; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر رٿ فائو

27 June, 2015

ڊاڪٽر رٿ فائو

ڊاڪٽر رٿ فائو
پاڪستاني مدر ٽريسا جو وڇوڙو
شهزادي بلوچ
تقريبن ڇهن ڏهاڪن تائين پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمني جي ليڊي ڊاڪٽر روٿ فائو، جنهن کي هتي انساني خدمتن عيوض پاڪستان جي مدر ٽريسا سڏيو وڃي ٿو، گذريل اربع تي 87 سالن جي ڄمار ۾ هيءَ دنيا ڇڏي وئي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ قائم ميري ايڊليڊلپريسي سينٽر جي ترجمان سلوا زينگ ان جي تصديق ڪئي.


جرمني جي شهر لائپزگ ۾ 1929ع ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر روٿ ڪيٿرينا مارٿا فائو 1960ع کان پاڪستان ۾ ترسيل هئي ۽ هتي ڪوڙهه ۾ مبتلا ماڻهن جي علاج ۾ مصروف هئي، هن پنهنجي سڄي زندگي پاڪستاني قوم جي خدمت ۾ وقف ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر روٿ فائو جي امدادي تنظيم جي ترجمان شارق زمان موجب سندس آخري رسمن 19 آگسٽ تي ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ادا ڪيون وينديون، جنهن بعد کيس ڪراچي جي گورا قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر روٿ فائو کي سندس بي لوث ۽ بي مثال خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن سندس تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. پاڪستان ۾ اهو اعزاز گهٽ ماڻهن کي ملندو آهي، يا ته حڪومتي سربراهن، رياست يا پوءِ جنگ ۾ شهيد ٿيل فوجين کي سرڪاري اعزاز سان نوازيو ويندو آهي.
جنهن زماني ۾ پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن کي شهر ۽ ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويندو هو ۽ هنن جا پنهنجا به سندن ساٿ ڇڏي ڏيندا هئا، اهڙي مشڪل وقت ۾ ڊاڪٽر روٿ فائو پنهنجي هٿن سان ڪوڙهه جي مريضن کي پاڻ کارائيندي ۽ سندن جسم تي مرهم به رکندي هئي. ڪراچي ۾ هن ميڪلو روڊ تي ڊسپينسري سان ڪوڙهه جي مريضن جو علاج شروع ڪيو، جنهن جي ڪجهه عرصي کانپوءِ هن ميري ايڊيليڊ لپروسي سينٽر جو بنياد رکيو. اهو سينٽر 1965ع تائين اسپتال جي صورت اختيار ڪري ويو، هن ڪوڙهه جي علاج ۽ ان مرض ۾ مبتلا ماڻهن جي سار سنڀال لاءِ سڄي پاڪستان ۾ 157 مرڪز قائم ڪيا. ڊاڪٽر فائو 1975ع کان 1980ع تائين ڪوڙهه جي خاتمي جي ڪوششن لاءِ پاڪستاني حڪومت جي مشير به رهي، هي ڊاڪٽر روٿ فائو جي ان مرض خلاف اڻٿڪ جدوجهد ۽ محنت جو ئي ثمر آهي جو عالمي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او پاڪستان کي ايشيا جو پهريون اهڙو ملڪ قرار ڏنو، جتي ڪوڙهه جو خاتمو اچي ويو.
ڊاڪٽر فائو کي سندس خدمتن تي پاڪستاني حڪومت طرفان هلال پاڪستان، ستاره قائداعظم، هلال امتياز، جناح ايوارڊ ۽ نشان قائد اعظم سان به نوازيو ويو، جڏهن ته جرمني جي حڪومت کيس بيم بي ايوارڊ ۽ آغا خان يونيورسٽي روٿ فائو کي ڊاڪٽر آف سائنس جو ايوارڊ ڏنو. ٻي عالمي دهشت جي جنگ کانپوءِ روٿ فائو اهو فيصلو ڪيو هو ته هوءَ پنهنجي زندگي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪندي، تنهن هوندي به ڊاڪٽر فائو جو پاڪستان اچڻ ۽ هتي فلاحي ڪم ڪرڻ رڳو هڪ اتفاق ئي هو. 1960ع ۾ ڊاڪٽر روٿ فائو کي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وڃڻو هو، پر ويزا جي مسئلي جي ڪري کيس ڪراچي ۾ رهڻو پيو، ان دوران کيس ڪوڙهه جي متاثر ماڻهن جي هڪ ڪالوني ۾ وڃڻ ٿيو، مريضن جي رحم جوڳي حالت ڏسي ڪري هن فيصلو ڪيو ته هوءَ پاڪستان ۾ ئي رهندي ۽ اهڙن مريضن جي مدد ڪندي. جنهن بعد 1963ع ۾ ڊاڪٽر فائو جي قائم ڪيل ڪلينڪ جلد ئي ڪوڙهه جي متاثر ماڻهن لاءِ ٻن ماڙين واري اسپتال ۾ تبديل ٿي وئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جون شاخون سڄي پاڪستان ۾ کوليون ويون، سندس قائم ڪيل اسپتالن ۾ نه رڳو ڊاڪٽرن کي سکيا ڏني وئي، بلڪه هزارين مريضن جو علاج به ڪيو ويو، سندس ئي ڪاوشن مان متاثر ٿي ڪري پاڪستاني حڪومت 1968ع ۾ ڪوڙهه جي مرض تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر فائو پاڪستان جي باري ۾ چوندي هئي ته ”مون کي پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڏکيائي محسوس نه ٿي، مون ماڻهن جي خدمت لاءِ اولهه جي قبائلي علائقن ۾ به ڪم ڪيو، جتي اڪثر ماڻهو مون کي منهنجي ڪم جي ڪري سڃاڻين ٿا ۽ ڪڏهن به ڪنهن به منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي“.
خوشحال زندگي گذارڻ لاءِ مشڪلاتن کي به محسوس نه ڪندڙ ڊاڪٽر فائو پنهنجي سموري حياتي سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي وقف ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر فائو ته انسانيت جي خدمت ڪندي پنهنجو فرض پورو ڪري هميشه لاءِ امر ٿي وئي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ميڊيا سندس خدمتن کي ايترو هاءِ لائٽ نه ڪيو، جيترو هوءَ حق لهڻي پئي، ان ڪري اڄ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي به ان جي ميار ڏجي ته اها غلط ڳالهه نه هوندي.
ڊاڪٽر فائو جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي سياسي رهنمائن، سماجي ڪارڪنن ۽ عوام کيس زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي باني عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته روٿ فائو جي لاڏاڻي تي غمگين آهيان، سندس خدمت جي جذبي جو پيدا ٿيل خال ڀرجڻ مشڪل هوندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ به ڊاڪٽر فائو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر فائو هڪ بي مثال زندگي گذاري، جنهن کي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪيو، هن کي هميشه ياد رکيو ويندو. محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصف ڀٽو زرداري به ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر فائو پاڪستاني معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن ۾ وڃي ڪري بي مثال خدمت ڪئي، اسان سڀني کي هن جي مشن کي اڳتي وڌائڻو پوندو.


ڊاڪٽر رٿ فائو
جنهن جي جدوجهد سبب پاڪستان کي ڪوڙهه فري سوسائٽي قرار ڏنو ويو
آصف رضا موريو
ڊاڪٽر رٿ ڪيٿرينا مارٿا فائو جو جنم 9 سيپٽمبر 1929ع ڌاري جرمني جي شهر ليپزڪ ۾ ٿيو. سندس والد هڪ ڪامياب ڪاروباري ساک وارو ماڻهو هيو جنهن کي نازين کان سخت نفرت هوندي هئي. رٿ فائو به پنهنجي والد نازين جي سياسي فلسفي جي باغي هئي پر کيس زبردستي هٽلرجي نازي پارٽي جي پيرا ملٽري آرگنائيزيشن Hitler-jugened ۾ شامل ڪئي وئي. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ جڏهن روس اوڀر جرمني واري علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ملڪ جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ڏيوالو نڪتو ته رٿ جي خاندان اتي تمام گهڻا عذاب سٺا جن ڪري 1948ع ۾ هوءَ به مشرقي جرمني کان غير قانوني طور سرحد پار ڪري مغربي جرمني پنهنجي پيءُ ڏانهن ڀڄي وئي جيڪو هڪ سال اڳ اوڏانهن فرار ٿي ويو هيو. سندس ٽي ڀينرون ۽ ماءُ به ڪجهه عرصي بعد ساڻن اچي مليون جتي هو ڏکڻ اولهه جي شهر Wiesbaden ۾ سڪونت پذير هيون جتي سندن خاندان سک جو ساهه کنيو.
ٻي جنگ عظيم (1939-1945) جي هولناڪين دوران انسانيت جي تذليل کي رٿ فائو پنهنجي اکين سان ويجهي ۾ ڏٺو. سموري دنيا ۾ ٿيندڙ چيخن، ڪوڪن، آهن، لکين زخمي انسانن ۽ چچريل لاشن رٿ فائو جي ذهن ۽ ضمير کي جهنجهوڙي وڌو ان لاءِ هن ڊاڪٽر بڻجي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. 1949ع ۽ 1950ع ڌاري رٿ فائو اولهه جرمني جي شهرن Mainz ۽ Murburgجي يونيورسٽين مان ڊاڪٽري ۽ دوائن جي تعليم ورتي. جرمن فلاسفر فريڊرڪ نٽشي جي سماجي ڀلائي واري تعليمات به کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هن انساني خدمت کي زندگي جو مقصد ۽ شعار بڻائي اڳتي قدم وڌائڻ لڳي.
ميڊيڪل جي تعليم پڙهڻ دوران رٿ فائو سوچيندي هئي ته “جيڪڏهن مون کي پنهنجي جيئڻ لاءِ مناسب جواز نه مليو ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندم.” 1950 ۾ ڌاري سندس ملاقات هڪ ڊچ عورت سان ٿي جيڪا امن مشن جي سلسلي ۾ اولهه جرمني وڃي رهي هئي. ان عورت جي هن ڳالهه رٿ کي متاثر ڪيو ته “هن دنيا ۾ مستقبل انهن ماڻهن جو آهي جيڪي سهپ ۽ پيار جي دنيا سان تعلق رکندڙ هوندا”. ان عورت جي صحبت ۾ پروٽيسٽنٽ عقيدي واري رٿ ڪيٿولڪ بڻجي روحانيت ڏانهن پڻ مائل ٿي وئي ۽ ان کان پوءِ خدا تعالي کي ڪنهن ٻئي نظريي سان سڃاڻڻ لڳي جنهن متعلق سندس راءِ هئي ته ”توڙي جو اهو نظريو مون لاءِ محض ذاتي هيو پر اهو خيالي رشتو ئي اڳتي هلي منهنجي زندگي لاءِ تمام حقيقي ثابت ٿيو.
