; سنڌي شخصيتون: سرواڻ سنڌي - نقاش علواڻي

17 June, 2015

سرواڻ سنڌي - نقاش علواڻي

سرواڻ سنڌي
نئين ٽهي جو سرواڻ شاعر
نقاش علواڻي
ساحري، ماهري ۽ شاعري ٽئي هم قافيه لفظ آهن ۽ ٽنهي جو تعلق آرٽ سان آهي ۽ آرٽ وري اهو جيڪو گهڻ پاسائو جمالياتي اظهار جو اعليٰ نمونو هجي. منجهس فطري ڪشش ۽ حسناڪي به هجي.


ساحري جيڪا پنهنجي منڊ ۾ منڊي ڇڏي، ماهري جيڪا لفظن سميت شين جي سٽاءَ ۽ هنرمندي جو اعليٰ نمونو پيش ڪندي هجي وري شاعر اها جيڪا بذات خود اعليٰ شعور سان سرشار ۽ ٽمٽار هجي، ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي شعوري سگهه عطا ڪري ۽ ماڻهن جي هجوم کي قوم بڻجڻ جو دڳ ڏيکاري، ظاهر آهي ته اهو ڪم شاعري کي ساحري ۽ ماهري جي سنگت سان ئي ڪرڻو آهي انهي ڪري شاعر ۾ ساحر ۽ ماهر واريون خاصيتون ۽ ڏاهپ جو هجڻ لازمي آهي. هتي اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته شاعر ۽ شاعري جا مقصد الڳ الڳ آهن اهو انهي ڪري به ته فن شخصيت جي اظهار جو نالو ناهي پر شخصيت کان فرار جو نالو آهي.
شعر چوڻ، شعر پڙهڻ، شعر سمجهڻ وري شعر سمجهائڻ الڳ الڳ فن اهن. انهي ڪري شاعري جا ڪيترائي رنگ ۽ روپ به آهن پر حقيقي شاعري جو وطن خيال جي ڪک آهي. شاعري ۾ خيال ٻولي وسيلي اظهارجن ٿا ۽ ٻولي جون پاڙو ڌرتي ۾ آهن جتان اها سرجي ٿي ۽ وڌي ويجهي خيال سان اڏارون ٿي ڀري. جديد سنڌي شاعري جي ڪيترن ئي رخن تي اڃان بحث شروع ٿيڻو آهي پر اسان هلندڙ وقت يا دور ۾ جديد شاعري واري رجحان جا پيرا انجمن ترقي پسند مصنفين جي 1932ع ۾ وجود ۾ اچڻ واري دور کان کڻون ٿا. جنهن جو مقصد ادب ۽ شاعري وسيلي ترقي پسند روين ۽ رجحانن کي هٿي وٺرائڻ هو.
اڄ جڏهن ترقي جي وصف ۾ بدلجي چڪي آهي ته ترقي پسندي به پنهنجي ڪنهن نئين سڃاڻپ جي گهرجائو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ روايتي ادب ۽ شاعري جو ڪم ۽ ڪارج به باقي آهي يا نه! اهو سوال آهستي آهستي ڪر کڻي رهيو آهي.
اسين جيڪي پنهنجي ماضي جي رومانس ۾ مبتلا ماڻهو آهيون، جن کي اڄ جي دور ۾ هروڀرو ڪا چڱائي نظر ڪو نه ٿي اچي. مڙئي ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهڻ يا تعريف براءِ تعريف ذريعي لڳ لاڳاپا قائم رکندا آهيون ۽  يا ته وري ڳالهين ذريعي پنهنجي پاڻ کي جيئرو رکڻ لاءِ غيرضروري تنقيد (نڪته چيني) ڪري ڪنهن نه ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪرڻو آهي يا وري ڪو وڏي عهدي تي ويٺل آهي کيس مشهوري جا سڀ موقعا ميسر آهن يا ته ڪي نالي چڙهيا آهن تن جي تعريف ڪري واسطا وڌائڻ اسان پنهنجو فرض سمجهي ڇڏيو آهي. جڏهن ته سنڌي ادب جي کيتر ۾ ڪيترائي گمنام شاعر ۽ ليکڪ به آهن جن جو ڪم به معياري آهي تن کي منظرعام تي آڻي سندن ڪم جي مڃتا ڪريون اها روايت اسان وٽ ڪونهي نتيجي ۾ نور محمد سومرو کان ويندي عطا دل تائين سمورن اديبن ۽ شاعرن جون ڪم جوڳيون ڪاوشون اسان جي سامهون ڪونهي. ڪنول لهاڻو ۽ عبدالمبين پنائي جي نالن کان به اسين اڻ واقف آهيون. اهي سڀ ماضي جا قصا ٿي ويا ۽ ماضي رومانيت پسندن وٽ به سندن ڪو تعارف ڪونهي. اهو انهي ڪري به آهي جو اسان وٽ ڪم تي ڳالهائڻ جي روايت ڪونهي. اسان وٽ فرد ذڪر جو موضوع هوندا آهن. انهي لاءِ ضروري آهي ته سخن فهمي وارو رويو اختيار ڪجي ۽ هروڀرو غالب جي طرفداري نه ڪرڻ ضرورت ڪونهي.
