ۾ عبدالواحد آريسر سيد جي حمايت ۾ ۽ فتوى جي مخالفت ۾ تقرير ڪئي. جنهن تي کيس مدرسي مان نيڪالي ڏني وئي. آريسر صاحب ان دور ۾ قومپرستي جي حمايت ۽ مذهبي ٺيڪيدارن خلاف مضمون به لکيو.

سائين جي.ايم.سيد سان آريسر صاحب جي ملاقات نامياري اديب، صحافي مدد علي سنڌي ۽ ميهر علي مرزا سان گڏجي ڪئي ۽ ائين ئي هن قومپرست سياست ۾ پنهنجا قدم رکيا. آريسر صاحب سائين جي.ايم.سيد طرفان ۱۹۷۲ع ۾ حيدر منزل ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سور جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر ٿيو. ۱۹۹۰ع  تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۵ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمن رهيو. ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي رهبر سنڌ سائين جي.ايم.سيد جي وڇوڙي بعد جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ٻين ۾ انضمام بعد ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۷ع تائين هڪ سال آرگنائيزر ۽ ۲ سال چيئرمن رهيو. گڏيل جسقم ۾ پاڻ سيڪريٽري جنرل ۽ بشير خان قريشي چيئرمن به رهيو. جسقم ۾ اختلافن بعد پاڻ جسقم (آريسر) جو چيئرمن رهيو.

آريسر صاحب جو پهريون ڪتاب مولانا ابوالڪلام آزاد جي قولن تي مشتمل ڪتاب “جواهرِ آزاد” ۱۹۷۰ع ۾ اردو ۾ ڇپيو. سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ پرهه جو پيغام ۱۹۷۴ع، جي.ايم.سيد ۱۹۷۶ع، ٽهڪي نڪتا ٽوهه، قومي تحريڪ، وريا واهرو ۱۹۸۱ع، سر ۾ سانجهي وير ۱۹۸۱ع، مٽيءَ هاڻا ماڻهو ۱۹۸۳ع، ماڻهو ميگهه ملهار، صدين جون صدائون، سنڌي سماج جو جائزو، ٽهڪي نڪتا ٽوهه، ابوالڪلام آزاد ۽ سرمد شهيد، وطن پرستي، وطن يا ڪفن، نوان چار درويش، رڃ جهڙيون راتيون ڏونگر جهڙا ڏينهن، ترم ياترا ۱۹۸۹ع، ٿي نه محبت مات ۱۹۸۹ع، ماڙين ماريس ڪينڪي ۱۹۸۹ع، مجيب ۽ ڀٽو، چانڊوڪيون ۽ چيٽ ۱۹۸۷ع، تقريرون ۱۹۸۹ع، قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون ۱۹۹۰ع، روح جا ريلا ۱۹۹۹ع،سر جي سدا سُر ۾ ۲۰۰۰ع، سچ وڏو ڏوهاري آهي، مخدوم بلاول ۲۰۰۶ع، روئداد هڪ رات جي، اميد جو قتل ۲۰۰۷ع، روز ٽڙن رابيل، منهنجي اڱڻ مساڳ جو وڻ ۲۰۱۵ع شامل آهن.

عبدالواحد آريسر سنڌ جي آجپي جي جدوجهد دوران ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ قيد ڪاٽيو. آريسر صاحب کي اپريل ۱۹۷۵ع ۾ پهريون ڀيرو گرفتار ڪري کيس ميرپورخاص جيل ۾ رکيو ويو. ان بعد ۱۱ اپريل ۱۹۷۶ع تي ٻيون ڀيرو گرفتار ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دورِ حڪومت ۾ ۱۹۷۸ع  واري دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جي آرٽسٽ فيڪلٽي ۾ بنگلاديش ۽ شيخ مجيب جي حمايت ۾ تقرير ڪرڻ تان گرفتار ٿيو ۽ کيس ۱۰ ڪوڙا هنيا ويا ۽ ۶۰ هزار ڏنڊ به وڌو ويو. بعد ۾ پاڻ ضياءُ الحق جي آمريت ۾ آگسٽ ۱۹۷۹ع ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. آريسر صاحب کي آڪٽوبر ۱۹۹۲ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته ۱۱ آگسٽ ۱۹۹۹ع تي کيس گرفتار ڪري هڪ هفتي لاءِ جيل موڪليو ويو.

سنڌ جي برک دانشور پير حسام الدين راشدي سنڌ جي برک قومي شاعر نياز همايوني ڏانهن هڪ خط ۾ آريسر صاحب جي تقريرن ۽ تحريرن تي راءِ ڏيندي لکيو هو “پيغام ۾ عبدالواحد آريسر جي تقرير پڙهيم. تقرير پڙهي ايمان تازو ٿيو، نه صرف ايمان تازو ٿيو پر پاڻ وڌيو. خدا جو شڪر آهي جو پاڻ وٽ اهڙا لال لڀن ٿا. ملي ته منهنجا سلام ڏجوس ۽ ڀاڪر پائجوس، خداوند ڪريم کيس صحت ۽ وڌيڪ توانائي عطا ڪري.”

۳ مئي ۲۰۱۵ع جي اڀاڳي ڏينهن تي سدائين سنڌ لاءِ سوچيندڙ، سيد جي فڪر جي شارح، سنڌ جي عاشق، جڳ مشهور قومپرست سياستدان سائين عبدالواحد آريسر جي وڇوڙي سان سنڌ رهبر سنڌ سائين جي.ايم.سيد، شهيد سنڌ بشير خان قريشي جي وڇوڙن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر يتيمي جو منهن ڏٺو آهي. سائين عبدالواحد آريسر پنهنجي ذات ۽ شخصيت ۾ سنڌ جو اهو تاريخي ڪردار هو. جنهن جو دامن قومپرست سياست ۾ آخري گهڙيءَ تائين اڇو، اجرو رهيو. هو پنهنجي ذات ۽ عمل ۾ بي داغ ڪردار هيو. جنهن تي سنڌ سدائين فخر ڪندي رهندي.



عبدالواحد آريسر جي ياد ۾

رام اوڏ

آريسر جي شروعاتي سياست جيئڻ لاءِ انسپائيريشن هئي ۽ زندگي جو آخري ڏهاڪو ٽريجڊي سان ڀرپور هو. پيش امام کان قومپرست اڳواڻ تائين هن جي جيون سفر جي ڪهاڻي نه رومانوي آهي، ۽ نه ئي ديو مالائي. آريسر پڙهيو ته مدرسن ۾ هو، پر هو ساري حياتي سيڪيولر ۽ ترقي پسند انسان دوست رهيو. هن جي زندگي ۾ حقيقت جو هڳاءُ هو. هو تحرير ۽ تقرير ۾ ريشنل ۽ مدلل هو ته ڪٿي ڪٿي گهڻي رومانوي اظهار سبب غير عقلي به هو. انسانيت جي عظمت سندن وڙ ۾ عيان هئي. سادگي ۽ سچائي جي انوکي روپ ۾ آريسر حقيقت سان خوب نڀايو. سندن پورهيو پيار آهي، ته اُتساهه به آهي. هن جي وجود ۾ ڏاهپ ۽ سهپ جو سنگم هو، جو هو پُرتشد سياست جو حامي نه هو. امن جي دامن کي دل سان لائي اڳتي وڌندو رهيو. دليل ۽ دانائي جي واٽ تي هن جا ٻول ۽ قول اهو ثابت ڪندا رهيا ته اڙانگن رستن تي راهي ٿي به مظلوم عوام جي رهنمائي ڪري سگهجي ٿي. هن ڪٿي تقرير ۾ چيو هو ته: “سوشلزم اهو ڳڀ آهي جنهن جو ذائقو اڃا دنيا جي محڪوم قومن چکيو ئي ناهي.” سائين جي ايم سيد جيان آريسر صاحب به سوشلسٽ نقطه نظر تي واضح هو، هو پنهنجي ڪتاب “چانڊوڪيون ۽ چيٽ” ۾ لکي ٿو: “آئون مارڪسوادي آهيان. انهي پوڙهي جرمن جي چرنن ۾ پنهنجو سيس ٿو نمايان، جنهن نظرياتي طرح محنت کي سرمايي کان وڌيڪ باعزت ۽ باوقار سڏي انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسڪين ۽ پورهيت کي اهو سيکاريو ته هي ڪائنات جي خوبصورتي ۽ ان ۾ شين جي هي جوڙجڪ تنهنجن ئي هٿن ۽ ذهنن جو ڪارنامو آهي. ان ڪري هن دنيا تي حڪومت ڪرڻ تنهنجو ئي حق آهي، ڇو ته تون گهڻائي ۾ آهين.”

هن جديد دور ۾ هڪ قومي تحريڪ جو جاگيردار، سرمائيدار ۽ سامراج مخالف هئڻ سان گڏ سيڪيولر هجڻ به ضروري آهي. اهي سڀ ڳالهيون آريسر جي ائپروچ ۽ عمل ۾ هيون. سندس اهڙي دانشوراڻي سنجيدگي سندس تحرير ۽ تقرير ۾ واضح هئي. قومي تحريڪ جاگيردار، سرمائيدار ۽ سامراج مخالف ۽ سيڪيولر هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اهي خوبيون ڪنهن سياسي تحريڪ ۾ ناهن ته انهي تحريڪ جو عوامي انقلابي ڪارج باقي نٿو رهي. آريسر جي خوبي اها هئي ته هو ان ڳالھه ۾ نه صرف واضح هو، پر عملي طور تي جدوجهد جي محاذ تي انهن نقطن تي عمل پيرا به هو. حقيقت ۾ هو جاگيردار سماج جي رجعت پسند روايتن کان بغاوت ڪري سياست کي عام ماڻهو وٽ کڻي ويو ۽ عام فهم پيدا ڪري ويو. جيڪڏهن ڪنهن تحريڪ يا فرد جا پنڌ ۽ پيچرا ڪنهن پير جي درگاھه تي کٽن يا ڪنهن جاگيردار جي اوطاق تي ڇيھه ڪن، ته پوءِ اها تحريڪ هجي يا فرد، ايئن ختم ٿي ويندو آهي جيئن روهيڙي جا رتا گُل ڪجھه وقت کان پوءِ ڇڻي ويندا آهن. اسان جي سماج ۾ سياست جي نالي ڪاروبار ڪندڙ فرد اوچي ڳاٽ سان ڪن ٿا. هڪ اهڙي سياست جتي سڀ ڪجھه مايا آهي، ضمير نالي ڪا شيءَ ناهي. آريسر غُربت ۾ پيدا ٿيو ۽ غربت ۾ گُذاري ويو. هن ثابت ڪيو معاشي طور تي غريب ماڻهو پير، مير ۽ سرمائيدار کان سُٺي ۽ سگهاري سياست ڪري سگهي ٿو.

