مرتضى ڪلهوڙو
منظور ڪوهيار
مون کي هڪ دفعو فون آئي، ”سائين،
مان منظور ڪوهيار سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان“
مون وراڻيو، ”اهو ته مري ويو“
هن چيو، ”سائين، اهو ڪيئن؟“
”ائين
جيئن ماڻهو مرندا آهن.“
”اوهان
ڪير ٿا ڳالهايو؟“ هن پڇيو.
”منظور
ڪوهيار!“ وراڻيم.
”ته
پوءِ مان ڪيئن يقين ڪيان ته اوهان مئل آهيو؟“
مون وراڻيو، ”افسوس آ، اوهان تي.
اوهان ٻي ماڻهو جي ڳالھ تي، ته پت ڪرڻ لاءِ تيار آهيو، پر مان پنهنجي باري ۾ پاڻ ٿو
ٻڌايان ته به يقين ڪونهي.“
شايد ڪنهن رقيب رو سياه افواه پکيڙيو
ته ‘مرتضى ڪلهوڙو مري ويو ۽ خس ڪم جهان پاڪ‘ ٿي ويو.
ڪنهن ڏاهي (ايشيا کنڊ جي نه) چيو
آهي، ته هڪ صحافي جو موت، انساني ضمير جو موت آهي، اها ٻي ڳالھ آهي ته اسان وٽ ضمير،
اسم جي بدران ڪم ايندو آهي ۽ مرتضى ڪلهوڙو سنگت جي وڏي ڪم آيو. جتي پڄي نه سگھجي، اتي هڻ
مرتضى ڪلهوڙي کي. مرتضى ڪلهوڙو پاڻهي هڻي هنڌ ڪندو. پهريان ته ڏک به اسان کي ڏاڍو ٿيو
۽ بابا فريد گنج شڪر جا اهي شعر ياد آيا:
ويک فريدا مٽي کلي، مٽي اُتي مٽي ڊُلي
مٽي هَسي مٽي روئي، انت مٽي دا مٽي هوئي
نا ڪر بندي ميري ميري، نا تيري نائي ميري
چار دنيا دا ميلا دنيا، ڦير مٽي دي بن گئي ڍيري
پر اعتبار به نه پئي آيو. !؟.....
هڪ چرسي يا ڀنگوڙي به مري ٿو ته ڌوڙ ڌڪاءُ ڪري پوءِ مري ٿو. هي ته لاڙڪاڻي جو اهو بي
باڪ، بي جگر، بي حجاب، بي ڌڙڪ، بي لاگ ۽ بي بدل صحافي آهي، جنهن کان کجيءَ جا جن به
لنوائيندا آهن. اهو ائين چپ چپات ۾ مري وڃي. نه زمين ڏري، نه آسمان ڪريو، نه ٿرٿلو
مچيو، نه ڌماچوڪڙي لڳي، نه شرناءِ، نه دهل وڳا. (ياد رهي ته لاڙڪاڻي جو هڪ صحافي مرحوم
قائم الدين منگي وصيت ڪئي هئي ته سندس مرڻ کانپوءِ کيس دهل شرنايون وڄائي دفن ڪيو وڃي.
سندس وفات تي ائين ئي ٿيو هيو).
عزرائيل به ايڏو واندو ڪونهي جو
هروڀرو اڪ سان کنهي.خدا جو قسم! ڀل کڻي مرتضى ڪلهوڙو پاڻ چئي ته مان مري ويو آ ته به
اسان پت نه ڪنداسين. ايستائين جيسيتائين سندس مٺڙو ماسات محمد علي پٺاڻ پريس رليز نه
ڪڍي..
دوستي جي ناتي، اسان جو دوست منير
سومرو چڙي پيو آ. هاڻي سومري بادشاه کي ڪير سمجھائي ته ڪتو ڀؤنڪندو رهي، ڪلهوڙو فقير
رمندو رهي. ڪنهن جک هنئي آ، ته هڻڻ ڏيس. مرتضى ڪلهوڙي تي ڪهڙو اثر ٿيندو. هو سدا بهار
شخصيت آهي. کيس اونهاري سياري جون گرم ۽ سرد هوائون ڇا ڪنديون، جھڪون ۽ جھولا ڇا ڪندا.
هو نئين ديري جي بٺي مان نڪتل ڪَرڙي سر جي مثال آهي، جنهن کي لڳو تنهن کي نائي..
اسان جھول جھلي کيس دعا ڪيون ٿا
ته حال في الحال پريس ڪلب ۾’ايس اقبال بابو‘ سان گڏ پيئندو رهي، جيئندو رهي ۽ دشمنن
جي هيانءَ تي مـڱ ڏريندو رهي، ان سان گڏوگڏ لطيف سائين جو اهو بيت به پڙهندو رهي:
الا کر جيئن، مدي جن جي من ۾،
اسان ۽ پرين جون، شل اميدون پسن،
تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾.
No comments:
راءِ ڏيندا