هم سخن فهم هين غالب ڪي طرفدار نهين. (غالب)
نئين ٽهيءَ جي شاعرن مان سرواڻ سنڌي جو تعلق سنڌ جي لاڙ واري خطي سان آهي. سندس شاعري جو ڪو ڪتاب ڇپجي ته منظرعام تي ڪونهي آيو پر مون تائين سندس شاعري، جيتري پهتي آهي ۽ مون ان کي پڙهيو ۽ پرکيو آهي ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ محسوس ڪو نه ٿو ٿئي ته سرواڻ نئين ٽهي جي شاعرن ۾ پنهنجي نالي وانگر سرواڻ شاعر آهي. خاص طور تي سندس غزل ۾ فني پختگي سان گڏ نون خيالن جي اپٽار ۽ غزل جو تغزل ڀرپور انداز ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. سرواڻ جي غزل جي بنيادي خوبي اها آهي ته شاعري جي صنعتن جو استعمال ۾ سوچيل سمجهيل اسڪيم تحت استعمال ٿيل محسوس ٿئي ٿو. سرواڻ جي شاعري ۾ هوائي توائي حوال گهٽ آهن. سندس شاعري غيرحقيقي، غيرفطري ۽ غيرمنطقي تشبيهون ۽ استعارا به ڪونهي. تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال به حقيقي يا حقيقت جي ويجهو آهي. سرواڻ جي شاعري کي گس ۽ ڏس جي به خبر آهي، سندس شاعري پنهنجي مخصوص رڌم سان پنهنجي پنهنجي گس تي پنهنجي ڏس ڏانهن وڌي ٿي. سرواڻ پنهنجي پڙهندڙ کي بور به نه ٿو ڪري. کوکلي واهه واهه ۽ پاڻ پڌائڻ کان انڪار ٿو ڪري. سندس هڪ غزل جا هي بند ڏسو:
تون ڇا منهنجي ڪٿ ڪندين، تو وٽ ڪا ئي ڏات نه آ،
پاڻ پڏائڻ ڇا ٿيندو آ، مون ۾ اهڙي بات نه آ
ايڏو ڏور هليو ويندس ۽ ڪنهن جا سڏ سڻي نه سگهندس،
پوءِ مڃتا پر اهڙي ملندي، جنهن کي ڪائي مات نه آ.
شاعري انساني جذبن، روين ۽ ڪيفيتن جي ترجمان هوندي آهي. انهي ڏس ۾ شاعري کي جيڪي بنيادي ڪم ڪرڻا آهن انهن مان اهم ڪم آهي اتساهه ڏيڻ ۽ قومي شعور کي منظم ڪرڻ. سرواڻ جي شاعري ۾ اهڙا اولڙا پسي سگهجن ٿا جتي هو مايوس ٿيڻ ۽ ردالي ڪرڻ بدران قومي شعور ۽ امنگ جي احساساتي ترجماني ڪري انتهاپسنديءَ کي رد ڪندي همٿ ٿو ڏياري ته:
وحشتن جي واءَ کي موڙي ڇڏيان
ڪن ڪنهن ۾ سڀ ملان ٻوڙي ڇڏيان
جي ائين آزاد سنڌوديش ٿئي
چؤ طرف ڳاڙها جهنڊا کوڙ ڇڏيان
هڪ دفعو ئي سڏ جي ورنائي ڪو
ظلمتن جي مات کي ٽوڙي ڇڏيان
سچ ٿورو پير جي کوڙي بيهي
سامراجي سازشون لوڙهي ڇڏيان.