سائين عبدالواحد آريسر هڪ غريب گهراڻي مان نڪتو ۽ غربت ۾ ئي گذاري ويو. سندس اها ئي حالت ۽ اِها ئي طبعيت رهي! هن لاءِ آدرش اهم هو، اهو آدرش سُکي سنڌ لاءِ هو، ذاتي زندگي لاءِ نه! آريسر جي مخالف سياسي اسڪول آف ٿاٽ جا اڪثر فرد اين جي اوز، بيوروڪريسي، ۽ صحافت ۾ ويا، ۽ جتي به ويا گهڻو ڪري ڪرپشن بي تحاشا ڪيائون. انهن عملي ميدان ۾ پورهيت مخالف رجحانن کي هٿي ڏني. نه صرف ايترو پر مقامي طور وڏيرا شاهي ۽ اقتداري ڌرين کي ٽيڪو ڏنو، ۽ انهن سان مفادن جو رشتو جوڙي ڇڏيائون. اين جو اوز جو ڪاروبار ۽ اقتدار پرست طبقي سان ڳٺ جوڙ انهن لاءِ گهڻي دولت کڻي آئي. اڄ اهي رجعتي سوچ سان به ڪلهو هڻي بيٺل آهن، ته سماج ۾ وڏا دانشور به بڻيل آهن. اهي مها دانشور ۽ مها انقلابي اصل ۾ رد انقلابي ثابت ٿي چڪا آهن.

پنهنجي ديس ۽ ماڻهن مان محبت آريسر جي هر ڳالهه ۽ ليک ۾ واضح جهلڪي ٿي. ڌرتي ۽ ماڻهن سان عشق جو اهڙو اظهار هو هر وقت ۽ هر موڙ تي ڪندو رهيو. آريسر جي سوچ جي سياست هتي ممنوع عشق جيان رهي آهي، هن سان ڪنهن جا نظرياتي اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر سندس سچائي ۽ ڪمٽمينٽ سان ڪنهن کي اختلاف نه هئڻ گهرجن.

آريسر صاحب جي اهم خوبي تقرير جو فن هو. جڏهن آريسر ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ٻڌندڙ کين تڪيندا ئي رهجي ويندا هئا. پنهنجي لب ولهجي، انداز ۽ لفظن جي سٽاءُ سان هو ماڻهو موهي ڇڏيندو هو ۽ ماحول ۾ ماڪ وسي پوندي هئي. هو اهڙي خاموشي ۾ گفتار جي چاشني مدلل ۽ منطقي هو. اها گفتار عام رواجي ۽ سطحي نه هئي، بلڪ هو تاريخي ۽ سياسي شعور جي ڦهلاءُ سان ٻڌندڙن کي معنيٰ خيز مواد فراهم ڪندو هو. ۽ اهڙي ئي ان جي تحرير جي خوبي هئي، جو هن جڏهن به ۽ جنهن به اشو يا موضوع تي قلم کنيو، اهو قلم انسپائريشن ۽ سجاڳي جو سبب بڻيو. هن نه صرف سياسي تربيت ڪئي ۽ مظلوم ماڻهو کي ڏکئي وقت ۾ آٿت ڏني پر هو عام ماڻهو کي عام فهم ۾ شعوري سياسي تعليم ڏئي ويو. هن جي زندگي تاريخ ۾ فرد جي ڪردار جي بهترين تشريح آهي.

آريسر جو هڪ ٻيو اهم ڪم ادبي آهي. سندس ڪافي لکڻيون ۽ تقريرون ادب، خاص ڪري شاعري تي آهن. هن لطيف جي شاعري جي تشريح هن دور جي حالتن مطابق ڪئي آهي. جڏهن هو ڀٽائي تي لکي ۽ ڳالهائي ٿو ته هو ڀٽائي جو بهترين شارح لڳي ٿو. ڏسجي ته لطيف جي رچنا جدوجهد ۽ جاکوڙ سان پُر ٿيل آهي. لطيف پنهنجي فڪر ۾ مظلوم ماڻهو پاسي بيٺل آهي. هو غاصب ۽ ڦورو قوتن جي خلاف شاعراڻي سگهه سان اٽڪي ٿو. ڀٽائي متعلق آريسر جي راءِ جذباتي تبصري جي بجاءِ تحقيق ۽ عقل جي ڪسوٽي تي مبني آهي. هو ڀٽائي جي شاعري جو جائزو تاريخي ۽ تنقيدي شعور سان ڪري ٿو. ان ڏس ۾ سندس ڪتاب “وريا واهرو” پڙهڻ جهڙو آهي، جنهن ۾ آريسر ڀٽائي جي فڪر تي نئين رخ کان نظر رکي ٿو.

عبدالواحد آريسر شاھه لطيف جي شاعري کانسواءِ شيخ اياز جي شاعري جو مداح هو. هو اڪثر تقريرن جي شروعات اياز جي شاعري پڙهي ڪندو هو:

تون جو مون کان پوءِ اچين،

ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين منهنجا گيت ٻُڌين،

مون کي ياد ڪرين!

سنڌڙي ڳاڙهو کهنبو ٿي ويندي تيسين،

۽ جي اُن تي منهنجي ڦلڙيون ڦلڙيون ڏات ڏسين،

شال اهو سمجھين!

ڏات وڏي شيءَ ناهي،

پر سچ وڏي شيءَ آهي! .

آريسر جون لکڻيون سنڌي سماج جي رجعت پسنداڻي قدرن خلاف زبردست احتجاج آهن. سائين جي ايم سيد سنڌ جو بنيادي تعارف پيش ڪري سنڌين کي هڪ قوم بڻايو. هو سنڌ جي تاريخ جو وڏو ماڻهو هو، ڇو ته هو واحد باغي نظريه دان هو. آريسر سائين جي ايم سيد کان پوءِ سنڌ جي تاريخ کي جديد ۽ قومي ائپروچ ۾ لکيو آهي. ھو لکي ٿو ته: “موجوده تاريخ محلاتن، محل سرائن، قلعن ۽ حويلين مان نڪري، مزدور جي پگھر، ڳوٺاڻي جي جھوپڙي، ھاري جي ھر ۽ مظلوم جي آھه کي پنهنجي گھيري ۾ وٺي موضوع بڻائي چڪي آھي. تاريخ کي صرف بادشاهن، شھزادن، راڻين وزيرن، اميرن، لشڪرن، گھوڙن، ۽ ھاٿين جي لڙاين جھڳڙن تائين محدود رکڻ ۽ انهن جي چوڌاري ڦيرائڻ وارو وقت ختم ٿي ويو آھي.”

عبدالواحد سياسي طور تي سائين جي ايم سيد سان گڏ خاص طور تي مولانا ابو الڪلام آزاد، مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو ۽ حيدر بخش جتوئي کان متاثر هو. عالمي ادب ۽ سياست به پڙهندو هو. فرانز فينن جو ڪتاب The Wretched of the Earth کي مٽي هاڻا ماڻهو جي نالي سان ترجمو ڪيو. مارڪسزم جي تناظر ۾ پوسٽ ڪالونيل اڀياس ۾ فينن ڪمال جو لکيو آهي.

ڪافي اهڙا تاريخي مونجهارا موجود هئا، جيڪي آريسر جي قلم سان واضح ٿيا. هن سياسي، سماجي، تاريخي ۽ ثقافتي مونجهارن تي لکيو آهي ته قومي سوال جو بهترين تجزيو به پيش ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي سندس لکڻين ۾ وڌاءُ ۽ لفاظي به نظر اچي ٿي، جيڪا تحقيقي سائنسي ائپروچ جو پورائو نٿي ڪري. اهڙين لکڻين کي ترجمو ڪرڻ ۽ اصل مفهوم برقرار رکڻ ڏکيو هجي ٿو.

آريسر ادب، تاريخ ۽ فلسفي جو سٺو مطالعو رکندڙ هو، اهو ئي سبب هو جو هن تجزياتي راءِ ۾ عقل ۽ دورانديشي هئي. ڏسجي ته ڪنهن به انسان جي زندگي خوبين جي کاڻ ناهي هوندي، آريسر به انسان هو، کانئس به خطائون ٿيون آهن. آريسر جي زندگي گُلن جي سيج نه هُئي، هوُ درد جي طوفان ۾ رهيو. سختيون ۽ اذيتون هر موڙ تي سندن آجيان ڪنديون رهيون. آنڌين ۽ طوفانن کي ڏسي هن ڪشتي ڪڏهن به ڪناري نه ڪئي، پر پنهنجي سفر ۾ روان رهيو. هن زندگي ۾ شايد اهو طئه ڪيو ته سياسي جدوجهد ذريعي ئي زندگي جيئڻ جهڙي ٿيندي آهي.

عبدالواحد آريسر تاريخ جي دل ۾ زندھه آهي. اهڙا ميگهه ملهار ماڻهو مرندا نه آهي، بلڪ انهن جي زندگيءَ مرڻ پڄاڻا شروع ٿيندي آهي:

دوش در حلقئه ما قصه گيسوئه توبود،

تا دلِ شب سُخن از سلسلئه روئه توبود (حافظ)

ڪالھه رات اسان جي رهاڻ ۾ تنهنجي چڳن جي ڳالھه هئي، رات جي دل تائين تنهنجي چهري جي ڳالهھ هئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


عبدالواحد آريسر

ھو جو سراپا عشق ھو

دولت رام کتري

عمرڪوٽ (اَمرڪوٽ) جي ڀر سان، ڌرتي جي امر ڪردار وير هاسو سوڍي جي نالي سان قائم هڪ ريلوي اسٽيشن هاسيسر پڻ آهي ۽ انهي ريلوي اسٽيشن جي ڀر سان هڪ ڳوٺ اُنڙآباد (وائوڙي) پڻ آباد ٿيل آهي انهي ڳوٺ جي ڀرسان ڇور واهه پڻ وهندو آهي جنهن بابت سنڌ جي البيلي شاعر حليم باغي لکيو هو ته

“ڇور واهه جون ڇوليون، البيليون اڻموليون”

انهي ڳوٺ ۾ ۱۱ آڪٽومبر ۱۹۴۹ع ۾ هڪ ارڏي شخص جو جنم ٿيو هو جنهن کي سنڌ جي تاريخ “عبدالواحد آريسر” جي نالي سان ياد ڪري ٿي. هڪ غريب پورهيت جادي آريسر جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عبدالواحد آريسر سنڌ جو اهو ديومالائي ڪردار هو جنهن جي فڪر ۽ آواز ۾ سنڌ جاڳندي هئي. ۳ مئي سنڌ جي انهي البيلي عاشق کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن پڻ آهي ورسي جي موقعي تي دل چوي ٿي ته اڄ هن کي ڪهڙن لفظن سان ياد ڪجي؟ هو ته سراپا عشق هو. ھو ته سراپا سنڌ ھو. ھي۱۹۹۷ع ۾انھن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ھڪ پروگرام ۾ ھن شخص کي پھريون ڀيرو ٻڌوھو. ھن جي تقرير۾ اھڙو ته سحر ھو جو ھال ۾ ويٺل حاضرين ھن کي خاموشي سان ٻڌندا رھيا ۽ ھن جي سحر انگيز جملن تي تاڙيون وڃائيندا رھيا. آريسر صاحب جي شخصيت ۽ سياسي جدوجهد جا مختلف پاسا رھيا آهن پر ھي سنڌ جو اھو مفڪر ھوجنھن اسان کي چوٿين دنيا جو تصور ڏنو. آريسر سيد جي فڪر جو سچو شارح ھو. ھن سنڌ ۾ سيد جي فڪر جي حقيقي پرچار ڪئي. آريسر جيڪو سنڌ جي تاريخ جو ازلي عاشق ھو جنھن پنهنجي دور ۾ تقريرن ۽ تحريرن وسيلي سنڌ جي قومي سياست کي نئون دڳ ڏنو. عبدلواحد آريسر سنڌ جو اھو ليکڪ ۽ دانشور ھو جنهن جي لکڻين ۾ عشق، انقلاب، رومانس جون حُسناڪيون جرڪندي نظر اينديون ھيون سائين جي ايم سيد جي فڪري وارث آريسر صاحب۷۰ ۽ ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن وسيلي قومي تحريڪن ۾ روح ڦوڪيو.

ھن جهدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي قومي سياست۾نوان لاڙا متعارف ڪرايا، انهن ڏينهن ۾ هُن تقريرن ۽ تحرين ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي جو ڏيئو ٻاريو ۽ سنڌ جي نوجوانن ۾ فڪري شعور بيدار ڪيو. سنڌ ۾ ھي اڄ جيڪا سڄاڳي جي لھر نظر اچي ٿي ان ۾ آريسر جھڙن دانشورن جو وڏو حصو شامل آهي. انھي دور ۾ آريسر جي لکڻين تقريرن ۽ تحريرن جو پنهنجو ھڪ رومانس ھوندو ھو. آريسر صاحب لففظن جو بي تاج بادشاهه هو ۽ ھو جڏهن ڳالهائيندو هو تڏهن هن جي لفظ لفظ ۾ اُتساهه هوندو هو، ان جا لفظ نوجوانن کي اتساھيندا ھيا هو چوندو هو ته” لفظن سان ڳالهائڻ مون لاءِ ڪو ڏکيو ڪم نه رهيو آهي”. جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ هو اسٽيج تي ايندو هو تڏهن هو نهايت خوبصورت انداز سان سنڌ جي ادب، سياست، ٻولي، ثقافت، موسيقي، شاعري تي لفظن جي جادوگري سان ڳالهائيندو هو. آريسر صاحب جي دليلن ۾ وزن هوندو هو آريسر صاحب جڏهن عالمي ادب تي ڳالهائيندو هو ته ٻڌڻ وارا دنگ رهجي ويندا هئا ۽ هن جي تقرير تي پنج پنج منٽ تاڙيون وڄنديون هيون. هن جي تقريرن ۾ ايترو رومانس هوندو هو جو سنڌ جا نوجوان هُن کي ٻڌڻ لاءِ بي چين هوندا هئا. جڏهن انھن تقريرن کي سھيڙي ھن ڪتابن جي صورت ۾ آندو تڏهن انھن ڪتابن سنڌ جي نوجوانن جون فڪري راھون روشن ڪيون. پرھه جو پيغام، صدين جون صدائون، سر جي صدا سر ۾، آريسر جي تقريرن تي مشتمل اھي ڪتاب آهن جنھن کي سنڌ جو نوجوان وڏي چاھه سان پڙھي ٿو. ساڳي ريت هن جي تحريرن ۽ لکڻين ۾ انداز پڻ نرالوهوندو هو توهان هن جا سمورا ڪتاب پڙهي ڏسو چانڊوڪيون ۽ چيٽ، سر ۾ سانجهي وير، مٽي هاڻا ماڻهو، سچ وڏو ڏوهاري آهي، روح جا ريلا، قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون اميد جو قتل ۽ ٻيا ھن جا لکيل اُهي سمورا ڪتاب آھن جن کي سنڌ جو نوجوان اڪثر دلچسپي سان پڙھندو رھي ٿو.

ھن جي لکڻين ۾ ٻولي جي حُسناڪي جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. آريسر صاحب کي سياست، ٻولي، ادب، شاعري موسيقي مطلب ته هر موضوع تي ڳالهائڻ جو خوبصورت ڏانءُ ايندو هو. مون سائين آريسر صاحب کي آخري ڀيرو صادق فقير جي تدفين جي موقعي تي ڏٺو هو. آريسر صاحب پنهنجي شخصيت جي جوهر ۾ هڪ عام بنهھ سادو ٿريو لڳندو هو. عمر ڪوٽ ۾ ڪڏهن هو روحل واهه تي ٿڪ ڀڃندو هو. ڪڏهن ڪرشن کتري جي اوطاق تي ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو ته ڪڏهن هو جي ايم ڀڳت جي اوطاري تي بحث مباحثا ڪندي نظر ايندو هو. هن جي مزاج ۾ ايتري سادگي هوندي هئي جو ڪڏهن به ڪنهن ماڻهو سان ملڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو هو. روحل واهه ۾ جمن دربدر۽حليم باغي سان هن جون ڪيل رهاڻيون هن جي عملي زندگي جو هڪ حصو رهيون آهن. ماماجمن دربدر سان گڏ عبدالواحد آريسر ڪيترائي اڙانگا پنڌ ڪيا. خود ماما جمن نجي ڪچھرين ۾ ھن جي ڪيترن ئي دلچسپ واقعن ۽يادگيرين جو ذڪر اڪثر ڪندو رھندو آهي. آريسر عملي طرح سنڌ ۾ سيد جي فڪر کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو لايو سجايوھو.

جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي.

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙي کير ري.