ڊاڪٽر رٿ فائو 1957ع ۾ هڪ سماجي سيوا جي اداري Society of the Daughters of Marry ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ جنهن ڊسپينسري ۾ رٿ فائو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هيو اها چار سال اڳ Bernice Bargas نالي هڪ ميڪسيڪو جي راهبه شروع ڪئي هئي جيڪا پڻ رٿ جي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ هئي ۽ هن ان اسپتال کي Marie Adelaide de cice جي نالي سان منسوب ڪيو جنهن 2 فيبروري 1791ع ۾ Daughters of the heart of Marry جو بڻياد وڌو هيو.
ان جا ميمبر سادا ڪپڙا پهريندا ۽ تڪليف جي ور چڙهيل انسانيت جي خدمت ڪندا هئا. رٿ فائو هڪ پڙهيل ڳڙهيل عورت هئي جنهنجو خيال هيو ته ”ٽين دنيا جي رهواسين لاءِ بک، ٿڌ، بيڪاري ۽ بي گهري زندگي جا اهم جز بڻجي چڪا آهن ان لاءِ مون کي سندن مدد ڪري تڪليفون گهٽائڻ گهرجن”. اهو سوچي هن پنهنجي صوبائي آفيسر کي ايشيا موڪلڻ جي درخواست ڪئي جيڪا جلد قبول ڪئي وئي ۽ کيس 1960ع ۾ انڊيا موڪليو ويو پر ويزا جي سلسلي ۾ هن کي رستي ۾ ڪراچي رڪجڻو پئجي ويو جتي پاڪستان ۾ڪوڙهه جي مريضن لاوارثي ۽ مسڪيني متعلق کيس ڄاڻ ملي. هن جڏهنMcLeod Road (هاڻوڪو چندريگر روڊ) تي ڪوڙهه جي مريضن جي بستي جي پهرين وزٽ ڪئي ته هن پاڪستان ۾ رهي ڪوڙهين جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري اتي ڪم ڪندڙ اداري سان منسلڪ ٿي وئي.
ان وقت پاڪستان ۾ ڪوڙهين لاءِ ڪنهن به قسم جي سهولت موجود ڪونه هوندي هئي ۽ ان موذي مرض کان ڊنل وارث ان خوف کان مريضن کي ڪوٺين، ڪمرن ۽ غارن ۾ بند ڪري رکندا هيا يا گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هيا ته “متان گهر جي ڪنهن ٻئي ڀاتي کي اها بيماري وچڙي وڃي”. ملڪ ڀر مان اهڙي قسم جا تڙيل مريض پنهنجي ٿاڪن، واڙن ۽ محلن ۾ وڃي گڏ ٿيندا هيا جن مان ان دور ۾ ڪراچي ميڪلو روڊ تي ڪوڙهين جي وڏي ۾ وڏي بستي هوندي هئي جتي رهندڙ جيئڻ ڪاڻ گداگري، چوربازاري ۽ ڦرلٽ تي ڀاڙيندا هيا ۽ انهن کي سماج ۾ هڪ جانور جيتري به اهميت ڪونه هوندي هئي. رٿ فائو هڪ مظبوط قوت ارادي واري ڪردار ۽ پنهنجي مقصد جو احساس رکندڙ عورت هئي جنهن جو خيال هيو ته “اسان کي زندگي ڏانهن تبديلي جا هاڪاري رويا پنهنجي عملن ۾ چٽڻ گهرجن”. هن پنهنجي ان انقلابي سوچ جي ابتدا پاڪستان ۾ موجود هزارين ڪوڙهه جي مريضن جي مدد ۽ انهن جي وڏي ۾ وڏي دشمن بيماري سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجو پاڻ سان پهه ڪيو ته هڪ ڏينهن هن سماج مان انسانن جي ان ويري مرض جي پاڙ پٽي رکندي.
هن پنهنجي ڪم جي ابتدا ڪراچي ۾ ميڪلوروڊ واري وڏي ۾ وڏي ڪوڙهين جي بستي کان ڪئي ۽ 30 سالن جي هن نوجوان جرمن نينگري جڏهن ڪراچي رينبو سينٽر واري علائقي جي سامهون هڪ جهريل جهڳي اڏي پنهنجي ننڍڙي ڊسپينسري ٺاهي ته ان دور ۾ اها ڪاٺ ڪٻاڙ جي ڀڳل ٽٽل سامان ۽ بي ترتيبي سان جڙيل بغير ڇت واري جهڳي هر وقت ڪوڙهه جي بدبودار مريضن سان ڀريل هوندي هئي جيڪا اڳتي هلي پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ اميد، آٿت ۽ زندگي ڏانهن اتساهه جو واحد مرڪز ثابت ٿي جتي هن وقت ميري ايڊيليڊ جي شاندار عمارت ڪر کنيو بيٺي آهي.
رٿ جي اچڻ وقت ڪراچي ريلوي اسٽيشن واري علاقي ۾ ڏيڍ سو کان مٿي ڪوڙهه جا مريض رهندا هيا جيڪو هڪ پاراتو ڏنل ۽ گندو علائقو سمجهيو ويندو هيو جتي جهيڙا ڦرون جام هيون ۽ رات جو ڪوئا ڪوڙهه جي مريضن جا هٿ، پير ۽ ٻيا عضوا به چڪيندا رهندا هيا. رٿ فائو جي ڊسپينسري ۾ ان وقت 6 کان مٿي رضاڪار 12 ڪلاڪ ڪم ڪندا رهندا رهندا هيا جڏهن ته هر مهيني 2000 کان مٿي مريض سندن سينٽر ۾ علاج خاطرايندا رهندا هيا.
ٽيبلن، بسترن، ڪرسين ۽ ٻين شين جي اڻاٺ سبب رٿ فائو مٽي جي فرش تي گوڏا کوڙي ان جهڳي ۾ مريضن جا آپريشن ڪندي هئي جڏهن ته بجلي نه هئڻ ڪري هڪ رضاڪار هٿ واري وڄڻي سان وارڊ مان مکيون ڀڄائيندو هيو. برسات پوڻ ڪري اهو سمورو علائقو وشال ندي جيان وهي نڪرندو هيو پر رٿ ۽ ان جو سمورو اسٽاف گوڏي تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ ور وجهي پنهنجو ڪم ڪندا رهندا هيا. پاڻ لاءِ ڪو ٽڪاڻو نه هئڻ ڪري رٿ فائو ڪم وهنوار لاهي پنهنجي جيپ ۾ سمهي پوندي هئي. ايترين مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي باوجود رٿ فائو پنهنجي مريضن لاءِ جراحي جا سستا طريقا يا خراب دوائون استعمال ڪونه ڪيو ۽ انساني صحتمندي ڏانهن سدائين عمدگي کي ترجيح ڏيندي رهي. هن پنهنجي جهونپڙي جي ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙي ليباريٽري به قائم ڪئي هئي جتي پنهنجي رضاڪارن يا صحتمند مريضن کي ڪوڙهه جي مرض متعلق ٽيسٽن جي سکيا پڻ ڏيندي هئي. جهونپڙي ۾ هڪ پاسي کان اينٽي بائيوٽڪ ۽ ٻيون خاص دوائون پاٺن جي ڪارٽونن ۾ رکيل هونديون هيون. ان ئي جهونپڙيءَ جون ٻه ڪنڊون مريضن کي فزيوٿراپي ڪرڻ واري عملو ڪتب آڻيندو هيو.
سن 1963ع ڌاري رٿ، اولهه جرمني ڪيٿولڪ فنڊنگ ايجنسي جي مدد سان ڪراچي ۾ ٻه منزله عمارت نرسنگ هوم لاءِ ڪرائي تي ورتي جنهن تي پاڙيوارن اها اسپتال بند ڪرائڻ لاءِ زور زبردستي ڪئي ته “انهن ڪوڙهه ۾ ورتل جانورن مان کين ۽ سندن ٻارڙن کي خطرو آهي.” معاملو جهيڙي جهڳڙي کان پوءِ ڪورٽ ۾ هليو ويو. رٿ ان سلسلي ۾ دنيا جي بهترين ليپرولوجسٽن کي مدد لاءِ لکيو ته انهن اعتراض ڪندڙ پاڙيوارن کي آگاهي ڏين ته ڪوڙهه جي اسپتال سندن لاءِ هاڃيڪار نه آهي. جڏهن ڪوڙِهه جي برطانوي ماهرDr. Stanlay Browne ان سلسلي ۾ پاڙي وارن کي بيان ڏنو ته؛ ”هڪ دفعو ڪوڙهه جو مريض دوا کائي ته پوءِ اهو مرض ڪنهن به صورت ۾ وچڙندڙ نه رهندو آهي.“ تنهن کانپوءِ آهستي آهستي رٿ فائو خلاف ڪنهن حد تائين ٺاپر ٿي وئي.
Marie Adelaide Leprosy Centre جي سماجي نيٽ ورڪ جو ڪراچي ۾ بڻياد Dr. I. K. Gill 1962ع ۾ وڌو هيو جنهن جو انتظام بعد ۾ رٿ فائو سنڀالڻ لڳي جنهن ان سينٽر کي وڌائي 1963ع ۾ هڪ لپروسي اسپتال پڻ قائم ڪئي. ٻن سالن کان پوءِ اهو سينٽر مناسب سهولتن واري جاءِ تي منتقل ڪيو ويو جتي ڪوڙهه جي مريضن کي علاج معالجي جون مڪمل سهولتون ڏنيون وينديون هيون. ان اسپتال ۾ نه رڳو ڪراچي مان پر پاڪستان ۽ افغانستان پر ڀرپاسي جي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪوڙهه جا مريض علاج خاطر اچڻ لڳا. ڪم وڌڻ سان گڏ ڊاڪٽر رٿ فائو آهستي آهستي ڪوڙهه سان آگاهي متعلق ڊاڪٽرن، ٽينڪنيشنن ۽ قومي رضاڪارن جي تربيت پڻ ڪندي رهندي هئي جنهن سان ڪوڙهه متعلق خوف ۽ انديشن مٿان صحتمند روين جي سوڀ ٿيندي رهي.