سرواڻ جي غزل جو هي بند ڏسو جنهن ۾ ڌرتي سان واڳنا جو واعدو به آهي ۽ وطن پرستي جي گس جو ڏس به آهي.
منهنجا گيت هي سونهان بڻجي، توکي راهه ڏسيندا ويندا،
وسري مون کان سنڌ هجي وئي اهڙي آئي رات نه آ.
شاعر جيئن ته حالتن جو سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح اثر قبول ڪري ٿو. موجوده صورت ۾ جتي هر طرف مايوسي ۽ انڌڪار آهي اکين اڳيان سڀ ڪجهه ٿيندو ڏسي ڪجهه به نه ڪري سگهڻ ۽ بيوسي جي احساس کان آجو ٿيڻ شاعر لاءِ به ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇو ته شاعر به هن سماج جو فرد آهي. انهيءَ حقيقت جو اظهار سرواڻ جي غزل ۾ موجود آهي:
ڄڻ خوشيون ئي قرض ۾ ڏئي ڇڏيون،
اسان اکيون جو مرض ۾ ڏئي ڇڏيون،
سنتن جو بار سر تي کڻون،
نيتون سڀ فرض ۾ ڏئي ڇڏيون.
سرواڻ جي شاعريءَ ۾ جمالياتي عڪس به ڏاڍا خوبصورت چٽيل آهن ڇو ته شاعر لفظن سان مصوري به ڪندو آهي ۽ پورٽريٽ ٺاهيندو آهي ۽ غزل جو ته هر بند الڳ الڳ پورٽريٽ هوندو آهي. سرواڻ انهيءَ ڪوشش ۾ به چڱي حد تائين سوڀارو ڏسجي ٿو. فطرت جي حسن جي منظرڪشي سنڌ جي ٻهراڙين، جبلن، ميدانن ۽ ٿر جي وشال صحرا ۽ ڏورانهن وسندين ۾ پسي سگهجي ٿي انهي حوالي سان سرواڻ فطرت دوست شاعر طور پنهنجو رشتو سنڌ جي ٻهراڙي سان ٽوڙيو ڪونهي. Diplomatic شهر ۾ رهندي به سانوڻي جي انهن منظرن کي هيئن ٿو محسوس ڪري ته:
ڀٽن جي سونهن ڇا ڏسجي وٺي جا رنگ ڇا هوندا،
جواني جرڪندي جنهن پل، انهي پل انگ ڇا هوندا.
ولر چرندا وٿاڻن تي، سنجها جي ويل جو ورندا،
مٽر وڄندا گهڻا ڏسندا ڀٽارين چنگ ڇا هوندا.
ٻنيون ٻارا ڪڙيا ڪانٽا گهٽي گهٽ گهيڙ جوڀن تي،
رڳو بارش وسي ڏسجان ته ٻاجهر سنگ ڇا هوندا.
جڏهن اڌ رات جي ويلا ٻڌي هو ڇير جو اٿندي،
اکيون کڄنديون دليون ڇڄنديون ۽ وارن ونگ ڇا هوندا.
سرواڻ کي پرڀات جي چٽي هجڻ جو پورو يقين آهي ۽ اميد اٿس ته صبح ٿيندو حقيقي صبح! هو ٽئين اک سان صورتحال جائزو وٺي للڪاري ٿو ته:
تنهنجو ڏينهن انڌيرو آهي منهنجي رات به روشن آهي
جنهن سان اوندهه ڏور نه ٿي ٿئي اهڙي ڪا پرڀات نه آ.
پنهنجي پرينءَ کانسواءِ ڄامشوري کي ڪيئن ٿو ڏسي:
تو پڄاڻان سانجهه جو ڪهڙو مزو،
ڄامشورو ڀي اسان لئه بر هيو.
ڄامشوري کانپوءِ سندس اکيون ڳوٺ ٿيون وڃن ۽ منظر ٿو چٽي ته :
ڳوٺ هو وڻڪار هئي ۽ مال هو،
واهه جو هي شام جو منظر هيو.
مجموعي طور تي سرواڻ جي غزل جو پنهنجو رنگ آهي. سندس سموري شاعري، نظم، وايون، بيت، چوسٽا ۽ ٻيون صنفون پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا