; سنڌي شخصيتون: مير عبدالحسين سانگي - نور سنڌي

15 June, 2015

مير عبدالحسين سانگي - نور سنڌي

مير عبدالحسين سانگي
ڀٽ ڌڻي جو پارکو، محقق ۽ اديب
نور سنڌي
مير عبدالحسين خان سانگي جو شمار انهن ليکڪن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو جن دنيا جي عظيم شاعر، صوفي بزرگ ۽ ولي الله حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح عمري، لطيف سائين بابت روايتون حقايتون گڏ ڪيون. پاڻ لطيف سائين جو پارکو، عاشق ۽ عقيدتمند هو، پاڻ جيڪو لطيف سائين جي حوالي سان تحقيقي ڪم ڪيو، اهو ان دور ۾ ايترو آسان نه هو پر مير عبدالحسين سانگي لطيف سائين سان عقيدت ۽ عشق ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڀٽ ڌڻي بابت روايتون ۽ سندس زندگي جو احوال هٿ ڪرڻ لاءِ ڀٽائي پير ۽ لطيف فقراءَ سان ڪچهريون ڪيون ۽ ٻڌايل ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. سندس سهيڙيل مواد کي عبدالرسول قادري بلوچ جيڪو نوابشاهه ضلعي جي سڪرنڊ شهر ويجهو دڙو مگسي جو هو، ترجمو ڪيو، جيڪو ”لطائف لطيفي“ احوال ۽ آثار شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان شايع ٿيو.


مير عبدالحسين خان سانگي 1851ع ۾ مير عباس علي جان جي گهر ۾ ڪلڪتي شهر ۾ جنم ورتو، ان وقت سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت هئي، سندس والد ۽ ٻيا مٽ مائٽ انگريزن جي قيد ۾ هئا. پاڻ اڃا 6 سالن جو مس ٿيو ته سندس والد انگريزن جي قيد ۾ وصال ڪري ويو، جڏهن 8 سالن جو هو ته 1858ع ۾ سندس مائٽن کي قيد مان آزاد ڪيو ويو ۽ پاڻ سندس والد جي سؤٽ مير حسين علي سان گڏ واپس حيدرآباد (سنڌ) ۾ پهتو. ڪلڪتي ۾ رهڻ دوران پاڻ فارسي ٻولي جي شروعاتي تعليم سيد مير مرزا حسن علي کان حاصل ڪئي.
سنڌ ۾ اچڻ بعد آخوند احمد هالاڻي کان تعليم حاصل ڪيائين، کيس ننڍي هوندي کان ادب سان لڳاءُ رهيو. خاص طور شاعري سان سندس دلچسپي رهي، کيس شاعري سان شوق لطيف سائين جو ڪلام ٻڌڻ بعد جاڳيو. پاڻ اڳتي هلي سنڌي ۽ فارسي جا مشهور شاعر ثابت ٿيا. سنڌي ۾ شاعري ان وقت جي مشهور شاعر غلام محمد شاهه ”گدا“ کان اصلاح ڪرايائين. فارسي شاعري جي تعليم مولوي ابوالحسن کان ورتائين. سنڌي شاعري ۾ تخلص سانگي، اردو، فارسي شاعري ۾ عبدالحسين نالو استعمال ڪيائين. پاڻ لطيف سائين جي شاعري جو گهرائي سان مطالعو ڪري ان مان چونڊ ڪري لکي شاهه لطيف جو رسالي جو قلمي نسخو شايع ڪرايائين.
پاڻ ڪافي افسانه به لکيائين. شاهه لطيف بابت سندس ڇپايل ڪتاب لطائف لطيفي جي لکيل مضمون ۾ لکيل آهي ته سندس همعصر اديبن، شاعرن ۾ جن سان سندس گهرا واسطا هئا، انهن ۾ غلام محمد شاهه ”گد“، ميون وڏل ”حيدري“، صاحبڏنو شاهه، شاهه ڪريم بلڙي جو سجاده نشين مير محمد حسين شيرازي، سيد تقي قنڌاري، وزير ڄام ”لسٻيلو“، مرزا محمد شفيع ”مشتري“، ميان امداد علي بڙدي بلوچ ”امداد“، سيد فاضل شاهه ”فاضل“، آخوند احمد هالائي، آخوند اميد علي ”سها“، آخوند محمد قاسم هالاڻي ”قاسم“، حافظ حاجي حامد، محمد يوسف ”مسڪين“، فضل محمد، رسول بخش ”راهي“، مرزا قليچ بيگ، مرزا دوست محمد ”دوست“ به شامل آهن.

پاڻ لطيف سائين بابت روايتون، سوانح حياتي مبارڪ، ڪرامتن بابت احوال درگاهه شريف ۽ درگاهه سان وابسته مختلف علائقن جي وڏي عمر وارن فقيرن کان معلوم ڪيا، جيڪي انهن فقيرن وٽ سندن وڏن کان منتقل ٿيا هئا. لطائف لطيفي ۾ شامل روايتن بابت ڪن محققن عالمن جو چوڻ آهي ته ڪچيون ڦڪيون آهن، انهن جي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي. شايد اهو ئي سبب آهي ته جڏهن سانگي اهي مرزا قليچ بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ کي مطالعي لاءِ ڏنيون ته اهي پڙهڻ بعد مرزا قليچ بيگ اهي نسخا سنڌي ۽ انگريزي ۾ تيار ڪيا، پر مرزا صاحب انهن روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي هوندي، ان ڪري مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ۾ ڪافي اهي ڳالهيون نه ڏنيون آهن، جن ۾ مطالبو هو ته مير عبدالحسين خان سانگي 18 ذوالقعد 1343هه بمطابق 12 جون 1924ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڀٽ ڌڻي سان بي انتها عقيدت ڪري لطيف سائين جي روضي کان اولهه طرف ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، اسان سنڌي قوم اڳ مرده پرست سڏبا هئاسين جو اسان پنهنجي ساهتڪارن، ڪلاڪارن، محققن، دانشورن، عظيم شخصيتن جو سندن جيئري قدر نه ڪندا هئاسين پر انهن جي مرڻ بعد سندن ڏينهڙا ملهائيندا آهيون، پر هاڻ ته اسين گذاري ويل اهڙين شخصيتن جا ڏهاڙا به نه ٿا ملهايون. اهو فرض ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز تي وڌيڪ ٿئي ٿو ته مير عبدالحسين خان سانگي ۽ لطيف سائين جي حوالي سان جن به اديبن، محققن، فنڪارن جون خدمتون آهن، جيڪڏهن اهي زندهه آهن ته ساڻن شامون يا سرهه سانجهه ملهايون وڃن، انتقال ڪري ويل اهڙين شخصيتن جا باقاعده ڏهاڙا ملهايا وڃن. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي صرف لطيف سائين جي عرس مبارڪ تائين محدود نه رکيو وڃي. هن حوالي سان ماضي ۾ سابق سيڪريٽري شمس جعفراڻي، سابق ڊي جي محمد علي مانجهي، موجوده ڊي جي ثقافت منظور احمد قناسرو سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۾ هر 15 ڏينهن يا گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني ڪونه ڪو پروگرام ٿيڻ گهرجي، ڪڏهن ڪنهن اديب، شاعر، فنڪار محقق سان رهاڻ، ڪڏهن لطيف سائين جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ انتقال ڪري ويلن جون ورسيون شايان نموني ملهائڻ گهرجن. هنن سيد صاحبن منهنجي تجويز سان متفق ٿي ان لاءِ بجيٽ رکڻ جا واعدا ڪيا، پر اهي واعدا وفا نه ٿيا. اسين موجوده ثقافت کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ ڊي جي کي گذارش ٿا ڪريون ته ان حوالي سان باقاعده فنڊ رکيو وڃي ۽ اهڙا پروگرام ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي وڃي، اميد ته ثقافتي کاتو ان تجويزن کي عملي جامو پهرائيندو.

No comments:

راءِ ڏيندا