آهستي آهستي رٿ فائو ڪوڙهه جي بيماري خلاف بيشمار ۽ مختلف پروگرام ۽ پروجيڪٽ مرتب ڪري پاڻ هلائيندي رهي ته حڪومت ۽ ٻين مختلف تنظيمن سان به سهڪاري بڻبي رهي. هن حڪومت کان پنج ساله پلان تحت ڪوڙهه سان ويڙهه لاءِ فنڊ مقرر ڪرايا. 1983ع ۾ رٿ فائو مريضن لاءِ هفته وار دوائن جي دوز جا پروگرام شروع ڪيا. جابلو، ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ جتي ڪوڙهه متعلق معاملا انتهائي گنجڙيل هيا ۽ دوائن يا ڊاڪٽرن جي به اڻاٺ هوندي هئي اتي به رٿ ڪوڙهه جي مرضن لاءِ سوين سينٽر کوليا ۽ کولرايا. ايتري تائين جو هن ئي پاڪستان ۾ نيشنل لپروسي ڪنٽرول پروگرام تيار ڪيو. ڪوڙهه جي جن مريضن جو علاج رٿ فائو ڪرڻ شروع ڪيو هيو اهي Bacilus Micro-bacterium leprae جي بيماري جا شڪار هوندا هيا جيڪي چمڙي هيٺان انساني جسم ۾ tissues ۽ Nerves کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. ڊاڪٽر رٿ ڪوڙهه جي مرض سان گڏ تپِ دق جي مريضن لاءِ به پاڪستان ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو.
پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ پنهنجي نيڪ مقصد جي پورائي لاءِ ڊاڪٽر رٿ فائو باقاعدگي سان جرمني ۽ ٻين ملڪن کان امداد وٺي ڪوڙهه جي موذي مرض خلاف ثابت قدمي سان مقابلو ڪندي رهي. هن وقت به رٿ فائو جي اداري جو اڌ خرچ West Germany Leprosy Relief ادا ڪندو آهي جيڪو 1961ع کان سندس مقصد کي سهائتا ڪندو رهندو آهي. وقت سان گڏوگڏ جيئن جيئن ڪم وڌندو ويو تيئن تيئن ڪوڙهه جي علاج جا ننڍا وڏا سينٽر پاڪستان جي هر علائقي ۾ کوليا ويا جن ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو باقاعدگي سان مريضن وٽ پاڻ تپاس ڪندي رهندي هئي. هن وقت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪوڙهه جي علاج متعلق اسپتالون، سينٽر ۽ سهولتون موجود آهن جنهن ڪري پاڪستان ۾ ڪوڙهه جو مرض پنهنجي پڄاڻين تي ليکيو وڃي ٿو.
1970ع ۾ رٿ ڪوڙهه جي ٽيڪنيشنن لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪيا. پاڪستان جي چئن صوبن ۾ ڪوڙهين متعلق سروي ڪائي اتي ضرورت آهر معالجي مرڪز وڌايا. پنهنجي ان جدوجهد جي دوران رٿ ڪشمير، افغانستان ۽ ٻين علائقن جا به دورا ڪيا. اتان مريض وٺي آئي. ان جدوجهد ۽ سفر ۾، مٿانئس ڪيترا ئي ڀيرا فائرنگ ڪئي وئي، ماڻهو وڙهيس، ڪتن ڏاڙهيس، ٻوڏ ۾ ٻڏندي ٻڏندي ۽ برفاني تودن هيٺان ايندي ايندي بچي پر هن عظيم عورت جي همت ۾ گهٽتائي ڪو نه آئي. پنهنجو خواب ساڀيان ڪري ساهه پٽيائين.
هن وقت پاڪستان ۾ نيشنل لپروسي ڪنٽرول پروگرام جو بيشمار اسپتالون ۽ سينٽر پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. جتان هزارين مريض صحتياب ٿي جذام جي جهنم مان آزادي حاصل ڪري، صحتمنديءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. هن وقت ڪراچي ۾ ننڍڙي جهڳي جي جاءِ تي ميري ايڊيليڊ لپروسي سينٽر جي 8 منزله شاندار عمارت پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ ڀروسي واري جنت جي حيثيت رکي ٿو. سسٽر رٿ فائو جو پاڪستان کي ڪوڙهه کان آجي ڪرڻ واري خواب تڏهن خوشنما تعبير ماڻي جڏهن 1996ع ۾ ڊبليو ايچ او پاڪستان کي Leprosy-free society قرار ڏنو. واضح رهي ته پوري ايشيا اندر، ان ڏس ۾ هي پهريون ملڪ آهي. رٿ فائو، انسانن جي صحتمندي جي هاڃيڪار روين خلاف، سموري ڄمار ويڙهاند ڪري، انهن کي پسپا ڪندي رهي پر سماج جون هزارين منفي قوتون گڏجي به سندس حوصلن جي اورچائي کي ڪڏهن ڇهي نه سگهيون.
سسٽر رٿ فائو پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪوڙهه متعلق ڪيل پنهنجي جدوجهد تي جرمن زبان ۾ چار ڪتاب لکيا آهن جن مان هڪ To Light A Candle جو 1987ع ڌاري انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿيو آهي. سندس انگريزي ۾ لکيل آتم ڪٿا Serving the Unserved جو اردو ۾ ترجمو ڊاڪٽر ضيا مطهر ڪيو آهي. کيس انساني خدمت جي جدوجهد جي اعتراف طور بيشمار اعزاز ۽ ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. 1988ع ۾ کيس پاڪستان جي شهرت ڏني وئي. 1969ع ۾ ستاراءِ قائدِ اعظم، 1979ع ۾ پاڪستان جي مرڪزي وزارتِ صحت ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت ڪوڙهه متعلق حڪومتِ پاڪستان اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيو. ان سال ئي کيس هلالِ امتياز سان نوازيو ويو. 23 مارچ 1989ع ۾ کيس هلالِ پاڪستان ايوارڊ ڏنو ويو. 2003ع ۾ جناح سوسائٽي پاڪستان طرفان جناح ايوارڊ ڏنو ويو. 2004ع ۾ روٽري ڪلب ڪراچي وارن کيس لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو. 2004ع ۾ ئي آغا خان يونيورسٽي وارن ڊاڪٽر آف سائنسD.Sc  جي اعزازي ڊگري ڏني. 2006ع ۾ صدرِ پاڪستان لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو. 12 مارچ 2010ع تي ڊائو ڪيپيٽل مئينجمنٽ لميٽيڊ وارن ليڊيز فنڊ آف دي ييئر جي شيلڊ ڏني. ساڳيو اعزاز کيس 12 فيبروري 2011ع تي به مليو. 14 آگسٽ 2010ع ۾ پاڪستان جو تمام وڏو سول ايوارڊ نشانِ قائدِ اعظم ڏنو ويو. 23 مارچ 2011ع تي صدرِ پاڪستان کيس نشانِ قائدِاعظم جو ايوارڊ ڏنو.
اهڙي ريت کيس انساني خدمتن جي اعتراف طور کيس بيشمار بين الاقوامي اعزازات پڻ مليا آهن جن مان ڪجهه هيٺين ريت آهن.
1968: The Order of the Cross from Germany.
1985: The Commanders Cross of the Order of Merit with Star from Germany.
1991: Damien-Dutton Award from USA.
1991: Osterreischische Albert Schweitzer Gasellschaft from Austria.
2002: Ramon Magsaysay Award from Government of Philippines.
2003: The Jinnah Award from the Jinnah Society Pakistan.
2004: Honorary Degree of Doctor of Science (D.Sc.) from Aga Khan University.
2005: Marion Doenhoff-Prize, Germany.
2006: Woman of the Year 2006 Award by City FM89.
2009: Nesvita Women of Strength Awards by TVONE


ڊاڪٽر روٿ فائو
زندگيءَ جا 55 سال ڪراچي ۾ رهي مُلڪ مان ڪوڙهه جو مرض ختم ڪندڙ عورت
عبدالحفيظ لغاري
نئون ديرو واسي دوست واحد ناريجو جنهن ڏينهن جرمن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ جو ذڪر ڪيو تنهن ڏينهن کان ان ڊاڪٽر سان ملڻ جي خواهش جاڳي پئي. ڇو ته دوست ٻُڌايو ته ڊاڪٽر رُٿ فاءُ هڪ عام ڊاڪٽر ۽ هڪ عام انسان کان گهڻو مٿي درجو رکي ٿي جنهن پنهنجي زندگيءَ جا 55 سال ڪراچي ۾ رهي هن مُلڪ مان ڪوڙهه جي مرض ختم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. 9 سيپٽمبر 1929ع تي جرمني جي شهر Leipzig ۾ جنم وٺندڙ رُٿ فاءُ ننڍي هوندي ئي ڏُکيا ڏينهن ڏٺا جڏهن هن جي اباڻي علائقي تي فوج جي حملي سبب سندس خاندان کي دربدر ٿيڻو پيو. زندگيءَ جي ڏکيائين سان جهيڙيندي هي جڏهن وڏي ٿي ته طب جي تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿي وئي. 1955ع ۾ پاڻ کي مُڪمل سماجي خدمتن لاءِ وقف ڪرڻ لاءِ سسٽر Nun (عيسائي ڌرم ۾ شادي نه ڪري چرچ يا فلاحي ڪمن کي ڏيئي زندگي وقف ڪندڙ) ٿي وئي. پاڻ کي 1956ع ۾ Daughters of the Heart of Marry ۾ شامل ڪيائين جيڪو فرانس ۾ هڪ ”آرڊر“ ٺهيو هو. ان سلسلي ۾ کيس انڊيا وڃڻو هو ۽ ويزا جي مسئلي سبب کيس صلاح ڏني وئي ته هو پهريان ڪراچي وڃي اُتان ويزا آساني سان ملي ويندس. ڪراچي اچي جڏهن هو پاڻ جهڙي ميڪسيڪن سسٽر ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ فارماسسٽ بيرنس سان ملي ته هن جي زندگيءَ جو مقصد ئي بدلجي ويو. بيرنس کيس ٻُڌايو ته هو هن وقت ڪراچيءَ ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي رهائش واري علائقي ۾ ڪم ڪري رهي آهي جن جي حالت صفا خراب آهي. جڏهن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ وڃي ڏٺو ته هو اهو عزم ڪرڻ کان رهي نه سگهي ته انهن مريضن لاءِ ڪم ڪبو. هُن نه فقط پاڪستان پر افغانستان تائين ڪم ڪيو ۽ کيس مُلڪ جي نيشنلٽي سان گڏ ڪيئي قومي ايوارڊ پڻ مليا. هُن اهو سڀ ڪيئن ڪيو؟ پنهنجي باقي حياتي ڪراچي ۾ ڪيئن گذُاري اهو تجسس کڻي ريگل چوڪ لڳ سندس هاڻي واري هاسپٽل تي ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽرMALI  تي پُهتس ته رسيپشن وارن ڊاڪٽر رُٿ فاءُ جي خدمت ڪندڙ هن جهڙي ئي هڪ سسٽر مارگريٽ سان ملايو. تعارف ڪرائڻ کان پوءِ وٺي هلي ڊاڪٽر جي ذاتي اسٽڊي روم تي جتي هڪ 86 ساله جهوني جرمن عورت ٽيبل لئمپ ٻاري ڪو ڪتاب پڙهي رهي هُئي. مارگريٽ پاران منهنجي ساڻس ملڻ جي خواهش جو ٻُڌي پهريان ته ڪنهن ٻي دفعي اچڻ جو چيس پر پوءِ اهو ٻُڌي ان مهل ئي ٽائم ڏيڻ تي راضي ٿي ته گهڻو وقت نه ورتو ويندو. توڙي جو کيس اردو به آئي ٿي پر انگريزي ۾ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ سهولت هُئس. جڏهن کيس ٻُڌايم ته هي انٽرويو ۽ احوال سنڌيءَ ۾ ڇپبو ته کلي چوڻ لڳي ”مون وٽ اسٽاف ۾ ڪافي سنڌي به آهن جيڪي ترجمو ڪري ٻُڌائيندا.“
انهي کان پوءِ جيڪي سوال جواب شروع ٿيا سي جيئن جو تيئن هتي ڏجن ٿا؛
سوال: اوهان لاءِ هتي رهي پوڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو اصل مُحرڪ ڪهڙو هو؟
جواب: آءُ سمجهان ٿي اهو مون لاءِ انتهائي اهم آهي ته هتي ٻُڌائيندي هلان. آءُ 1960 ۾ انڊيا وڃي رهي هُئس ته وچ ۾ ڪراچيءَ ۾ لهڻ ٿيو. آءُ ان وقت هڪ بي روزگار ۽ واندي هُئس. منهنجو ڌرم ڪيٿولڪ هو. مون سان گڏ منهنجي گروپ جون سسٽرس هُيون. اسان جو جٿو انڊيا وڃي رهيو هو. ڪُجهه وقت ڪراچيءَ ۾ جو ترسياسين ته اسان کي محسوس ٿيو ته ڪوڙهه جو مرض عام جام آهي. مون سان اُن وقت ميڪسيڪو جي هڪ فارماسسٽ پڻ مِلي. اُن ئي ٻُڌايو ته هتي اها بيماري عام جام آهي. ڪو به ان تي سوچڻ ويچارڻ وارو ناهي. مون اُن وقت ئي محسوس ڪيو ته ڪنهن هِڪ ماڻهو کي هتي رهي وقت ڏيئي ان جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ايئن اها ”هڪ“ آءُ پاڻ ئي ٿي پيس ۽ رهي پيس. ان وقت مون سان گڏ سواءِ منهنجي ميڪسيڪن دوست جي ٻيو ڪو به نه هو. ڪم جو آغاز الاهي ڏُکيو هو پر اسان جو عزم پڪو هو ته ڪُجهه به ٿئي ڪم ڪرڻو آهي.
سوال: اوهان کي والدين طرفان ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿي؟
جواب: (مُسڪرائيندي) بابا ته اڳ ئي گُذاري ويو هو. ها باقي امڙ نه چاهيندي ۽ ڊڄندي ڊڄندي ها ڪئي. اصل ۾ امڙ به راضي نه ٿئي ها پر هُن به سمجهي ورتو هو ته منهنجي ڌي جنهن اٽل ارادي سان ان جدوجهد جو سوچيو آهي اها مُڙڻ واري ناهي. هُن بس اهو چيو ”تو سوچي ئي ورتو آهي ته آءُ ڪير ٿيندي آهيان روڪڻ واري؟“
سوال: اوهان ڪراچي شهر ۾ زندگيءَ جا ساڍا پنج ڏهاڪا گُذاري ڇڏيا. هن شهر جي تبديلي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: هي عجيب شهر آهي. آءُ اڄ هن شهر لاءِ ڪُجهه چوان ته سڀاڻي اُهو سچ نه هوندو. آءُ ماضي جي غير يقيني ۽ تڪڙين تبديلين کي ڏِسان ٿي ته اڄ ڪا به راءِ نه ٿي ڏيئي سگهان ڇو ته سڀاڻي اُن تي ڪو به يقين ڪندو اها پڪ نه اٿم. بس اهو سو ضرور چونديس ته هن شهر جي مستقل استحڪام جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳتي اچڻ لاءِ تيار ناهي. افسوس آهي ته ليڊرشپ صحيح ناهي (چيم اهو نه لکان؟ چوڻ لڳي ڇو نه لکندين؟ ضرور لکجان). هن مُلڪ جي سرڪار سان گڏ هلڻ ڪم ڪرڻ يا ڪا وڏي اُميد رکڻ ڏاڍي ڏُکي آهي. عوام ان ڌوڪي ۾ آهي ته اها سڀ ڌارين جي سازش آهي جڏهن ته ايئن ناهي. مُلڪ جي غير يقيني صورتِحال جو سبب هتان جا حُڪمران آهن ٻيو ڪو به نه.
سوال: هڪ عورت طور اوهان ته زندگي هڪ مشن پورو ڪندي گُذاري. عورتن کي همٿائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪو راز يا صلاح؟
جواب: افسوس آهي ته هن مُلڪ جي عورتن ۾ خوب صلاحتيون آهن پر سندن ڀائر ۽ مُڙس ئي انهن لاءِ رُڪاوٽ آهن. اُهي نه ٿا چاهين ته عورتون ساڻن ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ڪم ڪن. ڪُجهه وري هتي سماجي ۽ سياسي مسئلا پڻ آهن. حالتن جو به عمل دخل آهي. منهنجي پنهنجي اسسٽنٽ ڪانتا جيڪا ٿر جي وارياسي علائقي مٺي سان تعلق رکي ٿي سا به ڏاڍي هوشيار آهي. آءُ سمجهان ٿي اُها منهنجي جاءِ تي ڪم ڪري سگهي ٿي. آءُ کيس پنهنجو مُتبادل سمجهان ٿي پر هو هتي نه ٿي رهي. (وچان مارگريٽ ٻُڌايو ته هن وقت به ڪانتا نيپال ۾ آهي)
سوال: ڀلا ڪوڙهه جي مرض کي هن مُلڪ مان ختم ڪرڻ جي مشن بابت مُختصراً ٻُڌائيندؤ؟
جوب: اسان جڏهن ڪم شروع ڪيو ته لڳو پئي ڪم ڏُکيو آهي. اُن جا وڏا داستان آهن اُن کي ڇڏيون ٿا قصو ڪوتاهه پر اڳتي هلي 1980ع ۾ WHO جي مدد سان هڪ ٻٽي علاج سان ڪوشش ڪئي ته ڪنٽرول ٿيڻ شروع ٿيو ۽ اڳتي هلي اها مُڪمل ختم ٿي وئي. 1996 ۾ ته WHO به اهو اعلان ڪيو ته هاڻ پاڪستان ڪوڙهه کان پاڪ آهي.
سوال: اوهان وڏو عرصو هتي گُذاريو. ڪيئن ٿا ڏسو نئين ٽهي کي؟
جواب: (هڪ ڊگهو ساهه کڻي خاموشي کان پوءِ جڏهن جواب ڏيڻ لڳي ته اکيون ڀرجي آيس). سچ پُڇين ته مون کي ڏاڍو افسوس آهي. آءُ اولهه مُلڪن ۾ ڏسان ٿي ته ماڻهن جي صلاحيتن کي پرکيو وڃي ٿو. هو ڇا ۽ ڪيئن ڪري سگهن ٿا اهو معلوم ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ کين آماده ڪري اهو ڪم وٺي فائدا ورتا وڃن ٿا. هتي ظلم اهو آهي ته ٻيا ته ٺهيو پر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي به ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. اڪثريت بنا سوچي سمجهي ڪم ۾ لڳل آهي. جڏهن ته هن وقت جي گهُرج آهي پنهنجي صلاحيتن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي. اوهان پاڻ کي ڏسو. پنهنجي صلاحيتن کي سمجهو. پوءِ زندگيءَ لاءِ هڪ چئلنج کڻي اُن کي پورو وقت ڏيو. ڏسو ته ڪيئن نه ٿي اچي تبديلي ۽ اوهان ڪيئن نه ٿا ڪامياب ٿيو.
واعدي موجب گهُريل وقت پورو ٿيندي ڏٺم ته موڪلايم. منهنجو هٿ پڪڙي ٻيو هٿ اُن مٿي رکندي ڪا دير ڏسندي رهي ڄڻ ته نظرن ۾ ئي چوندي هُجي ”پاڻ کي سُڃاڻو ۽ سمجهو. زندگيءَ جو ڪو مقصد ٺاهي ان کي پورو ڪريو“.
ان ملاقات کان پوءِ مارگريٽ مون کي اهو ميڊيڪل سينٽر گهُمايو جنهن ۾ گهڻي قدر لاچار مسڪين ۽ اپاهج هُئا جن مان گهڻن کي ته گهروارن هتي ڇڏي وري وٺي وڃڻ جي زحمت ئي ناهي ڪئي. هڪ مريض ته افغانستان جو به هو جيڪو الائي ڪيئن هتي اچي نڪتو. مارگريٽ ٻُڌايو ته هاڻ ڊاڪٽر پنهنجي جرمن دوستن جي تعاون سان هي سينٽر هلائي ٿي. گورنمنٽ جو سهڪار هاڻي نه هُجڻ برابر آهي. هي مريض به مريض کان وڌيڪ ڏُتڙيل هُجڻ جي ڪري هتي داخل آهن.
ٻاهر نڪتس ته ڪراچيءَ جي گرم موسم ۽ ريگل چوڪ جو شور تنگ ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر رُٿ فاءُ به اڳي ڪنهن اخبار ۾ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ڪراچيءَ جون اهي ٻه شيون کيس اڄ به پريشان ڪن ٿيون. مون کي به ڪرڻ لڳيون پر ڪاش اسان انهن پريشانين هوندي به ڊاڪٽر رٿ فاءُ جي ڪيل ڪم جهڙو يا جيترو نه سهي پر رتي برابر به ڪري وِجهون ته ڪيڏو نه ڀلو ٿي پئي. ڪنهن سچ ئي چيو آهي ”جيستائين اسان ڪنهن جا همدرد نه ٿا ٿيون درد اسان کان ۽ اسان درد کان جُدا ناهيون ٿيندا.“




ڊاڪٽر رٿ ڪيٿرنيا مارٿا فائو
الوداع اي خادمِ انسانيت الوداع
محمود شام
درد دل کے واسطے پیدا کیا انسان کو
ور نہ طاعت کے لیے کچھ کم نہ تھے کروبیاں
انسان زمين پر الله تعاليٰ جو نائب، سڄي مخلوقات ۾ اشرف، اُن کي زمين تي لاٿو ويو، جيڪو الله تعاليٰ جي نائب جي خدمت ڪري ٿو، ڪنهن غرض کان مٿانهون ٿي، بي لوث، بي مطلب، اُهو ڪيترو عظيم انسان هوندو ۽ جڏهن هو پنهنجو گهر ٻار ڇڏي اڪيلي سر صرف انسانيت جي خدمت جي لاءِ بلڪل ڪنهن اجنبي ماڳ تي اچي وڃي، اهڙي ماحول ۾ جتي صدين کان رهندڙ پاڻ هڪ ٻئي کان خوفزده هُجن، جتي غيرت جي نالي تي قتل ٿيندا هُجن، جتي موبائل ڦرجڻ ۾ مزاحمت ڪرڻ تي موت ٿيندا هجن، جتي مقامي ماڻهو پنهنجن ئي ماڻهن کي ماريندا هُجن، جتي مسلمان، مسلمانن کي موت جي انڌيرن ۾ ڌڪي رهيا هُجن، جتي انتهاپسند ٻارهين صدي جي سوچ سان گڏ ايڪيهين صديءَ جي موت مار هٿيارن سان ليس هُجن، جتي قبيلا پاڻ ۾ وڙهي رهيا هُجن، سياسي پارٽيون هڪٻئي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيو وتن، جتي خواندگيءَ جي شرح تمام گهٽ هُجي، جتي جاگيردار سورهين صديءَ جون روايتون کنيو هارين جون زندگيون تنگ رکيو اچن، جتي سردار انسانن کي پندرهين صديءَ جي غلام جيان رکندا هُجن، اتي هڪ نوجوان عورت ڪوڙهه جي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا انسانن کي ڏسي اهو فيصلو ڪري ته مون کي هن سرزمين تي اهو مرض هميشه لاءِ ختم ڪرڻو آهي ۽ مون کي هتي ئي رهڻ گهرجي.
آفرين آهي هُن جي همت تي، هُن جي جرئت تي، هُن جي جذبي تي.
۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ هيءَ جرمن ڄائي اهو فيصلو ڪري منهنجي، اوهان جي، قائداعظم جي مُلڪ ۾ رهائش اختيار ڪري وٺي ٿي. هي عبدالله شاهه غازي جي نگري، داتا گنج بخش جي فيض سان سيراب مملڪت، شاهه لطيف جي سُرن سان گونجندڙ ڌرتي، سلطان باهو جي هُو سان لرزندڙ سرزمين، خواجه فريد جي ڪُوڪ سان سر سرائيندڙ صحرا، اُن جو استقبال ڪري ٿي. آسمان جي اک کي يقين نٿو اچي ته لاڏ ۽ ڪوڏ ۾ پلجندڙ مهذب معاشري ۾ جنم وٺڻ واري هيءَ خوبصورت عورت هاڻي سڄي زندگي هتي گذاريندي.
ہیں لوگ وہی جہاں میں اچھے
آتے ہیں کام جو دوسروں کے
ڪوڙهه ۾ ورتل شهرين کي وسندين مان ڪڍيو ويندو هو. اُهي جهنگلن، کنڊرات ۾ رهڻ تي مجبور ڪيا ويندا هُئا. اُنهن جا مٽ مائٽ هُنن سان نه ملندا آهن، ڊڄندا آهن ته هو به ڪوڙهه ۾ نه وٺجي وڃن. ڊاڪٽر، حڪيم اُنهن جي ويجهو نه ويندا هئا، پر هيءَ نوجوان عورت ڄاڻندي هُئي ته ان مرض جو علاج اُنهن جي ويجهو وڃڻ ۾ ئي آهي. اُنهن جو دُک درد ونڊڻ ۾ ئي آهي. شهر قائدِ ۾ اهو به ٿيو ته ڪوڙهه ۾ مبتلا ماڻهن جي گهرن تي سيٺين قبضو ڪري ورتو. اُنهن کي دربدر ڪيو ويو. سٽي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڪوڙهين جي وسندي هُئي، جتي هُن پهريون ڀيرو اِها بيڪسي ڏٺي.
اها هئي جرمني جي هڪ شهر ليپزگ ۾ ۹ سيپٽمبر ۱۹۲۹ع تي پيدا ٿيڻ واري سسٽر ڊاڪٽر رٿ ڪيٿرنيا مارٿا فائو، جنهن ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ مرضن ۽ مصيبتن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. هوءَ راهبائن جي تنظيمDaughter of the Heart of Mary جي ميمبر هُئي. تنظيم هُن کي شاگردن جي ميڊيڪل خدمتن جي لاءِ ڀارت موڪليو هو، پر پاڪستان مان گذرندي هُن ڏٺو ته ڪوڙهه جا مريض بيڪسيءَ ۽ بيوسيءَ جي عالم ۾ آهن ته هُن جا قدم اتي ئي رڪجي ويا. مسئلو ويزا جي ڪري پيدا ٿيو، پر ڪوڙهه جي پاڪستاني مريضن جي خوشقسمتي هيءَ ته مسيحا عورت ڀارت نه وڃي سگهي.
مان ته سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه قدرت جي طرف کان هڪ تحفو هو. تقريبن ۳۰ سال جي ڄمار ۾ اها سوچ حيران ڪُن آهي ۽ اُن معاشري ۾ جتي مسيحا به مريضن کي ڦُريندا هُجن. جتي رهبر رهزن آهن، پوءِ ڏسو قدرت ڪهڙي نموني مدد ڪري ٿي. ڪراچي ۾ پيرڊي جي علائقي ۾ ميري ايڊيلڊ لپروسي سينٽر قائم ڪيو ويو. ڪوڙهه جي خلاف جنگ ۾ فتح هُن جو مقدر بڻجندي وئي. هوءَ ڊاڪٽر به هُئي، رهبر به ۽ قلمڪار به، هُن جو پنهنجو گهر به بمباري سان تباهه ٿيو هو. تنهنڪري بي گهري جي درد کان خوب آشنا هُئي. هو چوندي هئي، اسان سڀ گڏجي جنگ ته نٿا روڪي سگهون، پر جسم ۽ روح تي لڳندڙ زخمن تي مرهم ته رکي سگهون ٿا.
۱۹۶۳ع ۾ هڪ ڪلينڪ تان شروع ٿيندڙ اهو سفر سڄي پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪوڙهه جي مريضن جي لاءِ اُميدگاهه بڻجي ويو. پاڪستانين، حڪومت به هُن جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو، وزارتِ صحت هُن کي ڪوڙهه جي سلسلي ۾ پنهنجو مشير بڻايو، ڏينهن رات هُن جون ڪوششون جاري رهيون. حالتون مونجهاري واريون هيون، مُلڪ ٻه اڌ ٿي ويو، حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهيون، هوءَ پنهنجي مشن ۾ مصروف رهي.
اسان جا رهبر ته ۳۰ سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ به انقلاب جي آرزو رکن ٿا. ڪو ڪم به مڪمل ناهن ڪري سگهندا، پر ان جرمن عورت جي ڏينهن رات جي جدوجهد پاڪستان مان ڪوڙهه جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ۱۹۹۶ع ۾ عالمي صحت واري اداريWHO  اهو اعلان ڪيو ته پاڪستان ايشيا ۾ پهريون مُلڪ آهي جتي ڪوڙهه جو خاتمو ٿي ويو آهي. هاڻي سڄي مُلڪ ۾ ۱۵۲ مرڪز آهن. هيءَ خاتون پاڪستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪوڙهه جو تعاقب ڪندي رهي ۽ آخرڪار اُن تي قابو پائي ورتو.
اها ٿيندي آهي انسان جي ڪوشش ۽ قدرت جي رحمت. انسانيت جي خدمت دلين ۾ محبتون پيدا ڪندي رهندي آهي. رٿ فائو کي جيڪا عظمت ۽ عزت نصيب ٿي، اُها اسان جي صدر ۽ وزيراعظم کي به ناهي ٿي. اُن عظيم عورت جي چهري تي هڪ عجيب ڪشش هُئي، جيڪا ۳۱ ورهين جي ڄمار کان وٺي ۸۷ ورهين تائين رهي. جهريون به محترم لڳنديون هيون. هُن سان مختلف تقريبن ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. اسان آداب بجا آڻيندا هئاسين. خراج تحسين پيش ڪندا هئاسين، آخري ڀيرو سوئي گئس ڪراچي جي طرف کان فرشته صفت عبدالستار ايڌي جي ياد ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ ملاقات ٿي. هشاش بشاش، منتظمين چيو ته ويهي تقرير ڪريو، پر هوءَ ڊائس تي آئي، انسانيت جي هڪ عظيم خادم کي، انسانيت جي هڪ ٻئي خادم خراج پيش ڪري رهي هُئي. نهايت ئي شائسته اردو ۾، بااعتماد لهجي ۾.
هوءَ ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۷ تي هن دنيا مان رخصت ٿي.
منهنجي تحرير کي پڙهڻ وارا بزرگو، نوجوانو، ڀينرو، مائرو ۱۹ آگسٽ ۲۰۱۷ تي اسان ان قيمتي اثاثي کي ڪراچي جي گورا قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪري ڇڏيو. پاڪستاني قوم جي مملڪت هُن کي ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو، پر هُن جي آخري رسمن تي توپن جي سلامي، پوري قومي آداب سان گڏ هُن جي تدفين، سڀ کان وڏو اعزاز هو. پاڪستانين پنهنجي ان محسن کي پوري احترام سان گڏ الوداع ڪيو. اُن ۾ رنگ نسل مذهب جو خيال نه ڪيو، اقليتن سان اُهوئي حسن سلوڪ، جيڪو مسلمانن جي روايت رهيو آهي، قائداعظم جنهن جي لاءِ هدايت ڪئي هُئي. پاڪستاني امن، انسانيت سان محبت ڪن ٿا. انسانيت جي خدمت جو درس هر مذهب ڏي ٿو ۽ اسلام ته انسانيت جي بلاامتياز احترام جو سڀ کان وڌيڪ قائل آهي. اوهان جي آسپاس به انسانيت جا اهڙا خدمتگار هوندا، اُنهن جي عزت ڪريو. اُنهن جو هٿ ونڊايو، زندگيءَ جو اهوئي مقصد آهي.

اوهان جو ڇا خيال آهي؟ ايس ايم ايس ڪجو، ۷۸۰۶۸۰۰_۰۳۳۱


ڊاڪٽر رٿ فائو
پاڪستان جي مدر ٽريسا
ابراهيم لاشاري
دنيا ۾ ان ئي انسان کي افضل سمجهو وڃي ٿو، جيڪو ٻين ڪارڻ جيئي، يعني انسانيت جو اصل خدمتگار بڻجي پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري ٿو اهڙي طرح هن ڪائنات جي گولي تي هڪ ملڪ جرمني نالي مشهور آهي جرمن ملڪ جي شهر ليپزگ کي اهيو اعزاز حاصل آهي ته هن ۹ سيبٽمبر ۱۹۲۹ع سومر جي ڀلاري ڏينهن انسانيت جي خدمتگار هڪ عظيم عورت رٿ ڪيٿرينا مارٿا فائو جنم ورتو.
هن جي ڪٽنب ٻي جنگ عظيم کانپوءِ روسي حمايت واري اوڀر جرمني کي ڇڏي اولهه جرمني واري حصي کي اچي وسايو جتي سندس سموري خاندان اچي گهر اڏيو ۽ اتي ئي سندس والدين ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي جتان ڊاڪٽر رٿ فائو سال ۱۹۴۹ع ڌاري ڊاڪٽر جي ڊگري (مينز) مان حاصل ڪري ورتي تعليم مڪمل حاصل ڪرڻ بعد ترت ڊاڪٽر رٿ فائو (ڪيٿولڪ ڊائر آف دي هارٽ آف دي ميري) نالي تنظيم سان سلهاڙجي وئي تنظيم ۾ حصو وٺڻ بعد سال ۱۹۵۸ع ڌاري ڊاڪٽر رٿ فائوپاڪستان ۾ (ڪوڙهه) جي مريضن بابت هڪ فلم ڏٺي جنهن بعد هن ان مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ انسايت جي خدمت ڪرڻ جي جذبي کي پنهنجي زندگي کي وقف ڪرڻ جو پاڻ سان ۽ هن دنيا جي انسانن سان وچن ڪري ورتو. ۽ واقعي ٿيو به ائين ئي جلد ان مشنري تنظيم ڊاڪٽر رٿ فائو صاحبه کي سال ۱۹۶۰ع ڌاري ڪوڙهه جي مرض جي پاڙ پٽڻ لاءِ ۽ مريضن جي علاج واسطي پياري پاڪستان موڪليو، جتي ڊاڪٽر رٿ فائو ڪراچي سنڌ ۾ پهچي ڪري ڪراچي ريلوي اسٽيشن ڀرسان (ميڪلوڊ روڊ) تي ڪوڙهه جي مرض جي خاتمي لاءِ هڪ (ميري ايڊيليڊي ليپريسي) نالي شفا خانو ڪوليائين ۱۹۶۰ع کان اڳ اسان جي ملڪ پياري پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو تعداد هزارن ۾ هوندو هو هي مرض ان زماني ۾ لاعلاج تصور ڪيو ويندو هو ڪوڙهه جو مرض انسان جي سموري جسم کي ڊاوانڊول بيڪار بڻائي ڇڏيندو هو، هي مرض منهن، ٽنگون، هٿن کي تمام گهڻو متاثر ڪندو آهي، ان زماني ۾ ڪوڙهه جي مريض کي شهر کان ٻاهر ويران هنڌ تي رکيو ويندو هو ۽ مريض ويچارا تڙپي تڙپي موت جو شڪار ٿي ويندا هئا.
ڊاڪٽر رٿ فائو ڪراچي ۾ دواخانو کولي مريضن جي مدد ۽ رات ڏينهن خدمت ڪرڻ لڳي ته مريضن جي تعداد ۾ تمام گهڻو اضافو نظر آيس ته ان زماني ۾ هڪ ڊاڪٽر (آءِ ڪي گل) جي مدد سان سال ۱۹۶۳ع ڌاري  هڪ وڏي اسپتال ڪراچي ۾ خريد ڪري  کولي وئي ۽ مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو ويو جلد پوءِ ڊاڪٽر رٿ فائو ڪراچي جي شهر ۽ آس پاس ۾ ننڍڙيون اسپتالون ۽ سينٽر کولي ڇڏيا ۽ ان عملي جي تربيت پڻ پاڻ ڪري رات ڏينهن مريضن جي خدمت ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هن ڪراچي کان علاوه روالپنڊي ۾ پڻ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ هڪ اسپتال کوليم اهڙي ريت ڊاڪٽر رٿ فائو صاحبه نيشنل ليپريسي ڪنٽرول پروگرام تربيت ڏيڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي رهي اهڙي ريت سندس ڪوششن سان پاڪستان منجهان ڪوڙهه جي مرض جو مڪمل خاتمو اچي ويو ڊاڪٽر رٿ فائو پنهنجي مقصد ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻي ورتي اهڙي ريت گڏيل قومن جي صحت واري شعبي (ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن ) سال ۱۹۹۶ع ۾ پاڪستان ملڪ کي ايشائي ملڪن منجهان سڀني کان پهريان ڪوڙهه جي مرض فري ملڪ قرار ڏنو .
اهڙي ريت سال ۱۹۸۸ع ڌاري ڊاڪٽر رٿ فائو کي  شهيد راڻي محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور  ۾ پاڪستاني شهريت ملي وئي ۽ سندس دل هميشه پاڪستان سان لڳي وئي ۽ زندگي جا آخري ڏينهن به هن پاڪستان ۾ گذاريا  اهڙي انسانيت جي خدمت عيوض دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ ادارن ڊاڪٽر رٿ فائو کي وڏن وڏن اعزازن جهڙوڪ هلال امتياز، سال ۱۹۶۹ع ۾ جرمني پاران آرڊر آف ميرٽ، هلال پاڪستان، ستاره قائداعظم، آغا خان يونيورسٽي پاران ڊاڪٽر آف سائنس ايوراڊ سان نوايو ويو ڊاڪٽر رٿ فائو پاڪستان سان گڏ جرمن شهريت رکندڙ عورت هئي هن مسلسل زندگي جا ۵۶ سال پاڪستان ۾ انسانيت جي خدمت ڪندي گذاريا  هن عظيم عورت ڊاڪٽر رٿ فائو پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مرض ۽ علاج بابت پڻ (چار ڪتاب) لکيا جيڪي ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪين نه آهن.
سندس زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف پئي محسوس ٿي هن عظيم عورت کي علاج واسطي آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندس علاج هلندڙ هو پر زندگي سندس ساٿ ڇڏي ڏنو اهڙي ريت هي عظيم عورت ۱۰ اگسٽ ۲۰۱۷ رات ڌاري (پاڪستان جي مدر ٽريسا) زندگي جا ۸۷ سال ۱۱ مهينا هڪ ڏينهن گذاري هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وئي سندس جي آخري آرام گاهه عيسائين جي گورا قبرستان ڪراچي ۾ هوندو ۽سندس آخري رسمون اڄ ۱۹ آگسٽ ۲۰۱۷ تي صدر ڪراچي جي پيٽرڪس چرچ ۾ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪيون وينديون. جڏهن ته سندس خدمتون صدين تائين ياد رهنديون.







ڈاکٹر روتھ فاؤ
یہ خاتون جرمنی کے شہر لائزگ کی رھنے والی تھی۔
پیشے کے لحاظ سے یہ ڈاکٹر تھیں۔
سن 1958ء کی بات ھے اس خاتون نے 30 سال کی عمر میں پاکستان میں کوڑھ (جزام) کے مریضوں کے بارے میں ایک فلم دیکھی‘ کوڑھ اچھوت مرض
ہے جس میں مریض کا جسم گلنا شروع ہو جاتا ہے‘ جسم میں پیپ پڑجاتی ہے اور اس کے ساتھ ہی انسان کا گوشت ٹوٹ ٹوٹ کر نیچے گرنے لگتا ہے
کوڑھی کے جسم سے شدید بو بھی آتی ہے‘ کوڑھی اپنے اعضاء کو بچانے کے لیے ہاتھوں‘ ٹانگوں اور منہ کو کپڑے کی بڑی بڑی پٹیوں میں لپیٹ کر رکھتے ہیں
یہ مرض لا علاج سمجھا جاتا تھا چنانچہ جس انسان کو کوڑھ لاحق ہو جاتا تھا اسے شہر سے باہر پھینک دیا جاتا تھا اور وہ ویرانوں میں سسک سسک کر دم توڑ دیتا تھا۔
پاکستان میں 1960ء تک کوڑھ کے ہزاروں مریض موجود تھے
یہ مرض تیزی سے پھیل بھی رہا تھا‘ ملک کے مختلف مخیرحضرات نے کوڑھیوں کے لیے شہروں سے باہر رہائش گاہیں تعمیر کرا دی تھیں
یہ رہائش گاہیں کوڑھی احاطے کہلاتی تھیں‘ لوگ آنکھ‘ منہ اور ناک لپیٹ کر ان احاطوں کے قریب سے گزرتے تھے‘ لوگ مریضوں کے لیے کھانا دیواروں کے باہر سے اندر پھینک دیتے تھے اور یہ بیچارے مٹی اورکیچڑ میں لتھڑی ہوئی روٹیاں جھاڑ کر کھا لیتے تھے
ملک کے قریباً تمام شہروں میں کوڑھی احاطے تھے‘ پاکستان میں کوڑھ کو ناقابل علاج سمجھا جاتا تھا چنانچہ کوڑھ یا جزام کے شکار مریض کے پاس دو آپشن ہوتے تھے‘ یہ سسک کر جان دے دے یا خود کشی کر لے۔
_______
یہ انتہائی جاذب نظر اور توانائی سے بھر پور عورت تھی اور یہ یورپ کے شاندار ترین ملک جرمنی کی شہری بھی تھی
زندگی کی خوبصورتیاں اس کے راستے میں بکھری ہوئی تھیں لیکن اس نے اس وقت ایک عجیب فیصلہ کیا‘یہ جرمنی سے کراچی آئی اور اس نے پاکستان میں کوڑھ کے مرض کے خلاف جہاد شروع کر دیا
اور یہ اس کے بعد واپس نہیں گئی‘ اس نے پاکستان کے کوڑھیوں کے لیے اپنا ملک‘ اپنی جوانی‘ اپنا خاندان اور اپنی زندگی تیاگ دی
انہوں نے کراچی ریلوے اسٹیشن کے پیچھے میکلوڈ روڈ پر چھوٹا سا سینٹر بنایا اور کوڑھیوں کا علاج شروع کر دیا
کوڑھ کے مریضوں اور ان کے لواحقین نے اس فرشتہ صفت خاتون کو حیرت سے دیکھا کیونکہ اس وقت تک کوڑھ کو اﷲ کا عذاب سمجھا جاتا تھا‘ لوگوں کا خیال تھا یہ گناہوں اور جرائم کی سزا ہے۔
چنانچہ لوگ ان مریضوں کو گناہوں کی سزا بھگتنے کے لیے تنہا چھوڑ دیتے تھے‘ ان کے لیے پہلا چیلنج اس تصور کا خاتمہ تھا
انھیں بیماری کو بیماری ثابت کرنے میں بہت وقت لگ گیا اور اس کے بعد مریضوں کے علاج کا سلسلہ شروع ہوا‘یہ عظیم خاتون اپنے ہاتھوں سے ان کوڑھیوں کو دوا بھی کھلاتی تھی اور ان کی مرہم پٹی بھی کرتی تھی
جن کو ان کے سگے بھی چھوڑ گئے تھے۔اس کا جذبہ نیک اور نیت صاف تھی چنانچہ اﷲ تعالیٰ نے اس کے ہاتھ میں شفا دے دی
یہ مریضوں کا علاج کرتی اور کوڑھیوں کا کوڑھ ختم ہو جاتا
اس دوران ڈاکٹر آئی کے گل نے بھی انھیں جوائن کر لیا‘ ان دونوں نے کراچی میں 1963ء میں میری لپریسی سینٹر بنایا اور مریضوں کی خدمت شروع کردی
ان دونوں نے پاکستانی ڈاکٹروں‘ سوشل ورکرز اور پیرامیڈیکل اسٹاف کی ٹریننگ کا آغاز بھی کر دیا ۔
یوں یہ سینٹر 1965ء تک اسپتال کی شکل اختیار کر گیا‘ان ہوں نے جزام کے خلاف آگاہی کے لیے سوشل ایکشن پروگرام شروع کیا
ڈاکٹر کے دوستوں نے چندہ دیا لیکن اس کے باوجود ستر لاکھ روپے کم ہو گئے
یہ واپس جرمنی گئی اور جھولی پھیلا کر کھڑی ہو گئی
جرمنی کے شہریوں نے ستر لاکھ روپے دے دیے اور یوں پاکستان میں جزام کے خلاف انقلاب آ گیا۔
وہ پاکستان میںجزام کے سینٹر بناتی چلی گئی یہاں تک کہ ان سینٹر کی تعداد 156 تک پہنچ گئی‘ ڈاکٹر نے اس دوران 60 ہزار سے زائد مریضوں کو زندگی دی۔
یہ لوگ نہ صرف کوڑھ کے مرض سے صحت یاب ہو گئے بلکہ یہ لوگ عام انسانوں کی طرح زندگی بھی گزارنے لگے۔
ان کی کوششوں سے سندھ‘ پنجاب‘ خیبرپختونخوا اور بلوچستان سے جزام ختم ہو گیا اور عالمی ادارہ صحت نے 1996ء میں پاکستان کو ’’لپریسی کنٹرولڈ‘‘ ملک قرار دے دیا
پاکستان ایشیاء کا پہلا ملک تھا جس میں جزام کنٹرول ہوا تھا
یہ لوگ اب قبائلی علاقے اور ہزارہ میں جزام کا پیچھا کر رہے ہیں اور ان کا خیال ہے اگلے چند برسوں میں پاکستان سے جزام کے جراثیم تک ختم ہو جائیں گے۔
حکومت نے 1988ء میں ان کو پاکستان کی شہریت دے دی
#
اسے ہلال پاکستان‘ ستارہ قائداعظم‘ ہلال امتیاز اور جناح ایوارڈ بھی دیا گیا اور نشان قائداعظم سے بھی نوازا گیا۔ آغا خان یونیورسٹی نے انہیں ڈاکٹر آف سائنس کا ایوارڈ بھی دیا۔
جرمنی کی حکومت نے بھی اسے آرڈر آف میرٹ سے نوازا۔ یہ تمام اعزازات‘ یہ تمام ایوارڈ بہت شاندار ہیں لیکن یہ فرشتہ صفت خاتون اس سے کہیں زیادہ ’’ڈیزرو‘‘ کرتی ہے
جوانی میں اپنا وہ وطن چھوڑ دینا جہاں آباد ہونے کے لیے تیسری دنیا کے لاکھوں لوگ جان کی بازی لگا دیتے ہیں اور اس ملک میں آ جانا جہاں نظریات اور عادات کی بنیاد پر اختلاف نہیں کیا جاتا
بلکہ انسانوں کو مذہب اور عقیدت کی بنیاد پر اچھا یا برا سمجھا جاتا ہے
جس میں لوگ خود کو زیادہ اچھا مسلمان ثابت کرنے کے لیے دوسروں کو بلا خوف کافر قرار دے دیتے ہیں۔
ان کا نام ڈاکٹر روتھ فاؤ ھے۔۔
ڈاکٹر روتھ کا عین جوانی میں جرمنی سے اس پاکستان میں آ جانا اور اپنی زندگی اجنبی ملک کے ایسے مریضوں پر خرچ کر دینا جنھیں ان کے اپنے خونی رشتے دار بھی چھوڑ جاتے ہیں واقعی کمال ہے ۔
ڈاکٹر روتھ اس ملک کے ہر اس شہری کی محسن ہے جو کوڑھ کا مریض تھا یا جس کا کوئی عزیز رشتے دار اس موذی مرض میں مبتلا تھایا جو اس موذی مرض کا شکار ہو سکتا تھا۔
ہم مانیں یا نہ مانیں لیکن یہ حقیقت ہے یہ خاتون‘ اس کی ساتھی سسٹر بیرنس اور ڈاکٹر آئی کے گل پاکستان نہ آتے اور اپنی زندگی اور وسائل اس ملک میں خرچ نہ کرتے تو شاید ہمارے ملک کی سڑکوں اور گلیوں میں اس وقت لاکھوں کوڑھی پھر رہے ہوتے
اور دنیا نے ہم پر اپنے دروازے بند کر دیے ہوتے‘ ہمارے ملک میں کوئی آتا اور نہ ہی ہم کسی دوسرے ملک جا سکتے۔
یہ لوگ ہمارے محسن ہیں چنانچہ ہمیں ان کی ایوارڈز سے بڑھ کر تکریم کرنا ہو گی۔



آشیانہ اداس ہے
اعجاز منگی
عورتوں کی دو اقسام ہوتی ہیں۔ ایک حسین اور ایک بیحد حسین۔ وہ ایک بیحد حسین عورت تھی۔ ہم اس کے اس حسن کی بات نہیں کر رہے جو جسمانی ہوتا ہے۔ وہ اس کے اس حسن کا تذکرہ کر رہے ہیں جو روحانی اور جذباتی ہوتا ہے۔ وہ جذباتی حوالے سے دنیا کی حسین ترین عورتوں میں ایک تھی۔ وہ عورت جس نے جرمنی میں جنم لیا۔ اس جرمنی میں جس جرمنی نے صرف ہٹلر اور اس کے ساتھیوں کو ہی نہیں بلکہ بتھوون ؛ باخ اور شوپنہار کے ساتھ ساتھ اس آئنسٹائن کو بھی جنم دیا تھا جس نے کہا تھا کہ’’تصور علم سے زیادہ طاقتور ہے‘‘
وہ لڑکی بھی ایک تصور تھی۔ جس لڑکی نے پہلی جنگ عظیم کے کھنڈارت سے جنم لیا اور دوسری جنگ عظیم کے زخم کھاتی رہی۔ اس لڑکی نے اس جرمنی میں جنم لیا جو جرمنی پہلی جنگ عظیم کی ذلت آمیز شکست کا انتقام لینے کے لیے ہٹلر کی صورت ہواؤں میں اپنے مکے لہرا تاتھا۔ مگر وہ لڑکی ایوا براؤن جیسی نہیں تھی۔ اس کے دل میں کوئی بھی منفی احساس نہیں تھا۔ وہ مکمل طور پر ایک مثبت لڑکی تھی۔ وہ لڑکی جس نے اپنی حساس آنکھوں سے اپنے ملک میدان جنگ میں تبدیل ہوتے دیکھا۔ جب دنیا کی بھیانک ترین جنگ شروع ہوئی اس وقت اس لڑکی کی عمر دس برس تھی اور جرمنی کے دو ٹکڑے ہوئے تب اس لڑکی کی عمر سولہ برس تھی۔ وہ لڑکی جو ہٹلر کے فاشسٹ نظریے کے جال میں نہ پھنسی۔ وہ لڑکی جو ’’ایک سپیشل آریا عورت‘‘ ہونے والی نفسیاتی بیماری میں مبتلا نہ ہوئی۔ وہ لڑکی جس کی آنکھوں میں دنیا پر حکومت کرنے کا خواب نہ تھا۔ وہ لڑکی جو دنیا کی خدمت کرنا چاہتی تھی۔ وہ لڑکی جس کو چرچ میں بجتے ہوئے گھنٹوں کی صدائیں پسند تھیں۔ وہ لڑکی جس کو یسوع مسیح کے حوالے سے بہت ساری دعائیں یاد تھیں۔
وہ ایک نرم اور نیک دل لڑکی تھی جس کا مشرقی جرمنی والا گھر بمباری میں کھنڈر بن گیا اور سولہ برس کی بچی اپنے خاندان کے ساتھ مغربی جرمنی منتقل ہوگئی۔ اگر وہ جرمن قومپرست ہوتی تو پوری زندگی ’’دیوار برلن‘‘ کے خلاف سیاسی جدوجہد کرتی رہتی مگر وہ قومپرستی سے ماورا تھی۔ اس کا دل پوری دھرتی کے لیے دھڑکتا تھا۔ وہ انسانیت سے محبت کرنے والی عورت تھی۔ وہ عورت جو کیتھولک فرقے کی تنظیم ’’ڈاٹرس آف دی ہارٹ آف میری‘‘ کی ہدایت پر انڈیا جا رہی تھی مگراس سرزمین نے اسے روک دیا اور ویزے کی وجہ سے اسے جو تھوڑی دیر ہوئی اس دیر میں اس نے اس ملک میں رہنے کا فیصلہ کرلیا ۔ وہ عورت جو اکتیس برس کی عمر میں پاکستان آئی اوراس نے اس ملک کو جذام کے خلاف جہدوجہد کے میدان کے طور پر قبول کیا۔ اس کی زندگی کے ستاون برس جذام جیسے خطرناک مرض کے خلاف جدوجہد کی داستان ہیں۔
یہ وہ دور تھا جب جذام کے مرض میں مبتلا مریضوں سے خاندان والے بھی خوف محسوس کرتے تھے۔ اس دور میں اس عورت نے جذام کا مقابلہ محبت سے کیا۔ وہ عورت جو میراں بائی سے ناآشنا تھی۔ اس عورت نے شاید پوری زندگی میراں بائی کا نام بھی نہیں سنا۔ مگر اس عورت کو بھی میراں بائی کی مانند یقین تھا کہ ’’محبت دل کا وہ ہتھیار ہے جس سے ہر دیوار گرائی جاسکتی ہے‘‘ اور اس عورت نے جذام جیسے مرض کو مات کیا۔ اس عورت کی وجہ سے پاکستان ایشیا کا جذام سے پاک ملک قرار پایا۔ یہ سب کچھ جو ناممکن تھا؛ وہ سب ممکن بنا ؛ صرف اس دل کی وجہ سے جس میں انسانیت کے لیے محبت تھی۔انسانیت کے لیے دھڑکنے والا وہ دل گذشتہ روز خاموش ہوگیا۔
وہ دس اگست کی صبح تھی جب ڈاکٹر نے بھاری آواز کے ساتھ سفید لباس والی ایک راہبہ کو اطلاع دی کہ ’’ڈاکٹر رتھ اب ہمارے درمیاں نہیں رہی‘‘ اس سفید لباس والی نن نے صلیب کا نشان بنایا اور اس کی سماعتوں میں کہیں دور چرچ کا گھنٹہ بجنے لگا اور ایک سفید کبوتر اڑتا ہوا نیلی فضاؤں میں غائب ہوگیا اور اس عمر رسیدہ عورت کی تصویر کو پاکستان کی بہت ساری بھیگی آنکھوں نے محبت کے ساتھ دیکھا۔بہت ساری لڑکیوں نے اپنے دل میں عہد کیا وہ انسانیت کی خدمت اس طرح کریں گی جس طرح ڈاکٹر رتھ فاؤ نے کی۔ وہ اس ملک کی نیک اور نرم دل لڑکیوں کی رول ماڈل ہے۔ اس معاشرے کو ایسے رول مڈلز کی ضرورت ہے۔ یہ معاشرہ جس میں بہت ساری لڑکیاں جوانی کی سرحد میں قدم رکھنے سے قبل ہی شوبز ماڈل بننے کے خواب دیکھتی ہیں۔ یہ معاشرہ جس کا میڈیا اپنا قیمتی وقت عوامی مسائل کو پیش کرنے پر نہیں بلکہ ماڈل ایان علی کے میکپ اور ڈریسنگ پر اظہار خیال کرنے میں ضایع کرتاہے۔ یہ معاشرہ جو جذباتی اور احساساتی حوالے سے جذام کا مریض ہے۔اس معاشرے کو ایان علی جیسی ماڈلز کی نہیں بلکہ ڈاکٹر رتھ فاؤ جیسی ماڈلز کی ضرورت ہے۔
اس معاشرے کے مڈل کلاس کا بہت بڑا حصہ پاکستان کو پنجرے کی طرح سمجھتا ہے۔ اس کی حسرت ہے کہ امریکہ اور یورپ چلا جائے۔ ڈاکٹر رتھ فاؤ اس مڈل کلاسی سوچ کے گال پر زوردار تھپڑ ہے۔ وہ تھپڑ اس مڈل کلاس کو یہ احساس دلا سکتا ہے کہ وہ اپنے ملک کو چھوڑ پر یورپ میں دوسرے درجے کے شہری بن کر جینے کے لیے تیار ہیں مگر رتھ جوانی میں یورپ کا خوبصورت ملک چھوڑ کر اس ملک میں آئی اور اس نے یہاں دکھوں میں مبتلا مریضوں کی خدمت کی۔ وہ عورت جس کو پاکستان کی طرف سے سرکاری اعزاز کے ساتھ دفن کرنے کا اعلان کیا گیا وہ عورت پاکستان میں مستقل مشیر برائے مرض جذام تھی۔ وہ عورت جس کو اس کی تنظیم نے انڈیا میں کام کرنے کے لیے بھیجا تھا۔ وہ عورت محض ایک اتفاق سے کچھ دن کراچی میں رک گئی اور جب اس نے یہاں پر آئی آئی چندریگر روڈ پر جذام میں مبتلا مریضوں کی کالونی کا دورہ کیا تو اس کے دل تڑپ اٹھا اور اس نے اپنی تنظیم سے کہا کہ وہ یہاں کام کرنا چاہتی ہے اور پھر وہ سب کچھ بھول کر جذام میں مبتلا مریضوں کی خدمت میں مگن ہوگئی۔
جذام میں مبتلا مریضوں سے گھر والے بھی ڈرتے تھے مگر جب انہوں نے دیکھا کہ رتھ فاؤ انہیں محبت کے ساتھ چھوتی اور ان کی زخموں پر مرہم رکھتی اور انہیں حوصلہ دیتی ہے اور وہ بھی بغیر کسی لالچ اور مجبوری کے! تو جزام کے مریضوں کے لیے اس معاشرے میں سوچ کی تبدیلی آئی۔ سوچ کی اس تبدیلی کا سبب رتھ فاؤ تھی۔ وہ رتھ فاؤ جس نے پورے پاکستان میں جذام کے مریضوں کے علاج کے لیے مراکز کام کیے۔ اس کا کام صرف کراچی تک محدود نہیں تھا۔ وہ کے پی کے سے لیکر کشمیر تک ہر جگہ گئی اور اس نے جذام کے خلاف طبی اور نفسیاتی جنگ لڑی ۔یہ جنگ ایک دن ؛ ایک ہفتے؛ ایک ماہ یا ایک سال کی نہ تھی۔ یہ جنگ ستاون برس کی جنگ تھی۔ یہ بہت بڑی اوربہت تھکا دینے والی جنگ تھی۔ یہ جنگ ڈاکٹر رتھ فاؤ مستقل مزاجی سے لڑتی رہی۔ اس جنگ میں جیت تو رتھ فاؤ کی ہونی ہی تھی۔ یہ جنگ رتھ فاؤ نے اس حوالے سے جیتی کہ ان کی وجہ سے پاکستان ایشیا کا پہلا جذام سے پاک ملک بن گیا۔ یہ ایک بہت بڑی کامیابی تھی۔ یہ ایک بہت بڑے فخر کی بات تھی۔ اس ملک کے لیے بھی اور اس عورت کے لیے بھی جو اس ملک کے کلچر میں رچ بس گئی۔ وہ گوری میم اس معاشرے میں جینزیا منی سکرٹ پہن کر نہیں پھرتی تھی۔ اس کی اکثر تصاویر میں اسے سر پر چادر میں دیکھا جا سکتا ہے۔
ڈاکٹر رتھ فاؤ صرف جذام کے مریضوں کے کا جسمانی علاج کرنے میں مشغول نہ تھی۔ اس نے ہمارے معاشرے میں خودغرضی اور خود ترسی میں مبتلا انسانوں کا نفسیاتی علاج کرنے کی بھی مستقل کوشش کی۔ اس نے جرمن زبان میں چار کتابیں لکھیں۔ان کی ایک کتاب کا انگریزی میں ترجمہ بھی ہوا ہے۔ان کی اس کتاب کا نام ہے ’’ٹو لائٹ اے کینڈل‘‘۔ یعنی ’’ایک موم بتی روشن کرنا‘‘
ہمارے میں معاشرے میں موم بتیاں جلانے کا عمل این جی او کلچر بن چکا ہے۔ ڈاکٹر رتھ فاؤ اس کلچر کی ہمت افزائی کرنے والی خاتون نہ تھی۔ وہ تو بذات خود ایک موم بتی تھی۔ وہ موم بتی بن کر کے پی کے اور کشمیر کے ان ہسپتالوں میں جلتی رہی جن میں جذام کے مریضوں کا علاج کیا جاتا ہے۔ ہم قندیل پر تو ڈرامہ بناتے اور چلاتے ہیں۔ ہم اس پردیسی عورت پر ڈاکیومینٹری تک نہیں بناتے جو عورت ایک مثال ہے۔ ایک ماڈل ہے۔ ایک گائیڈ ہے۔
اس عورت کو پاکستان کی مدر ٹریسا قرار دیا گیا ہے؛ مگر جس طرح مدر ٹریسا کلکتہ کی رتھ فاؤ نہیں تھیں؛ اسی طرح رتھ فاؤ پاکستان کی مدر ٹریسا نہیں ہیں۔ ہر ملک کی دھرتی کو سیراب کرنے والی ندی کا اپنا نام ہوتا ہے۔ اس کا نام ’’سسٹر رتھ فاؤ‘‘ تھا۔ یہ نام اسے خود بھی پسند تھا۔ یہ نام بہت خوبصورت ہے۔ اس عورت کی طرح جو اپنے بڑھاپے میں زیادہ حسین ہوگئی۔ وہ بڑھاپے میں ایک فاختہ کی طرح نظر آتی تھی۔ ایسی فاختہ جو سفید جھیلوں اور سبز درختوں والی دھرتی پر چھائی فضاؤں میں اڑتی تھی۔ وہ فاختہ اڑتے اڑتے اس دھرتی کے دائرے سے نکل گئی اور دھرتی ایک ویران آشیانے کے مانند اداس ہے۔


No comments:

راءِ ڏيندا