هن پنهنجي سياسي سفر ۾ جيلن جون سختيون سٺيون، پر سنڌ سان عشق ڪرڻ کان نابري ڪونه واري، هن چيو ٿي ته سيد ۽ سنڌ سان عشق منهنجي ايمان جو (حصو) ادراڪ آهي. اسان جا ڪجهه دوست آريسر مٿان تهمتون هڻندا هئا ۽ بيهوديون تنقيدون ڪندا هئا پر هي انهن کي خاموشي سان ٻڌندو هو ۽ ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ رد عمل به ظاهر نه ڪندو هو. اها هن جي وڏائي هئي جو تنقيد ڪندڙ ۽ تهمتون هڻندڙ دوستن کي هو دل سان ٻڌندو هو هن وٽ ايتري سادگي هوندي هئي جو اهڙي سادگي وارو رومانس ٻي ڪنهن قومي سياستدان وٽ مون کي نظر نه آيو. هن ته سموري زندگي پنهنجي فقيري رنگ ۾ گذاري ۴۰ سالن جي طويل سياسي سفر ۾ پنھنجو ڪجهه ڪونه ٺاھي سگھيو. ايتري قدر جو هو پنهنجي زندگي ۾ پڪو گهر به نه ٺهرائي سگهيو هو. هن ته سموري زندگي سياسي جدوجهد ۾ گذاري ھو سراپا سنڌ ھو ۽سنڌ ھن جي ساھن ۾ سمايل ھئي. ھن نوجوانن کي لکڻ تي همٿايو، هن سنڌ جي نوجوانن کي علم ادب سان سرشار ڪرڻ لاءِ انهن نوجوانن جي رهنمائي پڻ ڪئي.

ھن سنڌ جي نوجوانن کي سياست ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ سياسي ڪچھرين ۽ منڊلين ۾ ھڪ بھترين ماحول مھيا ڪري ڏنو. ھن شخص جي ڏاھپ مان اسان جي نسل ادب فلسفي سياست سماجيات ۽ ٻولي متعلق ڄاڻ وٺي گهڻو ڪجھه پرايو. ۰۳ مئي ۲۰۱۶ع ويساکي پونم (پورڻماس) جي ساجهر ويلي جڏهن سج جا ڪرڻا نکري نروار ٿيا هئا ته ٺيڪ انهي وقت اڄوڪي ڏينهن تي ڪراچي جي هوائن ۾ هُن جي ساھه جو سڳو ٽٽي پيو ھو ۽ سنڌ جي هڪ ازلي عاشق هميشه جي لاءِ پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون ھيون ۽ سنڌ جي صدائن جو هڪ آواز خاموش بڻجي ويو. اڄ ست سال گذري چڪا آهن ۽ ھن جون يادون ذھن جي ڪئنواس تي تري رھيون آهن آريسر صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي قومي سياست جو هڪ شاندار “دور ۽ رومانس” موڪلائي ويو آهي. هڪ قومي دانشور ۽ تخليقي ماڻهو جي فڪر کي ڪو دانا ماڻهو ئي سمجهي سگهي ٿو. سو منهنجي ذهن ۾ هي سوال بار بار هُري رهيو آهي ته ڇا هاڻي سنڌ جي قومي تحريڪن کي آريسر صاحب جهڙا دانشور ملي سگهندا، يا نه. آريسر صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ جي قومي سياست ڪهڙو دڳ ورتو آهي انھي جو اندازو موجوده قومي سياست کي ڏسي ڪري سگھجي ٿو يا ٿي سگهي ان جو فيصلو ايندڙ تاريخ ڪري پر آئون ھتي اهو ضرور چوندس ته”آريسر جهڙا قومي دانشور ڪنهن خوش نصيب قوم وٽ ئي جنم وٺندا آهن”

 

 (ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



عبدالواحد آريسر

غ ح ڪٽپر

اڄ۱۱ آڪٽوبر عبدالواحد آريسر جو جنم ڏينھن آھي.

عبدالواحد آريسر ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع تي ٿر جي امرڪوٽ ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ انڙآباد ۾جادي آريسر جي گهر ۾جنم ورتو، سندس امڙجو نالوبيگم آريسر۽ سندس گهر واريء جونالو ڪيسرھيو. کيس صرف ھڪ نياڻيء جي اولادھئي، جنھن جو نالو اندرا رکيو ھيائين.

عبدالواحد آريسر پنج درجا پرائمري جي تعليم امرڪوٽ ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ صاڀي مان ورتي. ديني تعليم ڀينڊي شريف جي مدرسي ۽ ٻين مختلف مدرسن مان ورتي. ھن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۶۸ع مولوي عربيء جو امتحان پاس ڪيو. ع و آريسربعد ۾ جي ايم سيد، ابوالڪلام آزاد، عبيداللہ سنڌي وغيرہ جاڪتاب پڙھيا ۽ ھن ۱۹۷۲ع ۾ قوم پرست سياست ۾ پير پاتو.

انعام دراني ڪنھن وقت جنگ اخبار۾ "وغيرہ وغيرہ" جي سري ھيٺ ڪالم لکندوھيو. ھڪ دفعو لکيو ھيائين تہ بر صغير ۾کيس عبدالواحد آريسر ۽ ابوالڪلام آزاد جھڙوقرآن پاڪ جو ٻيو ڪوبہ مفسرنہ ٿو سجهي. آریسرصاحب شیخ اياز کان گهڻو متاثر ھيو، شیخ اياز بابت لکيل مضمون جو ٽڪرو ڏسو،

ڌرتيون، وطن ان وقت ٿينديون آھن جڏھن انھن ۾ زندگيء جا چھچٽا ھجن، مورن جا ٽھوڪاھجن، کنو ڻين جي کجڪار تي ڪنھن ڪولھڻ جي پڙي جا لشڪارا ھجن، جڏھن سانوڻ ٽيج ۾ ڪنوارين جي پيٽن تان ساڙھين جا پلوھٽي وڃن ۽ سندن گوري رنگ جواھاء اونداھي رات ۾ پري تائين پسي سگهجي، تڏھن ئي تہ ڌرتي ڌرتي ھوندي آ. سکر بار کي خطاب ڪندي چيو ھيائين، اي اياز جي لازوال شاعري! اي کرڙيء جي شھيدن جي مقدس رت! اي ھيمون ڪالاڻيء جي ڦاسيء جا ڦندا! سڀ شاھد رھجو تہ اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ڪنواريء جي ٿڻن جو تقدس ھميشہ قائم رھيوآ. شيخ اياز چوندو ھيو آريسر! تنھن جي قلم ۽ زبان ۾ بي پناھ طاقت آھي. آريسر جنھن وقت لکندو يا ڳالھائيندو ھيوتہ لفظ سندس اڳيان قطارڪري محتاج۽ اميدوارٿي بيھندا ھيا. ھوتقرير ۽ تحرير جو جادوگرھيو. ھو جڏھن ڳالھائيندو ھيو تہ سڄو پنڊال پنڊ پھڻ بنجي ويندو ھيو. آريسرکي مارشل لائي دور ۾ گرفتار ڪري، ٽارچر ڪري رتورت ڪيو ويندو ھيو تڏھن بہ ھن جي چپن تي مرڪ ڇانيل رھندي ھئي. ھڪ دفعي جنرل ضياءالحق سنڌين تي طنز ڪندي چيو ھو تہ سنڌي حيدرآباد کان ميرپورخاص اينداآھن تہ پاڻ کي پرديسي سمجهنداآھن. عبدالواحد کيس جواب ڏنو ھوتہ " جنرل صاحب تو شاہ سائينء جو سر سامونڊي پڙھيوھجي ھاتہ ائين نہ چوين ھا. سنڌي وڻجارا پنھن جا ٻيڙا ڪاھي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وينداھيا۽ سالن جا سال پنھنجي ونين ۽گهر کان ڏور گذارينداھيا. سندن ونيون سمونڊ ڪناري ڏيئا ٻاري انھن جو اوسيئڙو ڪنديون ھيون، پوء جڏھن ڌاريافاتح سنڌ تي حملہ آور ٿيا تہ ھنن ڏورانھہ وڃڻ بجاء پنھن جي ونين ۽ ٻنين جي حفاظت کي اوليت ڏني ء تمام وڏو عرصو ھنن ائين رھي گذاريو جنھن ڪري ونين ء ٻنين جي حفاظت خاطر گهر ۾ گذارڻ سندن ۾ شامل ٿي ويئي.

ھو ۳ مئي ۲۰۱۵ع تي اسان کان وڇڙي ويو.

 

(پروفيسر غلام حسين ڪٽپر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 



عبدالواحد آريسر

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

عبدالواحد آريسر، اڄ کان ۷۳ سال اڳ يعني ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع ۾ ڳوٺ انڙ آباد لڳ عمر ڪوٽ ۾ ھڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري جا پنج درجا پڙھي مختلف مدرسن مان ديني تعليم حاصل ڪيائين آخر ۾ ڀينڊي شريف جي مدرسي ۾ پڙھندي، اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۶۸ ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. ڀينڊي شريف جي مدرسي ۾ ھو مولانا آزاد جي تحريرن کان متاثر ٿيو، ان سان گڏ ان وقت قومپرست سياست ڏانهن لاڙو ٿيس. ھو ڊومڻ واہ ۽ جمن شاہ جي پڙ جي مسجدن جو پيش امام. پڻ رهيو.

مون سان سندس پھرين ملاقات ۱۹۷۰ع ۾ ٿي. اھا بہ عمر ڪوٽ جي دوست مرحوم حسين شاه بخاري جي توسط سان. تازو تازو مولانا مودودي رح جي اپيل تي پوري پاڪستان ۾ يوم شوڪت اسلام ملھايو ويو ھو. ان سلسلي ۾ ڪجھ ڳالھ ٻولھ ٿي.

ساڻس گھرائپ جو سبب سنڌ جي تاريخ جي مطالعي ۾ ٻنهي جي شوق ۾ مماثلت ھئي. حيدرآباد ۾ ھو ڪڏھن ڪڏھن ھڪ ديوان جي ھوٽل تي دال، پلو تريل ۽ ماني کائڻ لاءِ خاص سيڙجي ھلندو ھو. کيس ڳالھائڻ جو ڏانء ھو. سنڌ جي تاريخ مان نوان ڪردار ھيري طور پيش ڪرڻ سندس ئي ڏاھپ ھئي.

ھو جڏھن خادم لاکير وٽ رھندو ھو ته رات جو رھاڻيون قائم ٿيون. ھو ۽ خادم پيغام رسالو ڪڍندا ھئا ۽ مان وري شاگرد رسالو ايڊٽ ڪندو ھيس. ان زماني۾ ھو مھاجرن کي سنڌ جي سياست ۾ اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار نه ھو، بعد جڏهن آخري ملاقات ٿي ته کيس ياد ڏيارم، جلدئي پنھنجي غلطي تسليم ڪندي چيائين ته اھا اسان جي غلطي ھئي. مان جڏھن سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي ھليو ويس ته اتي ھڪ رات اچي رهيو. تازو تازو مرحوم ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سنڌي به چانڊڪا اسپتال جي نوڪري چڏي آيو، کيس لانڍي اسپتال ۾ جاب مليو. ان رات ارباب ۽ آريسر جي ڪچھري ڪڏهن نه وسرندي. ٻيئي ھئا ته قوم پرست پر ارباب مارڪسي فڪر سان سلهاڙيل. ڪجھ عرصي کانپوءِ پوء مان پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي ميڊيڪل سروسز ۾ ميديڪل آفيسر ٿي سوئي بلوچستان ھليو ويس. ان کان پوءِ وري ڪافي عرصي کان پوءِ شيخ اياز جي چاليھي تي سندس اوچتو مون تي نظر پئجي ويس. سندس يادداشت غضب جي ھئي. ان موقعي تي محسوس ٿيو ته ھو پيئڻ جي معاملي ۾ ڪجھ سرس سرڪي ڀري ويو ھو. ساڻس آخري ملاقات سندس لاڏاڻي کان ڪجھ مھينا اڳ ٿي، ھو پني عاقل پنھنجي ڪارڪن وٽ مھمان ھو. مون کي نياپو ڏياري گھرايو. رات جي ماني به گڏ کاڌي سين. کيس شگر، جيري ۽ ٻين پيمارين نستو ڪري ڇڏيو هو. سندس زندگي جي باري م ھيٺيون وچور پڙھندا:

سال ۱۹۷۲ع ۾ جي ايم سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو. ۱۹۹۰ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۵ع تائين چيئرمئن رھيو. ۱۹۹۵ع ۾ جي ايم سيد جي وفات بعد نئين جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۷ع تائين ھڪ سال آرگنائيزر ۽ ٻه سال چيئرمئن رھيو. ۲۰۰۷ع ۾ جسقم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، آريسر هڪ حصي جو مرڻ گھڙي تائين چيئرمين رهيو. سنڌ جي سياست ۾ عبدالواحد آريسر ۽ حفيظ قريشي مشھور مقرر مڃيا ويندا هئا. آريسر صاحب جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي :”پرھ جو پيغام“ (۱۹۷۴ع)، ”صدين جون صدائون“ (۱۹۷۴ع)، ”جي ايم سيد“ (۱۹۷۶ع، ٻيو ڇاپو ۱۹۸۸ع )، ”سر ۾ سانجهي وير“ (۱۹۷۹ع )، ”ٽھڪي نڪتا ٽوھ“، ”قومي تحريڪ“، ”وريا واھرو“ (۱۹۸۱ع)، ”مٽيءَ ھاڻا ماڻھو“ فرانر فينن جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۳ع)، ”ترم ياترا“ (۱۹۸۵ع)، ” ٿي نه محبت مات“ (۱۹۸۶ع )، ”ماڙين ماريس ڪينڪي، ”مجيب ۽ ڀٽو“، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ (۱۹۸۷)، ”ابو الڪلام آزاد ۽ سرمد شهيد“ (۱۹۸۸ع) ”تقريرون“ (۱۹۸۹ع )، ”قومي تحريڪ“، ”قومي تحريڪ ۾ رُڪاوٽون“، (۱۹۹۰ع)، ”اسان جيئن جيئي ڪو“ (۱۹۹۸ع)، ”روح جا ريلا“ (۱۹۹۹ع)، ”سِر جي صدا سُر ۾“ (۲۰۰۰ع)، ”ماڻهو ميگهه ملهار“ (۱۹۸۸ع )، ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ (مخدوم بلاول جي تحريڪ بابت :۲۰۰۶)،ڇا ته شخص هو“ (۲۰۰۴ع)، ”سنڌي سماج جو جائزو“ (۱۹۸۵ع)، ”وطن پرستي (۱۹۸۷ع) ٻيو ڇاپو :۱۹۸۸)، ”واڄٽ ويراڳين جا“ (تاج جويي سان گڏ ترتيب)، ”اُميد جو قتل“ (بينظير جي شهادت وقت لکيل :۲۰۰۸ع)، ”ڳچي ڳانا لوهه جا“ (ٽيئي جيل ڊائريون گڏيل :۲۰۰۶ع)، ”رُوءِ داد هڪ رات جي (۲۰۰۸ع)، ”آزادي ۽ محبت“ (تقريرون، تحريرون ۽ انٽرويو :۲۰۰۹ع)، ٻيو ڇاپو ۲۰۲۰ع)، ”مُنهنجي اڱڻ مُساڳ جو وڻ“ (چونڊ نثري ٽُڪرا :۲۰۱۳ع )، ”ڪنڌيءَ ٽڙن ڪنول“ (گڏيل ڪتابن جو مجموعو :۲۰۱۲ع)، ”کٽڻهار کِڙيا“ (گڏيل ڪتابن جو مجموعو :۲۰۱۲ع، ٻيو ڇاپو ۲۰۲۱ع)، ”تاريخ جي جِهروڪي مان“ (گڏيل ڪتابن جو مجموعو :۲۰۱۳ع)، ”ورق ورق تاريخ“ (چونڊ نثري ٽُڪرا: ۲۰۱۵ع)، ”ويراڳي جي وڃڻا ها“ (خاڪا :۲۰۱۵ع )، ”اندر رُوح رَهيام (تقريرون ۽ مضمون :۲۰۱۵ع)، ”ڌرتيءَ جي ڌڙڪن“ (گڏيل ڪتابن جو مجموعو:۲۰۱۵ع)، ”انڊلٺ ريکائون“ (شاعري ۽ نثري ٽڪرا:۲۰۱۵ع)، ”نئين دور جا نوان چار درويش“ (خاڪا :۲۰۱۶ع )، ”باک جو آواز“ (ترتيب: منصور مزاري) ”مولانا آزاد جي سياسي بصيرت “وغيره ان کان علاوه سندس ڪتاب”پارٽي ۽ سياست “ ۽ ”رُڃ جهڙيون راتيون ڏونگر جهڙا ڏينهن“ اڻڇپيل آهن. عبدالواحد آريسر قومي سياست ۾ وقت به وقت جيل ڪاٽيا، ھو پھريون ڀيرو ۱۱ اپريل ۱۹۷۶ع تي جيل ۾ ويو، جتان سيپٽمبر ۱۹۷۷ع ۾ آزاد ٿيو. ٻيو ڀيرو آگسٽ ۱۹۷۹ع ۾ جيل ويو ۽ جولاءِ ۱۹۸۱ع ۾ آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو آڪٽوبر ۱۹۹۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ ۱۹۹۳ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون دفعو ۱۱ آگسٽ ۱۹۹۹ع تي ھڪ ھفتي لاءِ جيل ويو. عبدالواحد آريسر ۰۳ مئي ۲۰۱۵ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ انڙآباد ۾ آهي.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقل ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع جي فيسبڪ وال تان)

No comments:

راءِ ڏيندا