; سنڌي شخصيتون: اسرار شام - مٺل جسڪاڻي

17 June, 2015

اسرار شام - مٺل جسڪاڻي

اسرار شام
وڏي حوصلي وارو
مٺل جسڪاڻي
اتفاق، سي به عجيب ۽ غريب اتفاق، ڪي اهڙا به اتفاق ٿيندا آهن، جيڪي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙن اتفاقن مان هڪ اهو اتفاق ته اسرار شام ۽ آئون ٽنڊوڄام واسي آهيون، ان ڪري اسان جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو به تصور ڪيو ويندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو به هڪ اتفاق ئي آهي، ته اسرار به قلمي پورهيو ڪندو رهيو ۽ آئون به اهڙي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. پر اهو به عجيب ۽ غريب اتفاق آهي ته ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل، اسان ٻئي ويجها هوندي به، هڪ ٻئي کان گهڻا پري به رهياسين، جيڪو پڻ هڪ اتفاق آهي!


دراصل، اسرار شام ڄائي ڄم کان ميمڻ پاڙي ٽنڊوڄام شهر جو رهواسي، آئون ڄائس به ٽنڊوڄام کان ڪجهه پرڀري هڪ ڳوٺ ۾ ۽ پلجي وڏو به اتي ئي ٿيس. واندڪائيءَ جا ڏينهن، هفتا، سال سڀ اتي يا وري چٽي ڏينهن ڳوٺ ۽ ٽنڊوڄام جي ڀر پاسي ۾ گذاري ڇڏيم. جڏهن ته اسرار ٽنڊوڄام ۾ ته رهيو، پر جيئن ئي پنهنجي پيرن سيرن ٿيو، ته اڪثر ڏينهن ٽنڊوڄام کان ٻاهر ۽ راتيون ٽنڊوڄام ۾ گذاريائين. جڏهن ته آئون ڏينهن جو ٽنڊوڄام ۽ ان جي ڀرپاسي ۾، پر راتيون ڳوٺ گذاريندو رهيس، جڏهن ڳوٺ مان شهر ۾ اچي رهڻ لڳس، ته اسرار شام پنهنجي ڪرت سان، پنهنجي منهن مٿي مصروف رهيو ۽ آئون پنهنجي ليکي، پنهنجي ڪمن ڪارن ۾ مصروف رهيس. اسان (مون) چاهيندي به خبر نه آهي ڪيئن ۽ ڇو پاڻ ۾ ڪچهريون نه ڪيون!؟ جڏهن ته اسان جا ڪيترائي ساڳيا سنگتي ساٿي به رهيا، جن وٽ اسان جو اچڻ وڃڻ به ٿيندو رهيو، پر ڪڏهن به، ڪنهن به دوست وٽ ساڳئي وقت اسرار ۽ آئون گڏ ويهي نه سگهياسين!؟
ڇا ته عجيب ۽ غريب اتفاق آهن، ڪهڙا ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائجن!؟ اسرار شام جي ناچاڪائي جو ٻڌي، ميراعظم ٽالپر کي چيم ۽ پوءِ اسان گڏجي سندس گهر طبيعت پڇڻ وياسين، اها اسان جي پهرين ۽ آخري، گڏ ويهڻ واري اهڙي ملاقات هئي، جنهن ۾ اسان ٻنهي تمام ٿورو ڳالهايو!؟ ۽ پوءِ اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن مختلف علائقن مان ماڻهو پهچي، مڪمل طور خاموشي اختيار ڪيل اسرار جو آخري ديدار ڪندا، ٿڌا ساهه کڻندا، آهستي آهستي پنهنجي معمول طرف ورڻ لڳا...
اسرار شام جي حوالي سان آئون ٻه اکر اڳ ۾ نه لکي سگهيس، هاڻي جيڪو به لکندس، اهو ٻڌ سڌ ۽ اسرار جي وڇوڙي کانپوءِ لکيل مختلف تحريرن جو وچور ٿي پوندو، ان ڪري منجهي پيو آهيان ته ڇا لکان؟
آئون ايترو ضرور لکندس، ته اسرار شام ڪو عام رواجي شخص نه هو ۽ عام رواجي قلمڪار به نه هو. هو عام رواجي ڳالهير، ڪچهريون ڪندڙ به نه هو، عام رواجي اداڪار، صداڪار، هدايتڪار به نه هو. اسرار جهڙو هو، تهڙو هو، سندس جي ڀيٽ ڪنهن ٻئي سان نه ٿي ڪري سگهجي. جنهن کي اعتراض هجي، اهو اسرار شام تي لکجي ۽ ڇپجي آيل اهي تحريرون پڙهي، جيڪي ويجهڙائي جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. مثال طور هر هڪ ليکڪ جي تحرير جو به حوالو ڏئي سگهجي ٿو.
سميرا مختيار جو روزاني عبرت ۾ ڇپيل مختصر تاثر پڙهجي، جنهن ۾ اسرار جو ”ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا“ وارو روپ نمايان نظر ايندو.
اسحاق مڱريو جي لکڻي روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ شايع ٿي، جنهن ۾ اسرار جي حوالي سان اهي ڳالهيون لکيل آهن، جيڪي اسرار جي نرالي سڃاڻپ ڪرائين ٿيون.
خالد آزاد جو تاثر سڦلتا ميگزين ۾ ڇپيو، ان ۾ اسرار جو جيڪو تعارف ڪرايو ويو آهي، اهو پڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙو آهي.
اسرار شام لاءِ جيڪي ڳالهيون مون سان ميراعظم علي ٽالپر ڪندو رهيو، ڪجهه سندس مضمون ۾ عبرت اخبار وسيلي پڙهندڙن تائين به پهتيون، توڙي جيئن مون سان تمام سٺي هفتيوار ادبي صفحي ”تخليقڪار“ جي سهيڙيندڙ واحد پارس هيسباڻي ڪجهه ڳالهيون ڪيون، اهي ڀلي ڪٿي قلمبند نه هجن، لفظ به لفظ آئون توڙي خود واحد يا مير به دهرائي نه سگهي، پر ڇا اهو گهٽ آهي ته سياري اونهاري جي پرواهه ڪرڻ بنا، سڄي ڏينهن جي قلمي پورهئي جي ٿڪ باوجود، اسرار شام راتين جون راتيون ڪچهري ۾ گذارڻ ۽ اهي ڪچهريون صرف واحد سان نه، ڪڏهن ڪنهن سان ته ڪڏهن سان، ڪڏهن ٿورن سان ته ڪڏهن گهڻن دوستن سان، سندس جيڪي روح رچنديون هيون، انهن مان ڪجهه ڪچهرين جو تفصيلي حال احوال اسرار شام پاڻ قلمبند ڪيا، روزاني عبرت ۾ شايع ٿيا ۽ ٻين پڙهندڙن وانگر راقم به پڙهيا، ته اسرار شام پنهنجو تعارف پاڻ به ٿي چڪو.
اسرار شام جي لکڻ جو لهجو ۽ استعمال ٿيندڙ ٻولي، به اسرار شام جي طبيعت وانگر ٻين ليکڪن جي ٻولي کان، مون کي گهڻي مختلف لڳي. اهڙي سهڻي، سلوڻي، وڻندڙ انداز ۾ تمام گهٽ ليکڪ لکي سگهندا آهن، جيئن اسرار شام لکيو.
اسرار شام پيشي جي لحاظ کان استاد ۽ باقي عملي زندگي ۾ علم جو الم کنيو، ٻارن ۾ علمي ادبي شعور وڌائڻ لاءِ عملي طور سرگرم رهيو. لڳاتار سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ٻارڙن لاءِ علمي، ادبي، معلوماتي، اهڙا رسالا شايع ڪرائيندو رهيو، جن وسيلي ٻارڙن ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ چٽاڀيٽي جو رجحان وڌيو. سندس تربيت سبب ڪي سٺا شاعر، ڪي سٺا نثر نويس، ته ڪي مقرر به سٺا ٿي پيا.
اها اسرار شام جي وڏ ماڻهپائي هئي، جنهن ڪري سنڌي ٻولي اختياري پاران وفا مولا بخش قمبراڻي جي ڇپايل شعري مجموعي جي ارپنا اسرار شام لاءِ مختص ٿي.

اسرار شام، جنهن سڀني کان موڪلايو، اڻ موڪلايو، جنهن ڏينهن آخري سفر تي روانو هو، ان ڏينهن تي، ڪو ڪٿان ته ڪو ڪٿان ڪهي ايندڙ، مختلف مڪتبهءِ فڪر جي مشهور ۽ معروف شخصيتن، مٽن مائٽن، سندس ذاتي دوستن ۽ مون جهڙن اڻ ملاقاتين جي شرڪت، اسرار شام جي شخصيت جي اهڙي سڃاڻپ ڪرائي رهيون هيون، جنهن لاءِ آئون اهو لکڻ کان نه رهي سگهندس، ته اسرار شام ايترو حوصلو ڪٿان آندو، جنهن جي ڪري هو انوکي سڃاڻپ حاصل ڪري سگهيو، ۽ گهڻن کان وسري ئي نه پيو؟!

No comments:

راءِ ڏيندا