; سنڌي شخصيتون: عبدالحڪيم ارشد - عبدالواحد سومرو

15 June, 2015

عبدالحڪيم ارشد - عبدالواحد سومرو

عبدالحڪيم ارشد
سنڌ جو انقلابي شاعر
عبدالواحد سومرو
سنڌ ۾ شاعري گهڻي ڀاڱي فارسي مزاج تي ڪيئي ويندي هئي. ان لاڙي کان هٽي هتان جي سرجڻهارن پنهنجي شاعري کي سنڌ جي ڪلاسڪ ۽ ترقي پسند ويچارن تي ڪرڻ شروع ڪيو. خاص ڪري پنهنجي قلم جي ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا کڻي ڌرتي جي خوشبوءِ سان پنهنجي خيالن کي رچيو.


جيتوڻيڪ اهو خاص طور شاعريءَ ۾ ڌرتي سان محبت جو درس ۽ مزاحمت وارو لاڙو،جيڪو سن جي سيد جي دين هئي. جنهن ”جديد سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ“ جهڙا مضمون لکي ”سنڌ“ جي سرجڻهارن ۽ شاعرن کي دڳ لاتو هو.
ان سفر ۾ مهندار اياز ته آهي ئي آهي پر اهو هڪ سڄو دور پوءِ  جنهن ۾تسلسل ۾ جن پنهنجو قلم استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي گلن پوپٽن رنگن جهڙن خيالن کي ڌرتيءَ ۽ ديس جي درد سان جوڙيو ۽ هڪ قطار شاعر ن جي اچي سامهون بيٺي ۽ هڪ چمن ۽ گلشن بڻجي ذهن کي متاثر نه پر ذهنن تي اثر به ڇڏڻ شروع ڪيو.
ان جو هڪ حصو اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ نظر آيو. ان محاذ تي شاعر ديس ڌڻين جي آهن، ڪوڪن کي، سماج ۾ بيٺل فرسوده رسمن کي پنهنجي شاعريءَ جي فڪر سان رد ڪرڻ ۾ جنبي ويا ۽ پنهنجو فرض سمجهي حق ادا ڪندا رهيا. سنڌي شاعريءَ ۾ شاعرن پنهنجو نئون رنگ، ڍنگ ۽ نئون روح ڦوڪڻ شروع ڪيو. ان قطار ۾ نياز همايوني، تنوير عباسي، منشي، بخاري، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي کان کٻڙ شهر جي هڪ سادي سودي انسان عبدالحڪم لکمير تائين جو نالو آهي.
عبدالحڪيم، حاجي يار محمد جي گهر، 13 جون 1939ع تي پيدا ٿيو هن پنهنجو لکڻ 54-1953ع کان شروع ڪيو جيڪو اڄ تائين جاري ساري آهي. هن ننڍي عمر ۾ ادبي سنگت ۾ حصو ورتو. اها نوابشاھ ۾ 54-1953ع جي دور جي ڳالهه آهي.
عبدالحڪيم ارشد سان گڏ نوابشاھ ۾ ايڇ ايم خواجه، قاضي فيض محمد، گل محمد چنا، مولانا عبدالجبار پروفيسر، بردو سنڌي، نور محمد عباسي شامل هيا. ادبي ويهڪ اندر تنقيد ۾ گهڻو حصو قاضي فيض محمد جو هوندو هو.
عبدالحڪيم ارشد ڳوٺ مان ڪراچي واري لياري جي علائقي موسيٰ لين ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن 1960ع ۾ شادي ڪئي جيڪا هن ئي علائقي جي سراج محلي جي پٺاڻ اعواڻ فيميلي مان آهي. سندس سهري جو هوٽل هوندو هو ۽ وڏو ڀاءُ جماعت اسلامي ۾ هيس.  هن شادي ان جي معرفت ڪئي هئي. اولاد ۾ ٻه ڌيئر ۽ ٻه پٽ اٿس. وڏو پٽ تعليم کاتي ۾ ننڍو پٽ پي آءِ اي ۾ انجنيئر اٿس. عبدالحڪيم ارشد جا ڪجهه ڇپيل ڪتاب
ڏيئا ڏات جا، رڃن ۾ رڙ ٿي (ڪتابچو-نثر)
آجپي جي گيت جهڙي شاعري،
ٽٽل عڪس سونهن جا (تقريرون)
مون نينهن نڀايو ڌرتيءَ سان
قومن جي روج ۽ زوال جي تاريخ ڪالم (عوامي آواز ۾)
هيءُ شخص علمي ادبي سفر ۾ پنهنجي ذات ۾ انتهائي پرخلوص نياز نوڙت، سان سرشار انسان ۽ اڄ به اوترو ئي جذبو پاٻوھ اٿسٰ جيتوڻيڪ عمر جي جنهن مرحلي ۾ آهي ان ۾چڙ جي بجاءِ ساڳيو ملنسار، قرب وارو رويو اٿس!
هن پنهنجي حياتيءَ جا سونا روپا مان ڪجهه پل، املهه بڻايا اهي هيا پل مانائتا، شانائتا جو هن پنهنجي قومي پورهيي سان سماج جي اندر، نفرت، حقارت، ڪدورت جيڪا سالن کان ذهنن کي زنگ وارو معاشرو بڻيل هو. جيڪو جمود جو شڪار ۽ غلاميءَ واري ذهنيت تي منبي هيو.ان ماحول خلاف قلم توڙي علمي طور جدوجهد ڪئي. هن ڪڏهن همت نه وڃائي. هميشه پنهنجي شاعريءَ ۾ ديس جي خوشبوءِ، پرھ ڦٽي ۽  رات جي راڻي، وانگر نرم نرم جذبن تي مبني پنهنجو اظهار ڪندو رهيو. انهن ويچارن سان سڄي سنڌ ۾ هن جا خيال روشن سج ۽ رات جي چنڊ جي چانڊوڪي بڻجي زمگتل ذهنن تان مير لاهڻ شروع ڪيو. اهو هڪ شاعر هو ۽ ٻيو حڪيم ارشد عملي طور تي ادبي سنگت جي ميدان ۽ مورچي تان بيهي پنهنجو آواز عوام جي  مسئلن تي کڻندو رهيو. ان دور ۾ فڪري طور ٻه لاڙا ۽ ڌڙا هيا. جن جو پاڻ ۾ ڀرپرو ٽڪراءُ موجود هيو. ان مورچي ۽ محاذ تي ترقي پسند مروچو نه صرف اڳتي وڌيو ۽ پنهنجو سڄي سنڌ ۾ هڪ لهر، هڪ جوش جذبي جي شڪل ۾ جاڳرتا جو رخ ورتو. جنهن ڪري اڄ فيض بخشاپوري ۽ رشيد لاشاري جو فڪر ۽ تسلسل رڪجي ويو. هوڏانهن جديد ۽ سنڌ دوست فهم ۽ فڪر اياز کان حڪيم ارشد کان هلندو روبينه ابڙو ۽ حليم باغي تائين پنهنجي زور شور سان نئين نسل جي ذهني توڙي روحاني رهنمائي به ڪري ٿو ته آبياري به ڪري ٿو.
هن جو تعلق عربي سبجيڪٽ سان رهيو ۽ ان حوالي سان  تعليمي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
عبدالحڪيم ارشد اڄ به آهستگيءَ سان ڳالهائيندڙ، ٻئي کي ڌيان سان ٻڌندڙ هڪ سادو سودو انسان پيار، پاٻوھ جي علامت آهي.

13 جون سندس جنم ڏينهن آهي ! هو ڪجهه وقت ڳوٺ ته ڪجهه وقت موسيٰ لين ۾ رهندو آهي. جيڪو علائقو اڳ ۾ پرامن هوندو هو. اڄ گينگ وار ان علائقي جو امن ۽ حسن پائمال ڪري هتان جي ماڻهن جو ساھ مٺ ڪري ڇڏيو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا